ڊاڪٽر احسان دانش
شاهه لطيف جي اڄ جي دور ۾ اهميت
شاهه لطيف عظمت جي حقيقي معنا ۾ سنڌ جو اڪيلو عظيم انسان آهي. ان دعوا جا انيڪ دليل آهن. هو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو محسن آهي. شاهه سائين ماضي، حال ۽ مستقبل جو شاعر آهي، تنهن ڪري اسان چوندا آهيون ته شاهه لطيف هر دور جو شاعر آهي. ڀٽائيءَ جو ڪلام اهڙو وکر آهي، جيڪو ڪڏهن پئي پراڻو نه ٿيڻو آهي، ڇوته لطيف سائين جو فڪر زمان ۽ مڪان جي حدن کان ماورا آهي. هن جي شاعريءَ جون جاگرافيائي حدون گهڻو ڪري سنڌ تائين محدود آهن ۽ هن جا اڪثر ڪردار به سنڌ ڌرتيءَ جي ڪُک مان ڄايل آهن پر هن جي تخيل جي ڪائنات نهايت وسيع آهي. شاهه لطيف کي ڪو وڏو ادبي ورثو نه مليو پر تنهن جي با وجود هن سنڌي شاعريءَ جي جهان ۾ نئين جوت پيدا ڪئي، ڪجهه نيم ڪلاسيڪي داستانن جي بنياد تي هن جنهن طرح پنهنجي ڪلام جي پيڙه رکي، ان کي اڄ تائين وقت جو ڪو طوفان ميٽي نه سگهيو آهي.
شاهه لطيف جي شاعريءَ جي خيال، تصور ۽ تفڪر جي زمين نهايت زرخيز آهي. "ڀٽائي سائين جي شاعري اڄ به ڇو اھم آھي؟" يا "موجوده وقت ۾ سندس ڪلام جو ڪارج ڪهڙي آهي؟" جهڙا سوال ڏاڍا اهم آهن. منهنجي اها دعوا ٺلهي دعوا ناهي ته ڀٽائي جو ڪلام ڪڏهن پئي پراڻو ٿيڻو ناهي. منهنجي دعوا پٺيان دليلن جي قطار آهي. پر سڀ کان اهم ڳالهه هي آهي ته لطيف سائين ’سماج جي زنده قدرن جو شاعر آهي.‘ اهي قدر جيڪي ٽي سو سالن بلڪه صدين کان سنڌي سماج جو ورثو رهيا آهن. اهي قدر جيڪي سماجي تبديلي(Social Change) جو بنياد آهن، جن وسيلي سماجَ اڳتي وڌندا آهن. اهڙن قدرن ۾ پورهيو (محنت)، انسان دوستي، سجاڳي، جستجو، رواداري وغيره شامل آهن. لطيف سائين پنهنجي لطيف ڪلام ۾ سماجي ترقيءَ لاءِ انهن ۽ اهڙن انيڪ قدرن جو ڪارج بيان ڪندي پنهنجي شاعريءَ کي امر بڻايو آهي. لطيف سائين امن ۽ انسانيت جو شاعر آهي ۽ هن وقت دنيا جي سمورن خلفشارن جو حل ‘امن’ آهي. لطيف سائين ٽي سو سال اڳي "دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين" چئي نه رڳو پنهنجي فڪر جو جوهر پيش ڪيو، پر عالمي امن ۽ سلامتي جي خواهش به ڏيکاري. ڀٽائي جي ڳالھه اتي پوري نه ٿي ٿئي پر هو اڄ جي انسان کي امن، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ رستا به ٻڌائي ٿو. لطيف سائين جي شاعري رڳو "واٽون ويهه ٿيام... " ناهي هن وٽ "هو چوني تون مَ چئه..." واري حڪمت عملي به آهي ته "هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين" واري مزاحمت به آهي.
شاهه
لطيف پتنگ واري زندگيءَ کي پسند ڪندڙ آهي، پتنگ جيڪو هڪ عاشق آهي هڪ آدرشي انسان
جي علامت آهي، جيڪو مچ پَسي موٽي نه ٿو پر مقصد جي حصول لاءِ ڳچيءَ جا ڳچ لاهڻ
لاءِ تيار آهي. شاهه لطيف جي شاعريءَ جي اڄ جي دور سان relevance کي سمجهڻ
لاءِ ڪيڏاري جي سرفروش جوڌن ۽ جهونجهارن کان يمن ڪلياڻ جي پتنگن تائين جي اصل
فلسفي کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.
شاهه
لطيف جيڪو دنيا کي ‘اُلٽي اک’ سان ڏسي ٿو، ڇا اڄ ان الٽي اک جي اهميت نه آهي؟ لطيف
سائين جڏهن چوي ٿو ته "ايڏو سور سهي ننڊ نه ڪجي ناکئا" ته ڇا هو اڄ جي
انسان سان مخاطب نه آهي؟ ڀٽائي جڏهن ڏهر ۾ ڪنڊي جي سڪل وڻ سان مخاطب ٿي چوي ٿو ته:
ڪَرِ
ڪي ڳالَهڙِيُون، ڪَنڊا! ڍورَ ڌَڻِيُنِ
جُون؛
ڪِئَن
سي راتَڙِيُون، ڪَنھِن پَرِ ڏِينھَن گُذارِئين؟
ته ڇا هو اڄ جي ماڻهوءَ کي
پنهنجي ماضيءَ جو شعور سان نه ٿو ڳنڍي؟ ۽ ان کي پنهنجي تاريخ جي درد سان نه ٿو
جوڙي؟
ڀٽائي رامڪلي جي جوڳين جي
سنگت مان اڄ جي دور جي ماڻهو لاءِ سوين سبق ڪڍي ڏئي ٿو. اهي خاص ٽيهه ڏينهن ۽ راتيون
جيڪي لطيف سائين ساڻن گڏ گذاريون ۽ انهن جو پيغام پنهنجن بيتن ۾ بيان ڪيو آهي ان
کي به ڪنين لائڻ ضرور آهي:
چوٿين
ڏِينھن چَوگانَ ۾، ڪَنھن جَنھن پَھ پِيا؛
وَھَمَ
پِرِيان جي وَڍِيا، تن ۾ ڪُوڙَ ڪِھا؟
اَندَرُ
آديسِيَنِ کي، اَچَنِ جوشَ جِھا؛
سامِي
سونُ ٿِيا، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.
هي
اهو شاهه لطيف آهي، جيڪو جوڳين، سامين ۽ سنياسين سان سنگت ڪري، ڪَنَ ڪَٽَ، ڪاپَٽَ،
ڪاپڙين ۽ پُوربين سان پورَ پچائي، هارين، ملاحن، لوهارن ۽ ڪورين سان ڪچهريون ڪري،
دنيا کي جيڪو فڪر ڏئي ٿو، اهو نهايت اعلى ۽ املهه آهي. هن پنهنجي خيال جي مٽي ان
درد مان ڳوهي آهي، جنهن کي هن نه رڳو پنهنجي آس پاس محسوس ڪيو پر تاريخ جي دَزَ
هٽائيندي اهو ئي درد سندس پلئه پيو هو، اسان کي شاهه لطيف جي ان درد جو ورثو
سنڀالڻو آهي، ڇو ته شاهه سائين درد کي ئي پنهنجي طاقت سمجهي ٿو. ڀٽائي "گهوريا سُک ڏکن ري" چئي ڏک جي اهميت
کي اجاگر ڪيو آهي. هو ڏک کي راهزن نه پر راهبر سمجهي ٿو ۽ چوي ٿو :
ڏيکاريس
ڏکن، گوندر گس پرين جو
سونهان
ئي سورن، ڪي هيڪاندي هوت سين
اڄ
جو انسان جڏهن حالتن کان مايوس ٿئي ٿو ته ڀٽائي جي سور جو فلسفو ان کي طاقت ڏئي
سگهي ٿو. شاهه جو ڪلام اڄوڪي دور جي انسان لاءِ سڦلتا جا ڪيئي گَسَ ڪڍي ڏئي ٿو.
اڄوڪو دور جيڪو انفارميشن ٽيڪنالاجي کان اڳتي وڌي آرٽيفيشل انٽيليجنس جو دور ٿي
ويو آهي، ان دور ۾ مهارت ۽ اسپيشلائيزيشن جي ضرورت آهي پر لطيف سائين اسان کي ٽي
سو سال اڳ ان ڳالهه جي اهميت جو احساس ڏياريندي چئي ويو.
مَحرُومَ
ٿِي مَرِي وِيا، ماهِرَ ٿِي نه مُئا؛
چِڙِيءَ
جِيئَن چُھِنجَ ھَڻِي، لَڏِيائُون لُئا؛
حُبابَ
ئِي ھُئا، اِنھِيءَ واديءَ وِچَ ۾.
(سُر آسا ٤:١)
اڄ
جي دؤر ۾ شاهه لطيف جي شاعري ان ڪري اهم آهي جو شاهه سائين سخت نراسائي ۽ نااميدي
وارين حالتن ۾ به اميد جو دامن هٿان نه ٿو ڇڏي ۽ نااميديءَ کي به اميد ۾ تبديل ڪري
ٿو ۽ چوي ٿو ته "نا اُميدِي نيجُ، ته اوڏي ٿِيين اُميدَ کي..." حقيقت
اها آهي ته هر ناڪاميءَ ۾ ڪاميابيءَ جي گونج لڪل هوندي آهي. لطيف سائين جي شاعري
مايوسيءَ کي ٽوڙيندڙ آهي، ان جو وڏو مثال سسئي، سهڻي ۽ مورڙي جهڙا ڪردار آهن،جيڪي
جستجو جا انوکا مثال آهن ۽ کاهوڙين جهڙا اڻٿڪ ۽ املهه انسان، جيڪي اُتي به باهه
ٻارين ٿا جتي ڪنهن پکيءَ جو پير به ڪونهي.
سچ
اهو آهي ته لطيف سائين جي شاعريءَ جي اهميت ڪڏهن به گهٽ ٿيڻي ناهي.... ڇوته شاهه
لطيف پاڻ عمل جي دنيا جو هڪ متحرڪ ۽ غير معمولي انسان هو ۽ هن جي فڪر ۾ سدا تازي
رهڻ جي قوت موجود آهي. اڄ جي دنيا کي شاهه لطيف جي شاعريءَ جي اهميت سمجهائڻ لاءِ
رڳو "حسيني" جو هي بيت ئي ڪافي آهي ته :
جان جِئَين تان
جَلُ، ڪانهي جاءِ جَلَڻَ ري ؛
تَتِيءَ ٿَڌِيءَ
ھَلُ، ڪانهي ويلَ وِھَڻَ جي.
(لطيف سائين جي عرس جي حوالي سان ڪاوش دنيا طرفان پڇيل سوال جي جواب ۾ لکيل. آگسٽ 2024)
No comments:
Post a Comment