ڊاڪٽر احسان دانش
الائي جي ڇا ۾ راضي آ، الائي جي ڪنهن سان راضي آ
ڪوي رانجھن جي ڪلام تي هڪ نظر
ادب ۽ فن جي دنيا ڏاڍي وسيع آهي. موسيقي،
مصوري، سنگ تراشي، رقص ۽ شاعريءَ تائين فنون لطيفه (Fine Arts) جا جيترا به شعبا آهن، انهن ۾ هڪ فنڪار پنهنجو خون اوتي ٿو. ڪا به
تخليق تيسيتائين رچي پچي راس نه ٿئي جيسيتائين ان کي اندر جي آويءَ ۾ پچايو نه ٿو
وڃي. ان ڪري هر تخليقڪار ۽ فنڪار هر پل ڀوڳنا جي سفر ۾ رهي ٿو. هڪ فنڪار اها ڀوڳنا
۽ پيڙا ان ڪري ئي قبول ڪري ٿو جو انهيءَ طرح سندس اندر کي قرار اچي ٿو. ڪوبه ٻڌندڙ
يا ڏسندڙ ڪنهن فنڪار جي نه ان قرار کي مڪمل طور تيسيتائين محسوس نه ٿو ڪري سگھي
جيستائين پاڻ ان مرحلي مان نه گذري.
ادب جا جيترا به شعبا آهن انهن مان شاعري
جي اهميت کان ڪوبه انڪار نه ڪري سگھندو، ڇوته شاعريءَ ۾ رڳو فڪر جو جولان نه آهي
پر ان ۾ هڪ رڌم آهي، لوري آهي، موسيقي آهي ۽ جيڪڏهن ڪو شاعر موسيقيءَ جو ڄاڻو به
هجي ته ان جي شاعريءَ ۾ سُر ۽ لئي جو لطف تهائين وڌيڪ محسوس ٿيندو آهي. ان حوالي
سان سنڌي ٻوليءَ ۾ سڀ کان وڏو نالو شاهه لطيف جو آهي، جنهن کي شاعريءَ سان گڏ
موسيقي ۽ مختلف راڳن ۽ راڳڻين جي گھري سمجھه ۽ شعور حاصل هو. ڀٽائي کان پوءِ وارن
ڪلاسيڪي شاعرن مان به گھڻن کي اها ڄاڻ هئي پر انگريزن جي دور ۾ جنم وٺندڙ سنڌي
ٻوليءَ جو هڪ ڪوي نه رڳو سُر ۽ سرود جو ڄاڻو هئو پر پاڻ موسيقار ۽ راڳي پڻ هئو. سنڌ
جي شهر ڳڙهي ياسين ۾ جنم وٺندڙ سرڳواسي ماسٽر رانجھن جنهن پوءِ وڃي ڀارت جي الهاس
نگر جا وڻ وسايا تنهن جو 100 هون جنم ڏينهن 2020 ۾ ملهايو ويو آهي. هو هڪ ئي وقت
شاعر، ڪمپوزر ۽ گائڪ هئو. هن جي آڊيو ڪيسيٽ ”راڳ سان ريجھاءِ“ گھڻو مقبول ٿي. 60
واري ڏهاڪي ۾ سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”رانجهن جون رهاڻيون“ شايع ٿيو، جڏهن ته
ٻيو ڪتاب ”راڳ سان ريجهاءِ“ جنهن ۾ ڀڄن، گيت، لوليون، لاڏا، غزل، قواليون شامل هئا جي خاصيت اها آهي جو ان
۾ موجود هر گيت، غزل، لولي يا قوالي ڪنهن نه ڪنهن راڳ يا راڳڻي تي آڌاريل آهي.
جيئن راڳ ڀيروي، راڳ پهاڙي، راڳ تلنگ، راڳ ڪوهياري، راڳ آسا، راڳ پيلو، راڳ سورٺ،
راڳ جوڳ، راڳ راڻو وغيره. هر ڪلام مٿان راڳ جو نالو لکيو پيو آهي. رانجھن جي هن
ڪتاب ۾ 95 شعري اسم شامل آهن. نموني طور الڳ الڳ سُرن مان هي ڪجھه سٽون ڏسو:
راڳ راڻي ۾ لکيل گيت:
سڪَ ته سوڍا، تنهنجي پئي ستائي
ڇڏيئه ننڊ نيڻن جي ڦٽائي
جيئان ٿي راڻل تنهنجي سهاري
متان مومل کي، ڇڏين وساري
ناتو نينهن جو وڃ تون نڀائي
سڪَ ته سوڍا، تنهنجي پئي ستائي
راڳ آسا ۾ لکيل گيت:
منهنجو مالڪ، منهنجو خالق، منهنجو سائين آ سرجڻهار
ڏوههَ اسان جا ڪين ڏسي ٿو، هو آ بخشڻهار
جيڪي پوندا ستگر جي پناري
تن جا پاڻ اچي ڪم ٿو سنواري
دور ڪندو سڀ دکڙا، ٿيندو مهل ۾ مددگار
منهنجو مالڪ، منهنجو خالق، منهنجو سائين آ سرجڻهار
اها عاجزي ۽ انڪساري ۽
پنهنجي گناهن جي اعتراف سان گڏ بخشش جو آسرو، داتا جي در تي جھڪي کانئس دان وٺڻ ۽
کيس ٻاڏائيندو رهڻ جهڙا موضوع ماسٽر رانجھن جي شاعريءَ ۾ وري وري اڀري اچن ٿا. هونءَ
ته سندس شاعريءَ جا الڳ الڳ رنگ ۽ آهنگ آهن پر خاص طور هن جي سڃاڻپ ڌرمي شاعري ۽
ڀڄن آهي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ساڌو، سنتن، جوڳين ۽ مها پُرشن جي ساراهه جا ڍُڪ
ڀريا آهن. ڪوي رانجھن جو هڪ مشهور ڪلام آهي:
منهنجي ٻيڙي اٿئي وچ سير تي
پلئه پايان ٿي مان جند پير تي
جوتين وارا لعل اڏيرا
ڪيئي ڪن ٿا تو وٽ ڀيرا
تنهنجي مهر امير فقير تي
پلئه پايان ٿي مان جند پير تي
يا
آهين مهربان سائين مليو ڏسُ آهي
تنهنجي ٿوري رحمت، وڏو وسُ آهي
اسين آهيون ڀُليل متان تون ڀلائين
تنهنجو در سخا جو کليل آ سدائين
رحم ڪر رانجھن تي، تنهنجو جَسُ آهي
آهين مهربان سائين مليو ڏسُ آهي
شاهه لطيف جو مشهور بيت آهي ته:
ڪوڙين ڪايائون تنهن جون لکن لک هزار
جيءُ تنهنجو جيءَ سين، درشن ڌارئون ڌار
پِريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان
ماسٽر رانجھن جي شاعريءَ ۾ به بلڪل اهڙو ئي
خيال نظر اچي ٿو، جنهن مان لڳي ٿو ته هو شاهه لطيف جي فڪر مان به متاثر هئو.
پنهنجي ڪتاب ”راڳ سان ريجھاءِ“ جي راڳ جوڳ ۾ لکيل 69 هين گيت ۾ فرمائي ٿو:
جنهن ۾ ڏسان ٿو سائين تنهنجو نظارو آهي
ڪروڙي روپ تنهنجا هر هڪ نيارو آهي.
ساڳي گيت ۾ ڀٽائي جي مٿين بيت جي ڄڻ ته هن
طرح تشريح به ڪئي اٿائين:
رام به آهين تون هين، رحيم به آهين تون هين
الهه به آهين تون هين، ايشور به آهين تون
هين
سنسار سڄي کي سڄڻ تنهنجو سهارو آهي.
ڪروڙي روپ تنهنجا هر هڪ نيارو آهي.
ماسٽر رانجھن جي شاعريءَ ۾ هڪ پاسي رام ۽
رحيم، الله ۽ ايشور جون ڳالهيون ۽ ڳڻ ڳايل آهن ته ٻي پاسي محبوب سان سڪ ۽ پريت جا
نغما. هو راڳ ڪوهياريءَ ۾ لکيل هڪ گيت ۾ چئي ٿو:
سجَ متان اُڀرين، پرين هليو ويندو
سڄڻ هليو ويندو ته منهنجو ساههُ سُڪندو
محبوب ڪئي آهي مون سان مهرباني
مس مس مليو آهي، دل گھريو جاني
رانجھن کي درد جي اڄ دوا ڏيندو
سجَ متان اُڀرين، پرين هليو ويندو
محبت ۽ پيار جا نغما رڳو سندس گيتن ۾ ئي نه
پيا گونجن پر سندس غزل به رومانوي فضا سان ڀرپور آهن، جيئن سندس هڪ غزل جا شعر
آهن:
مون دل ڏني آ توکي ٻي ڏي نه نهاريندس
ڪندين ناز کڻي رُسندين ته به توکي مڃائيندس
توسان نظر ملائي، دنيا ڇڏيم ڀُلائي
ڏي سور سختيون ڀل تون، سڀ سر تي سهائيندس
ماسٽر رانجھن غم ۽ خوشيءَ جا گيت ۽ غزل لکڻ
سان گڏ صوفياڻي مزاج جي شاعري پڻ ڪئي. هن جو هيٺيون ڪلام ته ننڍي لاءِ کان اسان جي
ڪنن ۾ ٻُرندو رهيو آهي، جنهن کي امر ڪلاڪار شري رام پنجواڻي ڳائي، جهنگ جھر مشهور
ڪيو هو:
الائي جي ڇا ۾ راضي آ، الائي جي ڪنهن سان راضي آ
ڪو راجا ڪو فقير، بازيگر جي بازي آ
ڪنهن کي لک ڏئي ٿو لعل ڪري
ڪنهن کي ڪک ڏئي ڪنگال ڪري
ڏوهه اسان جا ڪين ڏسي شل پنهنجي مهر ڪري
الائي جي ڇا ۾ راضي آ، الائي جي ڪنهن سان راضي آ
مون ڪو اهڙو سنڌي شاعر نه
ڏٺو آهي، جنهن کي پنهنجي سنڌ ڌرتي ۽ پنهنجي سنڌي ٻوليءَ سان محبت ۽ عقيدت نه هجي،
ان محبت جو اظهار هر سنڌي شاعر پنهنجي پنهنجي انداز سان پئي ڪيو آهي. ماسٽر رانجھن
به پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ سنڌين کي نه رڳو دعا
ڏني آهي پر کين پارت به ڪئي آهي ته ذات
پات جي ڀيد ڀاوء کي ڀلائي ۽ رٺلن کي پرچائي فخر سان پاڻ کي سنڌي سڏايو، هو پنهنجي
ان گيت ۾ چوي ٿو ته پنهنجي مٺڙي ٻولي سنڌيءَ کي ڪڏهن به نه وسارجو ۽ سنديت جي جوت جلائيندا
رهجو. ماسٽر رانجھن جو اهڙي قومي جذبي سان ڀرپور گيت پڙهي ڏسو:
سنڌي سدائين آباد رهو
جتي هجو، شال شاد رهو آباد رهو
جتي هجو، شال شاد رهو آباد رهو
ذات پات جو ڀيد مٽايو
فخر سان سڀئي سنڌي سڏايو
رٺلن کي پرچائيندا رهو
سنڌي سدائين آباد رهو
رانجھن جو هيءُ عرض اگھايو
متان پنهنجي ٻوليءَ کي ڀُلايو
سنڌيت جي جوت جڳائيندا رهو
سنڌي سدائين آباد رهو
ماسٽر رانجھن جي شاعري جي
ٻولي سولي ۽ سادي آهي، سندس ڪلام جا موضوع ۽ رنگ ڪيئي آهن پر هن جي شاعريءَ تي
ناصحاڻو ۽ صوفياڻو رنگ گھرو نظر اچي ٿو. هو هڪ خوش دل، خوش گلو ۽ خوش ڪلام ڪوي ۽
ڪلاڪار هيو. هن هڪ ڪمپوزر ۽ گائڪ جي حيثيت ۾ به جيڪو ڪم ڪيو سو نهايت ساراهه جوڳو
آهي. رانجھن سائين پنهنجي زندگيءَ جي پلن ۽ پهرن کي ڪارگر بڻايو ۽ سنڌيت جو شان
وڌايو.
No comments:
Post a Comment