ڊاڪٽر احسان دانش
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ انساني ڪيفيتن جو مانڊاڻ
انساني تاريخ ۾ اهڙا ڪي ٿورا ماڻهو هوندا آهن، جن کي صدين
تائين ياد رکيو ويو ويندو آهي. سنڌ جو شاهه اهڙن عظيم انسانن مان هڪ آهي. شاهه
لطيف جي شاعريءَ جا ايڏا ته گهڻا رُخَ ۽ رنگ آهن، جو ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ لطيف
سائين جي فڪر ۽ فلسفي کي محدود نظر سان ڏسڻ وانگر آهي، ڇوته شاهه لطيف جي شاعري
اهڙي پلزم وانگر آهي، جنهن جي هر ڪنڊ مان نئين روشني ۽ نئون رنگ ڦٽي ٿو، ان ڪري
پرک جي نگاهه جي هڪ زاويي جي بنياد تي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ بابت ڪُلي راءِ قائم ڪرڻ
ڪنهن به ريت مناسب ناهي، مگر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ تائين ڀٽائي جي شاعريءَ
سان اڪثر ائين ئي ٿيو آهي، يعني ان کي هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي لينس ۾ ڏسڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي ۽ ائين شاهه جي عالمگير فڪر ۽ فلسفي کي محدود ڪيو ويو آهي. سچ اهو آهي ته مونکي
شاهه جون وايون ۽ بيتَ ان موزيڪ آرٽ وانگر
ڀاسندا آهن جنهن ۾ ننڍڙن ننڍڙن رنگا رنگ شيشن جي ٽڪرن سان تصويرون ۽ نقش ٺاهيا
ويندا آهن. ڀٽائي جي شاعريءَ جي موزيڪ جي هر شيشي ۾ پنهنجي الڳ ڪائنات آهي. ان ۾
زندگيءَ جا انيڪ رنگ ۽ آهنگ آهن. شاهه لطيف انساني جذبن، احساسن ۽ ڪيفيتن کي پنهنجي
شاعريءَ ۾ جنهن طرح پينٽ ڪيو آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. شاهه سائين پنهنجي
شاعريءَ ۾ خاص طور عورت جي اندروني احساسن ۽ نفسياتي ڪيفيتن کي ڪمال حسناڪيءَ سان
چٽيو آهي. هڪ پاسي مومل جي تڙپ ۽ انتظار جون ڪيفيتون آهن ته ٻئي پاسي سهڻيءَ جي
لُڇ ۽ تڙپَ جا احساس. هڪ طرف وڻجارن جي ونين جي اندر ۾ وهمن، وسوسن ۽ خوف جون
ڪيفيتون سمنڊ جيان ڇلندي محسوس ٿين ٿيون ته ٻئي پاسي سورن ۾ سامايل سسئي درد جي
پاهڻن تي پنڌ ڪري پنهنجا پير پٿون ڪري ٿي ۽ پل پل سندس من ۾ انيڪ احساس ۽ ڪيفيتون
ڪَرُ کڻي جاڳن ٿيون. ائين مڻي تي موهيل ليلا جي لالچ کان پوءِ سندس من ۾ پيدا
ٿيندڙ احساسِ ندامت ۽ پڇتاءُ ۽ آزيون نيزاريون ڪرڻ توڙي نوريءَ جي نماڻائي ۽ نئڙت
مان ڪيئي انساني ڪيفيتون اڀري اچن ٿيون جن کي شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪمال
هنر سان پيش ڪيو آهي. ان طرح لطيف سائين جي سڄي رسالي ۾ انساني ڪيفيتن جو عجب
مانڊاڻ نظر اچي ٿو. مارئي جڏهن عمر جي ڪوٽ ۾ باندياڻي بڻجي ٿي ته هر وقت سندس مَنُ
مارن لاءِ ملول رهي ٿو. هوءَ پنهنجي اندر کي وطن جي ڪکن ۽ مارن جي سارَ کان ڌار نه
ٿي ڪري سگهي. ڀٽائي هن جي اندر جي ڪيفيتن ۾ جهاتي پائي چوي ٿو:
بَندي ٻِيا قرارِ، اسِين لوچُون لوهَ ۾؛
مٿي تَنَ ترارَ، سدا سانڀِيڙَنِ جي.
جڏهن لطيف سائين چوي ٿو ته “سَنِهِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون
مارُوءَ سين منُّ” ته سچ پچ مارئي جي ان حسين ڳانڍاپي جي احساس کي ماڻهو پنهنجن
پورن حواسن سان محسوس ڪري سگهي ٿو. نه رڳو هڪ عورت پر لطيف هر ڪردار جي جدا جدا
ڪيفتين جي لهرن کي پنهنجي رسالي جي هنج ۾ سمهاريو آهي، نه رڳو اهو پر هن پنهنجن
ڪردارن جي ڪيفيتن کي پنهنجي وجود ۾ تحليل ڪري ڇڏيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو رسالي
جو هر اهو بيت جنهن ۾ انساني اجهل جذبن ۽ ڪيفيتن جو خاص اظهار آهي، ان کي پڙهندي
محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ اها ڪيفيت خود شاهه مٿان طاري آهي. يمن ڪلياڻ ۾ موکيءَ جا
ماريل متارا هجن يا رُڪَ سان رانديون ڪندڙ آڳڙيا، سارنگ جا ڏڪار ۾ ورتل ماروئڙا
هجن يا کاهوڙي جا ڏٿ ڳوليندڙ ڏوٿي، سريراڳ جا وڻجارا هجن يا ڪاپائتيءَ جون سُٽ
ڪتيندڙ عورتون. انهن سڀني ڪردارن جي اندروني ڪيفيتن، جذبن ۽ احساسن کي شاهه لطيف پنهنجي
رسالي ۾ جنهن نموني پورٽري ڪيو آهي ان جو جواب ناهي. ڀٽائي ڪيڏاري جي جوڌن جي
سرفروشيءَ وارن جذبن کان وٺي رامڪلي جي ٻَري ٻاريندڙ ۽ جُز وڃائيندڙ جوڳين جي جوڳ
۽ تپسيا مان جنم وٺندڙ انوکن احساسن جي
اوتَ تائين پنهنجي شاعريءَ کي انيڪ حسناڪيون بخشيون آهن.
انساني ڪيفيتن ۾ محبت هڪ انوکي ڪيفيت آهي. ماڻهو محبت جي مچَ مان پچي ۽ عشق جي آڙاهه مان
رچي ڪُندن بڻبو آهي. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عشق جي ڪيفيت جا سهسين رنگ آهن. غالب
عشق کي “آگ کا دريا” چيو هو پر اسان جي ڀٽائيءَ وٽ عشقُ وِههُ جو وَٽو آهي ۽ لطيف جي رسالي جا عاشق زهر پياڪ
آهن. جن کي ڀٽائي چوي ٿو:
مَ ڪَرِ سَڌَ سَري جي، جي تون ٽارِئين ٽُوه،
پيتي جنهن پاسي ٿئي، منجهان رڳن روحُ،
ڪاٽي چَکُ ڪَڪوهُ، لاهي سِرُ، لطيف چئي.
چوندا آهن ته اهو هنڌ سڙي جتي باهه ٻري، سو عشق جي آڳ ۾ پچڻ
کان سواءِ عاشق سڏائڻ به ائين ئي آهي جيئن ڪناري تان بيهي سمنڊ کي ڪَڇڻ. انهيءَ
ڪري لطيف سائين سُر يمن ڪلياڻ ۾ چيو:
ڌُڌا! تون نه ڌَئيِن! آڳِ اوڏو نه وڃين!
اُلا جي عشق جا، سي تان تون نه سَهيِن!
اُڀو اِئن چَئيِن، ته آئون آڳڙيو آهيان!
لطيف جي عاشقن کي مصيبت به مٺي ٿي لڳي، انهن وٽ سدائين سِرَ
جون سَٽون آهن، عاشقن لاءِ سِرَ جو سودو معمولي ڳالهه آهي:
سوري ڀانءِ مَ شڪُ، عاشقُ ٿِيُ ته اُبهِين.
سورَ
۽ سوز جو حقيقي سرچشمو عشق آهي.
اهو عشق ئي ڪھڙو جنھن ۾ دُک ۽ درد نه
هجي، يعني درد کان سواءِ عشق جو تصور ئي ڌنڌلو آهي. تنھن ڪري عشق ۽ درد کي ’حرف
مڙوئي هيڪ‘ سمجهڻ کپي. “عشق جو تير بي پير آهي”، هن جو درد بي درد آهي، جيئن فريد
الدين عطار چوي ٿو ته:
قدسياں را عشق هست و درد نسبت،
درد را جز آدمي در خور نيست*
(*فرشتن کي به عشق آهي، ليڪن درد نه آهي ۽ اهو
درد انسان کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي لائق نه آهي.)
ڀٽائيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ غم ۽ گوندر جي ڪيفتن کي بيان ڪرڻ
لاءِ الڳ تشبيهون ۽ استعارا استعمال ڪري ٿو. ڪڏهن گوندر ۽ غم وجود تي ولين جيان
وري ٿا وڃن ته ڪڏهن اهي سورَ جند ۽ جان کي پاڻيءَ ۾ لوڻ وانگر ڳاري ختم ٿا ڪري
ڇڏين.
ڏٺي ڏينهه ٿِئامِ، ڪُهه ڄاڻان ڪهڙا پرين
وَلِين جئن وَرِيامِ، گوندرَ غم پِريَنِ جا.
............
سُورَ مَ ڏِيهِمِ ڌُوڻَ، آءٌ اَڳهِين ڪانهرِي
جا پَرِ پاڻِيءَ لُوڻَ، سا پَرِ مُنهِنجي جِندَڙي.
مان شاهه جو رسالو
پڙهندي حيران ٿيندو آهيان ته لطيف سائين انساني احساسن ۽ ڪيفيتن کي بيان ڪرڻ لاءِ
جيڪي لفظ، تشبيهون ۽ استعارا چونڊيا آهن، انهن ڪيفيت جي گهرائي کي بيان ڪرڻ لاءِ
انهن کان بهتر ڪي لفظَ ۽ سٽون ٿي ئي نه ٿيون سگهن. اهڙا بيت پڙهندي ڪردارن جون اهي
ڪيفيتون پوري طرح سان پڙهندڙ تائين پهچن ٿيون ۽ ماڻهوءَ جو من انهن احساسن جي سمنڊ
سان ڇُلڻ لڳي ٿو. شاهه جا ڪي اهڙا بيت جن جي پنهنجن لفظن ۾ معنا ڪرڻ سان انهن جو
حسن ڌنڌلو ٿي سگهي ٿو توهان پاڻ پڙهو:
جِيءُ منھنجو جَنِ، اَنگُڙِيَارو وَڍِئو
پُڄاڻا پِرِينِ، سِبان سَڄو نه ٿِئي.
................
چيتارِيان چُڻِڪَنِ، وِسارِيان نه وِسِري؛
ويرو تارَ ڏُکَنِ، سَڄَڻَ ڀَڳي ھَڏَ جِئَن.
...............
سِياري سِھَ راتِ ۾، جا گهِڙي وَسندي مِينهَن،
هَلو ته پُڇُون سُهڻي، جا ڪَرَڄاڻي نِينهَن،
جنهن کي راتو ڏِينهَن، ميهارُ ئي مَنَ ۾.
...............
وَريتِيُون! وَرو، آئُون نه وَرَندي وَرَ ري،
جاڏي هِنَ جَبَلَ جو، تانگهينديَسِ تَرو،
جَتَنِ ساڻُ ذَرو، نِينهن نِبيرڻُ نه ٿئي.
هونءَ ته شاهه سائين جو سڄو رسالو
انساني ڪيفيتن جي آرٽ گئلري آهي، لطيف پنهنجن لطيف لفظن مان انساني جذبن، اڌمن ۽ احساسن
جون جيڪي املهه تصويرون ٺاهيون آهن، انهن سڀني کي گهرائيءَ سان ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي
ضرورت آهي، پر رسالي جو سُر سامونڊي هڪ اهڙو انوکو سُر آهي، جنهن ۾ ڀٽائي ان عورت
جي اندروني ڪيفيتن کي بيان ڪيو آهي جيڪا تڙ تي بيهي پنهنجي محبوب (وَرَ) جي ورڻ جو
انتظار ڪري ٿي. اها هر وقت ان انتظار جي سولي تي ٽنگيل آهي ۽ انتظار ته اڌ موت جي
برابر ئي هوندو آهي. سامونڊي وڻجارا موت جي لهرن سان ويڙهندي وڻج ڪندا آهن. انهن
جي وڃڻ پڄاڻان موٽڻ جي ڪا مهل نه هوندي آهي. ڏينهن ڇا، مهينا ڇا، سال ڇا، پوين کي
سندن واپسيءَ جي ڪا خبر نه هوندي آهي. سمنڊ جي موجن ۾ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش هوندي
آهي ۽ وڻجارن جي ونين جي من ۾ وهمن ۽ وسوسن جو طوفان ۽ اکين ۾ اکُٽ اوسيئڙو. اهي
عورتون سمنڊ ڪناري پنهنجن محبوبن جي سلامتيءَ سان ورڻ لاءِ اکا پائي ۽ ڏيئا ٻاري
ساٺ سنوڻ ڪنديون آهن. جڏهن سَرَ نسري پاند جهلين ۽ اُتر جون ٿڌڙيون هوائون به گھلڻ
لڳن ۽ پوءِ به ڪنهن جوان عورت جو وَرُ پرديس تي هجي ته ان جي اندر جون ڪيفتون ڇا
هونديون! اها نوجوان عورت جنهن جو مڙس جوڀن وارن ڏينهن ۾ کيس اڪيلو ڇڏي سفر جو
سانباهو ٿو ڪري ۽ روئڻ سان به نه پيو ريجهي ته ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ اها عورت پنهنجي
آيل کي چوي ٿي:
مونکي چاڙهي چِيئن، ويو وڻِجارو
اوهِري!
سچ اهو آهي ته ڀٽائيءَ جي سُر
سامونڊيءَ ۾ ٻه سمنڊ ڇُلندي نظر اچن ٿا. هڪ سمنڊ جنهن ۾ وڻجارا سفر ٿا ڪن ۽ ٻيو
سمنڊ جيڪو سندن ونين جي من ۾ مضطرب رهي ٿو، اهو انتظار ۽ اوسيئڙي جو سمنڊ آهي.
شاهه لطيف سُر سامونڊيءَ جي هر بيت ۾ عورت جي احساسن ۽ نفسياتي ڪيفيتن کي جنهن
نزاڪت سان پيش ڪيو آهي، دنيا جي شاعريءَ ۾ ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. ڀلا هڪ مرد
عورت جي اندر جي ڪيفيتن کي هن طرح ڪيئن ٿو سوچي سگهي؟
اَڱڻِ آئيا جان ته سَرَتيُون، مون
سُکَ ٿيا،
اَمُلَ پِريِنءَ مٿان،ٻُرِڪيو ٻين ڏيان.
وَڻجاري جِي ماءِ، وَڻجارو نه
پَلِئين؟
آيو ٻارهين ماهِ، پُڻ ِٿو سَفَرِ
سَنبهَي!
ڏٺِي ڏِيَارِي، سامُونڊِرينِ سِڙهَه
سَنباهِيَا
وِجِهئو وَرُ وَنجهَه کي، روئِي
وَڻِجارِي
مارِيندَمِ مارِي، پِرِهَه سُور پِرينِ جا.
سامُونڊِريَڪو سڱُ، آهي گُوندَرَ
گاڏُئُون
اَنگهُنِ چاڙهي اَڱ، وِئو وَڻِجارو
اوهَرِي.
لاهِيندائِي ڪَنِ، ڳالِهيُون هَلَڻَ
سَنديُون
ڏِيندا مون ڏُکَنِ، وَهِ وِجَهندا جِندَڙو.
اهڙي طرح سُر
ڪلياڻ کان بلاول تائين شاهه لطيف جو سمورو رسالو انساني ڪيفيتن جو ڀنڊار آهي.
ڀٽائي جي شاعريءَ جي ان ڪيفيتي مانڊاڻ کي سمجهڻ ۽ ساڃاهڻ، سندس ڪردارن جي احساسن
سان جُڙڻ ۽ ڀٽائي جي ڪلام ۾ موجود فڪر ۽
فلسفي کي سمجهڻ لاءِ انهن انساني ڪيفيتن جي گهرائي ۾ وڃڻ جي ضرورت آهي.
No comments:
Post a Comment