Tuesday, 13 October 2026

ڪلھوڙا خاندان جو روشن ستارو ميان محمد آدم شاهه ڪلھوڙو ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

ڪلھوڙا خاندان جو روشن ستارو

ميان محمد آدم شاهه ڪلھوڙو

 

سنڌ جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءَ ڌرتي صدين کان وٺي عظيم علمي، ادبي ۽ سياسي ۽ سماجي ۽ ثقافتي پس منظر رکندڙ آهي، جتي ڪيترن ئي مھان انسانن جنم ورتو آهي، جن پنھنجي عظيم ڪارنامن وسيلي صدين پڄاڻا پنھنجي نانءَ جي پڙلاءَ کي برقرار رکيو آهي. ميان محمد آدم شاهه ڪلھوڙي جو نالو پڻ سنڌ جي اهڙين ئي ناليوارين هستين ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. هو پنھنجي دؤر جو هڪ بزرگ ۽ خداترس انسان هو، کيس ڪلھوڙن جو وڏو ڏاڏو ڪري تسليم ڪيو ويندو آهي. ميان آدم شاهه جي باري ۾ تفصيلي احوال لکڻ کان اڳ ضروري آهي ته ڪلھوڙا خاندان جي تاريخي پس منظر جي حوالي سان ٻه چار لفظ لکجن:

سنڌ ۾ مغل راڄ جي پڄاڻيءَ کانپوءِ ڪلھوڙا خاندان برسر اقتدار آيو، جن وڏي عرصي تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. ڪلھوڙن جي دعويٰ آهي ته سندن سلسلئه نسب رسول اڪرمﷺ جي چاچي حضرت عباس سان وڃي ملي ٿو تنھن ڪري هو عباسي آهن.

ڪتاب ”تاريخ سنده (ڪلھوڙا دور) جو مصنف محترم غلام رسول مھر پنھنجي ڪتاب ۾ ”مرآة دولت عباسيه“ ۽ ”جواهر عباسيه“ جو حوالو ڏيندي شجرو هئين بيان ڪيو آهي. محمد چينو خان، بن بھلا خان (بھاءُ الله خان) بن تھل خان (فتح الله خان) بن سنڪراسي خان (سڪندر خان)، بن ڪاهر خان (عبدالقادر)، بن اَبن خان (ابو النصر خان) بن سلطان احمد ثاني بن سلطان شاهه مزمل، بن سلطان عقيل، بن سلطان سھيل، بن سلطان ياسين، بن خليفه احمد اول، مستنصر بالله، بن خليفه شاهه محمد، بن خليفه سلطان ابو الفضل، بن سلطان ابو جعفر عبدالله بن خليفه محمد امين، بن خليفه سلطان هارون رشيد، بن خليفه محمد مھدي، بن خليفه ابو جعفر منصور، بن محمد، بن علي بن عبدالله بن حضرت عباس “.

اهڙي طرح سان ڪجهه ٻين ڪتابن ۾ پڻ ٿوري ردو بدل سان شجرو ڏنل آهي پر انھن ۾ پڻ پڄاڻي حضرت عباس  تي ڪئي وئي آهي. ملڪ باغ علي خائف مياڻ نور محمد عباس جي دؤر ۾ شاهه نامي ۽ سڪندر نامي جي طرز تي نامه نغن جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيو هو، اهو پڻ هن خاندان کي عباسي ٻڌائيندي لکي ٿو: 

کلہوڑے زعباس پیدا شندہ،

ازیں جہت در نسب عباسی اند۔


ڪلھوڙن توڙي دائود پوٽن جي متعلق تاريخدان غلام رسول مھر تمام ڪارائتي ڳالهه کلي آهي ته ”ڪلهوڙا ۽ داؤدپوٽا جيڪڏهن حضرت عبا س  جي نسل ڄاڻ جي نسل مان نه به هجن ها ۽ اهڙا ئي ڪارناما انجام ڏين ها جهڙا انجام ڏنائون ته تاريخ جي آڳنڌ تي کپن اهو ئي مقام حاصل ٿئي ها جيڪو اڄ حاصل آهي ...... سندن عطمت رڳو عباسي هجڻ جي ڪري نه، پر حقيقي ڪارنامن جي بنياد تي قائم هئي“.

ڪلھوڙا خاندان جي سنڌ ۾ آمد جي باري ۾ مختلف حوالا ملن ٿا جيئن ”مراة عباسيه“ ۾ لکيل آهي ته ”عباسي خاندان جي امير سلطان احمد ثاني هڪڙي رات امام زين العابدين“ جي خواب ۾ زيارت ڪئي ۽ کين درخواست ڪئي ته سلطنت جي حصول لاءِ مدد فرمائين. حضرت امام جي طرفان اشارو آيو ته سنڌ وڃو“.

اهڙي طرح حڪيم محمد صادق راڻيپوري جو بيان آهي ته ”عباسين مان ’قائم‘ ۽ ’احمد‘ ٻه سڳا ڀائر ۲۵۹هه (873) ۾ ڪچ ۽ مڪران واري رستي سان سنڌ ۾ آيا“.

اعجاز الحق قدوسي مطابق ان قسم جي بيانن مان اها ڳالهه واضح طور تي سامون اچي ٿي ته ان خاندان جي سنڌ ۾ سڀ کان پھريان اچڻ واري فرد کي يقيني طور تي متعين نه ٿو ڪري سگهجي. فقط اهو قياس آهي ته هن خاندان جو جيڪو به فرد آيو هوندو، اهو عباسسي خليفن جي آخري دؤر ۾ آيو هوندو“.

تاريخ ۾ هن خاندان جي سڀ کان پھريان جيڪا شخصيت اڀري سامهون اچي ٿي، اها شخصيت آهي امير محمد چنه خان. جنھن جو مٿي ڪلھوڙن جي شجره نسب ۾ ذڪر ڪري آيو آهيان. سندس زمانو ۶۱۷ ھ (۱۲۲۰ع) قرار ڏنو ويو آهي.

هڪ وڏي عرصي کانپوءِ ڪلھوڙا خاندان اندر هڪ وڏي مرتبي وارو شخص پيدا ٿيو، جنھن پنھنجو نالو ڪڍيو ۽ اهو شخص هيو، ميان محمد آدم شاهه ڪلھوڙو. اعجاز الحق قدوسي ”تاريخ سنده“ ۾ لکيو آهي ته ”ان خاندان (ڪلھوڙا خاندان) کي جنھن گمنامي جي ڪنڊ کان ڪڍي هڪدم شھرت ۽ بخت جي آسمان جو سج بڻائي ڇڏيو اهو ميان آدم شاهه ڪلھوڙو هيو. جيڪو ميان محمد مھدي جي نائين پيڙهيءَ ۾ پيدا ٿيو ۽ جنھن جي پيءُ جو نالو ميان گجن شاهه هيو“.

”لب تاريخ سنڌ“ جي مصنف محترم خدا داد خان، ميان آدم شاهه ڪلھوڙي جو سندن خاندان جي وڏي ڄام چني تائين جو شجر هن طرح بيان ڪيو آهي، ”ميان آدم شاهه ولد گجن شاهه ولد ميان صاحب، ولد ميان خان، ولد ميان طاهر، ولد ميان رانبن، ولد ميان شاهه محمد عرف شاهل، ولد ميان ابراهيم، ولد ميان محمد ولد ڄام چنو، جو هن گهراڻي جو مؤرث اعليٰ هو“. محققن مطابق ميان آدم شاهه جو زمانو ۱۵۲۰ع کان ۱۶۰۰ع تائين متعين ڪيو ويو آهي.

تاريخن مان ثابت ٿئي ٿو ته ميان آدم شاهه الله جو هڪ نيڪ ٻانهو هيو، تنھن ڪري پيري مريدي جي حوالي سان سندس معتقدن جو وڏو حلقو هو. اهي به ثابتيون ملن ٿيون ته ميان صاحب کي اهو فيض سيد ميران محمد شاهه جونپوريءَ کان حاصل ٿيو. انھن ڏينھن ۾ عبدالرحيم خان خانان، جيڪو اڪبر بادشاهه جي فوج جو سپہ سالار هو. سنڌ تي ڪاهي آيو، ان وقت سنڌ تي ترخانن جي حڪومت هئي. هن ميان آدم شاهه جو نالو ٻڌي کانئيس فتح ۽ ڪامراني جي دعا گهرائي. مرزا قليچ بيگ پنھنجي ڪتاب ”قديم سنڌ – ان جا مشھور شھر ۽ ماڻهو“ ۾ ان ملاقات جو سن ۹۹۸ھ (۱۵۸۹ع) ڄاڻايو آهي. جڏهن سن ۱۰۰۰ھ (۱۵۹۱ع) ۾ هن سنڌ فتح ڪئي ته نذراني طور ميان آدم شاهه کي چانڊڪا پرڳڻي ۾ جاگير ڏنائين، ان کانپوءِ ڪلھوڙن کي سياسي استحڪام حاصل ٿيو.

غلام رسول مھر ”تاريخ سنده“ (ڪلھوڙا دؤر) ۾ لکيو آهي ته ”زمينداري حاصل ڪرڻ جي مدعايقيناً اها نه هوندي ته ميان صاحب راشد وهدايت جي مسند ڇڏي سنڌ جو هڪ مشھور زميندار بڻجي وڃي. حڪمت عملي فقط اها هوندي ته وٽن مريدن جو هجوم هوندو آهي ۽ انھن لاءِ کاڌي پيتي جي انتظام جو سٺو طريقو اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته ميان صاحب کي زمينداري ملي وڃي. مريد ان جو انتظام ڪن ۽ لنگر جو خرچ هلندو رهي“.

جڏهن ته ڪجهه مورخن وري جاگير جي حصول واري معاملي ۽ زمينداري کي ڪجهه ٻئي رنگ ۾ پيش ڪيو آهي. جن حقيقت ۾ ميان آدم شاهه جي ڪردار ڪشي ڪئي آهي هنن کيس قورو ۽ ليٽرو پڻ ڪوٺيو آهي. جيئن هنيري ڪزنس پنھنجي ڪتاب ”The Antiquities Sind“ ۾ لکيو آهي ”آدم شاهه پراڻي زماني جو، ڪلھوڙا خاندان مان هڪ بزرگ ۽ لٽيرو به هو، جنھڻ سورنھين صدي جي وچ ڌاري اتر-اولھه سنڌ تي حمله ڪيا....  هيگ پنھنجي ڪتاب ”The Indus Delta contry“ ۾ لکيو آهي ته ”آدم شاهه ڪلھوڙي پنھنجي اعليٰ ڪردار ۽ غيرآئيني قدمن جي بنياد تي شھرت حاصل ڪرڻ سنڌ ۾ داخل ٿيو، اتي ساڻس ٻيا هم خيال ساٿي ملي ويا ۽ چانديا ذات جي ماڻهن کان زمينون ڦري ورتيون ............“

نامياري مورخ غلام رسول مھر سندس ان ڳالهه کي رد ڪندي لکيو آهي. ”اهو بيان منھنجي نزديڪ بي اصل ۽ بي بنياد آهي“.

ميان آدم شاهه جي وفات/ شھادت متعلق پڻ تاريخن ۾ الڳ الڳ بيان ملن ٿا، جيئن ”تحفة الڪرام“ ۾ لکيل آهي شيخ الشيوخ، شيخ بھاءُ الدين ملتاني جي اولاد مان لال عيسن هڪ مشھور بزرگ هيو، ان سان ميان آدم شاهه ’تلمبا‘ ۾ ملاقات ڪئي. ڏينھن گذرندا ويا مريد وڌندا ويا. ميان صاحب زمين جي واڌاري لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. ڀرپاسي جي زميندارن شڪايتون ڪيون ۽ ميان آدم شاهه، ملتان جي حاڪم هٿان شھادت جي درجي تي پھتو“.

سيد علي محمد راشيد مطابق ”آدم شاهه جا مريد تمام وڌي ويا، ان طرح هن کي جيڪا طاقت حاصل هئي، ان ڀروارت ڪيترن ئي زميندارن ۽ مختلف قبيلن جي سردارن جي دل ۾ حسد جي باهه ڀڙڪائي ڏني. انهن ميان صاحب خلاف بکرجي ناظم وٽ پريشان ڪندڙ خبرون پڄايون، جنھن ميان صاحب کي ملتان موڪلي ڇڏيو، جتي هن شھادت جو شربت پيتو“.

محترم غلام رسول مھر، ميان آدم شاهه جي شھادت جي حوالي سان سموري منظر ۽ حالات کي نظر ۾ رکندي نھايت جامع تبصرو ڪيو آهي. ”زميندارن جي حسد سببان شڪايتن تي آماده ٿيڻ تعجب جهڙي ڳالهه ناهي. ميان صاحب خدا جو پيارو ٻانهو هو، هن وٽ هر وقت سچن مريدن جي وڏي جماعت هوندي پڪ آهي ته سندن زمينداري جو انتظام ٻين جي مقابلي ۾ تمام سٺو هوندو. جيڪڏهن هن ڀرپاسي جون زمينون مناسب شرطن تي وٺڻ گهريون ته ان کي قانوني يا اخلاقي طور ناواجب نه ٿو چئي سگهجي. ڀانئجي ٿو ته هارين سان سندس سلوڪ سٺو هوندو ۽ هاري ڏانھس وڌيڪ مائل هوندا. تنھن ڪري ٻين زميندارن جي حرص ۽ لالچ ۾ اضافو ٿيو هوندو. انهن مريدن جي گهڻائي کي مبالغه آميز انداز ۾ پيش ڪري حڪمرانن کي بدماش ڪري ڇڏيو ۽ ميان آدم شاهه جي لاءِ شھادت جي نوبت اچي وئي.

 

No comments:

Post a Comment