ڊاڪٽر احسان دانش
شاهه لطيف جي امر شاعري ۽ عظيم پيغام
مان جڏهن به لطيف سائين جهڙي عظيم مفڪر شاعر تي سوچيندو
آهيان ته سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته کيس ڪهڙن لفظن ۾ ياد ڪريان، پوءِ سندس ئي هڪ بيت
منهنجي مشڪل ڪُشائي ڪندو آهي:
ڪوڙين ڪايائون تُنهنجيون، لِکَن لَکَ هزارَ،
جِيءُ سڀڪنهن جيءَ سين، دَرسن ڌارون ڌارَ،
پِرِيَم، تنهنجا پارَ، ڪهڙا چَئي ڪيئن چوان.
سچ اهو آهي ته ڀٽائي اهو پرين آهي، جنهن جا ڳُڻ ڳڻڻ ۽ ڳائڻ
کان گهڻا آهن. هن جي شاعريءَ جي ڌرتي ۽ آڪاس وسيع آهن. جنهن جو نالو ئي لطيف هجي ان تي ڇا لکجي ۽ ڇا ڳالهائجي.. هن جي نانءَ ۾ لطافت آهي هن جي ذڪر ۽ فڪر ۾ لطافت آهي. جڏهن
اسان چوندا آهيون ته ”اسان جو لطيف“ ته اسان هن سان هڪ رشتو جوڙيندا آهيون ۽ اهو روح جو رشتو هوندو آهي. اسان
برابر هن کي پنهنجو سمجهون
ٿا، هن سان اٿاهه پيار به آهي پر ڇا اسان سندس پيغام ۽ سنيهي کي ان جي حقيقي روح مطابق سمجهون ٿا؟ اسان کيس پڙهڻ سان گڏ سندس ڪلام کي پُرجهون به پيا يا نه؟ لطيف
سائين ڄڻ پنهنجي ئي ڪلام لاءِ اسان سان مخاطب ٿي چيو هجي.
پڙهيو
پيا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوبَ ۾.
اسان جڏهن لطيف کي پڙهندا ۽ پرجهندا سين ته اسان کي فخر ٿيندو ته اسان ان ڌرتيءَ جا وارث
آهيون، جتي ڀٽائيءَ جهڙو عظيم مفڪر شاعر پيدا ٿيو. لطيف سائين جو رسالو آهي ئي
پيغام. اسان ان پيغام کان پري ويندا سين ته ڀٽڪي ويندا سين. ڀٽائيءَ جي شاعري سندس
تخليقي ڪارنامو آهي ۽ هن جو فڪر انتهائي عميق ۽ گھرو آهي. اسان کي ان جي گھرائيءَ
جو احساس تڏهن ٿيندو جڏهن اسان ان ۾ گھرا لهندا سين.
سي پُوڄارا پُرِ ٿِيا، سمنڊ
سيويو جِنِ
آندائُون عَمِيق مان، جُوتي
جَواهرن
لَڌائُون لطيفُ چئي، لالون مان
لَهرنِ
ڪانهي قيمتَ تِنِ، مُلھه مَهانگو اُنِ جو.
’لطيف
سنڌ جي عظمت جو نشان آهي. شاهه اسان سنڌين جي فخر جو سبب آهي...‘ اهي ڪي هرو ڀرو جون جذباتي
ڳالهيون ناهن پر لطيف سائين واقعي به سنڌ جو هڪ عظيم انسان آهي. بلڪه هو انساني
تاريخ جي عظيم انسانن مان هڪ عظيم انسان آهي. سنڌي سماج ۾ شاهه لطيف جي سڃاڻپ جا
ٽي اهم حوالا آهن. پهريون ته ’شاهه هڪ سيد ۽ پير آهي.‘ جنهن جي
درگاهه تي باسون باسيون وينديون آهن. سيد بيشڪ هڪ اوچي ذات آهي، پر لطيف سائين
پنهنجي ئي ڪلام ۾ ’ڏات نه آهي ذات تي،
جو وهي سو لھي‘ چئي، ذات پات جي سمورن سَنڌن ۽
سيڙهن کي ميٽي ڇڏيو آهي. هن وٽ ’جو وهي سو لھي‘ وارو تصور واضح آهي. شاهه
لطيف جي سڃاڻپ جو ٻيو حوالو هي آهي ته ’هو هڪ صوفي آهي.‘ هن جي ڪلام
۾ بيشڪ تصوف جون رمزون موجود آهن ۽ هو رومي جهڙي عظيم صوفي شاعر کان به متاثر آهي
پر لطيف جو تصوف به نرالو آهي. هن جو صوفي ڪو دستاربند ۽ تخت نشين نه آهي. شاهه جو
صوفي پنهنجي خودي، انا ۽ مرتبي کي خاڪ ۾ ملائڻ لاءِ تيار آهي. لطيف سائين پنهنجي
ڪلام ۾ صوفي جي تصور کي هن طرح واضح ڪيو آهي:
صوفي
چائين سڌ ڪرين، صوفين اي نه صلاح،
ڪاٽي
رک ڪُلاهه وجھه
اُڇلي آڳ ۾
هاڻي اهو صوفي هڪ
الڳ صوفي آهي، جيڪو لباسي صوفين کان مختلف آهي. سنڌي سماج ۾ ’شاهه لطيف جي
سڃاڻپ جو ٽيون حوالو هڪ
شاعر وارو آهي.‘ اها هڪ
مڃيل حقيقت آهي ته عظيم شاعرن جو فڪر زمان ۽ مڪان
جي حدن کان ماورا هوندو آهي. هو هڪ وقت ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ هر وقت ۾ زنده رهندا
آهن. هو هڪ جاءِ تي پيدا ٿيندا آهن پر هر جاءِ لاءِ هوندا آهن. لطيف سائين بيشڪ هڪ
اهڙو ئي شاعر آهي. هو پنهنجن ڪردارن ۽ وٿن جي لحاظ
کان مقامي شاعر آهي. هن جا اڪثر داستان به مقامي آهن، هن جي ڌرتي به سنڌ آهي پر هن جو فڪر عالمگير آهي. شاهه لطيف هڪ غير معمولي انسان آهي، ان ڪري هن جو فڪر به
غير معمولي آهي. لطيف سائين هن سماج جي ڪڌين ريتن رسمن، هن کوکلي
نظام، انارڪي، ڪرپشن، ظلم، بي انصافي، اڻ برابري کي قبول نه ٿو ڪري، هو پنهنجي شاعريءَ ۾ نئين راهه ٿو ڏسي ۽ چئي ٿو ته:
اک
الٽي ڌار، ونءُ ابتو عام سين،
جي
لھوارو لوڪ وهي، تون اوچو وَههُ اوڀار
لطيف سائين
نه پاڻ سولو رستو اختيار ڪري ٿو نه
ئي پنهنجي شاعريءَ ۾ سولي رستي تي هلڻ جو ڏس ڏئي ٿو. هن جي عظيم ڪردارن سسئي، سهڻي، مورڙي، مارئي، کاهوڙين ۽ جوڳين ڏکين رستن جو
سفر ڪيو. سفر رڳو پرين پنڌ هلڻ جو نالو به ناهي، ڪي ماڻهو روح کي به رهڙي هلندا
آهن، انسان جي وجود ۽ باطن جو سفر اڃا به ڏکيو آهي ۽ ڀٽائيءَ جا ڪردار اهو سفر ڪن
ٿا. لطيف سائين سدائين ڏکيو رستو ٻڌائي ٿو ۽ ڏکيائين
مان پار پئي سُک جو مزو وٺڻ جو
مزو ئي ٻيو آهي.
سياري سھه
رات ۾، جا گهڙي وسندي مينهن
هلو ته
پسون سھڻي، جا ڪر ڄاڻي نينهن
جنهن کي
راتو ڏينهن، ميهار ئي مَنَ ۾
لطيف سائين معمولي شين کي اهميت ڏئي ۽ انهن کي علامتون ۽
اهڃاڻ بڻائي غير معمولي فڪر جي جوت جلائي ٿو. ائين ئي شاهه جا بظاهر معمولي نظر
ايندڙ ڪردار به غير معمولي آهن. ڀٽائيءَ جي مارئيءَ جو ڪردار به اهڙو ئي آهي. اهڙي
طرح سڄي رسالي ۾ لطيف سائين پنهنجن عام ڪردارن ۽ وٿن کي glorify ڪيو آهي. مارئي عمر جي ڪوٽ ۾ ويھي عمر جا ڳيچ ڳائڻ بدران ان سان
جهيڙيندي رهي ۽ سندس هر آڇ کي ٿڏيندي رهي، ان حد تائين جو هوءَ عمر جي تخت، تاج ۽
بادشاهي بابت به جيئن سوچيندي رهي ائين ان وقت جي رعايا مان شايد ڪوبه سوچي نه پيو
سگهي. اصل ۾ ته مارئي جي ڪردار کي رسالي ۾ اها سوچ لطيف سائين ئي ڏني آهي، ورنه
اهڙو فڪر ته دنيا جي عظيم شاعريءَ ۾ به ڳوليو نه لڀندو. هڪ پاسي سُئي آهي، جنهن جو
ڪم سِبَڻ ۽ ٽوپڻ جو، يعني ڍَڪِڻ جو آهي ۽ ٻئي پاسي بادشاهي آهي. بادشاهه ۽ حاڪم
عوام جي درد کي نه سمجهي سگهندا آهن يا سمجهڻ نه چاهيندا آهن، ان ڪري سُئي ۽
بادشاهي ۾ جيڪو بنيادي فرق آهي، سو هي آهي ته سُئي انگ اگهاڙن کي ڍڪڻ جو ڪم ڪندي
پاڻ ننگي رهندي آهي ۽ بادشاهه ڍڪيلن کي به ننگو ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا آهن، ان ڪري
ڀٽائيءَ وٽ سُئي جو مقام بلند آهي، لطيف سائين چوي ٿو ته ان سُئيءَ جي حقيقت ۽ ڳڻن
کي ساڃاهڻ لاءِ توکي هڪ ٻي حياتيءَ جي ضرورت آهي.
پاشاهي
نه پاڙيان، سرتيون سُئي ساڻ
ڍڪي
اگهاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ،
ٻيهر
ڄاپي ڄاڻ، اِبر جي اوصاف کي
شاهه لطيف جي شاعريءَ جو بنيادي موضوع انسان آهي ان ڪري
منجھس انساني، احساسن، امنگن ۽ جذبن جو ڀرپور اظهار موجود آهي. گڏو گڏ ان ۾ منظر
نگاري ۽ محاڪات جون خوبيون پڻ موجود آهن. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ تصور جي اڏام ۽
تخيل جي گھرائي ته ڪمال جي آهي پر هن جي شاعري مقصديت سان به ڀرپور آهي ۽ ان ۾
اهڙو وکر موجود آهي، جيڪو ڪڏهن پئي پراڻو ٿيڻو ئي نه آهي.
جَر ۾
ڦوٽو جيئن، لھر لڳندي اڌ ٿئي
تون
پڻ آهين تيئن، دنيا ۾ ڪي ڏينهڙا
مون پنهنجي مطالعي جي آڌار تي محسوس ڪيو آهي ته شاهه لطيف
جي شاعريءَ ۾ بنيادي طور ٽي وڏا موضوع آهن. پھريون عشق ٻيو درد
۽ ٽيون جدوجهد. ۽ اهي ٽئي موضوع هڪ ٻئي سان گھرا سلهاڙيل ۽ سنجوڳي
آهن. جيڪڏهن غور سان ڏسجي ته انهن ٽنهي موضوعن جو وري هڪ ٻئي سان گھرو تعلق به
آهي. عشق درد کان سواءِ اڌورو ۽ اڻپورو آهي ۽ جدوجهد درد ۽ تڪليف کان بنان ناممڪن.
اصل ۾ عشق ٻين ٻنهي موضوعن جو مرڪزي نڪتو آهي. ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ عشق سج وانگر
پيو چمڪي، ان جي روشني سڄي رسالي تي پکڙي پئي آهي. لطيف سائين عشق جي حقيقت هن ريت
سمجهائي ٿو:
پاڻ
مَ کڻج پاڻ سين، ري وسيلي وڌ،
لالن تنين لڌُ، عشق جنين جــي اڳ ۾.
..........
کامان،
پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان
تن ۾
تئونس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان،
جي سمونڊ
مُنهن ڪريان، ته سُرڪيائي نه ٿئي
عشق رڳو ڪنهن جذبي جو نالو ناهي. عشق هڪ اهڙي انساني ڪيفيت
آهي جنهن جي لفظن ۾ تشريح نه ٿي ڪري سگھجي. اهو هڪ اهڙو مرحلو آهي، جنهن مان گذرڻ
بعد به سندس وستار ڪرڻ ڏکيو آهي. سو عشق جي رمز کي سمجهڻ ڏاڍو اوکو ڪم آهي. انهيءَ
ڪري مولانا رومي فرمايو هو ته:
در نگجد
عشق در گفت و شنيد
عشق
دريائيست قعرش با هديد*
(*عشق گفتگو ۾
سمائجي نه ٿو سگهي، ڇوته اهو هڪ اهڙو سمنڊ آهي، جنهن جو تَرو ڪنهن لڌو ئي ناهي.)
عشق انساني زندگيءَ جو هڪ عملي مرحلو آهي، جنهن مان گذرڻ
کان پوءِ ئي ان جي تاثير کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. لطيف سائين تڏهن ئي ته چيو هو ته:
پي
پِيالو عشقَ جو، سڀڪي سمجهيو سُون
اهڙي طرح درد به انساني زندگيءَ جو دائمي سچ آهي. انهيءَ
ڪري چوندا آهن ته ’بي درد نامرد.‘ فارسي زبان جي شاعر لايق شير علي جو شعر آهي ته:
زندگی پیرهنِ افسرده ست
دربِهش گر بکنی، باز درَد*.
(*زندگي غم جو چولو آهي، جيڪڏهن تون ان کي رفو ڪندين ته وري
ڦاٽي پوندو.)
لطيف سائينءَ وٽ ڏُکَ ۽ درد جي وڏي اهميت آهي. ان کان وڏي
ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي جو چوي ٿو ته ”ڏکَ سکن جي سونهن، گھوريا
سُکَ ڏکن ري.“ يا آبريءَ ۾ چيائين:
سُکن واري سَڌَ، متان ڪا مون
سين ڪري
اندر
جنين اڌَ، ڏونگر سي ڏورينديون
دَردُ هڪ اهڙو لفظ آهي، جنهن کي ابتو لکجي يا سُبتو پر ان
جي معنى ۽ مفهوم ۾ ڪوبه فرق نه ايندو. درد مان آخري ٻه اکر جدا ڪري لکجن ته ٿيندو
”رَد“ ۽ جي پهريان ٻه اکر الڳ لکجن ته ٿيندو ”درُ“. مان سمجھان ٿو ته درد هڪ اهڙي
حقيقت آهي جنهن کي ڪڏهن به ”رد“ نه ٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي وري ڪو ان کان انڪار ڪري
سگهي ٿو ۽ اهو هڪ اهڙو ”درُ“ آهي جنهن مان هر انسان کي اوس گذرڻو پوي ٿو.
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ دک جي چڪيءَ ۾ پيسجندڙ انيڪ ڪردار
سماج جو عڪس ۽ اولڙو آهن. سچ ته شاهه جو سڄو ڪلام ڪَربَ جي ڪوٺاري ۾ پَڪل آهي. هن
جو درد ڪنهن فرد جو غم ناهي پر هڪ دور جو درد آهي. شاهه جو سڄو دور دُک، درد، حزن،
مصيبت ۽ پيڙا جو منظر پيش ڪندڙ آهي، جتي عام ماڻهو غم جي چَڪي ۾ پيسجندي نظر اچي
ٿو. حقيقت اها آهي ته اڄ جيان ڀٽائي جي دور ۾ به سنڌ جو ماڻهو اڻ ڳڻين سورن ۽ پورن
۾ ورتل هيو.
سُورَ به
ڀَتَئُون ڀَتِ، هِيءُ چُڻِڪِئو ڪِين ٻِئو
ان جي باوجود مجموعي طور لطيف سائين وٽ درد راهنما آهي نه
ڪي راهزن. ڀٽائي چوي ٿو ته سور سيکاري ٿو. درد ڏيکاري ٿو اهو رستو جنهن تان گذرندي
پرينءَ کي پسي سگهجي ٿو.
ڏيکاريس
ڏکن، گوندر گس پرين جو.
لطيف سائين درد ۽ سور کي مرض ۽ بلا نه پر صحت سمجهي ٿو ۽ غم
جي مصيبت کي مِٺو ڀانئين ٿو.
سُورُ جنين کي سَريو، سَرِي تن صحتَ؛
مِٺِي مصيبت، آهي عاشقنِ کي.
اردو جي هڪ شاعر سيد غلام محمد مست کلکتوي جو مشهور شعر آهي
ته:
سرخرو هوتا هے
انسان ٹھوکريں کهانے کے بعد
رنگ لاتي هے حنا پتهر
په پِس جانے کے
بعد
سو انسان جي زندگيءَ ۾ اهي تڪليفون ۽ ٺوڪرون اوس اچن ٿيون.
جيون جھد ۽ جستجو جو نالو آهي، زندگيءَ ۾ مسلسل پنڌ ۽ سفر ماڻهوءَ کي گهڻو ڪجهه
سيکاري ٿو، تنهن ڪري چوندا آهن ته سڪوت موت آهي ۽ تحرڪ زندگي. لطيف سائين جي سڄي
شاعري، انهيءَ تحرڪ ۽ جستجو سان ڀري پئي آهي. فرمائي ٿو:
ويههُ مَ منڌ ڀنڀورَ ۾، ڪر ڪو واڪو وسُ،
ٻانهي ٻاروچن جــي،
گــولي! ڇڏ مَ
گسُ،
ڏورڻ منجھان ڏسُ، پوندئي هوتَ
پنهونءَ جو.
............
جان جيين تان جَلُ،
ڪانهي جاءِ جلڻ
ريءَ،
تتيءَ ٿڌيءَ هَلُ، ڪانهي ويل ويهڻ جي
............
کــرڪـڻـا
لاهي، سُک نه
سُتا ڪڏهيـن،
اوسيئڙو آهي،
کاهوڙين کي پنڌ
جــو.
سچ اهو آهي ته لطيف سائين جو ڪيميا جهڙو ڪلام هر دور جو
آواز آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان سندس شاعريءَ جي مخصوص معنائن ۾ منجهڻ
بدران منجهس موجود وسيع عالمگير ميسيج کي سمجهون. اهڙو ميسيج جيڪو هن کي دنيا جي
شاعرن ۾ نمايان ڪري بيھاري ٿو.
No comments:
Post a Comment