ڊاڪٽر احسان دانش
ٻارن جي شاعريءَ جي اهميت ۽ مختيار سمي جي
ٻارن لاءِ شاعري
اهو جملو اسان سو ڀيرا ٻڌو هوندو ته “ٻارن لاءِ لکڻ ڏکيو
آهي.” پر سوال آهي ته ڪيئن؟ ٻارن لاءِ لکڻ ته سولو هجڻ کپي، جو ٻارن لاءِ لکڻ لاءِ
سادي ٻولي ڪتب آڻڻي پوندي آهي ۽ سادا خيال، عام دلچسپي جون ڳالهيون ۽ نصيحتون اهڙي
شاعريءَ جو خاص موضوع هوندا آهن. ٻارن جي شاعريءَ ۾ ٻارن جي تعليم تربيت ۽ وندر کي
خاص طور ذهن ۾ رکيو ويندو آهي. اهي سڀ ته ساديون ۽ سوليون ڳالهيون آهن ته پوءِ
ٻارن لاءِ لکڻ ڏکيو ڪيئن ٿيو؟ ٻارن کي سمجھائڻ لاءِ نه ڪنهن فلسفي کي بيان ڪرڻ جي
ضرورت آهي نه ڪنهن ڳوڙهي خيال جي مٽي ڳوهڻ جي گھرج، نه ڪنهن فن جا شاهڪار تخليق
ڪرڻا آهن نه ئي فڪر ۽ خيال جي بلندين کي ڇهڻو آهي. مان سمجھان ٿو اهو جملو ته
“ٻارن لاءِ لکڻ ڏکيو آهي” اهي ئي ليکڪ چوندا آهن جن کي ٻارن لاءِ لکڻو ئي نه هوندو
آهي. اهڙن ليکڪن وٽ هڪڙي جسٽيفڪيشن اها هوندي آهي ته “ٻارن لاءِ لکڻ وقت ليکڪ کي
ٻار ٿيڻو پوي ٿو، جيڪا ڏکي ڳالهه آهي.” منهنجي خيال ۾ ڪو به ليکڪ جوان جماڻ پيدا
نه ٿيندو آهي ۽ هر ليکڪ ٻين ماڻهن وانگر ئي پهريان ٻار، پوءِ جوان ۽ پوءِ پوڙهو
ٿيندو آهي ۽ ٻاراڻي وهي جون شرارتون ۽ رانديون، اهو بي فڪري وارو دور، ڪڏهن به ڪو
وساري نه ٿو سگھي. وسارڻ ممڪن ئي نه آهي. هونءَ به پوڙهائپ جي آخري حد تائين به
ماڻهوءَ جي اندر ۾ هڪ ٻار جيئرو رهي ٿو، ڪي ماڻهو مصنوعي طور ان کي ماري يا سمهاري
ڇڏيندا آهن، پر اهو سچ آهي ته هر ماڻهوءَ جي من ۾ ٻار موجود هوندو آهي، جيڪو ڪڏهن
نه ڪڏهن من مان ليئاڪا پائيندو آهي... ان ڪري اهي ليکڪ جيڪي اهو چئي ٻارن لاءِ لکڻ
کان لنوائيندا آهن ته “ٻارڻو ادب لکڻ لاءِ ٻار ٿيڻو پوي ٿو ۽ اهو ڏاڍو ڏکيو آهي.” سي
اصل ۾ ٻاراڻو ادب تخليق ڪرڻ کان فرار حاصل ڪن ٿا. ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي مختيار سمي جي
ڪتاب ”گلن جهڙي شاعري، پوپٽ جهڙا ٻار“ جي ٻن اکرن ۾ درست لکيو آهي ته “ٻارن لاءِ
لکڻ ۾ ڪيڏو نه مزو آهي! پر ٻار بڻجي لکڻ ۾ اڃا به وڌيڪ مزو آهي، ۽ اهو مزو ڪنهن
ڪنهن جي حصي ۾ ئي ايندو آهي.”
اها ڳالهه بيشڪ درست آهي ته ٻارن لاءِ لکڻ وقت ليکڪ ڪجهه گھڙين لاءِ پاڻ کي ٻار ڪري ڇڏيندو آهي يا ٻاراڻي وهي ۾ پاڻ کي فريز ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ائين ڪرڻ سان هن جي تخليق ۾ حسن پيدا ٿيندو آهي. ٻاراڻي ٻولي هون ئي سادي ۽ سولي آهي. ٻارن وٽ بناوٽ ۽ ڏيکاءُ نه هوندو آهي، هو هر وقت سکڻ چاهيندا آهن کين سيکارڻ جو هڪ سٺو ذريعو ٻارن لاءِ ڪيل شاعري يا ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون آهن. جيتوڻيڪ اسان جنهن صدي ۾ پير پائي چڪا آهيون، ان کي آرٽيفيشل انٽيليجنس يا مصنوعي ذهانت جي صدي سڏيو وڃي ٿو، جتي سائيبر ورلڊ ۾ روز نوان لقاءَ ڏسڻ لاءِ نظر اچن ٿا ۽ ٻار به تعليم جي جديد ذريعن مان فاعدو وٺڻ چاهي ٿو پر بد قسمتيءَ سان اسان ڊجيٽلائيزيشن واري دور ۾ پنهنجي ٻارن لاءِ ڪجهه خاص نه ڪري سگھيا آهيون. اسان وٽ ٽي وي ۽ انٽرنيٽ تي ٻارن لاءِ سنڌيءَ ۾ اهڙو ڪو مواد موجود ناهي، جنهن وسيلي هو سکي سگھن ۽ سندن ذهني تربيت ٿي سگھي. ان جو به هڪ بنيادي سبب ٻارن لاءِ لکجڻ جي شرح گھٽجڻ آهي. اڳي جڏهن اسان ننڍا هئا سين ته ٻارن لاءِ رسالا ۽ ننڍڙا ننڍڙا ڪتاب عام جام شايع ٿيندا هئا پر هاڻي صورتحال بنهه مختلف آهي. ائين به ناهي ته هاڻي ٻارن لاءِ لکندڙ رهيا ئي ناهن پر ايترو ضرور آهي ته انهن ۾ گھڻي گھٽتائي آئي آهي. ان سڄي پس منظر ۾ جڏهن اسان محترم مختيار سمي جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعري جو مطالعو ڪريون ٿا ته انتهائي سرهائي ٿئي ٿي.
مختيار سمون 1974ع ڌاري لکڻ جي شروعات ٻارن جي شاعريءَ سان
ڪئي. ان وقت هن جي عمر 14 سال هئي ۽ ٻارن لاءِ سندس شاعريءَ جو پهريون ڳٽڪو “دنيا
آهي گول” 1983ع ۾ شايع ٿيو، جڏهن هو ٽيويهه سالن جو نوجوان هو. جڏهن ته هن جو ٻارن
لاءِ شاعريءَ جو ٻيو مجموعو “ڌرتي روشن ٿيندي” 1990ع ۾ ڇپيو جڏهن هو ٽيهن سالن جو
ٿي چڪو هو. انهن ٻنهي مجموعن تي کيس تمام سٺي موٽ ملي ۽ سنڌ ۾ هو کي ٻارن جي شاعر
طور سڃاڻجڻ لڳو. جيتوڻيڪ مختيار صاحب جو ناليج سينٽر کان انڊس اسڪول تائين اڄ به
مختلف عمرين جي ٻارڙن سان ساٿ ۽ سٻنڌ قائم آهي ۽ اڄ تائين هزارين ٻار سندس تعليم
تربيت هيٺ جوان ٿيا آهن پر هن جي ٻارن جِي شاعر واري بنيادي سڃاڻپ اڄ تائين ڌنڌلي
نه ٿي آهي. ٻارن جيِ شاعريءَ تي مشتمل مٿين ٻن ڪتابن کان پوءِ مختيار صاحب 2015ع ۾
ٻارن جي شاعريءَ جو مجموعو “گلن جهڙا ٻار، پوپٽ جهڙي شاعري” ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻي
طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ته کيس سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران ٻارن لاءِ لکيل
سال جي بهترين ڪتاب جو ايوارڊ به مليو.
مختيار سمي جِي ٻارن لاءِ لکيل شاعريءَ جي مطالعي مان معلوم
ٿئي ٿو ته هن ٻارن لاءِ لکيل نظمن ۾ ڪن خاص ڳالهين کي ڌيان ۾ رکيو آهي. پهريون ته
هن جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعري ڪنهن خاص عمر جي ٻارن لاءِ ناهي. هن جا ڪجهه نظم نرسري
کان پنجين ڪلاس تائين جي ٻارن لاءِ آهن جيئن “ٺوڙهو ٺڪري”، “پياري امڙ” “گلن جا
هار” وغيره ڪي نظم وري ڇهين کان اٺين ڪلاس جي ٻارن جي دلچسپيءَ ۽ سمجھه کي ڌيان ۾
رکي لکيل آهن جيئن “توبهه زاري”، “ڊڪُ ڙي گھوڙا”، “ڀينڊو”، “واهه واهه سائين”،
“دلچسپ قصو”، “بَلي بَلي”، “ڪم جون ڳالهيون”، “هون مان هون” وغيره، سندس ڪي نظم
وري اهڙا به آهن جيڪي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا ٻار شوق سان پڙهي ۽ ياد ڪري سگھن ٿا
جيئن “پائليٽ ٿيندس”، “محنت مٺا چڱي آ”، “راڻي باغ جو سير”، “اڄ جو ٻار چوي ٿو”،
“دنيا آهي گول”، “گھمو لاڙڪاڻو”، “جيئن سڀ سنڌي چلڊرين”، ”لطيف جو ميلو“ وغيره. ان
طرح مختيار سمي ٻارن لاءِ ڪيل شاعريءَ ۾ مختلف عمر جي ٻارن کي وندر، تعليم، نصيحت
۽ معلومات جا خزانا ارپيا آهن. ان کان سواءِ هن ٻارن جي نفسيات مطابق اهڙن موضوعن
جي چونڊ ڪئي آهي، جن وسيلي سندن تربيت ٿي سگھي.
مختيار سمي جي نظمن ۾ الڳ الڳ ٻارَ نظر اچن ٿا. ڪي کلندڙ،
خوش ٿيندڙ، ٻهڪندڙ ۽ چهڪندڙ ٻار، ڪي مستيون رانديون ڪندڙ ٻار، ڪي پنهنجي اکين ۾ مستقبل خواب پاليندڙ ٻار
ته ڪي وري غريب ۽ مجبور ٻار. اهڙا ٻار جيڪي غربت جي چڪي ۾ پيسجندا رهن ٿا، جيڪي
پورهيت آهن ۽ ڪڏهن ڪنهن سان ڪو انگل نه ڪندا آهن.
واهڻ جو هُو
ننڍڙو ٻار،
ڏِس ڪيئن بيٺو هَڪلي جَهارِ.
مينهُون ٿو ويچارو چاري،
هو ها هُش جي آ هڻڪار،
هو به ته تو جيئن آهي ٻار.
ڪين ڪندو آ اَنگلَ ڪنهن سان،
ڪندو رڳو آهي ڪم ڪار،
هو به ته تو جيئن آهي ٻار.
ٻار هڪ فرد جي حيثيت ۾ سماج جو بنيادي ايڪو آهي. حقيقت اها
آهي ته ٻار آهي ئي پيار جي لائق. ٻار جڏهن ننڍڙو آهي ته ڪنهن مکڙي جهڙو آهي ۽
آهستي آهستي وڌي ويجھي ٽڙي گل بڻجي ٿو. جيئن گل جي پنکڙين تي پرهه جو ماڪ چمڪي
پوندي آهي، ڪنهن معصوم ٻار جي چپن جي مرڪ به مون کي بلڪل اهڙي ئي لڳندي آهي. اسان
جهڙن ٽين دنيا جي ملڪن ۾ انيڪ ٻار ننڍڙي عمر ۾ ئي وڏين ڀوڳنائن مان گذرن ٿا، اسان
جي سماج ۾ اڄ به هزارين ٻارَ جسماني پورهيو ۽ مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن، پر معصوميت
ٻار جو فطري حسن آهن. اهي ٻار جن جي هٿن ۾ پڪڙون ۽ پانا آهن، اهي ٻار جيڪي ڪارين
جا شيشا صاف ڪندي ڏسبا آهن، اهي ٻالڪ جن جا هٿ بوٽ پالش ۾ ڪارا ٿي چڪا هوندا آهن ۽
اهي ٻار به جيڪي سٺن گھرن ۾ رهندا آهن، انهن جي گھرن ۾ سبز لان هوندو آهن، انهن وٽ
اڻ ڳڻيا رانديڪا هوندا آهن، اهي ٽيبليٽن تي گيمون کيڏندا آهن، مطلب سڀ ٻار فطري
طور معصوم هوندا آهن ۽ سماجي رويا ۽ وقت انهن کي تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. مختيار سمي
ٻارن لاءِ ڪيل شاعريءَ ۾ هر قسم جي ٻار جي جذبن کي پينٽ ڪيو آهي نه رڳو اهو پر هن
جا اڪثر نظم نصحت آموز آهن، جن ۾ ٻارن لاءِ پيغام سمايل آهي. جيئن سندس نظم آهي
توبهه زاري.
سچ چئبو توڙي ٽٽي ياري،
ڪوڙ وڏي آهي بيماري،
توبهه زاري.
چوري ۽ چُغليءَ سان ڀائو،
نيڪين ته پوندي آ واري،
توبهه زاري.
مَيرن ماروئڙن کان نفرت،
قيامت ڪرڻي آهي ڪاري،
توبهه زاري.
يا سندس هڪ ٻي نظم “ڪم جون ڳالهيون” جا هنن ٻن شعرن ۾ ڏسو
ته هن سچ جي اهميت ۽ ساڙ حسد کان ڏور ڀڄڻ جي نصيحت ڪهڙن نه سادن ۽ سهڻن لفظن ۾ ڪئي
آهي:
سَچُ جو چوندو ڪين ڪي ٿيندو
وِنگو اُنَ جو وارُ او پيارا
ساڙ حسد کي رکجانءِ پاڻ کان
هر پل، هر هنڌ ڌار او پيارا
يا سندس نظم “محنت
مٺا چڱي آ” جو هي شعر:
ڪجهه هيٺ تون نهارج، مغروري ڇڏ او
ڀائي
ڪوئي چڱو نه چوندئي، ايڏي نه ڪر
وڏائي
سرهو نه ٿيءُ ڪڏهين، ڏک ۾ ڏسي ٻين
کي
انسان سوئي آهي، جنهن ۾ نه آ ٻيائي.
اهي اهڙا سبق ۽ نصيحتون آهن جن وسيلي ٻار جي اخلاقي تربيت ٿئي
ٿي. ان ڪري مختيار سمي جا ٻارن لاءِ لکيل اهي ۽ اهڙا ٻيا نظم نهايت اهميت جا حامل
آهن، پر ٻارن کي ٺلهيون نصيحتون به بيزار ڪري ڇڏينديون آهن، ٻارَ کي تعليم ۽ تربيت
سان گڏ وندر ۽ ورونهن جي ضرورت هوندي آهي، تنهن ڪري ٻارن لاءِ ڪيل شاعريءَ ۾ به
سندن دلچپسيءَ جو خيال رکڻ به بيحد ضروري آهي. مختيار صاحب جي شاعريءَ ۾ ٻارڙن
لاءِ اهڙا کوڙ سارا دلچسپ نظم به موجود آهن، جن کي پڙهي ٻار بيحد لطف ماڻيندا.
جيئن هن جو هڪ نظم آهي “ڊڪُ ڙي گھوڙا”.
شهر جا رستا آهن سوڙها
ڊڪُ ڙي گھوڙا
گھوڙو هي راڪيٽ آهي ڄڻ
لڪڻ ڏيکاريان پوءِ ته هڻ کڻ
ڀڄي پري ٿيو سڀئي ٻوڙا
ڊُڪُ ڙي گھوڙا
يا سندس نظم “واهه واهه سائين” جون هي سٽون ڏسو:
لاڙ جو پلو، ڪوٽَ جي گوبي، ڀٽَ جو
ميلو
اهڙو آ جو واهه واهه سائين
اڇي ٻڪري، ڳاڙهي ڪڪڙِ، ڪارو ڇيلو
اهڙو آ جو واهه واهه سائين
يا وري نظم “ڀينڊي” جو هي پهريون ئي شعر ڏسو:
دال نه کائي، کائي ٽينڊو
هن سان ملجو هي آ ڀينڊو
ٻارن لاءِ لکيل نظمن جي سڀ کان وڏي خوبي انهن جي موضوعن سان
گڏ انهن ۾ موجود ردم آهي. جنهن نظم ۾ لئي، ترنم ۽ موسيقي جھجھي هوندي آهي اهو نظم
ٻارن کي جلد ياد ٿي ويندو آهي ۽ ٻارَ اهڙن نظمن کي خاص لئي ۽ سُر ۾ پڙهي مزو
ماڻيندا آهن. جيڪڏهن اهڙي ڪنهن نظم جو موضوع به ٻارن جي دلچسپي وارو آهي ته نظم جو
مزو ٻيڻو ٿي ويندو آهي. مختيار سمي جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعريءَ ۾ اهڙا نظم موجود
آهن. مان هتي رڳو اهڙن ٻن نظمن جا مثال پيش ڪرڻ چاهيان ٿو.
1.
بَلي بَلي
هو ڏس ڪيئن ٿي ريل هلي
واهه واهه سائين بَلي بَلي
واهه واهه سائين بَلي بَلي
ڪٿي ڪراچي، ڪٿي آ ڪوئٽا
شهر ڇڏيا ٿئين رَلي رَلي
واهه واهه سائين بَلي بَلي
ڀڄندي منزل ڏانهن وڃي پئي
خوشيءَ مان ٿي ٽلي ٽلي
واهه واهه سائين بَلي بَلي
پاڻ تي ڪيڏو بار کڻي ٿي
سور نه ڪنهن سان سلي سلي
واهه واهه سائين بَلي بَلي
واهه واهه سائين بَلي بَلي
2.
هون مان هون
هَلُ ڀٽاري جيئن تون
هون مان هون، هون مان هون
گاههُ هلي ٿو توکي چاريان
چاري پوءِ پاڻي پياريان
امڙ ڏُهندي تو کي شون
هون مان هون، هون مان هون
جيڪو تنهنجو پيئندو کير
هڪ ڏينهن ٿيندو سو ته امير
موٽر ان جي هلندي زون
هون مان هون، هون مان هون
مجموعي طور مختيار سمي صاحب جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعري پنهنجو مٽ پاڻ آهي. جنهن کي پڙهندي ٻارَ ته گھڻو ڪجهه سکن ٿا پر اها سنڌي ٻاراڻي ادب جو به انمول سرمايو آهي. اميد ڪريان ٿو ته مختيار صاحب اڳتي به پنهنجي سنڌ جي سهڻن ٻارڙن لاءِ سهڻا سهڻا نظم لکندو رهندو.
No comments:
Post a Comment