پيار جو پورهيو
(ڪرم حسين وڳڻ جي ڪتاب ”روح جي راحت“ جو مهاڳ)
لاڙڪاڻو ماضي کان حال تائين ادب جو مرڪز رهيو آهي. وقت ۽
حالتن جي طوفانن جتي گھڻو ڪجھ تبديل ڪري ڇڏيو آهي اُتي ادبي ماحول ۾ به فرق ته
ضرور آيو آهي پر ادبي سرگرمين جو سلسلو اڄ به قائم آهي، اڄ به ڪلهه جيان مختلف
حلقن ۾ ادبي بحث مباحثا ٿين، اڄ به لاڙڪاڻي ۾ شاعرن ۽ نثر نگارن جي ڪمي ناهي.
مان خوش قسمتيءَ سان لاڙڪاڻي جي گذريل ٽن ڏهاڪن جي ادبي
ماحول جو اکين ڏٺو شاهد ۽ ساکي آهيان. مان اهو ماحول به ڏٺو جڏهن لاڙڪاڻي تي
مشاعرن جي موسم جوان هئي، الڳ الڳ ادبي تنظيمن ۽ انجمنن طرفان هر هفتي مشاعرو
ٿيندو هيو. سنڌيءَ سان گڏ اردو مشاعرن جو به رواج هيو، جيڪو هاڻي لڳ ڀڳ ختم ٿي ويو
آهي، هاڻي ڪو اُڪو دڪو شاعر ئي آهي، جيڪو مشاعرن ۾ اردو شاعري پيش ڪري رهيو آهي.
تن ڏينهن ۾ طرحي ۽ موضوعاتي مشاعرن جو رواج عام هيو. شاعريءَ ۾ فن تي وڏو زور
هوندو هيو.هتي شاعريءَ جي فن جا ديوتا موجود هيا. انهن اڳيان شعر پيش ڪرڻ ڪنهن
امتحان مان گذرڻ جيان ئي هوندو هو. ڪنهن شاعر جو شعر وزن ۽ بحر کان ٿورو به ٿڙندو
هيو ته استاد الشعراءَ پڪڙي وٺندا هيا. هڪڙا شاعر ته مشاعرن ۾ هر شاعر جي شعر تي
اهڙي نموني آڱر کي چوريندا هئا جو لڳندو هيو ڄڻ اهو استاد شاعر نه پر بينڊ ماسٽر آهن،
جتي شعر وزن کان ڪِرندو هيو ته آڱر کي انڪار ۾ لوڏي ڄڻ بڇان جو اظهار ڪندا هئا.
شعر جي فن جي اهميت جو اندازو ان مان به لڳائي سگھجي ٿو جو انهن ڏينهن ۾ باقاعدي
علم عروض سکڻ جا اسڪول پڻ کليا، جتي سٺا سٺا شاعر، شاعريءَ جو فن سکڻ ويندا هئا. مطلب
شاعريءَ جو فنُ، شعر جي فڪر ۽ خيال کان وڌيڪ اهميت رکندو هيو.
مان جنهن دور جي ڳالهه ڪريان ٿو تنهن ۾ هڪڙا ادبي آستان به
مشهور هيا، جتي شاعر ۽ اديب اچي گڏ ٿيندا هيا، محفلون مچنديون هيون، تنقيدون ۽
تبصرا ٿيندا هيا. کاٻي ۽ ساڄي ڌر جي ادب تي مباحثا هلندا هيا. مطلب اهڙن آستانن تي
اديبن جا سدائين ميڙا متل هوندا هئا. اهڙو ئي هڪڙو آستان هوندو هيو استاد لقمان
حڪيم جو اهو دڪان جيڪو قائم شاهه بخاري جي درگاهه لڳ قائم هيو ۽ جتي هو، پنهنجن
شاگردن سميت ڪتابن ۽ ڪاپين تي جلد ٻڌندو هو. استاد لقمان حڪيم هڪ سينئر شاعر هجڻ
سان گڏ مهربان طبيعت جو مالڪ، بزله سنج ۽ دل جو ڪشادو انسان هيو. هن پنهنجي سهڻي
سڀاءَ ۽ اصلاح سبب انيڪ شاعرن کي اتساهه بخشيو. انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ شاعرن جي
آبادي وڌائڻ ۾ استاد لقمان حڪيم جو وڏو هٿ هيو. استاد لقمان حڪيم جي اهڙن شاگردن
مان ڪرم حسين ڪرم وڳڻ به هڪ آهي.
ڪرم حسين ڪرم وڳڻ پنهنجي عمر ۽ سينئارٽي جي حوالي سان منهنجي لاءِ هميشه قابلِ احترام رهيو آهي ۽ مان هن جي دل سان عزت ڪندو آهيان. هو پنهنجي مزاج ۾ سادو ۽ سٻاجھو انسان آهي. مان ڏٺو آهي ته اها سادگي هن جي ڪلام ۾ سلاست جي خوبي بڻجي اڀرندي آهي. مان ڪرم حسين کي پهريون ڀيرو جمالي منزل لاهوري محلي ۾ ٿيندڙ هڪ مشاعري ۾ ڏٺو هو، اها 1984ع جي ڳالهه آهي، تڏهن مان بابا سان گڏجي ادبي محفلون ۽ مشاعرا اٽينڊ ڪندو هيس ۽ سڀني سينئر شاعرن جي آڏو ٻار هيس. مونکي ياد آهي ان مشاعري ۾ ڪرم حسين هڪ مزاحيا غزل پڙهيو هيو ۽ محفل مشڪ زعفران ٿي پئي هئي. مونکي بعد ۾ خبر پئي ته اهو اصل ۾ سندس استاد جو رنگ آهي. پوءِ ڪيترن ئي مشاعرن ۾ استاد لقمان حڪيم جي مزاحيا شاعريءَ سان گڏ اصلاحي شاعري به ٻڌي ته اندازو ٿيو ته سندس شاگردن تي هن جو ڪيڏو اثر آهي.