ڊاڪٽر احسان دانش
انسان جي زندگي به ڇاهي؟ کنهبي جو چٽڪو...... پَلَ جي
آسيس..... يا پپل جو پن؟ نه ڄاڻ ڪهڙي پل اهو پَنُ اجل جي جھوٽي تي اچي پَٽِ پئي ۽
مٽيءَ سان مٽي ٿي وڃي. حياتي پپل جي پن وانگر هجي يا گلاب جي گل وانگر، آخر ان جو
انت ته اچڻو ئي آهي...... جيڪڏهن ڪنهن جو جيون گلُ گلاب آهي ته ان جي سڳنڌ هر ڪنهن
جي دل ۽ ذهن کي معطر ڪري سگھي ٿي. ان جي ڪوملتا سدا ياد رهي سگھي ٿي. ان جي ماڪ ته
وقت چورائي سگھي ٿو پر ان جي تازگيءَ جو احساس هڪ عرصي تائين زنده رهي سگھي ٿو.
اسان جو منٺار به اهڙو ئي گلاب هيو. هو زندگيءَ جي ٽاريءَ تان ڇڻيو ضرور آهي پر
اسان جي دلين مان سندس ياد جي تازگي اڃا ختم نه ٿي آهي. هُن بلڪل درست چيو هو ته:
آخر جيون مان گذري ويندا هن
پَلَ هوا جيان اڏري ويندا هن
اهو سچ آهي ته وقت جا پَرَ ڪوبه ڪٽي نه ٿو سگھي. هر پَلَ جي پنهنجي اڏارَ آهي، ان کي ڪو روڪي نه ٿو سگھي. زندگيءَ ۾ ڪي پلَ ڀونئرن ۽ پوپٽ جهڙا پيارا هوندا آهن ته ڪي ڏينڀوءَ جيان ڏنگيندڙ. هڪ شاعر انهن پلن جا پَرَ ته نه ٿو ڪٽي سگھي پر انهن کي لفظن جي زندان ۾ قيد ڪري سگھي ٿو. هڪ شاعر جڏهن مايوسين ۽ دکن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوندو آهي ۽ کيس فرار جي ڪا راهه نظر نه ايندي آهي ته هن جا لفظ هن طرح تڙپي اٿندا آهن:
هڪ درد هيو دل جي اندر، هڪ آڳ هئي هن ڇاتيءَ ۾
افسوس جو هڪڙو لمحو ڀي سُک ساڻ ڪٽيو نه حياتيءَ ۾
اها هڪ بيچين روح جي صدا آهي.
زندگيءَ جي فلسفي جو نچوڙ آهي، اذيت جي پلن جي ڪٿا آهي ان شعر ۾، ساغر صديقي به
شايد ڪجھ اهڙي ئي ڪيفيت مان گذرندي چيو هو ته:
زندگي جبرِ مسلسل کي طرح کاٹي
هے
جاني کس جرم کي پائي هي سزا ياد نهيں
پر اياز گل جو هي شعر مايوسيءَ کان زندگيءَ ڏانهن موٽائي
ٿو ته:
مرڻ ڪو مسئلو نه آهي پرين،
وڏي ڳالهه آهي گذارڻ حياتي.
منٺار سولنگيءَ وٽ به رڳو رجائيت ۽ مايوسي ناهي. هن جي
لفظن ۾ اميد جا سورج به چمڪن ٿا. هن رڳو حياتيءَ جي وههُ نه چکي هئي پر زندگيءَ جو
گيت به گنگنايو هو.
گيتُ ڦهلاءِ روشنيءَ وانگي
جو لڳي دوست زندگيءَ وانگي
زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ ڏيندڙ ۽ سدائين مُرڪي ڳراٽي پائي
ملندڙ اسان جو دوست منٺار سولنگي سچ ته هڪ مٺڙو ۽ محبوب ماڻهو هيو. ڏک سُک جي اُسَ
ڇانوَ ۾ گھاريندي هن هڪ متحرڪ زندگي گذاري. هو دوستي ۽ تعلقداري کي نڀائڻ ڄاڻيندو
هو. سچ ته هو انيڪ انسانن جو محسن ۽ هڏ ڏوکي هيو. مونکي ذاتي طور خبر آهي ته هن
الائي ڪيترن موقعن تي هڙئون وڙئون ڏئي به دوستن ۽ سنگتين جو مانُ مٿاهون ڪيو. هن
ڪڏهن به دوستن جي دکن ۾ تنها نه ڇڏيو ۽ سدائين سڏ ۾ سڏ ڏنو. اهڙو اظهار هن پنهنجي
شعر ۾ به ڪيو آهي:
تو سڏيو منٺار کي پهتو اچي
پير اُنَ جا ٿي پيا آنڌي هيا
منٺار پنهنجي زندگيءَ ۾ خوشي ۽ خوشحالي جا انيڪ پَلَ ڏٺا
پر سندس اندر ۾ ڪو اونهو درد هيو، جيڪو وري وري اُٻڙڪا ڏئي سندس شعرن مان جھلڪا
ڏئي ٿو.
آس جي ٽياس تي، آهيان آءٌ ٽنگيل
مونکان آهه کسيل، سپنو هر هڪ سُک جو
............
هر گھڙي
شمشان جيان گذري پئي
زندگي زندان جيان گذري پئي
پر اِها شمشان ۽ زندان جهڙي زندگي سدا نه هوندي آهي.
حياتيءَ جا پَلَ ۽ پهر به منَ جي موسمن وانگر مٽبا ئي رهندا آهن. تنهن ڪري منٺار
جي مَنَ تي اتساهه جا بادل وسندي اميد جا ڦولَ به ڦلارين ٿا ۽ هو چوي ٿو ته:
حالتون رهنديون نه آهن هڪ ڪريون
دوست تون سوداءُ ڇالئه ٿو ڪرين
اها اميد پرستي ان نراسائيءَ جي ڏائڻ جو دم گُھٽي ڇڏيندي
آهي، جيڪا وقت بوقت انسان کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي آهي.
منٺار سولنگيءَ جي شاعريءَ ۾ اهڙين ڪيفيتن جون لهرون
اڀرندي ۽ لهندي محسوس ٿين ٿيون. هو شاعريءَ جي مختلف صنفن غزل، نظم، وائي، بيت،
دوهي ۽ هائيڪي ۾ پنهنجي اندر جي اڌمن کي آرٽسٽڪ انداز ۾ بيان ڪري ٿو. هن جي
شاعريءَ ۾ ڌرتي ۽ سرتي گڏ گڏ نظر اچن ٿيون. هو جتي سرتيءَ جي سونهن تي نغما سرجي
ٿو اُتي کيس ڌرتيءَ جو درد به ستائي ٿو. هڪ پاسي هن جا ههڙا ويچار آهن ته:
جيسين من جي مونجھ ختم ٿي، تيسين ترسي پئهُ،
ٿڌڙو ٿڌڙو بادل بڻجي، من تي برسي پئه
...........
منٺار جا سارا گيت غزل
تنهنجي سونهن جا سائين سهرا هن
...........
عشق جو سارو ڪتابُ آهي پيو
مون پڙهيو آ مس اڃان هڪڙو ورق
ته ٻئي پاسي هو چوي ٿو ته:
سَنڌُ سَنڌُ سِنڌُ جو ساڻو آهي، وک وک گھات ۽ گھاڻو آهي.
يا
لاش لهوءَ ۾ ڦٿڪن ٿا، سانگي سارا سڏڪن ٿا.
رتُ جي بوءِ ڀٽن ۾ آهي، ڌرتي آ شمشان قلندر
اهو درد جيڪو وطن جي مٽيءَ سان سلهاڙيل آهي سو منٺار جي
شاعريءَ ۾ وري وري اڀري اچي ٿو. هو سماجي بي حسي، ڦر لٽ ۽ ارهه زورائي تي پنهنجي
شاعريءَ وسيلي احتجاج رڪارڊ ڪرائي ٿو. هن جي شعرن جون کوڙ سٽون هڪ دور جي بي
انصافي ۽ ٻه اکيائيءَ جو منظوم رڪارڊ آهن.
اڳ ته هلاڪو هيو، ان کان پوءِ چنگيز
هي ته انهن کان تيز، آهن پنهنجا ڀائڙا
...........
سنڌي ڳالهائي، رائيفل ٿو تاڻين،
نه ٿو سڃاڻين، وحشت ۾ تون ڀاءُ کي
...........
ڌارين کان ڇالئه ڊڄون، پنهنجا هن ڪافي
بڻجي جي هاٿي، لتاڙن ٿا لوءِ کي
...........
چيائون ته باغي هي منٺار آ
انهيءَ لاءِ رهندو هي زيرِ عتاب
منٺار پنهنجي دور جي بيوس ۽ بي زرر انسان کي جڏهن مسئلن
جي طوفان ۾ ڦاٿل ڏٺو ته امالڪ چئي ڏنو:
هر ڏسا هر موڙ تي طوفان آهي
وچ ۾ ڦاسي پيو انسان آهي.
پر منٺارَ وٽ ان طوفان ۾ ڦاسي پيل انسان جي آجپائيءَ جو
رستو به آهي ۽ هن جي نظر ۾ اهو رستو ڀٽائيءَ جي ڪنجڪ وٺي حاصل ڪري سگھجي ٿو. چوي
ٿو:
جي ٿو چاهين زندگيءَ ۾ آجپائي
ته پڙهه وري ها پڙهه وري ٻيهر ڀٽائي
اهو سچ آهي ته ڀٽائي جي فڪر ۽ ڪلام ۾ نجات جا کوڙ رستا
آهن. ايڪويهين صديءَ جي پُر آشوب زندگي لطيف کان رهنمائي حاصل ڪري سگھي ٿي. شاهه
جي شاعري اسان کي هزار طوفانن مان ٻاهر ڪڍي سگھي ٿي. اها هڪ اهڙي لاٽ آهي، جنهن
سان اسين نه رڳو واٽ پر منزل کي به پسي سگھون ٿا. شاهه جو رستو امن ۽ محبت جو رستو
آهي، ان وسيلي اسين انتشار ۽ پريشانيءَ کان آجپائي حاصل ڪري سگھون ٿا. ان مان اسان
کي اڳتي وڌڻ جو حوصلو ۽ زندگيءَ جو ولولو ملي ٿو. اهو شاهه ئي آهي جيڪو چوي ٿو.
ڇڄ مَ قطاران، ساٿ چڙهندو لڪئين
مڇڻ ٿئين پُئان، وڳ واٽ ئي نه لهين.
منٺار سولنگي جديد سنڌي شاعريءَ جي قافلي جي قطار جو هو
سهڻو ڪوي هيو، جنهن پنهنجي حصي جو تخليقي پورهيو ڪري پنهنجو فرض نڀايو. هو اسان جي
ڪرب ناڪ سماج جو هڪ فرد هيو. هن جا داخلي درد پنهنجي جاءِ تي پر هن سماج ۾ ٿيندڙ
اٿل پٿل ۽ خارجي درد کي به شدت سان محسوس ڪيو ۽ ان جو اظهار پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو.
هو هڪ انسان هيو ۽ انسان خطا جو پتلو آهي. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ارڏو ۽ ائٿرو به
هيو پر عبدالغفار تبسم چواڻي ”هو پنهنجي اوڻاين کي فراخدليءَ سان قبول ڪندو هيو.“
سچ ته اهو آهي ته انسان ڪيئن به هجي ۽ ڪيترو به اڻ پورو ڇونه هجي، پر موتُ ان کي
مڪمل ڪري ڇڏي ٿو. جي ائين نه هجي ته جيئري دوست به ساٿ نه ڇڏي وڃن ۽ مُئي پڄاڻان
دشمن به نوحا ڪنان نه هجن. منٺار ان ماجرا کان چڱي پر واقف هيو ان ڪري اڳ ئي چئي
ويو.
جيستائين هو زنده آڱريون ماڻهن کنئيون
۽ مرڻ کانپوءِ وري منٺار ئي منٺار هو.
منٺار سولنگي جي شاعري جي فني حوالي سان اوک ڊوک جو هي
وقت ناهي، البته مونکي هن جو ڪتاب ”آءٌ اڪيلو راهن ۾“ ڇپجڻ جي بيحد خوشي آهي. جيڪو
ڪمين ڪوتاهين ۽ پروف جي چُڪن باوجود هن جي هڪ شاعر واري سڃاڻپ جو ڀرپور حوالو
بڻبو. ان لاءِ مان پنهنجي ڀائٽيي ڪاشف منٺار کي جَسُ ڏيان ٿو، جنهن پنهنجي والد جي
ادبي پونجيءَ کي پنهنجي هڙان خرچ ڪري پڌرو ڪيو آهي.
مون شروع ۾ ڳالهه ڪئي هئي ته منٺار گلابَ جو گل هيو اڄ
اهو گل نئين ديري جي قبرستان ۾ الائي ڪيترن ڪنڊن ۽ گلن سان گڏ سُتو پيو آهي پر ان
جي سڳنڌ تي سڄي سنڌ جي ادبي گلستان جا انيڪ پوپٽ اڄ اچي هن اڱڻ تي پهتا آهن.
منٺار! منهنجا دوست تنهنجي سرهاڻ اسان جي دلين ۽ ذهنن ۾ سدائين رهندي.
ڇو گلن سان ساڻ آهين
تون ته خود سرهاڻ آهين
(منٺار اڪيڊمي نئون ديرو طرفان 15 جون 2019 تي منٺار
سولنگي جي ڪتاب ”آءٌ اڪيلو راهن ۾“ جي مهورت ۽ سالگرهه تقريب ۾ پڙهيل)
No comments:
Post a Comment