ڊاڪٽر احسان دانش
”ٽڪ ٽاڪ گرل“ تي هڪ نظر
ڪهاڻي ادب جي هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ ڪو
به تخليقڪار پاڻ کي ڀرپور نموني اوتي سگھي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن مون کي لڳندو آهي ته ڄڻ ڪهاڻي
ڪنهن نظم جي تشريحي صورت هجي. ائين ئي اسان ڪوتا ڪهاڻيون به پڙهيون آهن. جيتوڻيڪ
ڪهاڻي ڪنهن به هڪ واقعي، هڪ لمحي ۽ ڪنهن هڪ احساس جي آڏاڻي تي به اُڻي سگھجي ٿي،
پر ڪي ڪهاڻيون ناولن جيان زندگيءَ جي ڪٿا به ٻڌائين ٿيون. اهو ڪنهن به ليکڪ جو هنر
آهي، جو اهو ڪهاڻي کي رٻڙ وانگر ڇڪي وڏو ڪري يا واريءَ جي ذرڙي ۾ سمائي ڇڏي. اهو
ئي سبب آهي جو اڄ جي ڪهاڻي پنهنجي قد ڪاٺ ۾ ننڍڙي ٿيندي ٿيندي بائيٽ اسٽوري به
بڻجي وئي آهي. ان چُهنڊي ۽ چَڪَ کي ڪي تخليقڪار سو لفظن ۾ سمائي فليش فڪشن بڻائين
ٿا ڪي پنجن لفظن ۾ پورو ڪن ٿا. گھڻو اڳ ڪنهن تخليقڪار دوست چيو هو ته اسان جيڪي
ڪرشن چندر، غلام عباس، عصمت چغتائي، امر جليل ۽ نور الهدى شاهه جي افسانن تي هريل
آهيون، جيڪي افسانه منڌ جي چئن پيگن وانگر مڪمل نشو چاڙهن ٿا اُنهن تي فليش فڪشن جو
چوٿ پيگ ڪو خمار نه ٿو چاڙهي. خير اهو هڪڙو الڳ بحث آهي، پر ادب ۾ صحتمند بحثن جي آجيان ڪرڻ کپي. مثلاً ادب ۾ هڪ
بحث صنفي تفريق جو به آهي. صنفي اعتبار کان يا جينيٽيڪلي عورت ۽ مرد ڀلي جدا هجن
پر ادبي طور عورت ۽ مرد جي تفريق مون کي بلڪل به سٺي نه لڳندي آهي. ان ڪري مان ريحانه
نظير جي هن ڪتابَ ”ٽڪ ٽاڪ گرل“ کي به هڪ تخليقڪار جي ڪتاب طور ڏسان ٿو نه ڪئي هڪ
ليکڪا (عورت) طور.
سنڌي ادب جي تاريخ ڏانهن نهاريندا سين ته لوڪ ادب کان ڪلاسيڪي ادب تائين عورتازاد ادب جا آثار ملندا.سنڌي ٻوليءَ جي قديم ترين شعري صنفن ۾ ”لوڪ گيتَ“ به شامل آهن. انهن ۾ اسان کي عورتن جي جذبن ۽ احساسن جون تصويرون نظر اينديون.ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ مان سمجھان ٿو ته پهريون شاعر ميون شاهه عنات آهي، جنهن عورتازاد ادب جو آغاز ڪيو ۽ سهڻي، مارئي، سسئي ۽ مومل جهڙن ڪردارن ۾ عورتن جو درد اوتيو ۽ ان کي عروج بخشيو شاهه لطيف. جنهن عورت جي عظمت کي قبول ڪندي پنهنجي سڄي شاعريءَ کي عورت جو لب لهجو ڏنو. اهڙي طرح سان افسانوي ادب جي حوالي سان به ڏسندا سين ته اسان کي جمال ابڙي ۽ اياز قادري کان وٺي نجم عباسي، امر جليل، نسيم کرل ۽ طارق اشرف تائين ڪيترائي ڪهاڻيڪار نظر ايندا جن فيمينسٽ فڪشن لکيو آهي. ان ڪري اها ڳالهه تسليم ڪرڻي پوندي ته سنڌي ادب ۾عورتازاد ادب جي واڌاري ۾ مرد تخليقڪارن جو به وڏو هٿ رهيو آهي. مون خود هڪ سو کان مٿي ڪهاڻيون لکيون آهن، جن مان هڪ مجموعو 17 سال اڳ ”بي سُڪون خواب جو سچُ“ جي عنوان سان شايع ٿيو به ٿيو آهي ۽ ٻيو مجموعو هن ئي سال شايع ڪرائڻ جو ارادو رکان ٿو انهن ڪهاڻين ۾ به گھڻائي اهڙين ڪهاڻين جي آهي، جن ۾ عورت جو درد اوتيل آهي. پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌي ادب ۾ ان ادبي تحريڪ کي عروج تي رسائڻ ۾ وري به عورت ليکڪائن جو گھڻو ڪردار رهيو آهي. جن ۾ ثميره زرين، ماهتاب محبوب، نورالهدى شاهه کان وٺي شبنم گل، امر سنڌو، عرفانه ملاح، سحر گل ۽ ريحانه نظير تائين کوڙ نالا ڳڻائي سگھجن ٿا.
موجوده دور ۾ عورتازاد ادب جي سلسلي ۾
ڪهاڻيون لکندڙ تخليقڪارن ۾ ريحانه نظير جي پنهنجي اهميت آهي. جنهن ٻن ڪهاڻي ڪتابن
”اندر جي عدالت“ ۽ ”ٽڪ ٽاڪ گرل“ وسيلي عورتازاد ليکڪن ۾ پنهنجو نالو رجسٽرڊ ڪرايو
آهي. هوءَ هڪ عورت هجڻ ناتي عورت جي درد کي گھرائيءَ سان سمجھي ۽ محسوس ڪري ٿي.
شبنم گل صحيح لکيو آهي ته ”ريحانه نظير جون ڪهاڻيون پنهنجي دور جو احساساتي
دستاويز آهن، جن کي هن سادي اسلوب ۾ بيان ڪيو آهي. هي زندگيءَ جون ڪهاڻيون آهن،
جيڪي عورتن جي خوابن ۾ سهميل ساهه کڻن ٿيون.“ عورتن جا خوابَ، عورتن جون خواهشون ۽
عورتن جا درد هڪ عورت جي اک سان ڏسڻا هجن ته ريحانه نظير جي هن ڪتابَ کي پڙهڻ کپي،
جنهن ۾ موجود ڪهاڻين مان نوانوي سيڪڙو ڪهاڻيون الڳ الڳ عورتن جون ڪٿائون آهن. هن
ڪتاب ۾ اوهان کي مظلوم ۽ محروم عورتون نظر اينديون. اهڙيون عورتون جن جي معصوم
خواهشن کي هن سماج بي رحميءَ سان ڪُچلي ڇڏيو. اهڙيون عورتون جيڪي پنهنجي مرضيءَ
پٽاندڙ زندگي گذارڻ ۽ آزاديءَ جا خواب ڏسڻ چاهين ٿيون. اهڙيون عورتون جيڪي پيار جي
پينگھه ۾ لڏڻ چاهين ٿيون، جيڪي مرد سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي هلڻ چاهين ٿيون، جيڪي چاهن
ٿيون برابري، جيڪي چاهن ٿيون ته کين ٻي درجي جو شهري نه سمجھو وڃي. اهي عورتون
سماج جي اڏاوت ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ چاهين ٿيون پر هي معاشرو انهن جي راهن ۾ هر
قدم تي ڪنڊا ۽ ڪاوا وڇائي ٿو. ريحانه جي ڪهاڻين جا ڪردار بولڊ آهن پر هي سماج ڏاڍو
ظالم آهي. اهو ڪڏهن ”ٽياس تي ٽنگيل“ جي آمنه جهڙن ڪردارن جو سِرُ کڻي ڇڏي ٿو ته
ڪڏهن ”اسٽوپڊ“ جي سونهن جيان کين اسٽوپڊ قرار ڏئي ٿو. ڪڏهن ”ٽڪ ٽاڪ گرل“ جي نوشيءَ
جيان پيار جي پاداش ۾ جان تان هٿ کڻڻ لاءِ ماحول ٺاهي ٿو ته ڪڏهن وري ”وري سهڻي
سير ۾“ جي روبي جي صورت بيوسيءَ جي تصوير بڻائي شڪست قبول ڪرائي ٿو. ”ٽڪ ٽاڪ گرل“
۾ موجود 15 ئي ڪهاڻيون اهڙين وارتائن جو بيان آهن، جن کي ليکڪا پنهنجي سادي اسلوب سان
بيان ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي.
ريحانه نظير جون هن ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻيون پنهنجي
ڊڪشن جي لحاظ کان سڌيون ۽ روان آهن، جن مان ڪن ڪهاڻين ۾ ڪردارن جي گھڻائي کين
پچيده بڻائي ڇڏي ٿي پر هوءَ جيڪو چوڻ چاهي ٿي اهو چوڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي. هن جون
اڪثر ڪهاڻيون مڪالماتي ۽ بيانيه آهن، جن ۾ منظر نگاري جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي. انهن
مان ڪيتريون ئي ڪهاڻيون آهن جن ۾ شاندار منظر نگاري ۽ جذبات نگاري ٿي سگھي پئي، منهنجي
نظر ۾ اهڙين ڪهاڻين ۾ ”وري سهڻي سير ۾“، ”حادثو“، ”مايا“، ”ڪونج اڏرڻ کان اڳ“
وغيره شامل آهن. ريحانه جي هن ڪتابَ جون
اڪثر ڪهاڻيون شهري ماحول جي عڪاسي ڪن ٿيون، جن مان نوي سيڪڙو ڪهاڻين ۾ مرد کي بي
وفا، سنگ دل، ڪوڙو ۽ دوکيباز ڏيکاريو ويو آهي پر ڪجهه ڪهاڻيون اهڙيون به آهن جن ۾
عورت کي عورت جو دشمن قرار ڏنو ويو آهي. جيئن ڪهاڻي ”سي ئي سيل ٿيام ...“ ۾ انيلا
پنهنجي ڀيڻ راڻيءَ جي دشمن بڻجي سندس مڙس کي پنهنجي دام ۾ ڦاسائي سندس گھر ڦٽائي
ٿي يا وري ڪهاڻي ”ٽياس تي ٽنگيل“ ۾ آمنه جي پوڙهي سَسُ جيڪا پنهنجي ٻئي پُٽَ کي
ڀڙڪائي آمنه کي موت جو کاڄ بڻائي ٿي.
ريحانه جي ڪهاڻين جي ٻولي سڌي، صاف، بيانيه
انداز واري شهري ٻولي آهي، جنهن ۾ ڪوبه تصنح ۽ ٺاهه ٺوهه ۽ غير فطري لهجو ڪونهي،
اها ٻولي ڪردارن جي ذهني پهچ ۽ نفسياتي گھرجن، سمجهه ۽ تعليم مطابق بلڪل ٺهڪندڙ ۽
ماحول جي مناسبت سان رچيل آهي، جنهن ڪري هن جون ڪهاڻيون پڙهندڙ کي مشڪل نه ٿيون
لڳن. ٽيڪنيڪلي هن جون اڪثر ڪهاڻيون اختتام کان شروع ٿين ٿيون ۽ فيليش بئڪ وسيلي
ڪهاڻي جي پس منظر کي کولي پُڄاڻيءَ تي پهچن ٿيون. ريحانه نظير ڪجهه ڪهاڻين ۾ ڪهاڻي
لکڻ جي قديم ڊڪشن کي به اختيار ڪندي آخر ۾ نتيجي کي کولي بيان ڪيو آهي، جيئن سندس
ڪتاب جي ٽائيٽل اسٽوري ”ٽڪ ٽاڪ گرل“ ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هي ڪتاب پڙهندي مون کي ٻن
ڪهاڻين ۾ الڳ الڳ ڪردارن جو نالو ”روبي“ پڙهڻ لاءِ مليو. پهريون ڪهاڻي ”سهڻي سير
۾....“ ۽ ٻيو ڪهاڻي ”ڪونج اڏرڻ کان اڳ“. جنهن مان لڳي ٿو ته ريحانه کي اهو نالو
ڏاڍو پسند آهي. هن ڪهاڻي ڪتاب ۾ ڪجهه ڪهاڻيون اهڙيون آهن جن جا عنوان انهن جو
سسپينس ختم ڪري ڇڏين ٿا جيئن ڪهاڻي ”حادثو“، ”اسٽوپڊ“ يا ”وري سهڻي سير ۾...“ آهن.
ائين ئي ڪن ڪهاڻين جا عنوان تُز نه پيا محسوس ٿين جيئن ”فيڪ آي ڊي“ يا خود ٽائيٽل
اسٽوري ”ٽڪ ٽاڪ گرل“.
مون گذريل 32 سالن ۾ انيڪ ڪتابن تي ڳالهايو
۽ لکيو هوندو. منهنجي دوستن کي خبر آهي ته مون کي جنهن ڪتاب تي ڳالهائڻو هوندو
آهي، ان جو مهاڳ نه پڙهندو آهيان، جيئن ڪتابَ بابت مان پنهنجي راءِ ڏئي سگھان ۽
مون تي ٻي ڪا راءِ اثرانداز نه ٿئي. هن ڪتاب لاءِ به پنهنجي راءِ مڪمل ڪرڻ بعد مون
ڊاڪٽر فياض لطيف جو لکيل مهاڳ پڙهيو جنهن ڊاڪٽر ريحانه نظير بابت لکيو آهي ته
”هوءَ پنهنجي ذات ۽ زندگيءَ ۾، بظاهر جيتري جذباتي آهي، اندر ۾ اوتري ئي نرم، رحم
دل ۽ برف وانگر ٿوري تپش تي ٽيپو ٽيپو ٿي رِجندڙ ۽ ڳالهين جي ڳاراڻي ۾ ڳرندڙ
تخليقڪار آهي. هن جي اندر ۾، سدائين مون کي هڪ معصوم ۽ اداس ٻالڪ وياڪل ۽ ويڳاڻو
نظر آيو آهي، جيڪو ٿوري جھڻڪ تي جھِڄي پوندو آهي ۽ ٿورڙي پنهنجائپ ۽ پيار سان
پرچي، پکين وانگر سرهائيءَ جي آڪاش تي اڏامڻ لڳندو آهي.“
ريحانه نظير بيشڪ هڪ حساس ليکڪا آهي، جيڪا ٻين
جي خوشين ۾ خوش ۽ درد تي تڙپي پوي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هن جي ڪهاڻين جا ڪردار جنهن
سرهائيءَ جي لمحن مان گذرن ٿا، انهن کي هوءَ جيءَ سان محسوس ڪري ٿي ۽ انهن جون
پيڙائون به هن کي پنهنجيون ٿيون لڳن. هوءَ پنهنجين ڪهاڻين ۾ محرومين جو شڪار عورتن
کي جيئڻ جو حوصلو ڏئي ٿي، ۽ وسوڙيل ۽ منجھلين کي رستو ٻڌائي ٿي. ريحانه نظير جي هن
ڪتاب جون سموريون ڪهاڻيون ڪهاڻي جي سماجي حقيقت نگاري واري ٽرينڊ تي آڌاريل آهن،
ليکڪا هن ڪتاب جي الڳ الڳ ڪهاڻين ۾ پنهنجي مشاهدي مطابق سماج جي جدا جدا ڪردارن جي
ڪربَ کي ڀرپور نموني اوتيو آهي، مان سمجھان ٿو ته هڪ تخليقڪار جي ان کان وڏي
ڪاميابي نه ٿي ٿي سگھي ته هو جن ڪردارن کي پنهنجين تخليقن ۾ پورٽريٽ ڪري ٿو انهن
جي غم ۽ خوشي کي نه رڳو هو پاڻ محسوس ڪري پر ان جا پڙهندڙ به محسوس ڪن..... ۽ ريحانه
نظير جي ڪهاڻين ۾ اها خوبي اتم درجي تي موجود آهي.
No comments:
Post a Comment