Friday, 8 August 2025

هڪ روشن دماغ انسان ڪامريڊ جمال الدين بخاري ــ ڊاڪٽر احسان دانش

ڊاڪٽر احسان دانش



هڪ روشن دماغ انسان

ڪامريڊ جمال الدين بخاري


ايک روشن دماغ تھا نه رها

شهر ميں اک چراغ تھا نه رها

ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري هڪ اهڙو ئي هڪ روشن دماغ انسان هو، جنهن شهر ۾ ترقي پسند فڪر ۽ روشن خيالي جي جوت جلائي، ان ڪري کيس هڪ اهڙو ڏيئو چوڻ کپي، جنهن شعور جي روشني پکيڙي ۽ انقلابي فڪر جي راهه روشن ڪئي.هن سڄي عمر مزاحمت جو عَلم بلند رکيو ۽ جبر جي اڳيان ڪڏهن به نه جھُڪيو. ڪامريڊ زندگيءَ جا 84 سال عملي جدوجهد ۾ گذاريا. پنهنجي فڪر جي ڦهلاءَ ۽ نظريي جي پرچار لاءِ هن ديس ديس جو سفر ڪيو، ماڳ ماڳ کي پنهنجو مسڪن بڻايو. ڪڏهن سمرقند ته ڪڏهن ڪابل، ڪڏهن مزار شريف ته ڪڏهن ترمذ، ڪڏهن تاشڪند ته ڪڏهن بخارا وڃي نڪتو. ايتري تائين جو ڪامريڊ مغرب جون گھٽيون به لتاڙيون ۽ لنڊن ۽ جرمنيءَ ۾ به قدم ڌريا. هو پاءُ صديءَ تائين ڀارت ۾ پنهنجن هم عصر ڪامريڊن ۽ انقلابين سان گڏ بورزوائي تسلط جي خلاف وڙهندو رهيو.

ڪامريڊ جمال الدين هڪ شعله بيان مقرر ۽ بي ڊپو ڪامريڊ هو، تنهن ڪري ان بيباڪي ۽ جوشِ خطابت سبب ڪيترائي ڀيرا کيس جيل ياترا به ڪرڻي پئي. ڪڏهن سندس تقريرن کي اعتراض جوڳي گفتگو جي ذمري ۾ آڻي قلم124 –A لڳايو ٿي ويو ته ڪڏهن کيس باغي سڏيندي قلم121-B ۾ چالان ٿي ڪيو ويو. هن انڊيا ۽ پاڪستان جي لڳ ڀڳ ويهارو جيلن جي هوا کاڌي پر آخري دم تائين پنهنجي نظريي تان هڪ انچ به نه هٽيو. هو هڪ مضبوط ۽ اڏول انسان هو. پوين ڏينهن ۾ جڏهن هو عمر جي اسي واري ڏهاڪي ۾ سفر ڪري رهيو هو، تڏهن جسماني طور هو ڪمزور ٿي چڪو هو پر اعصابي طور، تڏهن به هو نهايت مضبوط هو. مان بلڪل ننڍي عمر ۾ ڪامريڊ سان مليس ۽ پاڪستان نيشل سينٽر ۾ سندس ٻه تقريرون ٻڌيون، هن کي اڇي لباس تي ڊگھو اوور ڪوٽ پاتل هو ۽ هٿ ۾ اسٽڪ هئس، مٿي تي مائو ڪيپ، ڏاڙهي فرينچ ڪَٽ،هن کي اکين تي ٿلهي فريم وارو چشموته هو پر مون کي هن جي نظر عقابي محسوس ٿي. مون پهرين دفعو ئي تقرير کان اڳ هن کي هڪ ضعيف انسان جي روپ ۾ ڏٺو پر جڏهن هن خطاب ڪيو تهمون کي حيران ڪري ڇڏيو. اهو جھونو جوڳي جيڪو مون کي هڪ ڪمزور انسان پئي لڳو، تَنهن جي تقرير جوش، جذبي، ولولي، انقلابي ۽ مزاحمتي فڪر سان ڀرپور هئي. هن جيڪا سماجي انياءَ جي صورت چِٽي ۽ هاري، مزدور ۽ پورهيت طبقي تي ٿيندڙ ظلمن جو داستان بيان ڪيو ته مان دنگ رهجي ويس. ان کان اڳ مون اهڙي پُر جوش تقرير ڪڏهن ڪونه ٻڌي هئي.اهو پهريون ڀيرو هو، جڏهن مان ڪنهن انقلابي اڳواڻ کي پنهنجي اکين پسيو هو.تقريب ختم ٿيته والد صاحب کي چيم ته ”هن بزرگ جو پورو تعارف ته ڪرايو.“ جنهن ٻڌايو ته ”بابا هي شخصڪميونسٽ تحريڪ جو انتهائي سرگرم اڳواڻ ۽ عظيم انقلابي انسان آهي، ٿورن لفظن ۾ چوان ته هي ماڻهو لاڙڪاڻي جو شان آهي.“ اڳتي هلي جڏهن مون ڪامريڊ جي عملي جدوجهد بابت ڄاڻ حاصل ڪئي ته دنگ رهجي ويس.

ڪامريڊ جمال الدين بخاري هڪ انسان دوست ماڻهو هو. هو هر ماڻهو جو درد محسوس ڪندو هو ۽ هر ڪنهن جي ڏک ۾ ڀاڱيڀائيوار ٿيڻ چاهيندو هو، ڇوته هو هڪ سماجي اڳواڻ به هو.هو رياستي جبر کي برداشت نه ڪندو هو ۽ پنهنجي خطاب ۽ عمل وسيلي مزاحمت ڪندو هو. مارڪسي فلسفي جو پيروڪار ۽ کاٻي ڌر جي سياست جو متحرڪ ڪردار هو. بنيادي طور سندس وابستگي ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا سان هئي. محمود شرف جي چوڻ مطابق ”بخاريءَ جو سياسي نظريو اهو هو ته عوام جي تائيد ۽ حمايت کان سواءِ امپريل ازم جو مقابلو نه ٿو ڪري سگھجي ۽ ڪميونزم عوام جي تائيد ۽ حمايت جو ٻيو نالو آهي، ان ڪري جو ڪميونسٽ سوسائٽي هڪ اهڙي سوسائٽي آهي، جتي نه ڪوئي آقا آهي ۽ نه ئي وري ڪو غلام. سڀ محنت ڪن ۽ زنده رهن.“

ڪامريڊ بخاري هڪ سچو ۽ کرو انسان هو، تنهن ڪري هو، ڪنهن کي به مُنهن تي سچ چوڻ کان نه گھٻرائيندو هو. سنڌ ۾ هن 1927ع ۾ مزدور هاري پارٽي ٺاهي پنهنجي سياسي ۽ عملي جدوجهد کي تيز ڪيو. هن سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ وڃي هارين کي متحد ڪيو ۽ کين ٻڌايو ته ڪيئن سندن حقن تي ڌاڙو لڳايو وڃي ٿو ۽ ڪير آهن، جيڪي سندن استحصال ڪن ٿا. ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا طرفان 1942ع ۾ ڪامريڊ کي سنڌ ڪميونسٽ پارٽي جو پهريون سيڪريٽري بڻايو ويو. هن جو سنڌ ۾ ڪميونسٽ پارٽي لاءِ جيڪي خدمتون آهن انهن جو تفصيل بيان ڪرڻ لاءِ هڪ الڳ مضمون جي ضرورت آهي، پر افسوس جو پارٽي هن دلير اڳواڻ ۽ ايثار جي مجسمي جو قدر نه ڪيو ۽ 1948ع ڌاري هڪ بي بنياد الزام هڻي سندس پارٽي جي ميمبرشپ ختم ڪئي.ان جي باوجود هو سڄي زندگي پنهنجي نظرياتي مورچي تان هڪ انچ  به نه هٽيو ۽ پنهنجو ڪم ڪندو رهيو. علي احمد بروهي صاحب لکيو آهي ته ”ڪامريڊ بخاري عالمي شهرت رکندڙ انقلابي اڳواڻ هو، جنهن پنهنجي سموري جوانيءَ جو سرمايو سياسي ۽ سماجي جدوجهد ۾ سيڙايو. سندس مول مقصد شاهوڪار شاهيءَ جو خاتمو ۽ ان طبقي جي ماڻهن خلاف بغاوت هو.“ هن جو قول هو ته ”وڏو ماڻهو اهو هوندو آهي، جنهن وٽ وڏائي نه هوندي آهي“ ۽ سچ ته هو ان معنى مطابق هڪ وڏو ماڻهو هو.

علي احمد بروهي مطابق ”سنڌ سان انتهائي الفت ۽ والهانه محبت هئي. هڪ ڀيري پريس ڪلب ۾ تقرير ڪندي چيائين ”آئون جڏهن سنڌ کان ٻاهر ڪٿي به هوندو آهيانته ائين سمجھندو آهيان ته ڄڻ وطن کان جلا وطن ڪيو ويو آهيان.“

ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري 1949ع ۾ قاضي فضل جي چوڻ تي لاڙڪاڻي کي پنهنجو دائمي مسڪن بڻايو ۽ آخري دم تائين انهيءَ ۾ رهيو ۽ سندس تدفين به لاڙڪاڻي جي مٽيءَ ۾ ٿي.

 

ايک سورج تھا جو تاروں کے گھرانے سے اٹھا

آنکھه حيران هے کيا شخص زمانے سے اٹھا

  

No comments:

Post a Comment