پيار جو پورهيو
(ڪرم حسين وڳڻ جي ڪتاب ”روح جي راحت“ جو مهاڳ)
لاڙڪاڻو ماضي کان حال تائين ادب جو مرڪز رهيو آهي. وقت ۽
حالتن جي طوفانن جتي گھڻو ڪجھ تبديل ڪري ڇڏيو آهي اُتي ادبي ماحول ۾ به فرق ته
ضرور آيو آهي پر ادبي سرگرمين جو سلسلو اڄ به قائم آهي، اڄ به ڪلهه جيان مختلف
حلقن ۾ ادبي بحث مباحثا ٿين، اڄ به لاڙڪاڻي ۾ شاعرن ۽ نثر نگارن جي ڪمي ناهي.
مان خوش قسمتيءَ سان لاڙڪاڻي جي گذريل ٽن ڏهاڪن جي ادبي
ماحول جو اکين ڏٺو شاهد ۽ ساکي آهيان. مان اهو ماحول به ڏٺو جڏهن لاڙڪاڻي تي
مشاعرن جي موسم جوان هئي، الڳ الڳ ادبي تنظيمن ۽ انجمنن طرفان هر هفتي مشاعرو
ٿيندو هيو. سنڌيءَ سان گڏ اردو مشاعرن جو به رواج هيو، جيڪو هاڻي لڳ ڀڳ ختم ٿي ويو
آهي، هاڻي ڪو اُڪو دڪو شاعر ئي آهي، جيڪو مشاعرن ۾ اردو شاعري پيش ڪري رهيو آهي.
تن ڏينهن ۾ طرحي ۽ موضوعاتي مشاعرن جو رواج عام هيو. شاعريءَ ۾ فن تي وڏو زور
هوندو هيو.هتي شاعريءَ جي فن جا ديوتا موجود هيا. انهن اڳيان شعر پيش ڪرڻ ڪنهن
امتحان مان گذرڻ جيان ئي هوندو هو. ڪنهن شاعر جو شعر وزن ۽ بحر کان ٿورو به ٿڙندو
هيو ته استاد الشعراءَ پڪڙي وٺندا هيا. هڪڙا شاعر ته مشاعرن ۾ هر شاعر جي شعر تي
اهڙي نموني آڱر کي چوريندا هئا جو لڳندو هيو ڄڻ اهو استاد شاعر نه پر بينڊ ماسٽر آهن،
جتي شعر وزن کان ڪِرندو هيو ته آڱر کي انڪار ۾ لوڏي ڄڻ بڇان جو اظهار ڪندا هئا.
شعر جي فن جي اهميت جو اندازو ان مان به لڳائي سگھجي ٿو جو انهن ڏينهن ۾ باقاعدي
علم عروض سکڻ جا اسڪول پڻ کليا، جتي سٺا سٺا شاعر، شاعريءَ جو فن سکڻ ويندا هئا. مطلب
شاعريءَ جو فنُ، شعر جي فڪر ۽ خيال کان وڌيڪ اهميت رکندو هيو.
مان جنهن دور جي ڳالهه ڪريان ٿو تنهن ۾ هڪڙا ادبي آستان به
مشهور هيا، جتي شاعر ۽ اديب اچي گڏ ٿيندا هيا، محفلون مچنديون هيون، تنقيدون ۽
تبصرا ٿيندا هيا. کاٻي ۽ ساڄي ڌر جي ادب تي مباحثا هلندا هيا. مطلب اهڙن آستانن تي
اديبن جا سدائين ميڙا متل هوندا هئا. اهڙو ئي هڪڙو آستان هوندو هيو استاد لقمان
حڪيم جو اهو دڪان جيڪو قائم شاهه بخاري جي درگاهه لڳ قائم هيو ۽ جتي هو، پنهنجن
شاگردن سميت ڪتابن ۽ ڪاپين تي جلد ٻڌندو هو. استاد لقمان حڪيم هڪ سينئر شاعر هجڻ
سان گڏ مهربان طبيعت جو مالڪ، بزله سنج ۽ دل جو ڪشادو انسان هيو. هن پنهنجي سهڻي
سڀاءَ ۽ اصلاح سبب انيڪ شاعرن کي اتساهه بخشيو. انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ شاعرن جي
آبادي وڌائڻ ۾ استاد لقمان حڪيم جو وڏو هٿ هيو. استاد لقمان حڪيم جي اهڙن شاگردن
مان ڪرم حسين ڪرم وڳڻ به هڪ آهي.
ڪرم حسين ڪرم وڳڻ پنهنجي عمر ۽ سينئارٽي جي حوالي سان منهنجي لاءِ هميشه قابلِ احترام رهيو آهي ۽ مان هن جي دل سان عزت ڪندو آهيان. هو پنهنجي مزاج ۾ سادو ۽ سٻاجھو انسان آهي. مان ڏٺو آهي ته اها سادگي هن جي ڪلام ۾ سلاست جي خوبي بڻجي اڀرندي آهي. مان ڪرم حسين کي پهريون ڀيرو جمالي منزل لاهوري محلي ۾ ٿيندڙ هڪ مشاعري ۾ ڏٺو هو، اها 1984ع جي ڳالهه آهي، تڏهن مان بابا سان گڏجي ادبي محفلون ۽ مشاعرا اٽينڊ ڪندو هيس ۽ سڀني سينئر شاعرن جي آڏو ٻار هيس. مونکي ياد آهي ان مشاعري ۾ ڪرم حسين هڪ مزاحيا غزل پڙهيو هيو ۽ محفل مشڪ زعفران ٿي پئي هئي. مونکي بعد ۾ خبر پئي ته اهو اصل ۾ سندس استاد جو رنگ آهي. پوءِ ڪيترن ئي مشاعرن ۾ استاد لقمان حڪيم جي مزاحيا شاعريءَ سان گڏ اصلاحي شاعري به ٻڌي ته اندازو ٿيو ته سندس شاگردن تي هن جو ڪيڏو اثر آهي.
ڪرم حسين ڪرم وڳڻ بنيادي طور هڪ پورهيت ماڻهو آهي، حقيقت ۾
شاعري به دل جو پورهيو آهي، تنهن ڪري ئي شايد هن شاعريءَ ۾ پناهه ورتي. هن معاشي
طور سڄي حياتي نهايت تنگدستي ۾ گذاري آهي پر هڪ ادبي ورڪر طور مان سدائين کيس
متحرڪ ڏٺو آهي. ڪو وقت هو جو هو بزمِ سچل جي مشاعرن جا دعوت ناما هر شاعر کي در در
تي وڃي ڏئي ايندو هو. تنهن ڪري هن جي هڪ ادبي خدمتگار طور به سڃاڻپ آهي.
هونءَ ته ڪرم حسين وڳڻ اسٽيج جي چڪاچوند زندگيءَ جو مزو به
ورتو آهي ۽ هڪ اداڪار طور لاڙڪاڻي جي اسٽيج تي به کوڙ سارو ڪم ڪيو آهي، ۽ ويجھي
ماضي ۾ ڪجھ نجي ٽي وي چينلن تي به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي پر هو پنهنجي مزاج
۾ هڪ شاعر ئي آهي. شاعري سندس نس نس ۾ موجود آهي. جيتوڻيڪ هن جي شاعراڻي عمر لڳ ڀڳ
اڌ صديءَ تي مشتمل آهي ۽ کيس استاد لقمان حڪيم جي شاگردي به حاصل رهي آهي، تنهن جي
باوجود سندس شاعريءَ ۾ ڪميون ڪوتاهيون به رهجي ويون آهن. مان هن ڪتاب ۾ انهن ڪمين
ڪوتاهين کي ان ڪري کاتي ۾ نه ٿو آڻيان جو حقيقت ۾ هن جي جذبي جي سچائي اتم آهي.
موضوعاتي لحاظ کان هن جي شاعري پنجن حصن ۾ ورهايل آهي. هن ڪتاب ۾ به اها پنجن قسمن
جي شاعري الڳ الڳ حصن ۾ ورهايل نظر اچي ٿي. تنهن ڪري مان سندس شاعريءَ جي انهن
پنجن ئي حصن تي سندس خواهش مطابق هن مهاڳ جي شڪل ۾ پنهنجي مختصر راءِ ڏيڻ چاهيندس.
مذهبي نوعيت جي شاعري
ڪرم حسين بنيادي طور هڪ مذهبي ماڻهو آهي ۽ هن جي تربيت ۾
مذهبي فڪر ۽ عقيدت جو ٻج پوکيل آهي، تنهن ڪري هن جي کوڙ ساري شاعريءَ ۾ سندس اهو
فڪر ۽ عقيدت موجود آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن ڪتاب ۾ ڪرم حسين ڪرم جي شاعريءَ جو
پهريون حصو مذهبي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سندس حمد، نعتون، نوحا، دعائون ۽
قصيدا شامل آهن. شاعريءَ جي هن حصي ۾ هن ڌڻي جي تعريف کان سواءِ ٻنهي جهانن جي
سردار جي ثنا سان گڏ امامن جا قصيدا ۽ نوحا چيا آهن. اهڙي طرح هن حصي ۾ هن دعائن
کي به شامل ڪيو آهي. ان کان علاوه هن ئي حصي ۾ هن سنڌ جي عظيم هستين حضرت قلندر
لعل شهباز، حضرت شاهه عبد اللطيف ڀٽائي ۽ پنهنجي استاد لقمان حڪيم جي ياد ۾ به
ڪلام چيو آهي. ان ساري ڪلام ۾ الڳ الڳ صورتن ۾ عقيدت ۽ محبت جو جهان آباد آهي. مثال
طور هي ڪجھ شعر ملاحظه ڪريو:
تون ئي آهين ربُ
جبار.
پاڻ ڪريم ۽ پاڻ ستار.
تنهنجو اسم عليم
ڪليم،
تون قادر هر دم آهين قرار.
....................
محبت مصطفى جي
جيئن آئي مان هوش ۾ آيس،
وڌيو مون ۾ شعورِ بندگي آهسته آهسته.
....................
حسن جو رازدان، يا
نبي تون آن.
عشق جو آسمان، يا نبي تون آن.
....................
ڪربلا ۾ ٿيو ستم
آلِ نبيءَ تي بار بار.
هاءِ سيد جي بدن تي هو نه زخمن جو شمار.
....................
ٿيو شان اعلي
انهيءَ شخص جو آ.
جو حيدر جي در جو گداگر ٿيو آ.
....................
سنڌڙيءَ جا سينگار
قلندر.
ولين جا دلدار قلندر.
جڳ جي آس پڄائڻ
وارا،
سيوهاڻي سردار قلندر.
....................
سنڌ جو آ سينگار
ڀٽائي.
جڳ ۾ آ نروار ڀٽائي.
....................
نه ٿيو آ نه
ٿيندو لقمان جهڙو دلبر.
شعر و ادب ۾ بيشڪ لقمان ئي هو بهتر.
داستانن تي آڌاريل شاعري ۽ عارفاڻو ڪلام
ڪرم حسين وڳڻ جي شاعري الڳ الڳ موضوعن تي آڌاريل آهي، هن هڪ
وڏي عرصي تائين سنڌ جي لوڪ داستانن جي پس منظر ۾ شاعري ڪئي آهي، ڪرم جي اهڙي
شاعريءَ کي مان سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو تسلسل سمجھان ٿو، ڪرم وڳڻ وٽ لکڻ جو
يقيناً پنهنجو اسلوب آهي، پر موضوعن جو دائرو ساڳيو اساسي شاعريءَ وارو ئي آهي. ها
اهو فرق ضرور آهي ته اهڙو ڪلام هن اڪثر غزل جي فارميٽ ۾ چيو آهي، جڏهن ته ڪلاسيڪل
شاعريءَ ۾ لوڪ داستانن کي بيت يا وائي ۽ ڪافي جي صنفن ۾ اظهاريو ويو آهي. ڪرم حسين
هن ڪلام ۾ مارئي ۽ سسئي کي گھڻو ڳايو آهي. ان کان علاوه نوري ڄام تماچي ۽ مومل
راڻي جي داستانن تي آڌاريل شعر به سندس هن ڪتاب ۾ موجود آهن. مارئي جو مارن لاءِ
تڙپ جو اظهار ڪرم اجھو هن ريت ڪري ٿو:
ڏسان شال مارن
سندا مان وٿاڻا.
ملائيندو مون کي مٺو رب اباڻا.
....................
مان مارن جي ته
جدائي ۾،
ويٺي ٿي وهايان نير ميان.
..................
مارن لئه منهنجا
نيڻ رنا هن رنا هن.
منهنجا ڳل مارن لئه ڀنا هن ڀنا هن.
مارن لاءِ مارئيءَ جي اها سِڪ ۽ اُڪير بيشڪ فطري هئي، جنهن
کي ٻين اساسي شاعرن وانگر ڪرم حسين به خوب اڀاريو آهي. مارئيءَ جي ڪردار جو وطن
دوستيءَ وارو پهلو نهايت اهم آهي، مارئي اباڻن جي سِڪ سيني ۾ سمائي مرڻ ته پسند
ڪيو پر پنهنجي لوئي ۽ لڄ جو سودو قبول نه ڪيو.
مري جي وڃان مان
ڪرم مون کي ڏيجو،
ڪفن هي ته لوئي جا آهي اباڻي.
اهڙي طرح سسئي جو ڪردار به نهايت اهميت وارو آهي، جيڪا هڪ
عورت هوندي پنهنجي پياري پنهل لاءِ وندر ٿي ووڙي ۽ ائين دنيا جي سمورين عورتن لاءِ
هڪ مثال قائم ڪري ته عورت جڏهن پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪندي آهي ته هن
جي آڏو دنيا جي ڪابه طاقت بيهي نه سگھندي آهي. سسئي سنڌي ڪلاسيڪي داستانن جو هڪ
اهڙو پُر عزم ڪردار آهي، جنهن مثال ملڻ محال آهي. ڪرم حسين ان ڪردار جي عظمت کي
محسوس ڪندي پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڇهه غزل شامل ڪيا آهن ۽ ان ڪردار کي هنن لفظن ۾
اڀاريو اٿس.
هڪ سسئي آ ٻيا
سور اٿس.
پورن جي مٿان بس پور اٿس.
....................
جهاڳندي وتان ٿي
روهه جبل،
ڪري پنهل اديون بيمار ويو.
اهو ظلم ڪري مون
ڏير ويا،
مون کان کسجي سڀ جنسار ويو.
.....................
جنهين راهه رستي
کڻي ويا پنهل کي،
اهي راهه رستا خدا شل ڏيکاري.
ويا رڻ ۾ رولي
هو ننڌر نماڻي،
ڪرم دل اڃان پئي پنهل کي پڪاري.
اهڙي طرح ڪرم جي ڪلام تي صوفياڻو ۽ عارفاڻو رنگ به ڇانئيل
نظر اچي ٿو. صوفين وٽ عشق ۽ مستيءَ جا انوکيونڪيفيتون هونديون آهن، ڪرم حسين
پنهنجي ڪلام ۾ انهن ڪيفيتن کي هن طرح پيٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي:
آيو عشق اندر ۾
هلي هلي.
ٿو عشق نچائي ڳلي ڳلي.
ڪي عشق ۾ ٿيا منصور، بلال،
جن حق جي جهولي جهلي جهلي.
غزل رنگ
ڪرم حسين ڪرم جي شاعريءَ جو هڪ اهم حصو غزلن تي مشتمل آهي.
هونءَ ته ڪرم وڳڻ جي گھڻي تڻي شاعري روايتي انداز جي آهي ۽ ان جا موضوع به روايتي
عروضي شاعريءَ وارا آهن، هن وٽ اصلاحي ۽ معاشرتي ڪلام به موجود آهي پر غزل لکندي
هو ڪڏهن ڪڏهن نئين فڪر ۽ جديد اسلوب وارا شعر به چئي وڃي ٿو. ڪرم جو ڪلام پڙهندي
پڙهندي جڏهن هن قسم جو ڪو شعر سامهون اچي وڃي ٿو ته قاري ڇرڪي پوي ٿو:
مان تنهنجو بدن
ڀي گلاب چاهيان ٿو.
۽ نگاهن جي ميخاني جو شراب چاهيان ٿو.
ڪرم حسين جا غزل پڙهندي مونکي هڪ
اهڙو غزل به نظر آيو، جيڪو ڪنهن به طور تي ڪنهن روايتي شاعر جي ڪلام کان بنهه
مختلف، منفرد ۽ جديد هيو ۽ مونکي بيحد پسند آيو. ان ڪري مان اهو هتي اوهان سان
ونڊڻ چاهيان ٿو:
پاڻيءَ ۾ يا سراب ۾ گم آ.
شهر جو شهر خواب ۾ گم آ.
مان هان وفا جي مستيءَ ۾ گم،
هو ته انا جي عذاب ۾ گم آ.
هڪ نغمو آ منهنجي چپن تي،
هڪ نغمو رباب ۾ گم آ.
هن ئي پڇيو ٿي حال دل منهنجو،
هاڻي هو منهنجي جواب ۾ گم آ.
ايتري وحشت ڇو آ ساگر کي،
چنڊ ڇو اضطراب ۾ گم آ.
ڇو ڪرم دولت جوانيءَ ۾ ٿيو،
هي جڳ نشي شراب ۾ گم آ.
هونءَ ته غزل جو بنيادي موضوع رومانس آهي پر جديد سنڌي غزل
۾ عصري مسئلن جو اولڙو به پسي سگھجي ٿو. غزل هاڻي ذات کان ڪائنات جي سفر تي روان
دوان آهي. ان ڪري ان ۾ ڪنهن شاعر جي داخلي ڪيفيتن سان گڏ خارجي حالتن جا چِٽَ به
پسي سگھجن ٿا. اهي چِٽَ ڪرم حسين وڳڻ جي غزلن ۾ پڻ موجود آهن.
زهر زندگيءَ ۾
ملائن ٿا ماڻهو.
رڳو وقت ويٺا وڃائن ٿا ماڻهو.
سچائي هلي وئي
آيو ڪوڙ دوکو،
رڳو ڪوڙ ويٺا ڪمائن ٿا ماڻهو.
ڏنو درس جيڪو هو
استاد تن کي،
انهيءَ کي لڳي ٿو ڀلائن ٿا ماڻهو.
ڪري هت ظلم جو
ٿو اظهار جيڪو،
ته ان جي چپن کي سبائن ٿا ماڻهو.
مزاحيه شاعري
مزاحيه شاعري ڪرڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي. خاص طور اهڙي ماڻهوءَ جو
مزاح لکڻ سچ ته حيرت واري ڳالهه آهي، جيڪو پاڻ هر پل ڏکن ۽ تڪليفن جي چڪيءَ ۾
پيهبو هجي. ڪرم حسين ڪرم جو معاملو به ڪجھ اهڙو ئي آهي. هن سڄي حياتي جيئڻ جي جنگ
ڪندي گذاري آهي، هن جي زندگي درد جو ڊگھو داستان آهي، پر خبر ناهي هو زهر جهڙي
زندگي گذريندي پنهنجي لفظن ۾ اهڙي چاشني ڪٿان ٿو ڀري جنهن کي چکڻ سان چپن تي مرڪ
تري اچي ٿي، يا سندس اهي شعر پڙهي بي اختيار ٽهڪ نڪري وڃن ٿا. هن جي مزاحيه
شاعريءَ ۾ طنز گھٽ ۽ مزاح وڌيڪ آهي. ان مزاح جي رنگ ۾ به هنن ٻين کي نشانو بڻائڻ
بدران پاڻ کي اڳيان رکيو آهي.
عشق
تنهنجي ۾ مٺا عضوا ڀڃايون ٿو وڃان.
پيار تنهنجي ۾ پرين پٽڪو لهرايون ٿو وڃان.
....................
مون
کي مجنون نه سمجهو مان ته مجنو جو ابو آهيان.
هميشه حسن جي پويان وجهي ورَ مان ڀڳو آهيان،
وڃان
ٿو يار ڏي جنهن پل وسائن ٿا ڀتر ماڻهو.
ڏسي ماڻهن جي جنبش ۾ ڀڄان ٿو ڄڻ ڍڳو آهيان،
ڪرم حسين جي مزاحيه شاعريءَ ۾ زماني جون ڳالهيون به آهن، هن ڪيترن ئي معاشي ۽
معاشرتي مسئلن کي مزاح واري انداز ۾ خوبصورت نموني بيان ڪيو آهي.
پرائي خرچ تي ويهي
ڏين آڊر ٿا هوٽل ۾،
ملي ٿي ڳوٺ ۾ تن کي چڻن جي دال ويلي تي.
....................
سُر ۽ تار جي ڄاڻ نه
آهي،
پلٽا پو به لڳايون.
ڪنگلن کي ڪٿ لفٽ ڏيون
ٿا،
پيسي کي ٿا چاهيون.
مان سمجھان ٿو ته ڪرم حسين ڪرم وڳڻ جو هي شعري مجموعو ”روح
جي راحت“ هڪ گلدستي وانگر ئي آهي، جنهن ۾ طرحين طرحين گلَ پنهنجي هڳاءَ سان موجود
آهن. هن شاعريءَ اهو اهاءُ ۽ اڊمبر ته موجود ناهي، جيڪو جديد شاعريءَ جي سڃاڻپ
آهي، پر هن شاعري ۾ سادگيءَ سان گڏ جيڪا سچائي موجود آهي اها ئي هن شاعريءَ جي
پهچان آهي. مونکي اميد آهي ته لاڙڪاڻي جي هن جھوني جوڳيءَ جي پيار جو هي پهريون
پورهيو، اوهان پڙهندڙن کي قبول پوندو.
ڊاڪٽر
احسان دانش
21 جون 2018
No comments:
Post a Comment