ڊاڪٽر احسان دانش
فقير قادر بخش بيدل
جو صوفي
فقير قادر بخش بيدل سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو هڪ انمول رتن
آهي. خاص طور اتر سنڌ جي اهم ترين شاعرن مان هڪ آهي. بيدل سائين بنيادي طور هڪ
صوفي شاعر آهي ۽ سندس تعلق شاعرن جي ان سٿ سان آهي، جن جو مسلڪ وحدت الوجودي ۽
طريقو سرمستي وارو آهي. مون تصوف جي تاريخ جا ڪتاب پڙهندي اسلامي ۽ غير اسلامي
تصوف جا اصطلاح پڙهيا آهن ۽ ان جون ڊگھيون توضيحون پڻ. پروفيسر ڪي ايس ناگپال
پنهنجي ڪتاب ”صوفي لاڪوفي“ ۾ صوفيءَ جو تعارف هنن لفظن ۾ ڪرايو آهي ”صوفي ڪير به
ٿي سگهي ٿو. ٻڌُ، مسيحي، هندو ۽ سکُ، هر مذهب ۾ تصوف آهي پر تصوف ۾ ڪو مذهب نه
آهي.“ (1) ٻين لفظن ۾ تصوف هڪ اهڙو رستو ۽ راهه آهي، جنهن تان هر ڪو
گذري سگهي ٿو، پر ان لاءِ ڪي اصول ۽ ضابطا ضرور موجود آهن، جيڪي اسان کي صوفين ۽
صوفي شاعرن ٻڌايا آهن. ”صوفي پنهنجي تخيل، علم، رياضت، مراقبي، مجاهدي، مسلسل
ڳولها ۽ جاکوڙ سان پنهنجي هڪ الڳ دنيا ٺاهي ٿو، جنهن ۾ فرار هرگز نه آهي..... تصوف
جو مقصد سچ، سونهن، ڏاهپ ۽ علم جي ڳولها آهي.“ (2)
سنڌي سماج ۾ صدين کان صوفي فڪر جي پچار رهي آهي. تصوف جي
انهيءَ فڪري روشنيءَ جي ڦهلاءَ ۾ سنڌ جي صوفي شاعرن جو نهايت اهم ڪردار رهيو آهي.
شاهه لطيف تائين پهچندي پهچندي اهو فڪر پچي راس ٿيو ۽ لطيف سائين ان فڪر جي مشعل
کي اڃا وڌيڪ جوت ۽ جِلا بخشي. (3) معمور يوسفاڻي هن ڳوڙهي فڪر ۽ رويي
جو مختصر لفظن ۾ ڏاڍو سهڻو تعارف ڪرايو آهي. هو لکي ٿو ته ”تصوف نالو آهي، دل جي
پاڪائي، صفائي، غير کان دوري، مالڪِ حقيقي ڏانهن توجه ۽ ان جي سونهن جي پرتوي جي
حاصلات جو. انسان ذات جي خدمت، هَٺَ، پاڻ وڏائيءَ کان پري رهڻ، غربت، عاجزي ۽
انڪساري اختيار ڪرڻ، پنهنجي پاڻ کي پروڙڻ ۽ خدا کي سڃاڻڻ، ڪائنات ڇا آهي؟ ان جي
ضرورت ڪهڙي آهي؟ ان ۾ انسان ڇا لاءِ آيو آهي؟ ان تي ڪهڙا فرض ۽ جوابداريون آهن؟ ان
کي ڪيئن رهڻ گھرجي ۽ ڪهڙا خاص عمل ڪرڻ گھرجن. ماڻهن ۽ ساهوارن وغيره سان ڪهڙو سلوڪ
روا رکجي. مطلب تصوف جو مقصد آهي، صحيح نموني زندگي گذارڻ“. (يوسفاڻي معمور ”ڍوليو ڍٽ ڌڻي“ (4)
تصوف هر دور ۾ انساني سماج ۽ عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ تي گھرا اثر ڇڏيا آهن. سنڌي سماج تي پڻ صوفي فڪر ۽ فلسفي جو وڏو اثر رهيو آهي. صوفي متي ۾ نياز، نئڙت، محبت، امن ۽ انسانيت جو سبق به سمايل آهي. ان ڪري ان فڪر جا پوئلڳ سماج ۾ عدم تشدد ۽ اعتدال واري فضا قائم ڪرڻ چاهيندا آهن. تنهن ڪري ئي چيو وڃي ٿو ته ”تصوف جي شروعات تڏهن ٿي هوندي، جڏهن مختلف معاشرن ۾ ڏاڍ جو عمل هليو هوندو. جنهن کان بيزار ٿي، نيڪ انسانن، ظاهري رستي کان ٿورو هٽي، مخفي طرح، نيڪ عملن جي لاءِ نئون رستو ڳوليو هوندو.“ (5) ٻين لفظن ۾ تصوف ماڻهوءَ کي ماڻهپي جو رَند ڏسي ٿو ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو صوفي فڪر هر سماج ۾ عام مقبوليت ماڻي ٿو.
تصوف جا مڃيل مڪتبِ فڪر چار آهن جن ۾ قادري، سهروردي،
نقشبندي ۽ چشتي شامل آهن. مختلف صوفين ۽ شاعرن الڳ الڳ طريقن کي اختيار ڪيو آهي پر
تصوف جي جيڪا صورت سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن خاص طور شاهه لطيف ۽ ان کان پوءِ وارن
ڪلاسيڪي شاعرن وٽ نظر اچي ٿي ان ۾ خالص ديسي تصوف جي جھلڪ پسي سگھجي ٿي، جنهن کي
اسان جي عالمن تصوف جو ”سنڌي مڪتبه فڪر“ سڏيو آهي. ڊاڪٽر الانا صاحب لکيو آهي ته
”تصوف جي ’سنڌي مڪتبه فڪر‘ ۾، ذات پات، مذهبي ڪٽر پڻي ۽ ٻئي انسان کي پاڻ جهڙو نه
سمجھڻ وارن اصولن جي خلاف، انساني ڀائيچاري، هر انسان کي هڪ جهڙو سمجهڻ ۽ هر ٻئي
انسان کي پيار ڪرڻ، هر جاتي، هر نسل ۽ هر قوم جي ماڻهن سان پيار ڪرڻ جهڙيون
ڳالهيون، سنڌي مڪتبه فڪر واري تصوف ۾ اهميت رکن ٿيون.“ (6)
بيدل سائين سنڌ ۾ شاعرن جي ان ڪُنبي جو اهم شاعر آهي، جن وٽ
جلال آهي ۽ جن وٽ بي ڊپائيءَ سان اناالحق جي نوا ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. “انا الحق” جي
فلسفي کي سمجھڻ لاءِ منصور هلاج کان خواجه معين الدين چشتي، سچل سرمست ۽ فقير قادر
بخش بيدل تائين هڪ وڏو سلسلو آهي ۽ انا الحق جي ان فلسفي کي خواجه معين الدين چشتي
اجميري پنهنجن هن شعر ۾ واهه جو سمجهايو آهي:
من نمي گويم انا الحق، يار مي گويد بِگو
چون نَگويم، چون مرا دلدار مي گويد بِگو
مان چوان ڪٿ ٿو اناالحق، يار ٿو چئي پيو ته چَئه
جڏ چوان مان ڪونه ٿو، دلداد ٿو چئي پيو ته چئه
(ترجمو؛ ا.د)
سچل سائين وري چيو ته:
منصوريءَ جي موج ۾ ٿو اناالحق الايان.....
اها حجت ته آهي پر جرئت به آهي. ائين ئي بيدل سائين به
فرمايو آهي ته:
ظاهر بندو، باطن مولا، برهه جي بازي پُرجهي ڪير...
(بيدل سائينءَ جو رسالو ص 245)
يا
عقل جو ويو اختيار، عشق اناالحق جو دم ماريو
(بيدل سائينءَ جو رسالو ص 251)
اها حجت، بي خودي، بي اختياري ۽ سرمستي بيدل سائين جي ڪلام
۾ جابجا نظر اچي ٿي. هن جو مشهور ڪلام آهي ته:
پاڻ تو پيدا ڪيو يا مون چَيُئي انسان ڪر
گھرجَ هئي توکي گھڻي، ڪين مان چَيُئي احسان ڪَر...
(بيدل سائينءَ جو رسالو ص 257)
تصوف جي رمز ۽ راز کي سمجھڻ مشڪل ته آهي پر آسان به
آهي....... جيئن مير علي نواز ناز چيو آهي ته:
تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجھان، آسان به آ دشوار به آ.....
هونءَ ته تصوف هڪ رويو ۽ نظريو به آهي پر اهو هڪ رستو به آهي پر ڏٺو وڃي ته اصل ۾ عمل جي دنيا
آهي. ان کي هن طرح به سمجهي سگھجي ٿو ته تصوف هڪ اهڙو درياهه آهي، جنهن جي
گھرائيءَ کي ڪناري تان بيهي ماپي ۽ ڪَڇي نه ٿو سگھجي، ان کي سمجھڻ لاءِ ان ۾ گھڙڻ
ضروري آهي.
سنڌ جي الڳ الڳ شاعرن صوفين جا اهڃاڻ ٻڌايا آهن.
لطيف سائين چوي ٿو:
صوفي چائين سَڌَ ڪرين، صوفين اي نه صلاح
ڪاٽي رَکُ ڪُلاهه، وجھه اُڇلي آڳ ۾.
(سُر يمن ڪلياڻ، داستان 5 ؛ شاهواڻي)
(مطلب صوفي وٽ تڪبر، وڏائي ۽ ڪبريائي نه هوندي آهي، اهو
ڪنهن دستار، رتبي ۽ شان شوڪت جو گھرجائو نه هوندو آهي، بلڪه ان کي پنهنجي ظاهري
غرور ۽ وڏائي کي مِٽيءَ ۾ ملائڻ ضروري هوندو آهي.... اهو صوفي جو پهريون امتحان
آهي.)
خواجه محمد زمان لنئواري واري چيو:
صوفي صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو
تنهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو
(اهو صوفي لاءِ ٻيو اصول آهي ته هن کي پنهنجي وجود جو ورق
ڌوئي صاف ڪرڻو آهي.)
ائين سچل سائين چيو:
پاڻ سڃاڻي پاڻَ کي ڳولي لهج پاڻ
پاڻ منجھان ئي پاڻ کي، پوندئي ڄاڻ سڃاڻ
مکڻ آکر هيڪڙو، سوئي کير سنڀاڻ
اهي اٿئي اهڃاڻ، ڳهلا انهيءَ ڳالهه جو
ٻئي هنڌ وري سچو هن طرح فرمائي ٿو:
پنهون پنهون ٿي ڪريان آءٌ پڻ پنهون پاڻ
اديون ٿيس اڄاڻ، جو ڪين پروڙيم پاڻ کي
(سُر سسئي)
(يعني خود شناسي
صوفيءَ جي اهم سڃاڻپ آهي...... پاڻ سڃاڻڻ، پنهنجي هستيءَ کي سمجھڻ ۽ ساڃاهڻ صوفي
لاءِ ضروري آهي، جنهن سان خود هن تي ڪيئي راز منڪشف ٿين ٿا.)
لطيف سائين وري انهيءَ نڪتي کي هن طرح بيان ڪيو:
پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
ته نه ڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪـــا ڪيچن ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تــــان
ســور هئا.
(سُر سسئي آبري، داستان 5، شاهواڻي)
بابا بلهي شاهه انهيءَ خود شناسيءَ جو سبق وري هير جي هنن
ڪيفيتن کي بيان ڪندي ڏنو:
رانجها رانجها کردي ني مين آپي رانجها هوئي
سدو ني مين نو دهيدو رانجها، هير نه آکهو کوئي
انهي تسلسل ۾ بيدل سائين به فرمايو آهي ته:
پاڻُ نه کڻج پاڻَ سان، پاڻُ سڃاڻج پاڻَ
آ ساجن توهي ساڻ، تون ڳولين ٻئي طرف ڏي.
(بيدل سائينءَ جو رسالو ص 201)
يا هڪ ڪافي ۾ فرمائي ٿو:
پاڻ پنهو تون آهين، ڪيچ وڻين ڇو ڪاهين....
(بيدل سائينءَ جو رسالو ص 236)
اختر درگاهي جي سهيڙيل “بيدل جو رسالو” ۾ هڪ تسلسل
سان بيدل سائين جي ڪلام ۾ وحدت نامي ۾ صوفين بابت ڪجهه بيت آهن، جن ۾ ڪي اهم نڪتا
بيان ٿيل آهن. مثلاً هو فرمائي ٿو:
صوفي ڏوهه نسهرو عبادت عامن
خبر نه خامن، پُختن جي پروڙ جي
(بيدل سائينءَ جو رسالو ص 195)
ظاهر ۾ ته عبادت ۽ رياضت ئي ماڻهوءَ کي صاحبِ تقوى ۽ نيڪ
بڻائي ٿي ۽ چيو وڃي ٿو ته انهيءَ عمل سان ئي راءُ ريجھي ٿو پر بيدل سائين چوي ٿو
ته اهو عام ماڻهن جو ڪم آهي. ڏوهه يا گناهه جيڪو عبادت جو ضد آهي، اهو صوفي کي
پختو بڻائي ٿو ۽ هو عبادت گذارن کي خام ۽ ڪَچو سمجھي ٿو. صوفي جي رياضت عبادت جي
محتاج ناهي...... پر ان وٽ “او ڪو ٻيو فهم آهي، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.....” واٽ
موجود آهي. اهڙي ابتاڻ بيدل سائين جي ڪن ٻين بيتن ۾ به موجود آهي جيئن:
جي تون پَسين پاڻ کي ته پيءُ جِهل جو جامُ
هو جا عبادت عامُ، سا صوفيءَ ڏوهه نسهرو
(بيدل سائينءَ جو رسالو ص 195)
هڪڙي بيت ۾ بيدل سائين فرمايو آهي ته:
صوفي سوليءَ هليا، عيد نه مڃن او،
بيراڳِن مون بُو، سدا اچي سوز جي
(بيدل سائينءَ جو رسالو ص 195)
صوفي اهو آهي، جنهن لاءِ عيد ۽ خوشي ڪا معنى نه ٿي رکي. سندس
درد سان دل لڳي هوندي آهي ۽ سدا سوز ۽ گداز جي ڪيفيت ۾ هوندو آهي. درد انسان کي رچائي،
پچائي ڪُندن بڻائيندو آهي، درد دائمي آهي، جنهن مان هر پل ماڻهو سِکي ٿو ۽ درد
سياري ۾ اُسَ جي تڙڪي جهڙو آهي، جنهن ۾ جهٽ گهڙيءَ جو مزو آهي. ان ڪري بيدل سائين
چوي ٿو ته جيڪو سچو صوفي ۽ بيراڳي هوندو ان مان سوز جي بُو ايندي. مٿين بيت جي
تسلسل ۾ بيدل سائين جو هڪ ٻيو بيت هن طرح آهي:
صوفي سدا سوز ۾، عاشق پڇن نه عيد
طالب ريءَ توحيد، ٻولي ٻولن ڪانه ٻي
(بيدل سائينءَ جو رسالو ص 195)
ائين ئي اڳتي هڪ بيت ۾ بيدل سائين انهيءَ تسلسل ۾ فرمائي
ٿو:
صوفي چائين پاڻ کي، پاڻ وڃائي ويههُ
سورن سان ڪر سيههُ، پي ڪو سرڪو سوز جو
(بيدل سائينءَ جو رسالو ص 196)
يا
صوفي کڻن نه پاڻ سان، سورن ريءَ سَمر
پيو تن ساب سفر، ڪهيا جي ڪين کڻي
(بيدل سائينءَ جو رسالو ص 196)
اهو سوز جو سُرڪو، اهو سورن جو سيهه ۽ سمر، اها درد جي هوڪَ
بيدل سائين جي کوڙ سارن بيتن ۾ عيان آهي. بيدل جي صوفي جو مقام ۽ معيار نرالو آهي.
هن وٽ تصوف هڪ رمز ۽ رياضت آهي. هو صوفي کي سدا غم جي لباس ۾ ملبوس ڏسي ٿو ۽ انهي
غم ۽ پيڙا مان هڪ سچي صوفي جا نقشَ پڌرا ڪري ٿو.
مطلب ته غور سان ڏسبو ته بيدل سائين جي ڪلام ۾ صوفي جي منزل ۽ مقام ۽ ان جي
سڃاڻپ جي اهڃاڻن جي حوالي سان ڪيئي اهم ڳالهيون نظر اينديون.
حوالا
1.
ناگپال ڪي ايس پروفيسر
”صوفي لاڪوفي“ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2008ع، ص 31
2.
مهراڻي شير ڊاڪٽر،
”لطيفيات جو تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو“
ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو، حڪومت سنڌ،2021ع ص 244
3.
دانش احسان ڊاڪٽر، ”شاهه
لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“، ثقفت ۽ سياحت کاتو، حڪومتِ سنڌ، 2016ع، ص 244
4.
يوسفاڻي معمور ، ڍوليو ڍٽ
ڌڻي (مرتب: اسد جمال پلي) مهراڻ اڪيڊمي 2003ع ص 15
5.
يوسفاڻي معمور حوالو ساڳيو ص 15
6.
الانا غلام علي ڊاڪٽر،
”انساني نفسياتي ڪيفيتن، جذبن ۽ احساسن جو ترجمان شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ شاهه
عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، 2014ع، ص 138
نوٽ: مقالي ۾ ڏنل
بيدل سائين جي شاعري اختر درگاهي جي ترتيب ڏنل ”بيدل سائين جو رسالو“ مان ورتل
آهي.
ڊاڪٽر احسان دانش
بنگلو نمبر 14، احسن ii،
جلباڻي روڊ، سچل
ڪالوني، لاڙڪاڻو
03003431374
No comments:
Post a Comment