Saturday, 9 August 2025

پاراتو ـــ تاريخ جي جبر جي ڪهاڻي ـــ ڊاڪٽر احسان دانش

 

ڊاڪٽر احسان دانش


پاراتو ــــــــــــ تاريخ جي جبر جي ڪهاڻي

 

سرائڪي ٻولي، ملڪ جي مٺڙين ٻولين مان هڪ آهي، اها منهنجي ماءُ جي زبان آهي، ان ڪري مون کي ڏاڍي پياري آهي. منهنجو تعلق موهن جي ماٿريءَ جي جديد شهر لاڙڪاڻي سان آهي، اها الڳ ڳالهه آهي ته مون کي پنهنجي قديم شهر ۽ عظيم تهذيب سان پيار آهي. لاڙڪاڻو طبعي طور سنڌ جي اتر يا سري واري حصي ۾ آهي، تنهن ڪري هتي ڳالهائجندڙ سنڌي ٻوليءَ جي لهجي کي اترادي يا سرائڪي سڏيو ويندو آهي ۽ هونءَ به هن علائقي ۾ سرائڪي ٻوليءَ جو به گهڻو واهپيو آهي. سرائڪي ٻوليءَ ۾ لکيل ناول ”پلوتا“ جنهن جو چرچو ڪجهه عرصو اڳ سوشل ميڊيا تي محسوس ڪيو هيم، سو ناول نگار سليم شهزاد جي توسط سان تازو ئي پڙهڻ جو موقعو مليو. اهو هن ناول جو سنڌي ترجمو هيو، جيڪو نامياري سنڌيڪار ننگر چنا ڪيو هو. اهو ترجمو جيڪو ”پاراتو“ جي نالي سان ڇپجي هن وقت اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي، اصل ۾ هڪ علامتي ناول آهي، جنهن ۾ اوهان کي سنڌو تهذيب جي ڪهاڻي نظر ايندي. ان کان اڳ جو مان ناول تي ڪجهه وڌيڪ لکان، دل چاهي ٿي ته سرائڪي ادب ۽ خاص طور سرائڪيءَ جي ڪلاسيڪي ادب بابت ٻه ڳالهيون اوهان سان ونڊيان.

ڪجهه سال اڳ ملتان ۾ ٿيل هڪ انٽرنيشنل صوفي ڪانفرنس جي هڪ سيشن ۾ حفيظ خان صاحب سان گڏ اسٽيج تي ويهڻ جو موقعو نصيب ٿيو ۽ ساڻس ٻه ٻول ٻوليا ته هن بنان دير جي پنهنجن اڌ ڊزن کان مٿي ڪتابن جي عنايت ڪئي، جن مان هڪ ڪتاب هيو ”ملتان نصف جهان“. ان ڪتاب ۾ ملتان جي تاريخ، تهذيب ۽ عظمتن جي ڪهاڻي بيان ٿيل هئي. سرائڪي وسيب عظيم تهذيب جي جاءِ ۽ تاريخي طور علم ۽ ادب جو گھوارو رهيو آهي. اها خواجه فريد جي ڌرتي آهي جنهن محبوب کي پنهنجو دين ۽ ايمان بڻائي ڇڏيو هو:

ميڈا عشق وي توں ميڈا يار وي توں

ميڈا دين وي توں ايمان وي توں

اها باهو جي ڀون آهي، جيڪو هڪ نرالو شاعر هيو ۽ عشق کي ايمان تي ترجيح ڏيندو هو:

ايمان سلامت هر کوئي منگے عشق سلامت کوئي هو

مان سمجهان ٿو ته جيئن شاهه لطيف ۽ شاهه حسين جو درد هڪ آهي تئين ئي سرائڪي وسيب ۽ سنڌ ڌرتي جو دکُ به ساڳيو آهي. غاصبن، رهزنن ۽ قبضاگيرن جون جهڙيون ڪاهون ملتان تي رهيون تهڙيون ئي ٺٽي تي به رهيون. ان ڪري سرائن ۽ سنڌين جي دُکَ ۾ ڪو فرق نه آهي ۽ درد جو رشتو ڏاڍو مضبوط ٿيندو آهي. مون جيئن سنڌي ليکڪن شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، علي بابا، نجم عباسي، امرجليل، سراج، آغا سليم ۽ ابراهيم منشي جي لکڻين ۾ ڌرتيءَ جو درد دُکندي محسوس ڪيو آهي ائين ئي حفيظ خان، اسلم انصاري، رفعت عباس، شاڪر شجاع آبادي ۽ سليم شهزاد جهڙن ليکڪن جي تحريرن ۾ به ڏٺو آهي. سليم شهزاد جو هي ناول ”پاراتو“ به اصل ۾ انهيءَ دُک جو تسلسل آهي، جيڪو ازل کان هن ڌرتيءَ جو نصيب رهيو آهي.

سرائڪي ٻوليءَ ۾ ناول اڃا بانبڙا پائي رهيو آهي، ناول جي ان ارتقائي مرحلي ۾ سليم شهزاد جهڙي برجستي شاعر ۽ نثر نگار هن وقت تائين ٻه ناول لکي پنهنجو حصو ڳنڍيو آهي. هن کان اڳ سندس پهريون ناول ”گھاڻ“ پڻ مقبوليت ماڻي چڪو آهي، جنهن تي اسان جي دوست نامياري مبصر ۽ نقاد ممتاز بخاري به ڏاڍو سٺو تبصرو ڪيو هو. سليم شهزاد سرائڪي، پنجابي ۽ اردو ٻولين ۾ ڀرپور نموني لکندو رهيو آهي. ذڪر هيٺ آيل سندس ناول ”پلوته“ سڀ کان پهريان سرائڪي ٻوليءَ ۾ 2017ع ۾ پڌرو ٿيو ۽ ٻن سالن بعد 2019ع ۾ اهو ناول ساڳي نالي سان اردو جي نامياري افسانه نگار، ناول نويس ۽ مترجم نجم الدين ترجمو ڪيو، جنهن جو سنڌي ترجمو ”پاراتو“ اوهان جي هٿن ۾ آهي.

هن ناول جي ڪهاڻي تاريخ جي ستم جي ڪهاڻي آهي جنهن کي سليم شهزاد علامتي انداز سان بيان ڪيو آهي. علامتي ناول لکڻ جون پنهنجون تقاضائون ته آهن پر ان جي مشڪلاتن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي. سليم صاحب ٽيڪنيڪلي ناول سان خوب نڀايو آهي. هن ناول جي ڪهاڻي هر ان مظلوم قوم جي ڪهاڻيءَ آهي، جنهن تي بي گناهه ڏاڍ جا ڏونگر ڪيرايا ويا آهن، جنهن تي ظلم جا واهڙ وهايا ويا آهن. جيڪڏهن ان علامتي ڪهاڻي کي سنڌو ماٿر جي تاريخ ۽ سنڌ جي ماڻهن تي هزارين سال اڳ ڪيل ڪاهه سان جوڙيو وڃي ته بي جا نه ٿيندو. هن ناول ۾ اهڙي هڪ چٽي علامت پنج هزاري وڻ آهي ۽ اسان جي موهين جي دڙي جي تهذيب به پنج هزار سال پراڻي آهي. اردو ۽ سرائڪي زبان جي ناليواري ليکڪ حفيظ خان هن ناول کي سرائڪي وسيب جي پنجن هزار سالن جي تاريخ ۽ ملتان تي حمله آواري جي ذڪر سان ڳنڍيو آهي. هن ناول جي ڪهاڻي جو مرڪزي ڪردار پنج هزاري وڻ ئي آهي، جنهن بابت ليکڪ گھڻو ڪجهه ٻڌايو آهي. بظاهر اهو وڻ آهي پر علامتي طور هڪ تهذيب جو اهڃاڻ آهي. سليم شهزاد هڪ باب ۾ لکي ٿو ”اُتان جا آدي واسي پنجَ هزاريءَ کي پاڪ به مڃيندا هيا، انهيءَ جي عزت به ڪندا هيا ۽ اُهي کيس پنھنجو رکوالو سمجهندا هيا ۽ِ اهو به مڃيندا هيا ته هڪ ڏينھن ڌارين کان اِهوئي سندن جِندُ ڇڏائيندو، ڇو جو اِهو اڃا تائين سندن اڳيان ڇاتي تاڻيون بيٺو آهي.“ سندن اميدن مطابق پهرين ڪاههَ ويل پنج هزاري وڻ وستيءَ وارن کي پنهنجي پنن ۾ ويڙهي پناهه به ڏني هئي، پر ان وستيءَ تي ظلم جو طوفان رڪيو ڪونه هو. پنج هزاري جو پن ڪڏهن پيلو نه ٿيو ۽ جي ٿيو ته به هن ان کي زمين تي ڪرڻ نه ڏنو ۽ پاڻ ئي ڳِهي ويو.

جڏهن ان دور ۾ پنج هزاري تهذيب جي مرڪز ۾ رهندڙ پُر امن ماڻهن تي ڌارين لٽيرن جي ڪاهه ٿي هوندي ته ان جو منظر بلڪل اهڙو ئي هوندو جهڙو سليم شهزاد پنهنجي هن ناول ۾ هنن لفظن ۾ چٽيو آهي: ”چوڌاري گهوڙا، ترَاروُن، ڍالون، نيزا، ڀالا ائين پيا هلن جو ڄڻ ته جي اڄ رَت نُه وهيو ته پوءِ ڀوُنء اِڃُاري مري ويندي. رَتَ جي واهنَ ۾ مئُلَ ماڻهو وهنجي رهيا آهن. ڪو ڪنھن جو لحاظ نه ٿو ڪري. هر ڪوئي پنھنجو پاڻَ کي بچائڻ  ۽ اڳلي کي مارڻ ۾ رڌُو پيو آهي. ترَارُنِ کي به ساهي پَٽڻ جي وِٿي نه ٿي ملي. چوڌاري هُلُ .... رڙَيوُن .... ٻوڪاٽَ ..... ٻارن جو روئڻ ..... ڪِيھُون .....

ناول جي هڪ باب ۾ سليم شهزاد انهن لٽيرن جو هن طرح ذڪر ڪيو آهي: ”زمين رَتَ ۽ لاشنَ سان ڀرَي پئي هئُي ۽ تيرن، ترَارُنِ کان بچَندڙ، ڀڄَندڙ ماڻهن جي پويان ڪيئي ڌاڙيلَ گهوڙا ڀڄائيندا ٿا وڃن.“ اهي ڌاڙيل جيڪي هن ڌرتيءَ تي ڪيئي صديون اڳ ڌاڙو هڻڻ آيا هئا، اهڙا ئي ڌاڙيل سنڌ تي هر دور ۾ ڪاهيندا رهيا آهن، سندن گھوڙن جون ٽاپون سدائين خوف جي علامت رهيون آهن. سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي دور ۾ ته ”گھوڙا ڙي گھوڙا“ خوف ۽ قهر جو استعارو بڻجي ويو هو. اهي ڌاڙيل اڄ تائين ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ موجود آهن ۽ اڄ به انهن جي گھوڙن جا سنب مظلوم ماڻهن جي سينن کي چيڀاٽي ۽ چٿي رهيا آهن. سليم شهزاد جي هن ناول ”پاراتو“ ۾ ڪمال جي منظر نگاري نظر اچي ٿي... ’درد، دانهون، ڪيهون، مظلوم ۽ بيوس ماڻهن جون پڪارون، بي جرم سزائون، تلوارون، ڀالا، رهزنن جا حملا، لتاڙ، گھوڙن جا سنب.....‘ منظر ناهي ڄڻ قديم سنڌ جو نقشو آهي.

هي ناول ڪنهن ڪولاج وانگر آهي، جنهن ۾ ناول نگار مختلف ٽڪرن (بابن) کي آرٽسٽڪ انداز ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، بظاهر اهي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل نه ٿا لڳن، هن ناول جا اهي باب ڄڻ ڪي ڳجھارتون آهن، پر تنهن جي باوجود ناول جي ڪهاڻي پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿي، ڇوته ان جي هر باب ۾ هڪ تجسس ۽ حيرت موجود آهي. سليم صاحب هي ناول لکندي پڙهندڙ کي ٿَڪائي نه ٿو ۽ ننڍن ننڍن، جملن ۽ مختصر بابن وسيلي مقصد جي ڳالهه ڪري هڪ تجسس ۽ حيرت ڇڏي اڳتي ٻئي باب ڏانهن وڌي وڃي ٿو، اها ئي تجسس ۽ سوال جي ڇِڪَ پڙهندڙ کي هن ناول سان گڏ هلڻ تي مجبور ڪري ٿي. ناول ۾ ان تجسس، مسٽري ۽ اسرار جا ڪيئي مثال موجود آهن جيئن تيز رڙ اڀرڻ، وڻ مان نڪرندڙ پاڇو ۽ پاڇي تي ڦهنگ پوڻ، ٻن پوڙهن جون پاڇن بابت ڳالهيون ۽ پاڇن جو سندن ڀرسان واءُ وانگر تيز گذرڻ، خميس واري جھڙُ جو ڏهه ڏينهن تائين بيٺو رهڻ ۽ ماڻهن جو ڪنهن وڏي آفت کان خوف زده ٿيڻ، پنج هزاريءَ جا ڳوڙها ڳڙڻ وغيره وغيره. ناول جا ڪي چيپٽر ڳجهه جي ڳنڍ وانگر آهن، جيڪي هڪ ڀيرو پڙهڻ سان نه کُلندي. انهن بابن جي کولِ وري اڳتي ڪنهن باب ۾ ٿئي ٿي.

ناول ”پاراتو“ جي مختلف بابن ۾ هڪ ليکڪ جو ڪردار وري وري اُڀري اچي ٿو، جيڪو سوچي ٿو، تڙپي ٿو ۽ ان سچ کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪجهه لکڻ چاهي ٿو. اهو ڪردار ڪڏهن خود ڪلامي به ڪري ٿو.... پاڻ کان ئي سوال ڪري ٿو ۽ پاڻ ئي جوابَ ڏئي ٿو. اهڙي طرح هن ناول ۾ ڪيترائي ڪردار آهن پر ڪردارن جا نالا نه آهن. ناول ۾ قلم ۽ مَس جو ذڪر به گھڙي گھڙي اچي ٿو. اهي سڀ ناول ۾ موجود گھريون علامتون آهن، جن پٺيان هڪ معنى آهي، ان معنى جو شعور ئي قاري کي هن ناول جي روح تائين رسائي سگھي ٿو.

سليم شهزاد پنهنجي هن ناول ۾ در حقيقت تاريخ سان هم ڪلام آهي. سچ ته هي ناول دنيا جي سمورين مظلوم، محڪوم ۽ پُر امن قومن جي ڪهاڻي آهي، جن تي غاصب، قابض ۽ ڌاريا وحشي حملي آور ٿي کين لٽيندا رهيا آهن. ان طرح هي ناول مقاميت کان وڌي بين الاقواميت سان جُڙيل محسوس ٿئي ٿو. هي ناول اسان جي تهذيب جي زوال جي ڪهاڻي به ٻڌائي ٿو. هن ۾ ڌرتيءَ ڌڻين سان ٿيل ويڌن جو پوتاميل بيان ٿيل آهي. خوف جي فضا ۾ ويڙهيل انسانن جو ڪهڙو حشر ٿئي ٿو، سو هن ڪهاڻي ۾ پڙهي سگھجي ٿو. ڌرتيءَ کي ڇڏي سِرُ بچائڻ ۽ ڌرتيءَ خاطر جان قربان ڪرڻ ٻه تصور آهن، جن کي سليم شهزاد پنهنجي ناول ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي:

” ماتا ۽ ڌرتي ڀلا ڪو ڇڏيندو به آهي !

”ها، ڪنھن ويل اَها ڇڏڻي به پوندي آهي، جي حالتون اهڙيون بڻجي وڃن ته .

” ڀُونءِ ڇڏڻ سان جي ماڻهو بچي ويندو هجي ته پوءِ اها ڇڏي ڏيڻ گهرجي.“

” ڀُونءِ ته وري به ملي پوندي آهي، جيون ناهي ملندو.

” جيون ڀُونءِ کان مٿانهو ن ناهي هوندو. جي جيون ڏني ڀُونء بِچندي هجي ته انهيءَ ڳالهه کان وڌَ ِٻي ڪا به ڳالهه ناهي.

مختصر لفظن ۾ ڳالهه ڪجي ته سليم شهزاد جو هي ناول ”پاراتو“ تاريخ جي جبر جي ڪهاڻي آهي، جنهن کي علامتي انداز ۾ لکڻ ۾ هو ڪامياب ويو آهي. هن ناول جو سنڌي روپ به وڻندڙ آهي، جنهن لاءِ ناليواري مترجم ننگر چنا کي جَس هجي، هن وَسُ ڪري هن ترجمي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نج لفظن کي ڪتب آندو آهي. جيئن خبر بدران سُڌِ، درد بجاءِ اهنج، بهادر بدران ڪنڌار، طرح طرح بدران ڀانت ڀانت، گونج بدران پڙاڏو، گھڙيءَ بدران ٽاڻو وغيره لفظ ڪم آندا اٿائين، جنهن سان هي ناول سنڌي پڙهندڙن کي سولو ۽ پنهنجو محسوس ٿيندو. سليم شهزاد جو هي ناول ”پاراتو“ اصل ۾ تهذيب جي بقا جو جواز پيدا ڪرڻ لاءِ لکيل آهي، پر سوال آهي ته اهو پاراتو ڇو  مليو جنهن سبب سڀ ڪجھه برباد ٿيو. سوچجي ته ان پاراتي جو ذميدار شايد انسان پاڻ ئي آهي، جيڪو پنهنجي وجود جي بقا کي نقصان پهچائي رهيو آهي. هڪ مسٽري سان شروع ٿيل ناول انهيءَ مسٽيريس انداز ۾ اڳتي وڌندو اختتام تي پهچي ٿو ۽ پڙهندڙ لاءِ انيڪ سوال ڇڏي وڃي ٿو. سوال جيڪي اسان جي تاريخ ۽ تهذيبَ سان جُڙيل آهن. مان هن ناول لکڻ تي محترم سليم شهزاد کي جَس ڏيان ٿو ۽ محترم ننگر چنا کي به داد ڏيان ٿو، جنهن هن ناول کي سنڌيءَ جو روپ ڏئي سنڌي ادب جي جھوليءَ ۾ ڏاڍي پيار سان رکيو آهي.

 

ڊاڪٽر احسان دانش

21 نومبر 2021

لاڙڪاڻو

No comments:

Post a Comment