ڊاڪٽر احسان دانش
سنڌي
ٻوليءَ جو منفرد محقق
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ارتقائي تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم
ٿئي ٿو ته اسان جي ادب جي اوسر ۾ جتي ادارن پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندي ساهت کي
سگهارو بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن، اتي ڪجهه شخصيتن انفرادي طور پنهنجي ٻولي جي
جهولي ڀرڻ خاطر جنهن طرح پاڻ پتوڙيو آهي ۽ علم ۽ عقل جا گوهر ورهايا آهن سا ڳالهه
ادارن واري خدمت کان گهٽ نه آهي.
ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ ٻين سمورن شاعرن کي پاسيرو رکي رڳو
لاکيڻي لطيف جو ئي مثال وٺجي، سندس ڪليات يعني “شاهه جو رسالو” ئي هڪ اهڙي ڪيميا
مثل آهي جنهن جي پرک ۽ پروڙ جو سلسلو نه ڄاڻ ڪيترين صدين تائين جاري رهندو. سنڌي
ٻولي شاهه جو احسان ڪڏهن به لاهي نه سگهندي. تنهن ڪري ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان هڪ شخص
صدين تائين ٻولي کي زنده جاويد بڻائي ڇڏيو. ائين ئي وري ٽالپرن جي دور ۾ سچل سرمست
ان سلسلي کي اڳتي وڌايو، اهڙي طرح انگريزن جي دور ۾ سنڌي ۾ نثري ادب جي صحيح معنى
۾ ابتدا ٿي ۽ ان ميدان ۾ به سياڻا ۽
ساڃاهوند ليکڪ لٿا پر خاص طور تي هڪڙي شخص سنڌي نثري
ادب کي عروج تي پهچايو. اهو شخص هيو شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، جنهن جا سنڌي
ٻولي صدين تائين ڳڻ ڳائيندي رهندي. ساڳي ريت کانئس پوءِ تحقيق، تاريخ ۽ لوڪ ادب جي ميدان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي روپ ۾ سنڌي زبان ۽ ادب کي هڪ
اهڙو عالم عطا ڪيو جنهن پنهنجي علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪارنامن وسيلي پاڻ کي حقيقي
معنى ۾ سنڌي ٻولي جو ڀرجهلو ۽ محسن ثابت ڪيو. منهنجي نظر ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب
کانپوءِ لسانيات، لغات ۽ لوڪ ادب تي گهڻي ۾ گهڻو ۽ معياري ڪم ڪرڻ وارن عالمن ۾
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو نالو سرفهرست آهي. بلڪه هن صاحب مذڪوره شعبن ۾ اهڙو
منفرد ڪم به ڪيو آهي جيڪو کانئس اڳ ڪنهن به نه ڪيو هو. هتي مون کي سنڌي ٻوليءَ جي
انهيءَ وينجهار جي شخصيت توڙي علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتن تي مختصر روشني وجھڻي آهي.
ولادت، تعليم تربيت ۽ عملي زندگي
ضلعي لاڙڪاڻي کي اهو اعزاز حاصل رهيو آهي ته هتي ڪيئي عالم،
اديب، محقق، دانشور ۽ شاعر پيدا ٿيا آهن. ڏات جي ڏيهه جي اهڙن
ئي سماني ساهتڪارن مان ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو به هڪ آهي. سندس جنم 6 اپريل 1919ع
تي سندس والد جي نالي تي ٻڌل ڳوٺ محراب خان سنديلو تعلقي ڏوڪري ۾ ٿيو. هن ابتدائي
تعليم لاڙڪاڻي شهر ۾ حاصل ڪئي، جڏهن ته ثانوي تعليم بي آي آنرز ۽ ايم-اي (سنڌي
ادب) فرسٽ ڪلاس ڪرڻ کانپوءِ 1974ع ۾ ”سنڌي لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ جي عنوان تي علامه غلام مصطفى قاسمي جي رهبري ۾ تحقيقي مقالو
لکي سنڌ
يونيورسٽي ڄامشوري مان پي. ايڇ-ڊي جي اعلى سند حاصل ڪئي.
ڊاڪٽر
سنديلي صاحب پنهنجي عملي زندگي جو آغاز پرائمري استاد جي حيثيت سان ڪيو. نومبر
1947ع ڌاري سنجهوري ۽ سانگهڙ تعلقن جو اسسٽنٽ ڊپٽي ايجوڪيشن انسپيڪٽر مقرر ٿيو.
اهڙي ريت 1949ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۽ بعد ۾ ٽريننگ اسڪول ۾ استاد مقرر
ٿيو. جولاءِ 1954ع ۾ سنديلي صاحب جي گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار طور مقرري ٿي،
ساڳي ڪاليج ۾ ڏهه سال نوڪري ڪرڻ بعد هن پرنسپال طور ذميواري سنڀالي. نومبر 1973ع
کان فيبروري 1974ع تائين گورنمينٽ ڪاليج سيوهڻ جو پرنسپال رهيو. سنديلو صاحب ان ڪاليج
جو فائونڊر پرنسپال پڻ هيو. ان بعد ٻِيهر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پرنسپال
جي حيثيت سان رهيو. جتان 05 اپريل 1979ع تي رٽائر ڪيائين. اهڙي ريت ڊاڪٽر صاحب
سموري زندگي تعليم جي شعبي سان سلهاڙيل رهيو. هو پنهنجي دور جو نهايت شفيق ۽ قابل
استاد ۽ تعليمي ماهر ڄاتو ويندو هو. هو داناءُ هو ۽ کيس زندگي گذارڻ جو ڏانءُ هو.
هو هر ڪم وڏي سياڻپ سان ڪندو هو ۽ اڳ پوءِ جاچي قدم کڻندو هو، انهيءَ ڪري هر وقت ڪاميابي سندس قدم چمندي
هئي.
شادي ۽
اولاد
ڊاڪٽر
عبدالڪريم سنديلي جي آگسٽ 1946ع ۾ شير محمد خان ڪورائي جي نياڻيءَ سان شادي
ٿي، جنهن مان کيس پنجن پٽن ۽ پنجن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان ٽي پٽ ۽ چار
نياڻيون حال حيات آهن. ڊاڪٽر صاحب جي اولاد نهايت نيڪ، صالح ۽ اعلى تعليم يافته
آهي، خاص طور تي سندس فرزند ڊاڪٽر اسلم سنديلو ايم بي بي ايس ڊاڪٽر هجڻ سان گڏوگڏ
علم و ادب واري شغل سان ڪافي حد تائين لاڳاپيل رهيو آهي ۽ اهڙي طرح ڄڻ هو پنهنجي
والد صاحب جي ورثي کي سنڀالڻ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي. ادبي ميدان ۾ سندس ڪهاڻين،
ترجمن توڙي تحقيقي مضمونن کي مانائتي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.
شخصيت
شخصيت ماڻهو جي ڪردار جو عڪس ۽
آئينو هوندي آهي، دنيا جي وڏن وڏن ماڻهن، عظيم
محققن، عالمن، سياستدانن توڙي سائنسدانن ڀلي پنهنجن پنهنجن شعبن ۾عظيم ڪارناما
سرانجام ڏنا هجن پر جيڪڏهن سندن شخصيت ۾ شائستگي، حسنِ اخلاق ۽ ميٺ محبت وارا گڻ
موجود نه هوندا ته سندن ياد جو سڳو سورڻ وقت هڪ سچو ليکڪ ۽ مقرر سندن ڪارنامن تي
ته خراج ضرور پيش ڪندو پر سندن شخصيت جي جاذبيت جي ڳالهه نه ڪندو ڇو ته اهڙي خوبي
منجهن هوندي ئي ڪونه... پر جيڪڏهن ڪنهن وڏي ماڻهو ۾ پنهنجي شعبي اندر عظمتن جي
مينار تي پهچڻ وارين صلاحيتن سان گڏوگڏ ماڻهپي جي اعلى منزلن کي ماڻڻ جي جستجو
هوندي ۽ منجهس هَٺَ ۽ وڏائي بدران پيار ۽ هيٺاهين هوندي ته سندس مقام وڌيڪ معتبر ۽ محترم
لکيو ويندو. لاکيڻي لطيف چواڻي:
ڍول تنهين جي ڍار،
هيٺاهيون هلن جي
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو اهڙن ئي عظيم انسانن مان هو.
جيتوڻيڪ هو علم ادب ۽ فڪر و دانش جي اعلى منزلن تي فائز هيو ۽ سندس مقام سنڌي ٻولي
جي ڳاڻ ڳڻين محققن ۽ دانشورن ۾ ٿيندو هو پر پوءِ به غرور ۽ وڏائي کانئس ڪوهين ڏور
هئي، سندس شخصيت ۾ جيڪو رعب ۽ دٻدٻو هيو سو پنهنجي جاءِ تي هڪ جز جي حيثيت ضرور
رکي ٿو پر سندس ٻاجهاري ٻولي، نرم لهجي، ميٺ، محبت ۽ پيار ڀرين ٻولن جي گواهي انيڪ
ماڻهو ڏيندا. اهڙن ماڻهن مان هڪ شخص ڊاڪٽر بشير احمد شاد (جنهن کي ڊاڪٽر سنديلي
صاحب سان ڪافي ورهيه تمام ويجهو رهڻ جو موقعو مليو ۽ کيس وٽانئس علم ادب، عقل ۽ ڏاهپ جا نڪتا مليا.) پنهنجي هڪ مضمون ۾ ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت کي هنن لفظن ۾ پيش
ڪيو آهي: ”ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو وڏي وضعدار ۽ پروقار شخصيت جو مالڪ هو. نهايت پُرخلوص،
صاف گو، ملنسار، جهانديد ۽ محبت ڀري دل رکڻ وارو انسان هيو. معامله فهمي، دورانديشي،
بزله سنجي ۽ حاضر جوابي ۾ سندس جواب نه هو. حقيقت ۾ ڊاڪٽر صاحب هڪ تاريخ ساز شخصيت
هيو.“
سنڌي ٻولي جو ناميارو اديب ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ وري
هنن لفظن ۾ سندس شخصيت جي عڪاسي ڪري ٿو ”سادگي، سچيتائي، سنجيدگي ۽ خاموشي سان
ڪم ڪرڻ سائين سنديلي صاحب جي طبيعت جون خاص خوبيون هيون. هو سوچي سمجهي چٻي
چٿي ڳالهائيندو هو. گفتگو دوران چپي چپي تي پهاڪا ۽ چوڻيون استعمال ڪندو هو. ادبي
گفتگو ۾ به هو پنهنجي مخصوص اندازِ بيان ۽ طنز و مزاح وارن گفتن ۽ چوڻين ذريعي رنگيني ۽
رعنائي پيدا ڪندو هو، انهيءَ ڪري سندس ڪچهري مان علمي ۽ ادبي ڳالهيون به پرائبيون
هيون ته طبيعت ۾ شگفتگي به اچي ويندي هئي... هو انساني نفسيات جو وڏو ماهر هو ۽
کيس ماڻهوءَ جي مزاج ۽ فطرت سمجهڻ جي ڏات حاصل هئي. هو ڳالهين ۾ ٻي کان اندر جو منجهه
زبان تي آڻائي ويندو هو.“
ڊاڪٽر سنديلي صاحب پنهنجي طبيعت جي شگفتگي، مزاج جي نرمي،
انداز بيان جي سليقي ۽ بذله سنجي جي خوبين سبب هر ماڻهوءَ جي دل ۾ پنهنجي لاءِ هڪ
پيار ۽ محبت واري جاءِ ٺاهي. هو هڪ اهڙي پارس مثل هو جنهن کي ڇهڻ سان ڪيئي ذرا سون
بڻجي ويا ۽ سچ اهو آهي ته سائين سنديلي خاڪ جي ذرن کي به ڪشاده دلي سان قبوليو ۽
سندن وجود جي جوهر کي اڀاريو ۽ جرڪايو. ان ڳالهه جي شاهدي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي
هنن لفظن ۾ ڏني آهي ته ”عمر ۽ ادبي مقام جو احساس به وٽس هو، ننڍي عمر گهٽ تجربي ۽
گهٽ علم واري کي به همٿائيندو هو ۽ پنهنجي علم ذريعي رهنمائي ڪندو هو. ڳالهيون
ڪندي سنديلي صاحب وٽان ٻه شيون حاصل ٿينديون هيون هڪ ميٺاج ٻيو ڄاڻ.“
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي فرزند ڊاڪٽر اسلم سنديلي هڪ هنڌ لکيو
آهي ته ”ادبي محفلن، مشاعرن ۽ مذاڪرن تي گهٽ ويندا هئا، ڇو ته هو طبعن گهڻي وڃڻ کان
گهڻي ويهڻ (ڪم ڪرڻ) جا عادي هئا.“ ڊاڪٽر اسلم جي اها ڳالهه سورنهن آنا سچ آهي. مون 80ع واري
ڏهاڪي جي پڇاڙڪن سالن ۾ شعر و ادب ۾ پير پاتو ۽ مستقل طور ادبي پروگرامن ۾ شريڪ
ٿيندو رهيس، پر مون سائينءَ کي ڪنهن به ادبي پروگرام ۾ نه ڏٺو. جنهن عمر ۾ سائين کي
پهريون دفعو ڏٺو هيو تڏهن اڃا سمجهه جي سرحدن کي ڇهيو ئي ڪونه هيو ۽ جڏهن وري
ساڃاهه جي سفر جو پانڌي ٿيس ته ان گهڻ رخي ۽ گهڻي ڳُڻي شخصيت جي ويجهو ٿيڻ جو موقعو ئي نه
مليو ۽ وري جڏهن موقعو مليو تڏهن سندس زندگي جو ڏيئو ئي اجهامي چڪو هو. ها! مون کي
سندس آخري ديدار ئي نصيب ٿي سگهيو. اهو ديدار جنهن سچ ته منهنجون پنبڻيون پسائي ڇڏيون، ڇوته مون سندس
حياتي ۾ سندس ڳڻن جا موتي ميڙڻ ٿي چاهيا، مون به ان پارس کي پسڻ ٿي چاهيو پر ائين نه
ٿي سگهيو.
ادب ڏانهن لاڙو ۽ ادبي ڪم
ڏات ۽ ڏاهپ ڪنهن جي ميراث نه آهي، ڀٽائي چيو آهي ته ”ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي.“ ڊاڪٽر سنديلو ننڍي وهي کان ئي هڪ
باشعور فرد وانگر سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ ماڻهو هو. علم ۽ ادب سان هن کي منڍ کان وٺي
چاهه هيو. ادب ۾ خاص طور تي لسانيات، لغات ۽ لوڪ ادب سندس پسنديده شعبا هئا.
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي سموري حياتي علم ۽ ادب جي خدمت ۾ گذاري. هن چاليهن واري ڏهاڪي
۾ لکڻ جو آغاز ڪيو ۽ سڀ کان پهريان سنڌي ادب جي بي بها خزاني يعني لوڪ شاعري/ لوڪ ادب کي
سهيڙڻ ۽ سموئڻ جو ڪم سِرَ تي کنيو. انهيءَ سلسلي ۾ کيس سڀ کان وڏو اتساهه جلال ڀٽو
جي صحبت مان مليو، جيڪو پنهنجي دور جو هڪ وڏو سگهڙ ۽ سپورنج هو. لاڙڪاڻي جي
لاهوري محلي ۾ قيام دوران سائين سنديلي جي ساڻس ملاقات ٿي ۽ وٽانئس ئي هن ڏور ۽
ڳجهارت جو گُن سکيو. ڊاڪٽر صاحب پاڻ چوندو هو ته لوڪ ادب ۾ سندس استاد جلال ڀٽو
آهي.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي طبيعت ۾ منڍ کان ئي کنا کيڙ ۽ تحقيق ۽ جستجو جو جذبو موجود هيو. اهوئي سبب آهي جو ڊاڪٽر صاحب ادب جا اهي شعبا چونڊيا جن ۾ وڌيڪ محنت ۽ تحقيق
جي ضرور هئي. سگهڙن جي ڪلام کي گڏ ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب کي جيڪي تڪليفون پيش آيون تنهن جو ذڪر
ڪندي سنديلو صاحب خود پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جو سينگار“ ۾ لکي ٿو: ”ڪيترن ورهين
کان هڪ ادبي شوق دل ۾ پئي رهيو آهي ته سگهڙن جي سنڌي جا ئي نج ۽ قديم آهي، سا
سهيڙي سموهي ۽ چڪاسي، اهلِ ذوق اڳيان پيش ڪريان، اڳ ۾ ته هن مواد هٿ ڪرڻ لاءِ ساري
سنڌ جو سفر ڪرڻو پيو. سو ته گهڻي ڀاڱي ڪيم ۽ چڱو ڪچڪولي مواد به مليو پر سگهڙن جي
زندگي بابت ڪا تڇ خبر نه ملي.... ڪنهن هڪ سگهڙ جو مواد هڪ هنڌان ميسر ٿي نه سگهيو
پر دربدري بعد جو ڪجهه پِڙ پيو سو وري پڙهڻين ۾ مختلف لڌم. اهڙي طرح سهيڙڻ جي
تڪليف بعد وري سموهڻ جي تڪليم دوبالا سمجهيم.“
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو پهريون ڪتاب لوڪ ادب جي موضوع تي
ئي 1950ع ۾ ”وينجهار“ جي عنوان سان شايع ٿيو. جنهن تي گورنمينٽ ايڊوائيزري بورڊ پاران کيس پهريون انعام مليو.
جنهن بعد ”تحقيق لغات سنڌي“ 1955ع، ”سنڌ جو سينگار“ 1956ع، ”ڏهس نامو“ 1969ع، ”ڪليات حسين ديدڙ“ 1971ع، ”سامي سنديون
سپون“ 1975ع، ”ڪليات شاهه محمد ديدڙ“ 1977ع، ”سامي ڌاتو ڪوش“ 1978ع، ”سچل لغات“ 1984ع، ”ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي“ 1986ع، ”لوڪ ادب جو
تحقيقي جائزو“ 1986ع ۽ ”اصطلاحن جي اصليت“ 1987ع ۾ شايع ٿيا. ان کان علاوه ڊاڪٽر صاحب مختلف درسي
ڪتابن جا رهبر جيئن رهبر ديوان گل، رهبر روح رهاڻ، رهبر سير ڪوهستان وغيره لکڻ
کانسواءِ علم بديع، انگي اصول، تاريخ سنڌ ۽ اسلامي تاريخ جهڙا درسي نوعيت جا ڪتاب
به لکيا. ان کانسواءِ ڊاڪٽر سنديلي جا مختلف موضوعن تي ڪيترائي مقالا ڇپيل ۽ اڻ
ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. جن مان پهريون ”لاڙڪاڻي جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ آهي، جيڪو دراصل
1956ع ۾ ڊاڪٽر صاحب ايم-اي فائينل ۾ مونوگراف طور سنڌ يونيورسٽي ۾ جمع ڪرايو. 287
صفحن تي مشتمل اهو ڪتاب هن وقت به سنڌالاجي ۾ موجود آهي. ٻيو نهايت بيش بها ۽ اهم
ڪتاب ”اشتقاقِ لغات لطيف“ آهي، جنهن تي سائين سنديلي عمر جا پندرهن سال محنت ڪئي. جيتوڻيڪ اهو ڪتاب
سائين جي زندگي جا ڏينهن پورا ٿي وڃڻ ڪري مڪمل نه ٿي سگهيو پر تنهن هوندي به
جيڪڏهن اها اڌوري لغات به ادب ۽ لطيف جي پارکن اڳيان ايندي ته واه واه ٿي ويندي ۽
سنڌي ٻولي لاءِ هڪ انمول تحفي کان گهٽ نه هوندي.
ادارن سان وابستگي
ڊاڪٽر سنديلو صاحب بنيادي طور هڪ اورچ انسان هو. هن جو محنت
۾ ايمان هو. تڏهن ئي سڄي زندگي مسلسل جدوجهد سان عبارت ڪري ڇڏيائين. هن جو سنڌي
ٻولي سان عشق ۽ تعليم سان دلي لڳاءُ هيو. اهوئي سبب آهي جو کيس مختلف جڳهن تي الڳ
الڳ حيثيتن سان مانائتو مقام مليو. جن ۾ ريسرچ اسسٽنٽ جامع سنڌي لغات، فيلو سنڌ
يونيورسٽي، ميمبر اڪيڊمڪ ڪائونسل سنڌ يونيورسٽي، ميمبر بورڊ آف اسٽڊيز سنڌ
يونيورسٽي، ميمبر نظرثاني ڪاميٽي بيورو آف ڪريڪيولم، ميمبر بورڊ آف گورنرس
سنڌالاجي، ميمبر سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، ميمبر سنڌ نصابي ڪاميٽي سنڌ ٽِڪسٽ بوڪ بورڊ،
ميمبر سنڌي ادبي بورڊ، ميمبر ايڊيٽوريل بورڊ ٽماهي مهراڻ (ٽن سالن لاءِ) پي ايڇ ڊي
گائيڊ سنڌ يونيورسٽي، ميمبر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، ميمبر اڪيڊمڪ
ڪاميٽي، ميمبر اڪيڊمڪ بورڊ فار انٽرميڊيئٽ سکر، ميمبر سر شاهنواز ڀٽو لائبريري
ڪاميٽي لاڙڪاڻو، ميمبر لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي شامل آهن.
انعام ۽ اعزاز
چوندا آهن ته جيڪو لوچيندو سو ئي لهندو. ڏورڻ سان عقل ۽ سمجهه ۾ اضافو اچي ٿو ۽ ڏات جا موتي اڃا به جرڪي
پون ٿا. ڊاڪٽر سنديلي کي اهو علم هيو ته سندس علمي ۽ ادبي پورهيو ڪڏهن به ضايع نه
ٿيندو. هن پنهنجي ٻولي ۽ ادب جي جيڪا خدمت ڪئي سا ڪنهن به غرض ۽ لالچ تحت نه ڪئي.
اهوئي سبب آهي جو هن ڪنهن کان به مڃتا ۽ مانُ گهري نه ورتو، هونءَ به هڪ سچي قلمڪار
کي قلبي اطمينان کانسواءِ ڪنهن ٻي تمغي جي ضرورت ئي نه هوندي آهي، پر ڊاڪٽر
صاحب پنهنجي زندگي ۾ جيڪي ادبي ڪارناما سرانجام ڏنا تنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي
ادارن طرفان سندس فن کي ڀيٽا ڏيڻ خاطر ڪيئي انعام، ايوارڊ ۽ اعزاز ڏنا ويا جن مان 1984ع ۾
سندس ادبي خدمتن جي اعتراف طور ملڪ جو اهم اعزاز تمغهء امتياز ملڻ وڏي اهميت جوڳو
آهي. ان کان علاوه ڪتاب ”وينجهار“ تي گورنمينٽ ايڊوائيزري بورڊ پاران انعام، ڪتاب ”تحقيق الغات
سنڌي“ تي انعام، ڪتاب ”ڏهس نامو“ تي سنڌالاجي طرفان انعام ۽ پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان ادبي انعام،
ڪتاب ”سچل لغات“ تي سچل يادگار ڪاميٽي طرفان 1984ع ۾گولڊ ميڊل ۽ بهترين ٽيڪسٽ بوڪ لکڻ تي سنڌ
ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ طرفان ايوارڊ به شامل آهن.
وفات
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جيڪو صحيح معنى ۾ سنڌي ٻولي جو
ڀرجهلو ۽ پارکو هيو، تقريباً اڌ صدي تائين پنهنجي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪندي 71 ورهين جي ڄمار ۾ 2 جنوري
1990ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. حديث آهي ته ”موت العالِمُ
موت العالَمُ“ يعني ”هڪ عالِم جو موت پوري عالَمَ جي موت برابر هوندو آهي.“ ڊاڪٽر سنديلو
به هڪ اهڙوئي عالِم هيو. هو بظاهر هي دنيا ڇڏي ويو پر حقيقت ۾ سندس علمي خزانو
اهلِ نظر جي دل ۾ کيس هميشه زنده رکندو.
تحقيقي پورهئي جو مختصر جائزو
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو سنڌي ادب جو هڪ اهڙو جاکوڙي ڪردار
آهي، جنهن سڄي ڄمار پنهنجي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪندي گذاري، هو نثر جو ماڻهو هيو ۽
نثر ۾ به سمورن انهن شعبن جي چونڊ ڪيائين جن جو تعلق تحقيق ۽ ڳوڙهي مطالعي سان
هيو. سندس طبيعت ۾ کنا کيڙ جي عادت ۽ مطالعي جي شوق جو اندازو سندس وسيع لائبريري
مان به لڳائي سگهجي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڊاڪٽر سنديلي جي لائبريري اتر سنڌ جي
چند اهم ذاتي لائبريرين مان هڪ آهي، جنهن ۾ بيش قيمت ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود آهي، جنهن کي اڄ به سندس لائق فرزند ڊاڪٽر اسلم سنديلو
سنڀاليو ويٺو آهي.
ڊاڪٽر عبدالڪريم جي تحقيق جو بنيادي موضوع ”لوڪ ادب“ آهي ۽ هن جو
نالو سنڌ جي انهن محققن ۽ عالمن ۾ شمار ٿئي ٿو جن سنڌي لوڪ ادب جي حوالي سان ابتدائي نوعيت جو ڪم
ڪيو. انهيءَ سلسلي ۾ سندس جڳ مشهور ڪتاب ”وينجهار“ قابلِ ذڪر آهي. جنهن جو پهريون ڇاپو 1950ع ۾
شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ لوڪ شاعري جي بنيادي صنفن جهڙوڪ پرولي، ڳجهارت، هنر، دراهو،
ست سريون، ڏور، سينگار، ڏهس وغيره متعلق اهم معلومات ڏنل آهي. ڪتاب جي اهميت جو
اندازو ڊاڪٽر بلوچ جي هنن لفظن مان لڳائي سگهجي ٿو ته ”وينجهار ۾ جو
وکر ونڌيل آهي، سو سنڌ جي عام شاعريءَ ۽ سگهڙپائي جو بي بها سرمايو ۽ ان جو هڪ
انوکو قسم آهي، معنوي لحاظ کان هي هڪ نازڪ فن آهي، جنهن جومرڪز توڙي دائرو ”تجنيسي ترڪيب“ آهي. يعني ته
زو معنى الفاظ ۽ آوز ۽ انهن جي شاعرانه پوچ فن جو قالب ۽ روح آهي... لائق مصنف جو
هي ادبي ڪارنامو بلا مبالغه بنده جي خواب جو تعبير آهي.“
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي سنڌي لوڪ ادب جي سهيڙن ۽ سموهڻ جي
سلسلي ۾ ڪيترائي نوان سگهڙ ۽ سپورنج پڻ دريافت ڪيا، جن اڳتي هلي لوڪ ادب ۾ پنهنجو
وڏو نالو ڪڍايو. ان کان علاوه ڊاڪٽر صاحب لوڪ شاعري جي الڳ الڳ صنفن تي پڻ ڪتابي شڪل ۾
ڪارائتو مواد پڙهندڙن اڳيان آندو. انهي سلسلي ۾ سندس ٻه ڪتاب ”سنڌ جو سينگار“ ۽ ”ڏهس نامو“ ذڪرلائق آهن.
”سنڌ جو سينگار“ 1956ع ۾
ڊاڪٽر صاحب پهريان پاڻ ڇپايو، جنهن بعد 1987ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڪتاب جو ٻيو
ڇاپو آندو ويو. هي ڪتاب لوڪ ادب
جي شعري صنف ”سينگار“ تي هڪ مستند
۽ بنيادي ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنديلي صاحب سينگار جي لغوي معنى ۽ مختصر ارتقائي تاريخ
پيش ڪندي، سنڌي ٻولي ۾ سينگار جا بيت لکندڙ اهم شاعرن جلال کٽي، ڪنڀار، سليمان،
صابر موچي، عارف شاهه، چاڪر خان، شاهه محمد ديدڙ وغيره جي چونڊ شاعري ڏني آهي.
ڊاڪٽر سنديلي جي علمي لياقت، کوجنا واري جذبي ۽ ادب ۾ منجهيل سُٽ کي سلجهائڻ واري
ڪم جو اندازو ان ڳالهه مان آساني سان لڳائي سگهجي ٿو ته هن 34 صفحن تي مشتمل سينگار
شاعري جي ڏکين لفظن جي معنى ۽ شرح لڳ ڀڳ 100 صفحن ۾ ڪئي آهي. ان جو وڏو سبب اهو به
آهي ته ذڪر ڪيل شاعرن جي شاعري تمام قديم ۽ ڪهني آهي. اهڙو اظهار خود سنديلي صاحب
هنن لفظن ۾ ڪيو آهي ”هن ڪتاب جا سگهڙ، اٽڪل ٻه اڍائي صدين جا آهن پر جيڪي الفاظ
ڪم آندا اٿن، سي ته ويدڪ نسل جي ڪتابن ۾ ڏسي سگهبا ۽ جي ٿورو مٽ سٽ جو لساني قانون
ساڻن لاڳو ڪبو ته ان وقت جي مروج لفظن سان وڃي ڪنهن حد تائين ڀيٽ کائيندا.“
سنديلي صاحب جو ٻيو ڪتاب لوڪ شاعري جي انتهائي اهم صنف ”ڏهس“ جي حوالي سان
لکيل آهي، جنهن جو نالو آهي ”ڏهس نامو“ هي ڪتاب 1969ع ۾ سنديلي صاحب پاڻ شايع ڪرايو. ڏهس، لوڪ
شاعري جي هڪ مشڪل صنف آهي. هن صنف ۾ سگهڙ هڪ بيت ۾ هڪ اسم لاءِ ڏهه تشبيهون يا ڏهه
استعارا ڪم آڻيندا آهن. ڊاڪٽر سنديلي هن صنف جي سهڻي وضاحت هنن لفظن ۾ ڪئي آهي ”لوڪ ادب جون
جيڪي به صنفون آهن تن ۾ ڏهس کي وڏي اهميت آهي. ڏهس ميل آهي ڏهه + س جو. ڏهه سنسڪرت
جي ”دشن“ مان نڪتل آهي ۽ نسبتي علامت آهي: يعني ڏهن واري (صنف) اصطلاحن اها صنف جنهن ۾
هڪ اسم جا مختلف زبانن مان ڏهه نالا هجن، جنهن سان محبوب جي ڪنهن نه ڪنهن خوبي يا
وصف کي ڀيٽي سگهجي.“ هي ڪتاب مختصر هجڻ باوجود ان صنف تي هڪ مستند، معتبر ۽
بنيادي ڪتاب آهي. ڪتاب ۾ نه صرف ڏهس جا بيت شامل ڪيا ويا آهن پر انهن جي سمجهاڻي
طور ڏکين لفظن جي اشتقاقي معنى پڻ ڏني وئي آهي، ڇوته ان ڪم ۾ سنديلي صاحب کي خاص ملڪو حاصل هيو.
جيئن ته ڪنهن به ملڪ جي لوڪ ادب جون پاڙون ڌرتي ۾ کتل
هونديون آهن، تنهن ڪري ان مان پنهنجي ڌرتي جي خوشبو کي آساني سان محسوس ڪري سگهجي
ٿو. اسان کي پڻ پنهنجي ان ادبي ورثي مان اهڙي ته سڳنڌ محسوس ٿئي ٿي جنهن جو تاثير
۽ تازگي روح کي مهڪائي ڇڏي ٿي. الهه بخش تونيي جي لفظن ۾ ”لوڪ ادب اسان
جي علم و ادب جي پيڙهه جو پٿر آهي، جنهن تي ڪيتريون ئي ادبي عمارتون کڙيون ڪري
سگهجن ٿيون.“ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لوڪ ادب کي نج ”دهقاني ادب“ سڏيندي لکي
ٿو ته ”اهو لوڪ ادب ئي آهي جنهن ۾ عوام جي عين بين تصوير ڇڪيل آهي، جا ڪنهن به وقت
انهن انگن اکرن ۾ ڏسي سگهجي ٿي. هي عوام جي احساسن ۽ جذبن، امنگن ۽ اڌمن جي پونجي
آهي... لوڪ ادب تاريخي ضخيم ڪتابن مان نه ملندو، ڇاڪاڻ ته ان جو جنم اتي نه ٿو
ٿئي، پر ان جو سرچشمو عوام آهي، جنهن جا سينا انهن املهه ۽ الڀ خزانن جا امين
آهين.“
اسان جي ڌرتي بي شڪ ڀاڳوند آهي، جو اتي اهڙا انيڪ ماڻڪ،
موتي، لعل موجود آهن. اسان جي ٻولي دنيا جي چند خوشنصيب ٻولين ۾ شمار ٿئي ٿي جن وٽ
لوڪ ادب جو بي بها خزانو موجود آهي، پر جس انهن وينجهارن کي جيڪي انهن موتين جو ملهه سڃاڻي
انهن کي اجاري عام اڳيان آڻين ٿا. ڊاڪٽر سنديلي پنهنجي ڄمار جو ڳپل حصو اهڙن موتين
کي سوڌڻ، سنوارڻ ۽ جرڪائي عام آڏو آڻن ۾ صرف ڪيو. هن ٻين ڪيترن ئي سگهڙن ۽ سپورنجن
جي ڪلام جي سهيڙ کانسواءِ پنهنجي دور جي ٽن اهم شاعرن حسين ديدڙ، شاهه محمد ديدڙ ۽
حاجي خانڻ چنجڻي جي سموري ڪلام کي الڳ الڳ ڪتابي صورت ۾ سهيڙڻ ۽ سوڌڻ وارو اهم ڪم پڻ
سرانجام ڏنو. سنديلي صاحب جو سنڌي لوڪ ادب
سان دلچسپي ۽ عشق جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو جو هن پنهنجي پي ايڇ-ڊي واري
مقالي لاءِ به جيڪو موضوع چونڊيو اهو هو ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ هيو.
ڊاڪٽر سنديلي جو مذڪوره تحقيقي مقالو اڳ ۾ ذڪر ڪيل سندس
سموري ڪم تي حاوي آهي. ٻين لفظن ۾ کڻي ائين چئجي ته “لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو”
پنهنجي موضوع جي حوالي سان هڪ اهڙي مستند دستاويز واري حيثيت رکي ٿو جنهن کي تحقيق
جا طالب علم هڪ بنيادي ريفرنس بڪ طور ڪم آڻي سگهن ٿا. هيءَ ٿيسز ڊاڪٽر صاحب جي لوڪ
ادب جي موضوع تي ڪيل سموري ڪم جو نچوڙ آهي. ٿيسز جي اهميت ۽ افاديت کي مدِنظر
رکندي 1986ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طرفان ڪتابي شڪل ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. 455
صفحن تي مشتمل هن ضخيم ڪتاب ۾ سنديلي صاحب لوڪ شاعري جي اهم صنفن جي لفظي ڇنڊڇاڻ
کان وٺي هر صنف جي اهميت توڙي ارتقا ۽ اوسر تائين تاريخي حوالن سان ڀرپور نموني
تجزيو ڪندي تحقيقي جائزو پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب ڪتاب جي ابتدا ۾ سنڌي لوڪ شاعري
جي صنفن، ڳجهارت سينگار ۽ ڏهس جي باري ۾ لکيو آهي ته ”اسان وٽ
ڳجهارت، سينگار ۽ ڏهس جي صنف اتي پهتل آهي، جتي دنيا جي ڪابه صنف پهچي نه ٿي سگهي.
جيترو لغوي مواد انهن صنفن ۾ ملي ٿو، اوترو دنيا جي ڪابه صنف پنهنجي ملڪ جي لغت کي
ڏئي نه ٿي سگهي.“ ڪتاب ۾ لوڪ شاعري جي تحقيقي ڇنڊڇاڻ سان گڏوگڏ آخر ۾لوڪ ڪهاڻين جي حوالي سان
پڻ هڪ مختصر باب شامل ڪيو ويو آهي.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جيتوڻيڪ ادب جي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪيو
پر هن جي ادبي ڪارنامن کي ٽن شعبن ۾ نمايان طور ورهائي سگهجي ٿو. 1. لوڪ ادب 2.
لغات 3. لسانيات. ادب جي انهن ٽنهي شعبن ۾ هن نهايت ڀرپور ڪم ڪيو ۽ اڻ مٽ نشان ڇڏيا. خاص طور
لفظن جي اصليت، اهميت ۽ حقيقت کي سمجهڻ لاءِ هن هڪ ماهر عواض وارو ڪم ڪيو، جيڪو
ساهي مجهائي پاتال تائين پيهي ماڻڪ ۽ موتي ميڙي وٺندو آهي. تنهن ڪري سائين سنديلو، لطيف سائين جي هن بيت جو
عملي نمونو هيو:
اي گت غواصن، جيئن سمنڊ سو جهيائون،
پيهي منجهه پاتال ۾، ماڻڪ ميڙيائون،
آڻي ڏنائون، هيرو لعل هٿن سين.
ڊاڪٽر سنديلو سنڌي ٻوليءَ جو اهو واحد اديب هيو، جنهن کي
ٻوليءَ جي ڌاتن جي حوالي سان ڪمال درجي جي مهارت حاصل هئي. اهڙو اعتراف سراج الحق
ميمڻ به پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ ۾ هنن لفظن ۾ ڪيو آهي ته ”سنڌي ٻولي جي ڌاتن تي ڪنهن شخص سنڌ ۾
خاص ڪم نه ڪيو آهي، جس آهي عبدالڪريم سنديلي کي جنهن تحقيق الغات سنڌي ۾ ان طرف
ڌيان ڏنو آهي.“
آفتاب ابڙو پنهنجي مضمون ”ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جو لوڪ ادب ۾
حصو“ ۾ لکي ٿو ته: “ڊاڪٽر سنديلي جي سپورنجائپ نرالي آهي. هر هڪ لفظ جي توڙ
تائين پهچڻ، ڊاڪٽر صاحب جو ادبي مشغلو هو. جيستائين لفظ جي تهه تائين نه رسندو هو، تيستائين
سندس اکين کي آرام نه ايندو هو. ڏينهن رات ويٺو ڏوريندو هو. ويٺو لفظن کي
اٿلائيندو هو، جيسين اصل لفظ نه لڀي تيسين ويهڻ وِهُه هوندو هيس.“
اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته ڊاڪٽر عبدالڪريم، سنڌي
ٻوليءَ جو عاشق هيو. جنهن پنهنجي عشق جو ثبوت ڏيندي لغات ۽ لسانيات جي حوالي سان
سنڌ جي باذوق پڙهندڙن کي ڪيئي ڪارائتا ڪتاب ارپيا. لغات جي حوالي سان هن جا ٽي
ڪتاب خصوصي اهميت جا حامل آهن. 1. تحقيق لغات سنڌي 2. سامي-ڌاتو ڪوش 3. سچل لغات.
”تحقيق لغات
سنڌي“ سنڌي ٻولي جي چند معياري لغتن مان هڪ آهي. هي لغات سڀ کان پهريان 1955ع ۾
شايع ٿي ۽ آخري دفعو پنجين ڇاپي طور 1980ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپجي پڌري ٿي.
291 صفحن جي هن لغات جي خصوصيت اها آهي ته هن ۾ ڊاڪٽر سنديلي هر لفظ جي تهه تائين
وڃي ان جي اصليت ظاهر ڪئي آهي. ڊاڪٽر صاحب خود لکي ٿو ته ”اسان جو فرض
آهي ته مٿاڇري معنى تي اڪتفا نه ڪريون، بلڪه هر هڪ لفظ جي تهه ۾ وڃي، سندس تاريخ
سکون، هن ننڍڙي ڪوش (Dictionary) ۾ ڪوشش ڪري هر هڪ لفظ کي سندس اصليت تي
آندو ويو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي اصل ڌاتو واري معنى به ڏني وئي آهي، تاڪه لفظ جي معنى
حقيقت سان همدوش ٿئي.“ هن لغات ۾ سنديلي صاحب نه صرف لفظن جو اصل نسل ٻڌايو آهي
پر ڪيترن ئي لفظن جي مناسبت سان ٺهڪندڙ پهاڪا، چوڻيون ۽ مشهور شاعرن جا بيت پڻ اخذ
ڪيا آهن. ڊاڪٽر سنديلي جي ڪتاب جي وڏي خصوصيت سندس ڪتابن تي هن پاران لکيل ”پيش لفظ“ آهن، جيڪي
وڏي اهميت جا حامل آهن. تحقيق لغات سنڌي ۾ پڻ پيش لفظ طور لکيل 17 صفحن تي مشتمل
ٻه اکر نهايت ڪارائتا آهن، جن ۾ ڊاڪٽر صاحب مختصر نموني لغتن جي ارتقائي تاريخ پيش
ڪندي ۽ سنڌي ۾ لغتن جي حوالي سان ٿيل ڪم جو جائزو وٺندي، پنهنجي ترتيب ڏنل لغات تي
روشني وڌي آهي. سنديلي صاحب جي مذڪوره لغات 4315 لفظن تي مشتمل آهي. هن جي اها
محنت بيشڪ فخر لائق آهي.
ڊاڪٽر سنديلي جو لغات جي شعبي سان دلچسپي جو وڏو ڪارڻ اهو
آهي ته هو سنڌي کان علاوه ٻين ڪيترن ئي ٻولين جهڙوڪ عربي، فارسي، هندي ۽ خاص طور
سنسڪرت وغيره تي دسترس رکندو هو، جنهن جي ثبوت طور سندس ذاتي لائبريري ۾ موجود
مختلف ٻولين جون لغتون موجود آهن. ڪتاب ”سنڌ جو سينگار“ ۾ علي محمد
سيال لکيو آهي ته ”هن (ڊاڪٽر سنديلي) سنسڪرت تي لغت جو ڪو ڏاڍو ڳوڙهو اڀياس
ڪيو آهي. جنهن ڪري ته اشتقاقي معنى تي کيس آڙي جهڙو عبور آهي. سندس طبعه رسا عادت
هي آهي جو جيسين کيس تُز اشتقاق ۽ پوري معنى نه ملندي تيسين کيس اطمينان قلب نه
ٿيندو.“
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي سنڌي ۾ لکيل سلوڪن جي بادشاهه شاعر
سامي چين راءِ جي سلوڪن جي حوالي سان نهايت اهم ڪم ڪيو آهي. هن نه صرف سامي جي
شاعري کي مٽن مان ڪڍي سوڌي ۽ سهيڙي عوام آڏو آندو آهي پر سندس ڪلام ۾ موجود ڏکين
لفظن جو سولي سنڌيءَ ۾ معنى ۽ مفهوم پڻ سمجهايو آهي. ڪتابي صورت ۾ ”سامي سنديون
سپون“ جي عنوان سان ابتدائي طور سندس اهو ڪم 1975ع ۾ سامهون آيو، پر سامي جي ڪلام
جي لغات جي سلسلي ۾ اڃا تشنگي محسوس ڪندي ڊاڪٽر صاحب 1978ع ۾ ”سامي ڌاتو ڪوش“ جي عنوان سان
هڪ الڳ لغات شايع ڪرائي، جنهن ۾ هن لفظن جي اشتقاق توڙي بڻ بڻياد بابت وڏي کوجنا
ڪري معنائون لکيون آهن. مذڪوره لغات جيتوڻيڪ 101 صفحن تي مشتمل آهي پر سامي جي
سلوڪن کي سمجهڻ جي سلسلي ۾ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪري ٿي.
شاهه سچل سامي سنڌي ڪلاسيڪل شاعري جي ٽمورتي آهن. سنديلي
صاحب انهن ٽنهي عظيم شاعرن جي ڪلام جي حوالي سان منفرد قسم جون لغتون تيار ڪيون جن
مان ٻن شاعرن سچل ۽ سامي واريون لغتون ته سندس حياتي ۾ ئي ڇپجي پڌريون ٿي سگهيون
پر شاهه لطيف جي شاعري جي حوالي سان مرتب ڪيل منفرد لغات شايد اڌوري رهجي وڃڻ ڪري
ڇپائي کان رهجي وئي. منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر صاحب جي اها اڌوري لغات به جيڪڏهن شايع
ٿي سامهون ايندي ته شاهه جي پارکن لاءِ ڪافي رهنمائي جو باعث ٿيندي.
مٿي سچل لغات جو ذڪر نڪتو ته ان حوالي سان سائين سنديلي چئن
سالن تائين سچل سرمست جي ڪلام جو ڳوڙهو مطالعو ڪرڻ بعد 1984ع ۾ اها لغات تيار ڪئي،
جيڪا ساڳئي سال سچل سرمست يادگار ڪاميٽي خيرپور طرفان ڇپائي پڌري ڪئي وئي. هن کان
اڳ سچل سائين جي ڪلام جي حوالي سان ڪابه مڪمل ۽ مستند لغات ڪونه هئي تنهن ڪري هي
پنهنجي نوعيت جو نئون ۽ منفرد ڪم هيو. انهيءَ پورهئي جي مڃتا طور سچل سرمست يادگار
ڪاميٽي طرفان کيس گولڊ ميڊل سان پڻ نوازيو ويو. 192 صفحن تي مشتمل هن لغت ۾ پڻ
ڊاڪٽر صاحب لفظن جي ڌاتن تي خاص توجه ڏنو آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسي سچل لغات جي
انفراديت جي حوالي سان لکي ٿو ته ”جيڪڏهن سچل لغات جو لغوي نقطي نگاهه کان جائزو وٺون ٿا ته
ڪيتريون ئي ان ۾ نيون ڳالهيون نظر اينديون، ڪيترن لفظن جا ان ۾ مترادف ۽ متضاد ڏنل
آهن. ڪن لفظن کي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ مشهور شاعرن جهڙوڪ شاهه ڪريم، ڀٽائي، جلال،
رنگريز، صابر، ڪنڀار، سامي، حسين ديدڙ وغيره جي ڪلام مان شواهد پيش ڪيا ويا آهن.“ بهرحال ”سچل لغات“ سچل شناسي جي
سلسلي ۾ هڪ بيش قيمت ڪتاب آهي.
اسان جي سنڌي سولي مٺڙي ٻولي اڻ مئين خوبين سان مالا مال
آهي. خاص طور پهاڪن، اصطلاحن ۽ ورجيسين جي حوالي سان ته انتهائي شاهوڪار آهي. اهڙو
هڪ هڪ گفتو ڄڻ گوهر ناياب مثل آهي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي به پنهنجي حياتي ۾ اهڙا
ڪيئي گوهر گڏ ڪري انهن تان وقت جي دز هٽائي جڳ مڳ جرڪائي عام اڳيان آندا. انهيءَ
سلسلي ۾ سندس ٻه ڪتاب 1. پهاڪن جي پاڙ 2. اصطلاحن جي اصليت، تمام وڏي اهميت رکن
ٿا.
”پهاڪن جي پاڙ“ جو پهريون
ڇاپو 1966ع ۾سنديلي صاحب پاڻ آندو. جنهن بعد 1989ع ۽ 1997ع ۾ ٻيو ۽ ٽيون ڇاپو سنڌي
ادبي بورڊ طرفان پڌرو ڪيو ويو. هي ڪتاب رڳو سنڌي ٻوليءَ جي پهاڪن جي سهيڙ جي هڪ
ڪڙي نه آهي پر انهن پهاڪن جي پسمنظر کي سمجهائڻ جي سعي آهي. اها ڳالهه خود ڪتاب جي
نالي مان پڻ ظاهر آهي. ڊاڪٽر سنديلو ڪنهن به موضوع تي سرسري مطالعي جو قائل نه
هيو، اهوئي سبب آهي جو هن جنهن به موضوع تي قلم کنيو ان موضوع تي هن گهرو مطالعو
ڪيو ۽ ڏور رس نگاهه رکي.
”پهاڪن جي پاڙ“ ۾ هن سنڌي
ٻولي ۾ مروج پهاڪن جا جيڪي پيرا کنيا آهن تنهن لاءِ هن يقيناً وڏي محنت ۽
کوجنا ڪئي آهي. سنڌ جي ڏاهي علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر سنديلي ڏي لکيل خط ۾ ”پهاڪن جي پاڙ“ متعلق لکيو
آهي ته ”ڪتاب ۾ نهايت قيمتي مواد آندل آهي، ڪن پهاڪن کي تاريخ جي روشني ۾پيش ڪري،
حقيقت کي پوري طرح واضح ڪيو اٿوَ، اوهان جيڪو پورهيو ڪيو آهي، سو رائگان نه ويندو، ڇاڪاڻ ته
اهڙا ڪتاب ادبي ميدان ۾ پنهنجو ملهه پاڻ مقرر ڪن ٿا.“ 144 صفحن واري هن ڪتاب م ڊاڪٽر صاحب
الف ب وار 123 پهاڪا پيش ڪيا آهن.
سنڌي ٻولي دنيا جي انهن چند ادبي ٻولين مان هڪ آهي، جنهن وٽ
نهايت خوبصورت اصطلاحن جو وڏو خزانو موجود آهي. اصطلاح گفتگو ۾ حسن پيدا ڪن ٿا.
عام ٻولي ۾ استعمال ٿيندڙ اهڙن ڪيترن ئي اصطلاحن جي اصليت ۽ حقيقت کان ڪي ٿورا
ماڻهو واقف هوندا. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي ڪتاب ”اصطلاحن جي اصليت“ ۾ ڪيترن ئي
منجهيل سٽ جهڙن اصطلاحن کي سلجهايو ويو آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر سنديلي جي حياتي ۾ ڇپيل
آخري ڪتاب آهي، جيڪو 1987ع ۾ شايع ٿيو. ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سندس وفات کانپوءِ 1993ع
۾ سندس پٽ اسلم سنديلي شايع ڪرايو. هي ڪتاب لکندي ڊاڪٽر صاحب سنڌي، اردو، هندي ۽
فارسي جا ڪيترائي ڪتابَ اٿلايا آهن، هن
کان اڳ سنڌي ٻوليءَ ۾ اصطلاحن جي حوالي سان ڪافي ڪرائتا ڪتاب شايع ٿي چڪا هئا، پر
هن ڪتاب جي نمايان خصوصيت انهن اصطلاحن جي اصليت معلوم ڪرڻ آهي. لفظ هجن، پهاڪا
هجن يا اصطلاح، انهن جي اصليت ۽ ماهيت معلوم ڪرڻ ئي سائين سنديلي جو ادبي مشغلو ۽
ڪارنامو هيو. پير سعيد حسن ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”ڊاڪٽر سنديلي
لاءِ اهو چوڻ درست ٿيندو ته هو معيار جو قائل آهي ۽ نه مقدار جو. جو ڪجهه هن، اڄ
تائين پيش ڪيو آهي سو ٺوس علمي ۽ تحقيقي ڪم آهي ۽ جنهن لڳاءُ سان هي ڪٺن ڪم ڪيو
اٿس، تنهن لاءِ پيڙهين تائين سندس نالو ڳائبو رهندو.“ 247 صفحن واري هن ڪتاب ۾ 439 اصطلاح
ڏنا ويا آهن. ڪتاب جي منڍ ۾ سنديلي صاحب جا لکيل ”ٻه اکر“ پڙهڻ وٽان آهن.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي سڄي ڄمار علم، ادب ۽ ٻولي جي ترقي ۽
واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ خاص طور تحقيق جهڙي پٿرائين راهه جو پانڌي رهيو.هن پنهنجي علم،
ڏاهپ ۽ شعور وسيلي سنڌي ٻولي لاءِ فخر لائق ڪارناما سرانجام ڏنا. سندس ڪتابي ڪم
کانسواءِ هن جي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل تحقيقي مقالن، مضمونن، تنقيدن ۽ تجزين تي نظر وجهڻ
سان معلوم ٿئي ٿو ته هن لوڪ ادب، لغات ۽ لسانيات کانسواءِ ادب جي ٻين ڪيترن ئي اهم
موضوعن تي قلم کنيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر سنديلي جو قاضي قادن، شاهه
عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي حوالي سان ڪيل تحقيقي ڪم نمايان حيثيت رکي ٿو.
سنديلي صاحب جو مقالو قاضي قادن ٽه ماهي مهراڻ جي سال 79-1978ع جي پرچن ۾ چئن
قسطن ۾ شايع ٿيو. هي هڪ خاص تحقيقي مقالو آهي ۽ پڙهڻ سان تعلق رکي ٿو. ڊاڪٽر صاحب
جي ڀٽائي جي حوالي سان شايع ٿيل مقالن ۾ 1. شاهه جي رسالي
تي هڪ نظر (مهراڻ نومبر 2-1955ع) 2-شاهه ڀٽائي جو سير سفر (ماهوار نئين زندگي
جولاءِ 1952ع) 3- شاهه جي رسالي جون ڪي غلط پڙهڻيون (ماهوار نئين زندگي نومبر
1952ع) 4- شاهه جي ڪلام جو لغوي پهلو (ماهوار نئين زندگي فيبروري 1956ع) 5-ڀٽائي
جي بيتن جي ڪسوٽي (ٽه ماهي مهراڻ 1-1986ع) وغيره شامل آهن. جڏهن ته سچل سرمست تي
لکيل مقالن ۾ 1- آغا صوفي وارو سچل سرمست جو رسالو (سرمست 1978ع) 2- سچل جو سرائڪي
ڪلام (سرمست 1982ع) 3- سچل جي ڪلام جا انوکا الفاظ (سرمست 1982ع) قابل ذڪر آهن. ان
کان علاوه سائين سنديلي، جديد سنڌي شاعري جي مهان ڪوي شيخ اياز جي شاعري جي حوالي
سان مقالو، شيخ اياز ۽ سندس شعر جو لغوي پهلو (پرک) پڻ تحرير ڪيو، جيڪو پنهنجي
نوعيت جو هڪ اهم مقالو آهي. هتي ڊاڪٽر سنديلي صاحب جي هڪ ٻئي تجزياتي مقالي ”جامع سنڌي
لغات تي هڪ نظر“ جو ذڪر ڪرڻ به اڻٽر آهي. هي طويل مقالو ٽه ماهي مهراڻ جي سال 89-1988ع جي شمارن
۾ ٽن قسطن ۾ شايع ٿيو. اهڙي طرح ڊاڪٽر صاحب جا ٻيا به ڪيترائي مقالا ۽ مضمون وڏي
اهميت جا حامل آهن.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي علمي ادبي ڪارنامن جي
حوالي سان مٿي جيڪو مختصر ذڪر ڪيو آهي، اهو سچ ته اڻ پورو ۽ اڌورو آهي، سندس شخصيت
اڃا گھڻ رخي ۽ ادبي پورهيو املهه آهي، جنهن تي هڪ ڌار ۽ تفصيلي تحقيقي اڀياس جي
گھرج آهي. ڊاڪٽر سنديلو سنڌي قوم جو فخر لائق فرزند هيو، جنهن جي علمي ۽ تحقيقي
پورهيي سبب سنڌي ادب خاص طور لوڪ ادب، لغات ۽ لسانيات جا نوان رخ نروار ٿيا. اسان
سنڌي ساهت جي هن سپوت تي اسين جيترو فخر ڪريو اوترو ٿورو آهي.
مددي ڪتاب ۽
مقالا
(1) وينجهار ڊاڪٽر
عبدالڪريم سنديلو
(2) تحقيق لغات ڊاڪٽر
عبدالڪريم سنديلو
(3) سنڌ جو سينگار ڊاڪٽر
عبدالڪريم سنديلو
(4) پهاڪن جي پاڙ ڊاڪٽر
عبدالڪريم سنديلو
(5) ڏهس نامو ڊاڪٽر
عبدالڪريم سنديلو
(6) سامي ڌاتو ڪوش ڊاڪٽر
عبدالڪريم سنديلو
(7) سچل لغات ڊاڪٽر
عبدالڪريم سنديلو
(8) لوڪ ادب جو تحقيق جائزو ڊاڪٽر
عبدالڪريم سنديلو
(9) اصطلاحن جي اصليت ڊاڪٽر
عبدالڪريم سنديلو
(10) ڊاڪٽر سنديلو (هڪ مطالعو) ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجو
(11) گهڙيون گهاريم جن سين ڊاڪٽر
عبدالمجيد ميمڻ
(12) ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو (مضمون) ڊاڪٽر بشير احمد شاد
(13) ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جو لوڪ
ادب ۾ حصو
(ماهوارپيغام مئي جون 1999ع) ڊاڪٽر آفتاب
ابڙو
No comments:
Post a Comment