ڊاڪٽر احسان دانش
جواد جعفري جي شاعريءَ جو اڀياس
سنڌي ٻوليءَ جي سهڻي ۽ برجستي
شاعر جواد جعفري جو ذڪر ايندي ئي ساڻس گڏ گھاريل ٽيهن سالن جو ساٿ ياد اچي ٿو.
جواد جي ذڪر سان اهي ڏينهن به ياد اچي وڃن ٿا، جن ڏينهن ۾ مان ۽ جواد شعر و سخن جي
سفر ۾ پير پائيندي ابتدائي وکون کڻي رهيا هئا سين. تڏهن اسين نئين ٽهيءَ جا اڀرندڙ
شاعر سڏبا هئا سين. انيڪ مشاعرن جي محفلن ۾ جواد ۽ منهنجو ساٿ رهيو. انهن ڏينهن ۾
جواد جعفري هڪ شاعر سان گڏ مقبول ڪرڪيٽر به هيو. هن لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ ۽ ڊويزن سطح تي
نه رڳو راند کيڏي پر ڪوچ به رهيو. سندس ابتدائي ادبي تربيت ۾ نامياري اديب اشتياق
انصاري جو اهم ڪردار رهيو. جنهن کي تنهن وقت سڀ ڀائي جان چوندا هيا. ڀائي جان هن
کي ادبي ڪتاب پڙهايا ۽ لکڻ پڙهڻ ڏانهن راغب ڪيو. اڳتي هلي سنڌي ادبي سنگت شاخ
لاڙڪاڻو، سچل ادبي مرڪز ۽ بزمِ سچل جي پروگرامن ۾ هن جي ادبي ۽ فڪري اوسر ٿي. اهڙي
طرح جلد ئي جواد جعفري غزل جو مقبول شاعر ته بڻيو پر گڏ و گڏ مذهبي شاعري پڻ ڪندو
رهيو، خاص طور نوحي ۽ منقبت هن کي هڪ مذهبي شاعر واري سڃاڻپ ڏني. جواد، سنڌي سان
گڏ اردو ۾ به جھجھي شاعري ڪئي آهي.
تخليق جي حوالي سان منهنجو پهريون عشق شاعري هيو پر پوءِ پاڻ کي نثر ۽ نظم جي گھڻن پاسن ڏي اهڙو ته ڦهلائي ڇڏيو جو ڪڏهن ڪڏهن شاعري ”وه عشق جو هم سي روٺ گيا“ واري سٽ وانگر لڳندي هئي. پر جواد جعفري مسلسل ۽ متواتر شاعري لکندو رهيو ۽ هڪ قدم اڳتي وڌي پنهنجي شاعريءَ کي موسيقي سان ملائي شهرتون ماڻيون. ڏسندي ئي ڏسندي وڏن وڏن راڳين جي چپن تي جواد جا ٻول ٻُرڻ لڳا...... پر اها گھڻو بعد جي ڳالهه آهي مان 88 ــ 1987 جا اهي ڏينهن ياد ڪريان ٿو جن ڏينهن ۾ اسان ڪجھ نوجوان شاعر سعيد ميمڻ، جواد جعفري، زخمي چانڊيو، سڪندر شيخ، جاويد ميمڻ، منصور ابڙو، راقم ۽ ٿوري ئي عرصي کان پوءِ وشال، رضا بخاري، جاويد شبير، ساجد سنڌي، رضوان گل، سرتاج جاگيراڻي، پنهل، ملهار سنڌي ۽ ڪجھ ٻيا دوست لاڙڪاڻي جي مشاعرن جي رونق بڻبا رهيا. اِهي سڀ اُهي دوست هيا جن وٽ نئون فڪر ۽ تازا خيال هيا. اهڙي جدت شاعريءَ جي روايتي قافيه پيمائي ۽ خيالن جي ورجاءَ کان پاڪ هئي. جواد جعفري ان وقت به نوجوانن مان مقبول شاعر هيو. انهن ڏينهن ۾ منهنجي شاعريءَ جو گھڻو تڻو موضوع سماجي حالتون، ڏاڍ ۽ انياءَ هيو، اهو جواد ئي هيو جنهن مونکي رومانوي شاعريءَ لاءِ اتساهيو. سچ پچ ته انهن ڏينهن ۾ اسان هڪ ٻئي لاءِ وڏو ڏڍ ۽ اتساهه هيا سين. هڪ ٻئي جي شعرن جي ڪمين ڪوتاهين تي ڳالهائيندا هئا سين. اصلاح کي خنده پيشاني سان قبول ڪندا هئا سين. اڄ وانگر تن ڏينهن ۾ به جواد کي پنهنجي شاعريءَ ياد هوندي هئي. مشاعرن مان گھڻو ڪري گڏ موٽندا هيا سين، ڇوته اسان ٻنهي جا پاڙا هڪ ٻئي جي ويجھو هيا. سڄي واٽ جواد جا شعر ٻڌندي پنڌ ڪٽبو هيو.
جواد جعفري پنهنجي مزاج ۾ هڪ
خاموش ۽ سنجيده ماڻهو آهي، پر هڪ شاعر جي روپ ۾ جڏهن سندس اندر جو بيچين سمنڊ ڇُلڻ
لڳندو آهي ته هو لفظن جا موتي کنڊيڙيندو ويندو آهي. جواد سان ملندي مون کي محسن
نقوي جو هي شعر اڪثر ياد ايندو آهي.
لہروں کی خاشی پہ نہ
جا اے مزاجِ دل
گہرے سمندروں میں
بڑا ارتعاش ہے۔
جواد جعفري جو شايد ئي ڪو غزل
منهنجي ٻڌڻ ۽ پڙهڻ کان رهجي ويو هجي. مون اڪثر شعر هن جي زباني ٻڌا آهن. هن جو
آواز ڪجھ گھگھو ضرور آهي پر سندس شعر پڙهڻ جو انداز خالص شاعراڻو آهي. شاعري جو
تعلق صوت يا آواز سان ته آهي پر جيسيتائين ان ۾ جذبي جي چڀن ۽ خيال جي گھرائي نه
آهي تيسيتائين اها ڪو ڪارج ادا نه ٿي ڪري.
شاعريءَ جو هڪ وڏو ڪارج احساسن جي
ان ڪائنات کي تسخير ڪرڻ آهي، جنهن ۾ انساني ڪيفيتن جو سمنڊ ڇلندو آهي. شاعري هڪ
آرٽ ته آهي پر جيسيتائين ان ۾ احساس جي قوت نه آهي تيسيتائين اها لفظن جي هجوم کان
اڳتي ڪا معنى نه ٿي رکي. مرزا خليل احمد بيگ مطابق ”شاعري جي حقيقت بيان ڪندي
شبليءَ ”شعر العجم“ ۾ هڪ جاءِ تي لکيو آهي ”شاعري وجداني ۽ ذوقي چيز آهي.“ هن
شاعريءَ جو ٻيو نالو ”قوتِ احساس“ ٻڌايو آهي. شاعرِ فطرت وليم ورڊس ورٿ(William
Wordsworth) به شاعريءَ بابت ڪجھ اهڙي ئي ڳالهه ڪئي آهي. هن جو چوڻ آهي
ته “Poetry is the spontaneous overflow of
powerful feelings” (شاعري
اجھل ۽ ڇلڪندڙ طاقتور احساسن جو نالو آهي.) اڳتي هلي شبلي پنهنجي ساڳي ڪتاب ۾ لکي
ٿو ته ”جڏهن اهو ئي احساس لفظن جو پهراڻ اوڍيندو آهي ته شعر بڻجي ويندو آهي.“ ان
مان ظاهر ٿيو ته سندس خيال مطابق لفظ جي حيثيت هئيت (Form) واري آهي ۽ ان جو موضوع (Content) اهو احساس آهي
جنهن کي شاعري چيو وڃي ٿو. ورڊس ورٿ شي کي “Powerful feelings” چيو آهي. جڏهن
ته شبلي ان کي ”قوي جذبو“ ڪوٺي ٿو ۽ “Spontaneous” جي لاءِ هو
”اجھل“ جو لفظ استعمال ڪري ٿو. اهڙي طرح شبلي شعر جي مڪمل تعريف هن طرح بيان ڪري
ٿو: ”جڏهن ماڻهوءَ تي ڪوئي قوي جذبو طاري ٿيندو آهي ته بيساخته سندس زبان مان
موزون لفظَ نڪرندا آهن ۽ انهيءَ جو نالو ئي شعر آهي.“ جواد جعفري جي شاعريءَ ۾ به اسان کي
شعر جي ان بنيادي وصف مطابق جذبن ۽ احساسن جو اجھل پڻو ۽ بيساختگي نظر اچي ٿي.
جڏهن سندس اندر مان ڪو احساس اٻڙڪا ڏئي نڪري ٿو ته شعر بڻجي وڃي ٿو:
ڪوئي ڀر ۾ ڀري رهيو هوندو
توکي احساس ئي نه ٿيو هوندو
هن ڪڍيون هن هزار معنائون
بي خياليءَ ۾ تو ڏٺو هوندو
ªªªªªª
مون چکيو مونکي پتو آ
درد جو پنهنجو مزو آ
پيار جي پهرين نظر ۾
زندگي ڀر جو نشو آ
معيد رشيدي پنهنجي مضمون ”شعر: دو
جملي“ ۾ لکي ٿو ته ”شعر جي حصار کي ٽوڙي اگر شاعريءَ جي بي ڪراني ۾ داخل ٿجي ته
پتو پوندو ته شاعري جي لاءِ هئيت ڪو مسئلو ناهي. اها ڪنهن به ڍنگ، شڪل يا ساخت ۾
ظاهر ٿي سگھي ٿي. امداد امام اثر شاعريءَ کي شراب سان ڀيٽيندي صحيح چيو آهي ته
شراب هر قيمت تي شراب ئي رهندو، ڀلي ڪنهن به پيالي (سون، چاندي، پتل، مٽي) ۾ رکيو
وڃي. اهو ان وقت تائين شراب رهندو، جيستائين ان جي ماهيت نه مَٽجي وڃي. ان ڪري
خارجي حوالن سان اسان شعر جي شناخت ته آساني سان ڪري سگھون ٿا پر شاعريءَ جي نه.
شاعري ڇا آهي؟ اهو انهيءَ قسم جو سوال آهي ته روح ڇا آهي؟ سيني جي خلش، اکين ۾
طوفان ۽ دل جي نهان خانن ۾ اٿندڙ درد ڇا آهي؟ زندگي ڇاهي؟ ايليٽ جي راءِ با معنى
آهي ته ”جيڪڏهن اسان شاعريءَ جي وصف بيان ڪري به وڃون ته اها ڪوشش لاحاصل هوندي.“
ان ڪري مسئلو شاعريءَ جي وصف جو نه آهي، نڪتو هي آهي ته شاعري ۽ زندگي ۾ ڪهڙو تعلق
آهي.“ جيڪا شاعري زندگيءَ کان ڪٽيل آهي ۽ جنهن ۾ فروعي معاملن جو هجوم آهي اها
پنهنجو ڪوئي سماجي ڪارج ادا نه ٿي ڪري. شاعريءَ جو سماج ۽ زندگيءَ سان اهو ٻنڌڻ ئي
ادب براءِ زندگي جي سلي کي سيراب ڪري ٿو. جواد جعفري جي شاعري زندگي ۽ زندگي جي
معاملن سان جڙيل ۽ ڳتيل آهي. ان ۾ جيون جو حسناڪ چهرو به نظر اچي ٿو ته سماج جي
ڪربناڪ تصوير پڻ.
پل پهر رقص ۾ هر گھڙي ٿي نچي
وقت جي ساز تي زندگي ٿي نچي
باغ ۾ جو هوا پير آهن ڌريا
پَنَ جھومن پيا، هر ڪلي ٿي نچي
ªªªªªª
هڪڙي
وڌوا جي ڳلن تي
پنهنجي
ئي ڳوڙهن لکيون
ڪيئي
ڪهاڻيون درد جون
تنهنجي
روڊن تي ڪراچي
وکريل
لاشن لکيون
ڪيئي
ڪهاڻيون درد جون
جديد سنڌي شاعري جي ڊگهي قافلي ۾
اهڙا ڪي ٿورا شاعر آهن جيڪي پنهنجي شاعريءَ ۾ موجود نئين فڪر ۽ شعور، رومانوي ۽
جمالياتي احساس ۽ شاعراڻي غنا ۽ ترنم جي ڪري انفراديت رکن ٿا. سنڌي ٻولي جو ٻهڳڻو
شاعر جواد جعفري ان حوالي سان پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکندڙ آهي. هن جي شاعريءَ ۾ تتل
صحرا جون صدائون به آهن ته ڀنل مٽي جي سڳنڌ به. هن وٽ شاعري جو تصور لفظن جي
جادوگري کان وڌيڪ دل جي لهوءَ مان ٽڙيل گلابن جهڙو آهي.
جي تون سمجيهن ته خون آ دل جو
جي نه سمجهن ته شاعري آهي.
ªªªªªª
سٽ سٽ تي ڇو ساهه ڏيان ٿو، ويهه
ته سمجهايانءِ!
اکر اکر ۾ خون جگر جو اوتيو آهي
مون.
پنهنجي سٽ سٽ تي ساهه ڏيڻ ۽ اکر
اکر ۾ پنهنجي جگرجو خون اوتيندڙ شاعرَ جواد جعفريءَ جي شاعريءَ ۾ هڪڙي بيساختگي
آهي هو تڪي توري لفظن جي ڳنڍ ٽوپ نه ٿو ڪري پر لفظ سندس خيال سان هم آهنگ ٿي پاڻ
ئي موتين جي هار وانگر مرتب ٿي وڃن ٿا. جواد جي شاعري ۾ فڪر جي تازگي ۽ حسن جا
جلويٰ نمايان آهن ۽ اهي ٻئي شيون سندس نانءَ کي زنده رکڻ لاءِ ڪافي آهن.
حسن ويڙهيل جعفري جي
شعر جي پوشاڪ ۾ آ.
ªªªªªª
جواد ڀي امر آ پنهنجي اکر اکر ۾،
شاعر مري وڃي، ڇا لفظن جو موت
ٿيندو؟
جواد جعفري جي گھڻي شاعري غزل جي
صنف تي آڌاريل آهي ۽ غزل جو اصلوڪو موضوع رومانس آهي. رومانس يا پيار جنهن ۾
ڪائنات جيڏي وشالتا آهي. انهيءَ پيار کي ميلاپ کان وڌيڪ وڇوڙي جا رنگ گهرو بڻائي
ڇڏين ٿا. بقول شاعر:
پہنچا جو سمندر میں
تو مر جائے گا دریا۔
جيئن درياهه کي سمنڊ جو ميل ماري
وجھي ٿو، تئين شايد محبت ۾ ميلاپ پيار جو انت ثابت ٿئي ٿو. هونءَ به جيڪو لطف سفر
۾ آهي سو منزل ۾ ڪٿي. شاهه سائين به انهيءَ فلاسافي کي قبوليو آهي تڏهن ئي ته چيو
اٿائين ته:
توڻي
لهين نه پيرُ، توءِ راحت آهـي رڙهــڻ ۾. (سُر معذوري، د 4)
اسان جي سماج ۾ اڪثر ڪري وڇوڙو ئي
پيار جو مقدر بڻبو رهيو آهي ۽ اهو وڇوڙي جو زخم ئي ته آهي جيڪو زندگيءَ کي هڪ نئين
معنى ڏئي ٿو. ڀٽائي ”سُر حسيني“ ۾ چيو آهي ”جيڪِي فِراقان، سو وِصالان نه ٿِئي.“ ۽ شيخ اياز لکيو آهي ته ”پيار هڪ
اڌمو آهي جو ٿوري دير لاءِ اوچو وٺي وڃي ٿو ۽ اندر کي اجاري ٿو. اهو باک جي شاخن
وانگر آهي، جن جي روشني ته هر ڪنهن ماڻي آهي پر جن تي ڪوئي پکي آکيرو نه ٺاهي سگهيو
آهي. اهو وڄ وانگر آهي. گهنگهور گهٽائون ڏسي ڪيڏو نه وڻي ٿو، پر جڏهن ڪري ٿو ته
اڪثر ماڻهو تباهه ڪري ٿو ڇڏي.“ حقيقت ۾ شاعرن جي دلين تي به اهڙي ئي پيار جي وڄ
ڪريل هوندي آهي، هو شڪسته دل ۽ تباهه حال هجڻ باوجود پنهنجي لفظن جي طاقت سان پيار
کي امرتا بخشي ڇڏيندا آهن جواد جي شاعري ۾ به پيار جي حاصلات کان وڌيڪ جدائي جا
زخم نظر اچن ٿا.
”لازم نه آ جو چاهيون، حاصل به ٿي
وڃي“
سمجهائي ويو گهڻو ئي جملو جناب
جو.
ªªªªªª
پٿرن وارو ڪم ڪري ويا ڪنهن جا
کهرا لفظ،
دل جي شيشي منجهه پيل هي ڏار
ٻڌائن ٿا.
ªªªªªª
هي منهنجي ڳلن تي جا، ڳوڙهن سان
لکيل آهي،
سا تنهنجي جدائي جي، لمحن جي
ڪهاڻي آ.
ªªªªªª
ايڏو مرڪڻ واري! ڇا هي ڄاڻي سگهندينءَ
تون؟
تنهنجي وڇڙڻ کانپوءِ ڪيڏو ڀوڳيو
آهي مون.
وڇوڙي کانپوءِ ڀوڳنا جو سفر واقعي
ڏاڍو اذيتناڪ آهي، پر اهو وڇوڙو ئي محبت جو معراج آهي. شيخ اياز مطابق ”جڏهن اسان
پيار کي دائمي بڻائڻ چاهيون ٿا ته اهو بيزاري ۾ بدلجي وڃي ٿو، يا ڪنهن آفت ۾ بدلجي
انتقام وٺي ٿو. پيار لاءِ جدائي ضروري آهي اها دونهين دکائي رکي ٿي. آنڌ مانڌ جون
گهڙيون پيار جو کيپ ان جي سک دائڪ ڀانواٽي ان ۾ منووِڪار (Passion) جو تکو ڏنگ مون کي وڻندو آهي.“ جواد جعفري کي به پيار جو اهو مٺو ڏنگ
وڻي ٿو تڏهن ئي ته هن کي درد ۾ به لذت محسوس ٿئي ٿي.
مون چکيو مون کي پتو آ،
درد جو پنهنجو مزو آ.
درد ۾ واقعي پنهنجو مزو آهي.
حوصله مند انسان درد کي هميشه پنهنجي لاءِ طاقت بڻائيندا آهن. سچ ته اهو آهي ته
دکُ راهه ڀلين کي رَندُ ڏيکاريندو آهي ورنه لطيف سائين سسئي جي زباني ائين نه چوي
ها ته: ڏيکاريس ڏکن، گوند گس پرين جو.
هر شاعر جي شاعريءَ ۾ مختلف شعري
ترڪيبون ۽ استعارا، تشبيهون ۽ تلميحون، منظر ۽ محاڪات موجود هوندا آهن. جواد جعفري
جي شاعري به انهن شعري گڻن سان ڀرپور آهي. هن جي شاعريءَ ۾ فڪر ۽ آگهي جو جولان به
موجود آهي ته ان مان تصور ۽ تخيل جون انيڪ راهون به ڦٽن ٿيون. هن جي شاعري پنهنجي
فن ۽ فڪر ۾ متوازن ۽ گھري آهي. سندس ڪلام ۾ رومانيت سان گڏ انوکي جماليات به موجود
آهي. پر سندس شاعريءَ جو وڏو حسن ان ۾ موجود موسيقيت آهي. هن جي ڪلام ۾ غنا ۽ ترنم
جي خوبي اتم درجي تي موجود آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس اڪثر غزل سنڌ جي ڳائڻن ۽
ڳائڻين ڳائي مڃتا ماڻي آهي. هن جي شاعريءَ ۾ موجود اها فطري موسيقي ۽ ترنم کيس هم
عصر شاعرن ۾ نمايان ڪري بيهاري ٿو.
اڪثر شاعرن وٽ مخصوص لفظن جو ورجارءُ
هوندو آهي پر اهڙو ورجاءُ انهيءَ وقت خوبصورت لڳندو آهي جڏهن هر بار ورجايل لفظن ۾
فڪر جي تازگي ۽ تخيل جي ندرت موجود هجي. جواد جي شاعريءَ ۾ به اهڙو لفظي ورجاءُ
نظر اچي ٿو خاص طور شعر، شاعر، شاعري يا گل، گلاب ۽ گلدستو وغيره اهڙا لفظ آهن
جيڪي سندس شاعريءَ ۾ وري وري اچن ٿا. اهڙو لفظي ورجاءُ هن جي هر ٻئي ٽين غزل ۾ نظر
اچي ٿو ته جيئن:
چنڊ چڙهي ٿو، درد وڌي ٿو شعر جڙي
ٿو،
ªªªªªª
پرين پڄاڻان شاعرَ ڪهڙن حالن ۾
آن.
ªªªªªª
شاعري ۾ مون عبادت ڪئي آ.
ªªªªªª
سونهن گل جي پتين مان ٿي جهلڪا
ڏئي.
ªªªªªª
گل سارا خوشين جا پٽيندي وئي.
ªªªªªª
تو بنان ڪنهن قبر تي پيل گل هان.
ªªªªªª
ڪاغذي ڦول گلدان ۾.
ªªªªªª
تو بن دل ٿي پئي،خالي گلدان مثل.
ªªªªªª
بهار ۾ منهن لٿل ڪلين جا گلاب
مرجهائجي رهيا آهن.
ªªªªªª
ڇا رکيو آ ڇڻيل گلابن ۾
جواد جي شاعري ۾ اهو لفظي ورجاءُ
هڪ لکا سهڻو لڳي ٿو ڇو ته هن لفظن جي ورجاءَ باوجود شعر ۾ خيال جي نواڻ ڏيڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي.
جواد جعفري جي شاعري ڪيترين ئي
شعري خوبين سان مالا مال آهي، پر هتي مان سندس شاعريءَ مان تشبيهه جي حسن جا ڪجھ
مثال پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، ڇوته هڪ سٺي شعر جي محاسن ۾ تشبيهه وڏي اهميت رکي ٿي.
تشبيهه بيشڪ شعر جي حسن کي نکاري ٿي. جواد جي شاعري خوبصورت تشبيهن سان جھنجھيل
آهي.
آءٌ ميلي ۾ ٻار وانگر، تون،
گم ٿئين سمنڊ ۾ سئسيءَ وانگي.
ªªªªªª
تنهنجي چهري سان کيڏن جڏهن وار
ٿا،
رات ۽ ڏينهن جي دوستي ٿي لڳي.
ªªªªªª
تو سوا زندگي اهو گل آ،
جنهن مان خوشبو لڏي وئي آهي.
مٿين شعرن ۾ ميلي ۾ ٻار ۽ سمنڊ ۾
سئي گم ٿيڻ، محبوب جي زلفن جو سندس چهري سان کيڏڻ کي رات ۽ ڏينهن جي دوستي سڏڻ ۽
پرين بنان زندگي کي اهڙو گل تصور ڪرڻ جنهن مان خوشبو اڏي وئي هجي يقيناً زبردست
تشبيهون آهن. هن جي شاعريءَ ۾ اهڙا ٻيا به ڪيترائي تشبيهاتي شعر موجود آهن.
جواد جعفري بنيادي طور غزل جو
شاعر آهي ۽ غزل جي پنهنجي الڳ احساساتي دنيا ۽ رومانوي فضا آهي. خاص طور ان ۾ خيال
جي نزاڪت جو وڏو خيال رکيو ويندو آهي. جواد جي غزلن ۾ جڳهه جڳهه تي اها نازڪ خيالي
جهاتيون پائيندي محسوس ٿئي ٿي هن جا دل جي تارن کي ڇيڙيندڙ اهڙا ڪجهه شعر ڏسو جن ۾
خيالن جي نزاڪت جو ڪمال آهي.
واٽ تي پيرا پرينءَ جا،
يا ڪو آئينا رکي ويو.
ªªªªªª
ڪنهن جي چنري جي ڳولا ۾ هئي رات ڀر،
ديد دڳ جي ستارن ۾ ڦاسي وئي.
ªªªªªª
ڄڻ عمر قيد ڪاٽن پَيا،
خواب نيڻن جي زندان ۾.
ªªªªªª
گل ناهن هي ٽاريءَ جا،
چڪي پيا هن چاڪ پرين.
واٽ تي پرين جي پيرن سان آئينن جو
تصور، چنري جي ڳولا ڪندي ديد جو دڳ جي ستارن ۾ ڦاسي پوڻ، نيڻن جي زندان ۾ خوابن جو
عمر قيد ڪاٽڻ، ۽ ٽاري مان ڦٽل گلن مان چاڪ چڪي پوڻ وارا خيال سچ پچ ته شاعر جي دل
جي گهرائين مان نڪتل صدائون محسوس ٿين ٿا. جن ۾ جديد شاعريءَ جو حسن، نڪورو فڪر ۽
شاعراڻو آرٽ پڻ موجود آهي.
جواد جعفري جي شاعري ۾ انيڪ خوبين
سان گڏوگڏ ڪٿي ڪٿي ڪي خاميون به رهجي ويون آهن. تاج بلوچ جواد جي ڪتاب ”توکي
چاهيو سي“ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”سنڌي شاعريءَ ۾ نون توڙي گھڻن پراڻن شاعرن
وٽ، ٿاٽ پراسيس روايتي، اڇل کان خالي، پرائي تجربي تي ٻڌل، جنهن ۾ ٻولي ڪچي، گرامر
غلط ۽ ردم جي کوٽ آهي. شاعرَ اهو لفظ ڪنن سان ٻڌو ئي نه هوندو، اچار جي خبر ئي نه
هوندس ته ان جو تُز استعمال ڪهڙيءَ ريت ڪري سگھندو؟ ۽ جيڪڏهن اُچارَ ئي غلط ۽
گونگا آهن ته ٻوليءَ جي مٺاس وارو پهلو ڪيئن اجاگر ٿي سگھندو؟“ تاج جي اها راءِ
پنهنجي جاءِ تي وزن رکي ٿي پر ان راءِ کي جواد جي شاعريءَ سان حتمي طور جوڙي نه ٿو
سگھجي. سندس شاعريءَ ۾ جيڪي ٿوريون ٿڪيون خاميون آهن تن تي سندس شاعراڻيون خوبيون حاوي
آهن. باقي چوندا آهن ته ڪرندا به اهي ئي آهن جيڪي شهسوار هوندا آهن. هيٺ ٻن چئن
ڳالهين کي نشاندهي ڪندس مون کي پڪ آهي جواد انهن کي تنقيد جا تير نه پر محبت جا گل
سمجهي قبول ڪندو. ورنه شاعر چواڻي:
میں کیا کسی پہ سنگ
اٹھانے کی سوچتا،
اپنا ہی جسم آئینہ خانہ لگے مجھے۔
جواد جي شاعري پڙهندي ڪٿي ڪٿي
لفظي ۽ معنوي غلطيون نظر اچن ٿيون يعني ڪٿي لفظ صحيح طرح استعمال نه ٿيل آهي ته
ڪٿي وري ڪي لفظ غلط معنى ۽ مفهوم ۾ استعمال ٿيل آهن. جيئن سندس هڪ شعر آهي.
ضابطي هيٺ حالات آئي ته ڇا!
گهر سڙڻ بعد برسات آئي ته ڇا!ٰ
مٿين شعر ۾ جواد لفظ حالت کي واحد
طور استعمال ڪيو آهي جڏهن ته اهو لفظ حالت جو جمع آهي، تنهن ڪري شعر جي پهرين مصرع
۾ لفظي غلطي محسوس ٿئي ٿي. اهڙي طرح جواد جو ٻيو شعر آهي.
آڳ ۾ جهونڪي اسان جون خواهشون،
ٿا چون ڇا لئه مئن جيئن ٿا رهون.
هن شعر ۾ لفظ ”جهونڪي“ اوپرو ٿو
محسوس ٿئي. ان لفظ بدران سنڌي ٻوليءَ جو نج لفظ ”اڇلي“ وجهي سگهي ٿو، جنهن سان نه
صرف شعر جي معنيٰ ۽ وزن ساڳيا رهندا پر تجينسِ حرفي جي خوبي پڻ پيدا ٿي پوندي شعر
ٿيندو.
آڳ ۾ اڇلي اسان جون خواهشون،
ٿا چون ڇا لئه مُئن جئن ٿا رهون.
اهڙي طرح جواد جي هيٺين شعر ۾ تجربي
۽ مشاهدي جي ڪجهه ڪمي محسوس ٿئي ٿي. شعر ڏسو.
اڄ ته ڪجهه ياد سروس آ هُنَ جي،
مون کي سمجهان ٿو هو وساري ٿو.
اردو ۾ چوندا آهن ته ”دل سي دل ڪو
راه هوتي هي“ ۽ سنڌي ۾ چئبو آهي ته ”وڏي حياتي اٿئي ياد ڪندي اچي پهتو آهين.“ يعني
ڪنهن کي ياد ڪرڻ سان ملڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن پر مٿين شعر ۾ معنى ئي ابتي آهي.
يعني اهو ته ڪو دليل ئي ناهي ته مون کي پنهنجي محبوب جي ياد سرس آهي تنهن ڪري هو
مون کي وساري ٿو.
تون آن سامهون ته پو دل جي حالت
نه پڇ،
ڄڻ ته مندر ۾ ڪا ڪامڻي ٿي نچي.
هن شعر ۾ لفظ ”ڪامڻي“ قافيي طور
استعمال ڪيو ويو آهي. هن غزل جا ٻيا قافيا آهن، هر گهڙي، زندگي، هرڪلي، چاندني،
ماڻڪي ۽ شاعري ان لحاظ کان لفظ ڪامڻي قافيي طور کٽڪي ٿو. ڪامڻي سنسڪرت جو لفظ آهي
جنهن جي معنيٰ آهي. ”سهڻي عورت“. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن ڪامڻي جي جاءِ تي لفظ ”نر
تڪي“ وڌو وڃي ته، نه صرف غزل جي قافيي سان انصاف ٿي سگهندو پر معنوي لحاظ کان به
درست رهندو، ڇو ته نر تڪيءَ جو ڪم ئي نچڻ آهي. شعر هيئن ٿيندو ته:
تون آن سامهون ته پو دل جي حالت
نه پڇ،
ڄڻ ته مندر ۾ ڪا نرتڪي ٿي نچي.
جواد جعفري جي شاعري ۾ اهڙيون
ڪجهه خاميون، اٽي ۾لوڻ برابر آهن. جڏهن ته سنڌي ۾ اهڙا ڪيترائي شعري مجموعا به
پڙهڻ لاءِ ملندا جن کي پڙهندي محسوس ٿيندو آهي ته لوڻ جي ٻوريءَ ۾ ٿورو اٽو مليل
آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جواد جعفري اسان جي ٽهيءَ جو هڪ معتبر شاعر آهي. جنهن جو
لب ۽ لهجو بنهه منفرد ۽ پنهنجو آهي. هن جي شاعراڻي عمر ۾ ٽيهن سالن جو رياض موجود
آهي. ان ڪري سندس شاعريءَ ۾ فني ۽ فڪري طور گھڻي پختگي نظر اچي ٿي. جواد جو اهو
خيال پنهنجي جاءِ تي آهي ته:
جعفري ڏات جي ڏيهه ۾،
هڪڙي سٽ ڀي امر ٿي ڪري.
پر مان اميد ڪندس ته جواد جعفري
اهڙيون سوين سٽون لکي، جيڪي سندس نانءَ کي امرتا بخشين. جواد سنڌ جي سريلن گلوڪارن
جي آواز وسيلي عوام جي دلين تائين پهچي چڪو آهي ۽ بيشڪ هن جا ڪيئي شعر ضرب المثل
به بڻجي چڪا آهن پر اسان جواد جعفري کي شعري آرٽ تي پرکيندي ان سطح تي ڏسڻ چاهيون
ٿا، جنهن لاءِ هن پهرين سٽ لکڻ کان جاکوڙ شروع ڪئي آهي. مان اميد ڪريان ٿو ته
منهنجو هي محبوب دوست ۽ سنڌ جو سهڻو شاعر پنهنجي شاعري کي گھڻ موضوعي ۽ فڪري طور
اڃا به گھرو بڻائيندي سنڌ جي مهندار شاعرن جي صف ۾ اوچي ڳاٽ اچي بيهندو.
No comments:
Post a Comment