ڊاڪٽر احسان دانش
عبد القادر منگي ــ نه وسرندڙ شخصيت
ڪجهه ماڻهو پنهنجي شخصيت ۾ پُر وقار هوندا آهن، جن کي پرکڻ ۾ گهڻو وقت نه لڳندو آهي. اهڙا ماڻهو جلد ئي اندر ۾ جايون جوڙي ويهندا آهن. نئين ديري جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ نامياري ڪاموري ۽ ليکڪ عبدالقادر منگي جو شمار به اهڙن ئي انسان ۾ ٿيندو هو. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات ته نوي واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري ٿي، جڏهن هو لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر هو پر ساڻس غائباڻو تعارف ان کان به اڳ ٿيل هو. جڏهن هو مٺيءَ ۾ ڊي سي هو ته هن لاڙڪاڻي جي هڪ بهترين شاعر واجد جي مفلسيءَ واري زندگي جو ٻڌي کيس مٺيءَ جي ڊي سي آفيس ۾ نوڪري ڏني هئي. مون کي ياد ٿو اچي ته انهن ڏينهن ۾ واجد ۽ عبدالقادر منگي جا هڪ ٻئي ڏي لکيل خطَ ڪنهن سنڌي رسالي ۾ به شايع ٿيا هئا. انهن خطن مان اندازو ٿيو هو ته هو ڪيڏو همدرد انسان آهي ۽ ادب ۽ اديبن کي چاهيندڙ آهي.
عبدالقادر منگي سان ٻيو غائباڻو تعارف تڏهن ٿيو جڏهن 1992ع ۾ بابا سائين ڏانهن هڪ خط اچي پهتو. مون کي بابا سائين طرفان اها اجازت هوندي هئي ته مان هن ڏانهن آيل ٽپال کولي پڙهي سگهان ٿو. سو پهريان اهو خط مون کولي پڙهيو، جيڪو عبدالقادر منگي ڊي سي مٺي طرفان لکيل هو ۽ ان ۾ بابا سائين کي ”ٿر ڪانفرنس“ ۾ مقالو پڙهڻ جي دعوت ڏنل هئي. بابا سائين ان ڪانفرنس لاءِ شاهه جي سُر سارنگ تي مقالو لکيو، جنهن ۾ لطيف سائين جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ ٿر جي ڏڪار ۽ سُڪار جو منظر چٽيل هو.
لاڙڪاڻي مان سندس همسفر هئا ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ ۽ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر. بابا سائين ڪانفرنس کان واپس اچي ان ڪانفرنس جا تفصيلي احوال ته ٻڌايا پر خاص ڳالهه هئي مهمان نوازيءَ جي. منگي صاحب سڄيءَ سنڌ مان آيل اديبن جي مهمان نوازيءَ جو جيڪو بندوبست ڪيو هو، سو مثالي هو. بابا سائين ان بابت پنهنجي آتم ڪٿا ۾ تفصيل سان لکيو آهي ۽ انهن ڏينهن ۾ ڪنهن روزاني اخبار ۾ ٻن ٽن قسطن ۾ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جو سفرنامو به ڇپيو هو، جنهن ۾ هن عبدالقادر منگي جي وڏي تعريف ڪئي هئي. منگي صاحب ان ڪانفرنس ۾ پڙهيل مضمونن ۽ مقالن کي سهيڙي ”ٿر“ نالي ڪتاب به سهيڙيو هو، جنهن جا هن وقت تائين ڪيئي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. اهو ڪتاب ٿر جي ثقافت، سماج ۽ ادب جي اڀياس جي سلسلي جو هڪ اهم ڪتاب آهي.
هڪ ڏينهن پنهنجي گهر جي لائبريريءَ ۾ ڪو ڪتاب تلاش ڪندي عبدالقادر منگي جو ترتيب ڏنل هڪ ٻيو ڪتاب ”ڀنڀور“ به نظر آيو هو. پڙهڻ سان خبر پئي ته منگي صاحب جڏهن گهاري ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر هو تڏهن هن ڀنڀور ۽ ديبل تي سيمينار ڪرايو هو ۽ ان موقعي تي سڄي ملڪ مان نامور آرڪيالاجسٽ، تاريخدان ۽ اديبَ اچي گڏ ٿيا هئا ۽ انهن ڀنڀور ۽ ديبل بندر جي قديم آثارن ۽ تاريخي اهميت تي مقالا پڙهيا هئا، اهو ڪتاب انهن ئي مقالن جو مجموعو هو. اهڙي طرح سندس هڪ ٻيو سهيڙيل ڪتاب وتائي فقير بابت هو، جنهن کي آئون وڏي دلچسپيءَ سان پڙهندو هوس. وتائي فقير جي شخصيت ۽ سندس بابت مشهور ٽوٽڪن جي ڄاڻ انهيءَ ڪتاب منجهان ملي. اصل ۾ ان ڪتاب به هڪ ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن مان جنم ورتو هو ۽ اها ڪانفرنس به عبدالقادر منگي ئي ٽنڊي الهيار ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر طور پوسٽنگ دوران ڪوٺائي هئي. هو جتي به رهيو ته ائين ئي متحرڪ رهيو. اهڙي غائباڻي تعارف کان پوءِ منهنجي مَنَ ۾ منگي صاحب سان ملڻ جي حسرت وڌي وئي هئي ۽ اها حسرت تڏهن پوري ٿي جڏهن هو پنهنجي ئي ضلعي لاڙڪاڻي جو ڊي سي ٿي آيو. مان جڏهن ساڻس پهريون ڀيرو مليس ته سچ پچ مون کي سندس مرڪندڙ چهري موهي وڌو هو. ان کان اڳ ۾ مون ڪنهن به ڪاموري کي مُرڪندي نه ڏٺو هو. هن جي بابا سائين سان ته پهريان ئي ڄاڻ سڄاڻ بلڪه هڪ حد تائين دوستي به هئي، سو بابا سائين جون لاڙڪاڻي ۾ به ساڻس ملاقاتون رهنديون هيون. انهن ڏينهن ۾ بابا سائين لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جو سيڪريٽري هو ۽ عبدالقادر منگي صاحب لاڙڪاڻي جو ڊي سي هئڻ سبب چيئرمين. انهن ڏينهن ۾ سوسائٽيءَ جي دستور مطابق چيئرمين جي اها پوسٽ لاڙڪاڻي جي ڊي سي لاءِ مخصوص هوندي هئي. هڪ ڀيري بابا سائين ڪنهن ميٽنگ جي سلسلي ۾ منگي صاحب جي آفيس ۾ ساڻس ملڻ ويو ته مون کي به پاڻ سان وٺيو ويو. مختصر تعارف ٿيو. هن منهنجي ليکڪ هجڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ بابا کي چيو ”ڊاڪٽر صاحب اوهان پنهنجي اولاد جي سٺي تربيت ڪئي آهي. اهي اوهان جي ورثي کي سنڀالي سگهن ٿا.“
مان ان پهرين ملاقات ۾ ئي سندس شخصيت کان ڏاڍو متاثر ٿيو هوس. ان کان پوءِ ساڻس ڪيئي ملاقاتون ٿيون. خاص طور جڏهن هو خيرپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿي آيو ته سچل ڪانفرنس جي موقعي تي خيرپور جي ريسٽ هائوس ۾ تنوير عباسي صاحب ۽ سندس سٿ سميت ساڻس سهڻيون ڪچهريون ٿيون. ان ڀيري سچل ڪانفرنس جو ڪاڄُ خيرپور جي سچل آڊيٽوريم ۾ سجايو ويو هو. مقالن جي نشست بعد تنويرعباسي جي صدارت ۾ مشاعرو ٿيو هو ۽ منگي صاحب به اسٽيج تي موجود هو. انهن ڏينهن ۾ سچل ڪانفرنس جي مشاعرن ۾ ٺاهوڪي هوٽنگ ٿيندي هئي. محفل مشڪ زعفران به ٿي ويندي هئي پر ڪڏهن ڪڏهن ڳالهه ڳاٽي کان ٽَپي به ويندي هئي. هلڪي ڦلڪي هوٽنگ تي ته هرڪو پيو مرڪندو هو پر جڏهن معاملو ڳنڀير ٿي ويندو هو ته ماحول ئي تبديل ٿي ويندو هو. مون کي ياد آهي جڏهن سائين تنوير عباسي پنهنجي مختصر صدارتي راءِ ڏئي پنهنجي شاعري پڙهڻ شروع ڪئي ته هوٽر ان مان به نه مُڙيا. تنوير صاحب پهريان انهن کي ائين ڪرڻ کان روڪيو پر جڏهن ٻيهر به هال مان ڪٿان آواز آيو ته تنوير صاحب غصي ۾ شعر اڌ ۾ ڇڏي موٽي وڃي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺو، منگي صاحب ۽ ٻين کيس مڃائي وري روسٽرم اڳيان آندو ۽ تنوير صاحب چيو ”جيڪڏهن توهان آرام سان ٻڌڻ چاهيو ته ٺيڪ، ورنه مون کي، توهان کي شعر ٻڌائڻ جو ڪو شوق ناهي.“ ائين چئي ڪجهه نارمل ٿيو ۽ وري ٻه شعر مس پڙهيائين ته سندس شعر جي رديف جي تتبع تي هال جي ڪرسين جي وچ مان ڪنهن عجيب قسم جو لفظُ ڪڍيو. تنوير صاحب صفا تپي باهه ٿي ويو. صدارتي ڪرسي تي واپس موٽي ويٺو ۽ سگريٽ دکائي چپن ۾ الائي ڇا ڇا چوندو رهيو. سڄي هال ۾ سس پس وڌي وئي. نيٺ عبدالقادر منگي صاحب پنهنجي گارڊن کي چيو ته هوٽنگ ڪندڙن کي هال مان ٻاهر ڪڍو. هنن به کڻي ٻن نوجوانن ۾ هٿ ڳنڍيا، جن هوٽنگ ڪئي به الائي نه، پر انهن کي هال مان ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ منگي صاحب هڪ ڀيرو ٻيهر تنوير صاحب کي پرچائي تاڙين جي گونج ۾ روسٽرم تي آندو ۽ ائين مس وڃي تنوير سائين پنهنجو غزل پڙهي پورو ڪيو. عبدالقادر منگي صاحب ان حساس معاملي کي ڏاڍي احسن طريقي سان نبيريو.
عبدالقادر منگي صاحب سان سندس رٽائرمينٽ بعد به مختلف جڳهن تي ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون، ڪڏهن ڪڏهن فون تي به حال احوال ٿيندو هو. هو جڏهن پنهنجي زندگيءَ جي ڪٿا ۽ واقعا ٻڌائيندو هو ته دل چوندي هئي هو ڳالهائيندو ئي رهي ۽ ماڻهو ٻڌندو ئي رهي. مان کيس چوندو هوس ته سائين اوهان کي پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ کپي. سدائين مُرڪي چوندو هو. يار ڇا ڇا لکجي، ڇا نه لکجي. هڪ ڀيري جڏهن هن ٻڌايو ته ”احسان مان پنهنجي آتم ڪٿا لکي رهيو آهيان“ ته اهو ٻڌي تمام گهڻي خوشي ٿي. ڪجهه مهينن بعد سندس آتم ڪٿا جي هڪ حصي تي مشتمل ڪتاب ”جي مون گهاريا ٿر ۾“ پڌرو ٿيو، جيڪو پنهنجي عنوان مان ئي ظاهر هو ته ان ڪتاب ۾ هن پنهنجن ٿر ۾ گهاريل ڏينهن کي ساريو هو. ان ڪتاب جو مهورت محترم احمد سلطان کوسي آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي جي ڀٽائي هال ۾ ڪرايو هو. ان موقعي تي به منگي صاحب سان نه صرف سهڻي ملاقات ٿي هئي پر هن اهو واعدو به ڪيو ته جلد ئي سندس آتم ڪٿا جو مڪمل ڪتاب پڻ پڌرو ٿيندو ۽ ”جي مون گهاريا ٿر ۾“ ان جو هڪ باب هوندو. ڪجهه عرصي بعد سندس آتم ڪٿا ”جوئي آهيان سوئي آهيان“ جي عنوان سان ڪتابي شڪل ۾ شايع ٿي، جيڪا سوا ڇهه سو صفحن تي مشتمل هئي. هن اهو ڪتاب پنهنجي آٽوگراف سان منهنجي مطالعي لاءِ به وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان موڪليو هو. عبدالقادر منگي جي ان آتم ڪٿا ۾ رڳو سندس ذاتي زندگي ۽ تجربن جو بيان نه آهي پر اصل ۾ اها ڪٿا هڪ دور جي ڪٿا آهي، جنهن ۾ سياسي سماجي اٿل پٿل کان سواءِ انيڪ شخصيتن بابت پڻ معلومات ملي ٿي. ان ڪتاب ۾ منگي صاحب الڳ الڳ ماڻهن جا روپ ٻهروپ به ڏيکاريا آهن ته پنهنجي نوڪري دوران آيل لاهن چاڙهن جو ذڪر به ڪيو آهي، مشڪل حالتن ۾ ڪيل بولڊ فيصلن بابت به ٻڌايو آهي ته پنهنجي ذاتي زندگيءَ جي ٿڌين ڪوسين جو احوال به اوريو آهي. هن جي آتم ڪٿا ۾ جتي سندس زندگيءَ جي تلخ لمحن جو ذڪر آهي اُتي ڪي دلچسپ واقعا به بيان ٿيل آهن.
مون کي ياد آهي ته، جڏهن لاڙڪاڻي جي تڏهوڪي ايڊيشنل ڪمشنر ۽ نامياري شاعر احمد سلطان کوسي، سنڌي ادبي سنگت نئين ديري جي سيڪريٽري طور سنگت طرفان ان ڪتاب جي مهورتي تقريب شاهنواز لائبريري جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪرائي هئي ۽ جنهن جي صدارت تڏهوڪي آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي وائيس چانسلر نثار احمد صديقي ڪئي هئي ۽ ڪتاب تي ڳالهائيندڙن ۾ ڊاڪٽر بشير احمد شاد، محمد علي پٺاڻ، پروفيسر مختيار سمون، ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر احسان دانش، پروفيسر ڄام جمالي، جيئل اوڏ، رئوف عباسي، ناياب سرڪش، رضوان گل، انجم قاضي ۽ منظور علي منگي شامل هئا. ان تقريب ۾ به منگي صاحب پنهنجي زندگيءَ جا ڏاڍا دلچسپ واقعا ٻڌايا هئا. هڪڙو واقعو ته مون کان اڄ تائين نه وسريو آهي. منگي صاحب ٻڌايو ته ”مان هڪ ضلعي ۾ ڊي سي ٿي ويس ته اتي منهنجي بنگلي تي هڪ بورچي هو، جيڪو ڏاڍو سٺو کاڌو ٺاهيندو هو، هڪ ڀيري مون ڏي مهمان آيا ته هن کاڌو تيار ڪيو، جنهن ۾ پَلِي به شامل هئي. منهنجن مهمانن کي اها پلي ايڏي پسند آئي جو تعريف ۾ نه پئي ماپيا. خير گهڻي عرصي بعد ساڳيا مهمان ٻيهر به آيا ۽ ڊنر ۾ پلي ٺهرائڻ جي خاص فرمائش ڪيائون. مون بورچيءَ کي چيو. ”منهنجا مهمان تنهنجي ٺاهيل پليءَ جي تمام گهڻي ساراهه پيا ڪن، سو رات جي مانيءَ ۾ پلي ضرور ٺاهجانءِ.“ بورچي چوڻ لڳو ”پر سائين هاڻي ته پليءَ جي مند ئي ناهي.“ مون به کيس چيو ”جتان به هٿ ڪرين پر مهمانن کي پلي ضرور کارائڻي اٿئي.“ هو حڪم جو بندو هو سو انڪار ڪيئن پئي ڪري سگهيو. ڊائيننگ ٽيبل تي ٻئي کاڌي سان گڏ پلي جو اسپيشل ڊش به اچي ويو. مهمان کائي ڏاڍو خوش ٿيا. جڏهن مهمان هليا ويا ته اهو بورچي مون ڏي آيو ۽ چوڻ لڳو ”سائين پلي ڪيئن لڳي؟“ چيومانس ”زبردست. مهمانن وڏي تعريف ڪئي، پر تون پڇين ڇوٿو، ڪا خاص ڳالهه آهي ڇا؟“ پهريان ته هو ڪجهه گهٻرائڻ لڳو پر پوءِ چوڻ لڳو ”سائين اصل ۾ پليءَ جي مند ته هئي ڪونه تنهن ڪري پاڻ واري لان مان ڪجهه ڇٻر پَٽي، ڌوئي صاف ڪري، اهڙا مصالحا ملايامانس جو وڃي ٿيا خير. چڱو ٿيو جو مهمانن کي خبر نه پئي.“ سڄي هال ۾ ٽهڪڙا مچي ويا.
عبدالقادر منگي سان سندس زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين خلوص ڀريو تعلق رهيو. ساڻس آخري ملاقات به ڏاڍي يادگار رهي. اهو ڪراچي ۾ 2021ع ۾ ٿيل سالياني SLF (سنڌ لٽريچر فيسٽيول) جو موقعو هو. اسان چئن دوستن جي چوڪڙي ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو، رضوان گل ۽ مان فيسٽيول جي مختلف سيشنن ۾ گيسٽ اسپيڪر طور شريڪ ٿيا هئا سين. شام ڌاري جڏهن ڪيفيٽيريا ڏانهن رُخ ڪيو ته اُتي عبدالقادر منگي صاحب جو درشن ٿي ويو. وڏي خلوص ۽ چاهه سان مليو، ڪجهه پل بيٺي پير حال احوال ٿيا ۽ هن خواهش ظاهر ڪئي ته پنهنجي ڪچهري ٿيڻ کپي ۽ فوراً چيائين سڀاڻي وقت ڪڍي منهنجي گهر اچو ته گڏجي ڊنر ڪريون. اسان پهريان روايتي حجاب ۾ انڪار پئي ڪيو پر هن ايڏي ته خلوص ڀريي انداز ۾ پابند ڪندي دعوت ڏني جو انڪار ڪرڻ به سٺو نه پئي لڳو. اسان ٻي رات سندس دولت خاني تي حاضر ٿيا سين ته هو اسان جي انتظار ۾ هو. اچڻ سان سدائين جيان مرڪي ٻکُ هڻي مليو. ڊائيننگ ٽيبل تي سياست ۽ ملڪ ۾ بدلجندڙ حالتن تي تبصرا ۽ تجزيا ٿيا. جنهن بعد هو اسان کي پنهنجي گهر جي ان حصي ۾ وٺي آيو، جتي هن جي لائبريري موجود هئي. الڳ الڳ شيلفن ۾ سليقي سان سجايل جدا جدا موضوعن وارا ڪتاب ڏٺا سين. هن خاص طور تي آٽوبايوگرافيز جا ڪتاب ڏيکاريندي چيو اهي مان ڏاڍي دلچسپيءَ سان پڙهندو آهيان. اها هڪ ننڍي پر خوبصورت لائبريري هئي.
اسان جي اصل ڪچهري عبدالقادر منگي جي گيسٽ روم ۾ چانهن جي ڪوپ تي ٿي، جتي هن اسان جي اڳيان پنهنجي اندر کي اُکيلي رکيو هو ۽ اسان سان اهي ڳالهيون به ڪيون جيڪي هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ به نه لکيون هيون.... ٿرُ ان ڪچهريءَ جو خاص موضوع هو. اسان ڏيڍ ڪلاڪ سندس ڪچهريءَ جي سحر ۾ رهيا سين. ڪچهري ڪچهري ۾ ڄڻ هڪ ڪتاب پڙهي ويا هئا سين.... اسان ان رات هڪ ٻئي کي ڪتابن جا تحفا ڏئي، ٻيهر ملڻ جي اميد سان، گيسٽ روم مان اٿيا هئا سين... منگي صاحب ٻاهر گيٽ تائين اچي پيار ڀري ڳراٺي پائي مرڪي موڪلايو هو...... اهو سندس آخري لمس هو، جنهن کي مان هن وقت تائين محسوس ڪريان ٿو....

No comments:
Post a Comment