شاعريءَ جي آڪاس ڏانهن پهرين اڏام
(ڊاڪٽر امداد شيخ جي شعري مجموعي گم ٿيل ٽهڪ جو مھاڳ)
سنڌي شاعريءَ جي جهان ۾ نثري نظم جي قبوليت جو سوال اڄ ايڏو بحث هيٺ نه آهي جيڏو ڪالهه هيو. هاڻي اهو بحث گهڻو مڌم ٿي چڪو آهي ته نثري نظم کي شاعريءَ جي صنف مڃڻ کپي يا نه. ان کان اڳتي نثري نظم جي هئيت ۽ فارميٽ جي معاملن تي به هڪ عرصي کان گفتگو ٿيندي رهي آهي. هونءَ ته نثر ۽ نظم ادب جون ٻه جدا جدا ڌارائون آهن ۽ نظم کي گهڻو ڪري وزن، لئي، ۽ موسيقيت سان جوڙي ان جي صوتي آهنگ تي زور ڏنو ويندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن نثر جا ڪي شهپارا اهڙا به هوندا آهن، جن تي شعري آهنگ جو گمان ٿيندو آهي، جيتوڻيڪ انهن ۾ نه ته ڪو قافيي جي پابندي هوندي آهي ۽ نه ئي وري رديف جو ورجاءُ. ان مان اها ڳالهه سمجهڻ بنهه آسان آهي ته شاعريءَ جو تعلق رڳو وزن، بحر ۽ اهڙن ٻين لوازمات سان نه آهي. جيتوڻيڪ نظم ۽ نثري نظم جي وچ واري ڪڙي يعني آزاد نظم ۾ به وزن جي پابندي لازم آهي پر نثري نظم شاعريءَ جي واحد اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ لفظي ترتيب ۽ زورائتي اُچار مان مخصوص آهنگ پيدا ڪيو ويندو آهي. قاسم يعقوب مطابق ”نثري نظم، آزاد نظم جي اها شڪل آهي جنهن ۾ آهنگ جي جاءِ تي نثري نحوي ترتيب کي غالب ڪيو ويو.“ غزل ۽ ٻين شعري صنفن جي ڀيٽ ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ نثري نظم اڄ به هڪ نئين ۽ جديد صنف آهي، جيڪا پنهنجي ارتقائي مرحلن مان گذري رهي آهي. انگريزيءَ ۾ نثري نظم جي ابتدائي شڪل
prose poem آهي. جنهن جي مختصر وصف هن طرح ملي ٿي.A prose poem is characterized by its blending of the qualities of poetry and prose. It often has a lyrical and imaginative quality like poetry, but lacks traditional line breaks and stanzas and is written in paragraphs like prose.
يعني پروز پويم جي خصوصيت ان جي
نظم ۽ نثر جي خوبين جي امتزاج سان ٿئي ٿي. ان ۾ اڪثر شاعريءَ وانگر مترنم تخيلاتي
معيار نظر ايندو آهي، پر منجهس روايتي نثري نظم جيان سٽن ۽ بندن جي ڀڃ گهڙ نه
هوندي آهي پر نثر جيان پيراگراف ۾ لکيو ويندو آهي. بودلير جنهن کي عام طور تي
اظهار جي ان طريقي جو پهريون تخليقڪار سمجهيو ويندو آهي، ان به پنهنجن نظمن کي "Poemes En Prose" چيو آهي. ايترو
ئي نه پر ان کان پوءِ ٻين فرانسيسي شاعرن به پنهنجين ان قسم جي شعري ڪاوشن کي نثر
وانگر پيراگرافن جي شڪل ۾ لکيو آهي. نثري نظم، نثر ۽ نظم جو حسين ميلاپ آهي، جنهن
کي پيراگراف بدران جدا جدا سٽن جي مخصوص ترتيب سان سينگاريو ويندو آهي. مشهور ويب
سائيٽ ماسٽر ڪلاس ۾ prose poem جي هنن لفظن ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي.
prose and poetry are not
completely stratified such that one can never contain the elements of the
other. The prose poem is a creative writing format that combines elements of
the poetic form and the prose form….. Prose poetry is a type of
writing that combines lyrical and metric elements of traditional poetry with
idiomatic elements of prose, such as standard punctuation and the lack of line
breaks.
ظاهر ٿيو ته نثر ۽ نظم مڪمل طور
تي ان طرح ناهن جو هڪ ٻئي جي عنصرن تي مشتمل نه ٿي سگهن. پروز پويم هڪ تخليقي
تحريري شڪل آهي، جنهن ۾ شاعراڻي ۽ نثراڻي صورت جا گڏيل جزا موجود آهن. پروز پويم
تحرير جو هڪ اهڙو قسم آهي، جنهن ۾ روايتي شاعريءَ جي لئي ۽ وزن کي نثر جي محاوراتي
عنصرن سان گڏائجي ٿو. جيئن معياري وقفن ۽ سٽن جي وقفي جي ڪمي. ان سڄي ڳالهه کي صفا
سولو ڪري هنن لفظن ۾ سمجهي سگهجي ٿو."A Piece of imaginative poetic writing in prose." يعني نثر
۾ لکيل تخليقي شاعراڻي تحرير جو هڪ ٽُڪرو. پروز پويم بلينڪ ورس جهڙي شعري صنف جي
تخليق جو بنياد وڌو، جنهن کي خاص طور يورپ ۾ وڏي مقبوليت ملي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي
دنيا جي هر وڏي زبان جي شاعريءَ ۾ ان صنف پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي. اردو ۽ سنڌي ادب
۾ ان کي نثري نظم سڏيو ويو. نثري نظم يا بلينڪ ورس سڀ کان پهريان سورهين صديءَ ۾
اٽلي ۾ جنم ورتو. نثري نظم جي ابتدا ۽ ارتقا بابت مشهور ويب سائيٽ poets.org تي لکيو ويو آهي ته:
Blank verse first appeared in
sixteenth-century Italy during the Renaissance, an adaptation of unrhymed
poetry from ancient Greece and Rome. It was later introduced to England in the
1550s by Henry Howard, Earl of Surrey with his translation of Virgil’s The
Aeneid. Playwright Christopher Marlowe and other dramatists from this period
helped develop and increase the prominence of blank verse in the English
language. Since then, it has been widely used in dramatic and epic poetry.
نثري نظمن جا ابتدائي نمونا
انگريزي ٻوليءَ جي اِپڪ ۽ ڊرامن ۾ نظر اچڻ مان اها ڳالهه به چٽي ٿئي ٿي ته نثري
نظم جي بنيادي صورت ڪهاڻي مان جنم ورتو. اڄ تائين لکجندڙ نثري نظمن ۾ به ڪهاڻي جو
ايليمينٽ اهميت رکي ٿو. ڪيترائي نثري نظم مڪمل ڪهاڻين وانگر هوندا آهن. اهوئي سبب
آهي جو نثري نظم جي فارميٽ ۾ واقعاتي ۽ ڪرداري نظمن جي گنجائش به موجود آهي، جنهن
۾ هڪ قسم جي ڪهاڻي ئي هوندي آهي. منهنجي نظر ۾ نثري نظم بنيادي طور جذبي، احساس،
فڪر ۽ تخيل جي شاعري آهي. جيتوڻيڪ نثري نظم جي فارميٽ جي نزاڪتن کي نظرانداز نه ٿو
ڪري سگهجي پر مان سمجهان ٿو ڪنهن تخليقڪار جو سگهارو خيال ئي نثري نظم جو حقيقي
جمال آهي. جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز کان امداد شيخ تائين نه رڳو نثري نظم جو
سفر جاري آهي پر اهو نون ويسن ۽ ورنن ۾ نظر اچي ٿو.
ڊاڪٽر امداد شيخ کي مان شهر جي
نامياري ڊاڪٽر طور ته گهڻو اڳي کان سڃاڻيندو هوس پر ساڻس منهنجي پهرين ملاقات پنج
سال کن اڳ رضوان ۽ سجاد جي معرفت ٿي هئي. پهرين ملاقات ۾ هو مون کي ڪنهن به طرح
شاعر محسوس نه ٿيو هو. ڪجهه عرصي بعد جڏهن پتو پيو ته امداد شيخ شاعر به آهي ته
اها منهنجي لاءِ بلڪل نئين خبر هئي. هڪ ڀيري ڊاڪٽر، هڪ نثري نظم ٻڌايو ته خوشي ٿي،
سندس همت افزائي ڪئي ۽ هو لکندو ويو. لکندي لکندي سندس نثري نظمن ۾ پختگي به ايندي
وئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙا نظم به ٻڌائڻ لڳو جن ڇرڪائي ٿي ڇڏيو. اڄ جڏهن سندس نثري
نظمن جو هي پهريون ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو آهي ته سچ پچ ان ۾ موجود ڪيترائي نظم اهڙا
آهن جن کي دل سان ساراهي سگهجي ٿو. اهڙن نظمن ۾ ”زندگيءَ جو بي ترتيب گيت“، ”مان
سمنڊ ۽ لهرون“، ”برسات جو ڀاڪر“، ”اکين جي پوشاڪ“، ”ٿڪل وجود“، ”جدائيءَ جي ربن“،
”اڻڀو بسترو“، ”ٿڪل زندگيءَ جي ڊوڙ“، ”مان ڪير آهيان“، ”لاوارث اکيون“ ۽ ٻيا شامل
آهن.
امداد شيخ جو هي مجموعو ”گم ٿيل
ٽهڪ“ سندس نثري نظمن جو گلدستو آهي، جنهن ۾ هن الڳ الڳ موضوعن تي ڪيئي نثري نظم
لکيا آهن. هو گهرو سوچيندڙ ۽ هڪ حساس دل شاعر آهي، تنهن ڪري هن جي نثري نظمن ۾
رومانويت ۽ مزاحمت سان گڏ سماجي روين جا عڪس ۽ اولڙ به نظر اچن ٿا. هن جي اظهار جو
لهجو بنهه پنهنجو آهي. امداد شيخ بنيادي طور هڪ مسيحا (فزيشن) آهي، تنهن ڪري هو هڪ
شاعر طور به هڪ اهڙي ويڄ جو ڪردار ادا ڪري ٿو، جيڪو معاشري جو نبض شناس آهي. هو
سماج جي هر بيماري جي تشخيص ڪرڻ ڄاڻي ٿو. هو نثري نظمن جي ليب ۾ بيمار سماج جي
بيمارين جي ٽيسٽ ڪري رزلٽ ٻڌائي ٿو. مثال طور هن جي نظم ”ڊي اين اي“ جون هي سٽون
پڙهو:
اسان
پنھنجي ڌرتيءَ جي
سونھن کان
ويڳاڻا بڻجي،
نٽھڻ اُس ۾
جن لاءِ جهمريون هنيون ھيون
اُنھن جو ڊي اين اي
اسان ڌرتيءَ واسين سان
ميچ ئي نه ٿيو.
ڪي ماڻهو قلم رکڻ واري عمر ۾ قلم کڻندا آهن،
ڊاڪٽر امداد به رٽائرمينٽ بعد لکڻ شرع ڪيو. رٽائرمينٽ لفظ ۾ ئي هڪ ٿڪاوٽ جو احساس
موجود آهي، اسان وٽ رٽارمينٽ بعد ماڻهو سوچيندو آهي ته هاڻي آرام جي عمر شروع ٿي
وئي آهي پر ٻي دنيا ۾ ائين بلڪل به نه آهي. ماڻهو جيستائين جيئرو آهي تيسيتائين
کيس ڪم ڪرڻ کپي. جيڪڏهن سندس اندر ۾ ڪو تخليقڪار موجود آهي ته اهڙو ماڻهو ته ڪڏهن
به رٽائر نه ٿو ٿي سگهي. امداد شيخ پنهنجي اندر جي تخليقڪار کي دير سان ئي سهي پر
ڳولي لڌو. ڊاڪٽر امداد هڪ لڇندڙ، تڙپندڙ ۽ پيار ڪندڙ دل رکندڙ تخليقڪار آهي. هن جي
نثري نظمن ۾ پيار جي حسين لمحن جي لذت به موجود آهي ته منجهائن زندگيءَ جي تلخ
تجربن ۽ حادثن جي نتيجن کي به ميڙي سگهجي ٿو. هن جي نظم ”لمس“ جون هي سٽون ڏسو:
ھاڻي ته
اسان جو آواز به اسان وانگر
زندگيءَ جي ڊگھي سفر ۾ ٿڪجي پيو
آھي
يا سندس نثري نظم ”مان ۽ منهنجا
خوابَ“ جون هي سٽون:
منھنجا خواب به
مون وانگر ڪيڏا غريب آھن..!!
بک ۽ رات جي ويراني
مون سان گڏ جاڳن ٿيون
نوجواني
جي ڏينهن جون حسين يادون ڪنهن انمول سرمايي جيان هونديون آهن. شاعرَ انهن يادن جي
گلابن کي پوئي شاعريءَ جي مالها ٺاهيندا آهن. هر شاعر پنهنجي جيون جي ان ناسٽيلجيا
۾ وڪوڙيل رهندو آهي. امداد پنهنجي نثري نظم ”گذري ويل يادون“ ۾ لکيو آهي:
ھو قلم ۽ ڊائري کي
سيني سان لڳائي مُرڪي پيو
خوبصورت ماضي کيس اک هڻي
پاڻ ڏانھن سڏي رهيو هو.
امداد
شيخ پنهنجي نوجوانيءَ جا ڏينهن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ گذاريا، جيڪي کيس هن وقت
تائين ياد آهن، ان ساڀيان وارن ڏينهن کي هو اڄ به پنهنجن نثري نظمن ۾ ڪنهن حسين
سپني جيان چِٽي ٿو. هن جي نظمن ۾ چانڊڪا جي چلولاين جو ذڪر وري وري اڀري اچي ٿو. اهڙن
نظمن ۾ ”چانڊڪا جون يادون“، ”هنر“، ”ڇم ڇما ڇم“، ”شرط“، ”چانهن جو ڪوپ“، ”چار
لفظ“، ”اڻ ڄاتو رشتو“ وغيره شامل آهن.
تنھنجي خوبصورت مرڪ
۽ منھنجي خاموشي ۾
اڻ ڄاتو رشتو پيدا ٿي چڪو ھو
ان رشتي کي
اسان جي اکين
زبان ڏني هئي
(اڻ ڄاتل رشتو)
وسريو ناھي اھو پلُ
منھنجو ھٿ روڪي
تو ئي ڏنو ھو چانهن جو بل
جنھن ھار جيت جا ليڪا ڊاھي ڇڏيا.
(شرط)
رومانس
شاعريءَ جو روح آهي. هڪ شاعر جڏهن جوان رُتن ۾ محبت جا نغما ڳائيندو آهي ته ڪويلن
کان به پنهنجا سُر وسري ويندا آهن. هڪ جوان دل ۾ عشق جي چڻنگ ڪڏهن به ڀڀڙ بڻجي
سندس وجود کي سيڪي سگهي ٿي. امداد جي شاعريءَ مان به جوانيءَ جي ڏينهن واري محبت
جي مڌ ڇلڪندي نظر اچي ٿي. هن جي نثري نظم ”نيرين اکين واري ڇوڪري“ جو ڪلائيميڪس
ڏسو:
جڏھن مان
سخت سردي ۾
نرم ڪمبل
ويڙھي سمھندو آھيان
ته اُھا
چمي
ڄڻ منھنجي
عُمرِ سان ڳٽي تي
پيل گھنج
کي ڇھي سمھندي آھي
۽ ڪمرو هڪ ياد
جي حرارت سان
جاڳي
پوندو آھي
جيڪڏهن
ڪو پڇي ته امداد شيخ جي نثري نظمن ۾ ڇا آهي ته ان جو سادو جواب هو پاڻ ئي پنهنجي
هڪ نظم ”نج سوچ“ ۾ هن طرح ڏئي ٿو:
مان پنھنجي احساسن جو پاڻ محافظ
آھيان
مان پڙھندڙ اڳيان
نج حقيقي ڪردار ۾ اچڻ ٿو چاھيان
ڊاڪٽر
امداد جو اهو نج حقيقي ڪردار سندس ڪيترن ئي نظمن مان اڀري اچي ٿو. مثال طور سندس
نظم ”ڊاڪٽر ۽ تنهائي“ پڙهي ڏسجي.
ڊاڪٽري ۾
ذميواري جا ٻيا ڪھڙا رنگ ٿين ..؟!
ڪورونا جو وارڊ
مريض سڀ بي حال
وارڊ ۾ چڪاس دوران
اچانڪ مريض جي نِڇَ
پاڻ نه بچائي سگهيو
جڏھن محسوس ٿيس
پاڻ ۾ ڪورونا جون نشانيون
رپورٽ جو انتظار ڇڏي
هن پنھنجي ئي گهر ۾
پاڻ کي اڪيلو رکيو
اِن خوف ۾ ته..
ڪورونا ٻين تائين نه ڦھلجي
ھاڻي ھي
پنھنجي ئي گھر ۾ وٿيرڪو
تنھا ۽ اڪيلو
پوء به خوش آھي
ذميواري جي رنگ ۾
امداد جو
نثري نظم ”پروفيشنل اوٿ“ انهن ڊاڪٽرن جي ضمير کي وڌل چونڊڙي آهي، جيڪي پنهنجي
پروفيشنل ذميدارين کي وساري، پنهنجي ضمير جون اکيون پوري ويٺا آهن. نظم پڙهڻ جهڙو
آهي. آخري ڪجهه سٽون ئي ڏسو:
ڊاڪٽر،
ضمير جي سمنڊ ۾
ٻڏندو ۽
ترندو رھيو!!
۽ احساسن جي
ڳوري وک کڻي
پنھنجي
کنيل قسم تي پھتو
امداد جي
ڪيترن ئي نثري نظمن ۾ ڪهاڻيون آهن. اهڙيون ڪهاڻيون جن ۾ پيڙا جو پڙلاءُ آهي، رشتن
جي ڀڃ ڊاهه جا لقاءَ آهن، خودغرضين جا ڏيک آهن، ٽٽل ڀرمن جا ٽڪرا آهن، معصوم حسرتن
جو خون آهي، امداد شيخ نثري نظمن ۾ اهڙيون ڪهاڻيون لکندي پڪ سان پنهنجو اندر به
نيپوڙيو هوندو ته پنهنجون پنبڻيون به آليون ڪيون هونديون. اهڙن ڪن نظمن ۾ “پيار جو
ڀرم”، ”رشتي جو ڀرم“، ”خودداري“، ”ننڊ جون گوريون“، ”هڪ پل جو پيار“، ”ڪرپشن“ ذڪر
لائق آهن.
شاعرَ
اڪثر پنهنجي محبوبائن تي نظم لکندا آهن. رت جي رشتن مان شاعرن جا ”ماءُ“ تي لکيل
نظم ته پڙهيا آهن پر ڪي ٿورا ئي نظم هوندا جيڪي ڀيڻ تي لکيا ويا هوندا. امداد شيخ
جو نثري نظم ”ڀيڻ جي روپ ۾ گهاٽو وڻ“ پنهنجي موضوع جي لحاظ کان هڪ مختلف نظم آهي.
ڀيڻ ۽ ڀاءُ جو رشتو نه رڳو هڪ پوتر رشتو آهي پر ان ۾ هڪ پنهنجي ڪشش ۽ انوکو پيار
به هوندو آهي. امداد اهو نثري نظم لکي هڪ رشتي جي تقدس کي اُڀاريو آهي.
اچ ته مان توکي
پنھنجي ڪرسيءَ تي ويھاري
چمان تنھنجا پاڪ ھٿ
جيڪي سلائي جي ڪري زخميل آھن
۽ ڌوئان تنھنجا پوتر پير
جيڪي مشقت جي پنڌ ۾ ڪڏهن به نه ٿڪا
تون ئي منهنجو ثمر آهين
تون ئي منهنجو فخر آهي
ڊاڪٽر
امداد پنهنجي نثري نظم ”مرد جي سوچ“ ۾ جوان ڇوڪريءَ جي انهن احساسن کي پينٽ ڪيو
آهي، جن کي ڪا ڇوڪرِي ئي سوچي ۽ محسوس ڪري سگهي ٿي. امداد هن نظم ۾ اسان جي سماج
جي غلاظتن کي وائکو ڪري ٿو. ان نثري نظم جو رڳو هڪ ٽڪرو پڙهو.
امان
بيمار آھي
پڇڻ وارن
مان
ھڪڙو ٽِڪ
ھڻي
مون کي ڏسندو
ٿو رھي
لڳي ٿو
منھنجو مائٽُ
مونکي ڏسڻ
آيو آھي
امان جي
صحت جو
ھن سان ڇا..؟
اهڙي طرح
هُن سماج جي ڪيترين ئي قباحتن ۽ غلاظتن تي نثري نظم لکيا آهن. جن ۾ ”ٻهروپين جو
عڪس“، ”آخري سهارو“ ۽ ٻيا شامل آهن. امداد هڪ حساس شاعر آهي تنهن ڪري هو پنهنجي آس
پاس ٿيندڙ هر واقعي تي لڇي ۽ تڙپي اُٿي ٿو ۽ پنهنجي قلم کي پنهنجن نثري نظمن جي
زبان بڻائي ٿو. هن جيڪي واقعاتي نظم لکيا آهن انهن ۾ ”پتڪڙن خوابن جو خون“،
”حاجيءَ جو وڇوڙو“، ”ٻه بي ڏوهي“، ”ٻه منٽ خاموشي“، ”مس ڪال“ وغيره شامل آهن. ڪووڊ
19 وارن ڏينهن ۾ هن جا نثري نظم ”چنتا“۽ ”ڊاڪٽر ۽ تنهائي“ سوشل ميڊيا تي پسند ڪيا
ويا. 2022 واري ٻوڏ تي هن جو نثري نظم ”قدرتي آفت ۽ اسان جي سوچ“ ۾ هن ڪامورن جي
سوچ کي پڌرو ڪيو آهي. هن پنهنجي هڪ نثري نظم ”دعا لاءِ هٿ“ ۾ جيڪو ڪڙو سچ لکيو آهي.
اهو به پڙهڻ سان تعلق رکي ٿو:
ڊاڪٽر…!!
نئين ميڊيڪل سينٽر ۾
دعا لاءِ پنھنجو مرشد گهرايو
مرشد جا ھٿ مٿي ئي رھجي ويا
ھن جي اندر ۾ اُجھاڻيل ميڻ بتي
ٻري پئي..!!
ھو دعا لاءِ لفظ ڳوليندو رھيو
ھن جو دماغ مفلوج ٿي پيو
سوچ جي سمنڊ ۾
پاڻ کي ٻڏندو ڏسي
ھٿ پير ھڻندو رھيو
۽ سوچيندو رھيو
ھي ھٿ مان
ڊاڪٽر جي ڌنڌي لاءِ کڻان
يا..!!
بيمار جي صحتيابي لاءِ
ڊاڪٽر
امداد شيخ جي نثري نظمن جي هن پهرين مجموعي ”گم ٿيل ٽهڪ“ جو ٽائيٽل نظم پنهنجي اڻت
۾ هڪ خوبصورت نظم آهي. هن نظم ۾ هڪ شڪوو آهي، هڪ دانهن آهي، هڪ درد آهي، هڪ تڪميل
۽ اڌورائپ، هڪ ميلاپ ۽ وڇوڙي جا احساس آهن. هي نظم رڳو نظم ناهي پر ان ۾ هڪ لڇندڙ
دل آهي، جنهن جي لُڇ کي ڪو اهل دل ئي محسوس ڪري سگهي ٿو. نظم جي پڄاڻي مان ئي
اندازو لڳايو:
تون مون کي
لڙڪن جي راند ۾ الجهائڻ کان اڳ
اهو نه وسارجانءِ!
ته مان پنهنجا گم ٿيل ٽھڪ
ضرور ڳولي لھندس.
هن جي نثري نظمن ۾ تخليقي وجدان
سان گڏ لفظن جي ترتيب ۽ ترڪيب وڻندڙ آهي، سندس نثري نظمن ۾ استعارن، علامتن ۽
ترڪيبن جو هڪ جهان آباد آهي. ”سوچ جو سمنڊ“، ”شعور جي خوشبو“، ”تعبير جو رڻ“،
”زندگي درد جو سينو“، ”احساسن جي وک“، ”ڌرتيءَ جو رحل“، ”انتظار جي چانئٺ“، ”لهجي
جي راند“ ۽ اهڙيون ٻيون شاعراڻيون ترڪيبون سندس نثري نظمن ۾ تخليقي ۽ شاعراڻي حسن
کي نکارين ٿيون.
امداد شيخ جو هي ڪتاب سنڌي ادب ۾
سندس پهرين وک آهي، پر هن ڪتاب جا ڪي نثري نظم ۽ انهن جون سٽون پڙهڻ سان اندازو
ٿئي ٿو ته جيڪڏهن اهي هن شاعر جون ابتدائي وکون آهن ۽ هو ائين ئي پنهنجي تخليقي
سفر کي جاري رکندو ايندو ته اڳتي هلي هو سنڌي ٻوليءَ ۾ نثري نظم لکندڙ برجستن
شاعرن جي پهرين صف ۾ شمار ٿي ويندو. هن جي ڪجهه نثري نظمن مان ورتل هيٺيون سٽون
منهنجي ان دعوى جي دليل لاءِ ڪافي آهن.
پڙھين ته
اوجاڳيل اکيون به پڙھ!
ڳوڙھا به
پڙھ!
ٿڃ
پياريندڙ ماءُ جي سڪل ڇاتي به پڙھ!
سيني سان
چمبڙيل ٻار جي آنڌ مانڌ
بُکَ ۽
پياس به پڙھ.!
رڳو
ڪتابن جا ورق ورائڻ
ڪافي
ناهي دوست
زندگيءَ
جي ڪتاب کي
ڌرتيءَ
جي رحل تي رکي پڙھ !
۽ بار بار پڙھ!
(روح جي اکين سان پڙهه)
۽ پنھنجن
جوان چپن سان
منھنجي
وھيءَ جي ڳاڙھن ڳٽن تي چمي ڏني
اڄ به
اھا پھرين ۽ آخري چمي
مون سان
گڏ ستل آھي
(نيرين اکين واري ڇوڪري)
سمنڊ
جيڏيون اميدون
ايپران
جي کيسي ۾ رکي گھمندي ھئي
(خيال ايپران ۾)
محبت جو
پڪو رنگ
انھن کي
لڳندو آھي
جيڪي
انتظار جي چائنٺ تي
پنھنجي
محبت لاءِ منتظر ھجن
(ڪچو رنگ)
جنھن
ڏينھن تو وٽ مان نه ھوندس
اُداس
خاموشي ڇانيل ھوندي
(منهنجا خط)
وقت سان
ڪيل فيصلو
ايندڙ
وقت جي اڪيلائيءَ کان بھتر آھي.
(وقت جي راند)
تنھنجي
لھجي جي راند
مون کي
گُگھُ
اونداھيءَ ۾ آڻي بيھاريو
(لفظن جو ماچيس)
اکين ۾
ٿڪ
انھن کي
رھندو آ
جيڪي
پنھنجو پھريون پيار
ڪنھن
پيرسن جي لٺ وانگر
پاڻ سان
گڏ گھليندا رهندا آهن
(اکين جو ٿڪُ)
امداد شيخ جي شاعريءَ جو مجموعي
ڪاٿو ڪرڻ سان پڪ ٿئي ٿي ته هن کي نثري نظم لکڻ جو ڏانءُ آهي، هن جي نثري نظمن ۾
خيال جي اڻت، لفظن جي جادوگري ۽ تخليق جو جوهر موجود آهي، سندس نثري نظمن ۾ مختلف
انساني ڪيفيتن جون لهرون ڇُلندي نظر اينديون. هن جي نثري نظمن ۾ احساسن جي ڪوملتا،
پيار جي اڻ ڇهين جذبن جي پالوٽ موجود آهي. هو نثري نظم جي زبان ۾ سماجي ظلم ۽
انياءَ جون تصويرون ڪمال ڪاريگريءَ سان چٽڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ڊاڪٽر امداد شيخ جِي
هن ڪتاب ”گم ٿيل ٽهڪ“ جي صورت ۾ شاعريءَ جي آڪاس ڏانهن پهرين اڏام آهي. اميد آهي
ته هو ان پرواز ۾ سڦل ٿيندو.
ڊاڪٽر احسان دانش
حيدرآباد
28 جولاءِ 2024
No comments:
Post a Comment