Friday, 8 August 2025

سنڌ جو سرمد ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

پيار لئه ساجن صديون گھرجن، ڳالهه ته ڏاڍي ڳوري آ، هيءَ حياتي ٿوري آ

سنڌ جو سرمد

 


هنديءَ زبان جي وڏي شاعر ڀڳت ڪبير چيو هو ته

پاني ڪا هي بلبله اس مانش ڪي ذات*

(ماڻهوءَ جو وجود، جَر ڦوٽي وانگر آهي.)

۽ ڀٽائي فرمايو هو

هي جي جرڪن جَر تي، سي تان پڻ حباب

زندگي آهي ئي اهڙي جنهن کي ڪو ثبات ۽ دائميت آهي ئي ڪانه..... پر جڏهن ڪو ماڻهو  پنهنجي زندگي دکن جي بٺيءَ ۾ پچي ۽ پڄري گذاري هن دنيا کي الوداع چوي ٿو ته ان جي پٺان به هڪ غم جو پڙاڏو رهجي وڃي ٿو.  18 جولاءِ 2022 تي جڏهن سنڌ جي نامور استاد شاعر، عالم، لطيف شناس، علم عروض ۽ ڇند وديا جي ڄاڻو، موسيقي جي علم جي ماهر، ناول نگار ۽ نقاد سائين سرمد چانڊيي جو  انتقال ٿيو ته فارسي زبان جي نامور شاعر شهريار جو شعر ياد اچي ويو:

یک عمر گذشت و عاقبت فهمیدیم

از دل نرود هر آنکه از دیده رود*

 (*هڪ عمر گذري وئي ۽ اسان انجامِ ڪار سمجھي ويا سين ته جيڪو اکين کان ڏور ٿي وڃي اهو دل کان ڪڏهن به دور نه ٿيندو.)

ائين لڳو ڄڻ شهريار جو اهو شعر، لطيف جي بيت جي پدَ جو ترجمو هجي. ’ڪي ڏور به اوڏا سپرين.....‘ ڪنهن به شخص جي جسماني دوري ساڻس پيار ڪندڙن لاءِ  سندس ڪميءَ جو احساس ته پيدا ڪندي رهندي آهي پر ڪي انسان پنهنجي ڪم ۽ ڪردار وسيلي ماڻهن جي دلين ۾ اهڙي جاءِ جوڙي وٺندا آهن جو اهي ڏور هوندي به اوڏڙا لڳندا آهن جيئن مقصود گل چيو هو ”ڪي ڪي ماڻهو ڏور هجن ته به ويجھا ٿيندا آهن“ ۽ پوءِ اهڙا ئي انسان عطا محمد حامي جي لفظن ۾ ”دل کان اسان کي دور رکي ڪير ٿو  سگھي“ جهڙي دعوى جا حقدار به بڻبا آهن..... پر ان حقيقت کان ڪوبه انڪار نه ٿو ڪري سگھي ته پيارن جو وڇوڙو ماڻهوءَ کي جهوري به وجھي ٿو. اڄ جيڪڏهن سرمد چانڊيي جي پُٽن عزيز قاسماڻي، راحب حسين، منصور سرمد، مقبول احمد ۽ پوٽن علي مصطفى، حسن مجتبى ۽ ٻين گھرڀاتين توڙي دوستن ۽ شاگردن علي آڪاش، رياضت ٻرڙي، سعيد سومري، ايڊووڪيٽ ستار هليي، حبدار ٽوٽاڻي، علي دوست عاجز، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري، رضوان گل ۽ مون سميت سندس سمورن چاهيندڙ کي هن جي وڇوڙي جو غم بيان ڪرڻ لاءِ ڪو چوي ته سرمد سائين جي ئي هن گيت کان سواءِ اظهار لاءِ ٻيو ڪجهه به نه بچندو ته.

ساجن! توکان پوءِ...

هيج ڀريو هينئڙو،

ننڍڙو ٿيندو ٿو وڃي!

سرمد جي سڃاڻپ جو پهريون سگھارو حوالو شاعري آهي، جنهن ۾ هن پنهنجن اندر جي احساسن ۽ امنگن کي اڻ جهل اوتيو. ڏسندي ئي ڏسندي سرمد جا گيت ۽ غزل مقبول ٿيندا ويا ۽ سنڌ جي سهڻن گلوڪارن به جهونگاريا. اڄ سرمد چانڊيي کي ساريندي سرمد سنڌي جي ڳايل سندس ئي مشهور گيت ”پيار لئه ساجن صديون گھرجن، ڳالهه ته ڏاڍي ڳوري آ، هيءَ حياتي ٿوري آ“ ٻڌون ٿا ته سچ پچ اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون.

سنڌ جي سرمد، سوني خان چانڊيي جو جنم 20 جولاءِ 1947ع تي تعلقي قمبر جي ڳوٺ جمال خان چانڊيو ۾ جمعي خان چانڊيي جي گھر ۾ ٿيو. هن جي تعليم رڳو پرائمري جي پنجن درجن تائين هئي، پر سندس ڄاڻ ۽ ادبي پرک ڪمال جي هئي. سرمد جي علم ۽ آگهي کي ڏسندي هر ڪو ائين ئي چوندو هو ته تعليم رڳو ڪنهن مڪتب ۾ ويهي حاصل نه ٿي ڪري سگھجي پر اها روح جي رياضت ۽ اندر جي سفر جو نالو آهي. سولن لفظ ۾ چئجي ته هو ڪو ڊگري يافته عالم ته نه هو پر ڪيترن ئي سنديافته عالمن کان وڌيڪ ڄاڻو هو. هن جي گفتگو ۽ تحرير سندس علم جي ساکي هئي. سرمد جي ذاتي لائبريري ۽ ڪتاب گواهي ڏين ٿا ته هن جو مطالعو ڪيترو وسيع هو. سرمد چانڊيو، سنڌي سان گڏ اردو، سرائيڪي، بلوچي، فارسي، عربي ۽ هندي زبانن جي به ڄاڻ رکندو هو ۽ هن جي شاعري چئن ٻولين سنڌي، اردو، هندي ۽ سرائيڪي تي مشتمل آهي. سرمد، پنهنجي ادبي سفر جو آغاز ننڍي عمر کان ئي ڪيو ۽ اڳتي هلي 1985ع ڌاري سنڌي ادبي سنگت شاخ قمبر جون واڳون سنڀاليون، ائين  1992ع ۾ سنگت ضلعي لاڙڪاڻي جو ضلعي رابطه سيڪريٽري به بڻيو. سائين سرمد جڏهن قمبر ۾ رهندو هو ته سندس اوطاق علم ۽ ادب جو سکيا گھر هئي ۽ علم جا پياسا اتي پڪون پيئڻ ايندا هئا. هن جي دل وانگر هن جو دسترخوان به سدائين کُليل رهيو. لاڙڪاڻي لڏي آيو ته به پنهنجي بيٺڪ تي اهي ئي ادبي محفلون مچائيندو رهيو، جنهن ۾ مان به ڪيئي ڀيرا شريڪ ٿيس.

سرمد چانڊيي جي روزي ۽ روزگار جو بنيادي وسيلو پورهيو هو. قمبر ۾ هن بَگي به هلائي ته استري جو دڪان به، لاڙڪاڻي آيو ته سِوِڪ سينٽر جي سنڀال جو ڪم ڪيائين. هن معاشي تنگيءَ وارين حالتن ۾ به پنهنجي اولاد کي پڙهائي نه رڳو پنهنجي پيرن تي بيهاريو پر علم ۽ ادب جي سُتي به وڌي. اهوئي سبب آهي جو اڄ سندس فرزند عزيز قاسماڻي ۽ منصور سرمد جي سنڌي ادب ۾ پنهنجي هڪ سڃاڻپ آهي. هاڻي ته سندس ٽئين پيڙهيءَ طور عزيز قاسماڻي جو پُٽ حسن مجتبى به ادب جي ميدان ۾ پير ڌري رهيو آهي.

سرمد چانڊيي جي هن وقت تائين شايع ٿيل ڪتابن ۾ ڪارا ڪڻڇي ريٽا گيت 1995ع، مون کي سڏ اروڙ جا 1999ع، سانوڻ پهرين بوند 2006ع، جمهوريت جو چنڊ 2007ع، جمهوريت جي شهزادي 2008ع، جمهوريت ڪِي نوِيد  2009ع، ڪلام عثمان فقير سانگي 2013ع، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڇند وديا 2016 ع، شاهه لطيف ۽ راڳ ويراڳ 2017ع، علامه اقبال جا منتخب نظم (ترجمو) 2017ع، اوهان جي سونهن ساکي آ (ديوان سرمد) 2018ع، ڇند وديا جا اصول ۽ سکيا 2019ع ۽ شاهه لطيف جي شاعري ۽ موسيقي (2022) شامل آهن. جڏهن ته سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ شاهه لطيف (ناول)، ڪربلا کان ڪربلا تائين (شاعري)، شاهه لطيف جي سورٺن بيتن ۽ وائين جو فن، شاهه لطيف جي رسالي جي علم ڇند وديا مطابق ماترڪ فهرست، سچل سائين جون رندي رمزون، شيخ اياز ۽ ڇند وديا، سنڌي سؤ ڪافيون سؤ راڳ، لوڪ گيت، سنڌڙي تنهجا گيت، محفل جو غزل ، اوڻويهين صدي ۽ عروضي شاعري وغيره قابل ذڪر آهن. سرمد چانڊيي کي سندس علمي ادبي خدمتن جي مڃتا طور سنڌ جا ٽي وڏا ايوارڊ شاھ لطيف ايوارڊ 2020ع، لعل شهباز قلندر اوارڊ 2019ع ۽ سچل ايوارڊ 2000ع کان سواءِ ٻيا به ڪيئي ايوارڊ مليا. انهن انگن اکرن مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي ته سرمد جي ادبي ڪم جو دائرو وسيع هو، پر هن وٽ شاهه لطيف جي ڪيتري اهميت هئي ان جو اندازو سندس هن شعر مان لڳائي سگھجي ٿو.

اسان وٽ شاهه جو تنبور، وايون،

اڙي “ســرمــد!” سھارا زندگي جا

سرمد سائين خاص طور شاعريءَ جي فن ۽ موسيقي بابت جيتوڻيڪ جهجهو نثر لکيو پر هن جي اول ۽ آخر سڃاڻپ جو حاوي حوالي هڪ شاعر طور ئي رهندو ۽ شاعريءَ ۾ به هڪ گيت ڪار طور سندس سڃاڻپ نمايان ۽ اڀريل رهندي. بيشڪ هو سهيوڳي دور ۾ لوڪ گيت ۽ جديد گيت لکندڙ شاعرن مان هڪ اهم شاعر هو.

 

منهنجي ڪوتا ڪيئن بڻي آ ڪهسارن ۾ ڪونجَ

رچنا ۾ ٿو روح رچايان، گيت نئون ڪو ڳايان.

هن جا گيت رسيلي ٻولي، فطري ماحول جي عڪاسي، ثقافتي رنگن، تخليقي آهنگن ۽ موسيقيت سبب سنڌي گيت جي شاعريءَ ۾ نمايان حيثيت رکن ٿا. انهن گيتن ۾ عورت جي فطري جذبات جي عڪاسي به ڪمال جي آهي:

حياتيءَ جو ڏيئو ٿو جھٽڪا ڏئي

متان يار اڳ ۾ اجهامي وڃي،

وطن تي ورڻ جي ڪجان سانورا!

............

ڪر ڪو ڀوريءَ ڏي ڀير

تنهنجي ٻيڙيءَ جو خير،

وَرُ مانجهيئڙا

اڄ سرمد به اهو مانجهي ٿو لڳي پر ان جو ورڻ محال آهي، سندس زندگيءَ جي ٻيڙي قضا جي ڪُن ۾ ڦاٿي آهي، جتان ڪوبه نڪري نه ٿو سگھي.

فارسي شاعر ابو الفيض فيضي جو شعر آهي ته:

تُو اے پیماں شکن امشب بما باش
کہ ما باشیم فردا یا نہ باشیم*

(* اي پيمان شڪن اڄ جي رات مون سان گڏ رهه، جو سڀاڻي مان هجان الائي نه.)

ڪجهه عرصو اڳ جڏهن مان سرمد سائين کان طبيعت پڇڻ ويو هوس ته مون کي ڳراٽي پائي سُڏڪي پيو هو، اڄ جڏهن هو اسان جي وچ ۾ نه آهي ته اسان جو روح سڏڪي رهيو آهي...... اڄ هو جسماني طور اسان جي وچ ۾ نه آهي پر سندس تخليقون ۽ ڏات جي جوت اڃا به موجود آهي، جنهن کي ڪڏهن به مات اچڻي ناهي.

اسان جي ڏات نه ٿيندي ماتِ

اڙي او رات اڙي او رات

اسان جا سانگ صبح جي ٻانگ

سدا پرڀات اڙي او رات

No comments:

Post a Comment