Tuesday, 13 October 2026

عابد ڪاظمي ـــ زنده لفظن جو وارث (مھاڳ) ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ehsan Danish)

(مھاڳ)

عابد ڪاظمي ـــ زنده لفظن جو وارث

 

اندر جون موسمون به انوکيون ٿين ٿيون. ڪڏهن خوشيءَ جي بارش ۾ سانوڻيءَ جيان جل ٿل، ڪڏهن پن ڇڻ جيان زرد.... اهي مَنَ جون موسمون ئي ته آهن جيڪي ماڻهوءَ جي نيڻن جي جھروڪن مان جَھلڪنديون آهن. نيڻن جو پاڻي به عجيب آهي. اکين جي ڪٽورن مان ڇلڪي پئي ته الڳ الڳ معنائون کڻي اچي. سُکَ جي لمحن ۾ آب حيات ڀاسي ته دک جي پلن ۾ تيزاب.ڪير ڄاڻي ته ڪهڙيءَ گھڙيءَ دل جي مُند مَٽجي وڃي! شاعرَ من جي موسمن جا غلام هوندا آهن. تڏهن ئي ته ڪڏهن سندن اکر اکر پيار جي رنگولي بڻجي ويندو آهي ۽ لفظ لفظمان گلابَ ٽڙندا آهن ته ڪڏهن وري سندن حرف حرف اداسيءَ جي آرسي ڀاسندو آهي. هڪ شاعرَ جا داخلي دکَ ۽ پيڙائون خارجي مسئلن سان گڏجي لفظن جي صورت عجيب تجريدي تصوير چٽيندا آهن. اهڙي تجريديت جيڪا فن، آرٽ ۽ تخليقيت جي رنگن سان رچيل هوندي آهي، ساهر شاعر جي حصي ۾  به نه ايندي آهي.

ادب ۽ آرٽ جا جيترا به شعبا آهن اهي اصل ۾ فنڪار لاءِ اظهار جا الڳ الڳ ذريعا آهن. شاعريءَ ۾ به هڪ شاعر پاڻ کي اظهارڻ جا دڳ ڳولي ٿو، اهڙي اظهار لاءِ شاعر هڪ ئي ٽول استعمال ڪري ٿو، جيڪو آهي ”لفظ“. هر لفظ هڪ احساس جي نمائندگي ڪري ٿو، لفظ مڙي جذبن، خيالن ۽ تصورن جي ڪهڪشان جوڙين ٿا. شاعري هزار پابندين باوجود پنهنجي وجود ۾ اظهار جو اهڙو انوکو آرٽ آهي، جنهن ۾ هڪ شاعر جي جذبن جي فراواني، احساس جي حدت، خيال ۽ تصور جي دنيا ۽ فڪر جي حدن ۽ سرحدن کي ڇُهي ۽ محسوس ڪري سگھجي ٿو. شاعريءَ جي اظهار جا مختلف ميڊيم آهن، جن کي ادب ۾ صنفون سڏيو وڃي ٿو. هر صنف جون پنهنجون فني پابنديون به آهن پر شاعريءَ ۾ هڪ صنف اهڙي به آهي، جيڪا پابندين جي پرواهه نه نٿي ڪري ۽ اها صنف آهي ’نثري نظم‘. پابند نظم ۾ کوڙ سارين پابندين جو خيال رکيو ويندو آهي، جنهن ۾ قافيي رديف، وزن ۽ مصرعن ۾ رڪنن جو پورو هجڻ وغيره شامل آهن، جڏهن ته آزاد نظم ۾ خيال جي وهڪري کي  هڪ مخصوص آهنگ سان مربوط ڪيو وڃي ٿو ۽ ان ۾ پابند نظم واريون پابنديون باقي نه ٿيو رهن، اهڙي طرح  نثري نظم  وري آزاد نظم جي اها شڪل آهي جنهن ۾ آهنگ جي جاءِ تي نثري نحوي ترتيب کي غائب ڪيو ويندو آهي. قاسم يعقوب پنهنجي ڪتاب ”تنقيد ڪِي شعريات“ ۾ نثري نظم جي دفاع ۾ لکيو آهي ته ”نثري نظم ۾ مختلف تمثيلون (Imageries) فليشز (Fleshes) وانگر قاري جي تخيل ۾ لهنديون آهن. ان ۾ تمثيل نگاري جو گھڻو استعمال ڪيو ويندو آهي....... نثري نظم ۾ هڪ خيال جي اختتام تي ٻيو خيال مختلف موڊز يا تصورن جي ڳنڍ کوليندي ملندو آهي ۽ هڪ متن جي سطح تي ان طرح جي ڪيترن ئي خيالن کي جمع ڪيو ويندو آهي...... ان قسم جا نظم خيال جي مروجه Binding Force کي ٽوڙي آزاد تلازمِ خيال جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندا آهن، جنهن جو آغاز پنهنجي انجام کان بي خبر ۽ موضوع پنهنجي مواد کان بيگانو هوندو آهي. اهڙا نظم ناڪام تصور ڪيا ويندا آهن. نثري نظم مذڪوره ابهام کي پنهنجي خوبصورتي بڻائي پيش ڪيو ۽ اهو ئي اهو نازڪ پڻو هيو جيڪو آزاد نظم جي هيئت برداشت نه ڪري رهي هئي.“

ڪجهھ سال اڳ مديجي ۾ عابد ڪاظمي جي پهرين شعري مجموعي ”خواب هوائوں په لکھوں“ جي مهورت واري تقريب ۾ مون عابد جي شاعريءَ تي خاص طور نثري نظمن تي ڳالهائيندي چيو هو ته ”نثري نظم خيالَ، فڪر ۽ احساس جي شاعري آهي ۽ عابد ڪاظمي جا نثري نظم پاورفل آهن.“ ٿي سگھي ٿو ڪوئي نقاد منهنجي ان اسٽيٽمينٽ تي اها تنقيد ڪري ته اگر نثري نظم خيال، فڪر ۽  احساس جي شاعري آهي ته ڇا باقي صنفن ۾ اهو سڀ ڪجھه نه هوندو آهي؟ مان اهڙي نقاد جي راءِ جو احترام ڪندي اهو چوڻ چاهيندس ته ’ڪوبه شعر / نظم خيال، فڪر ۽ احساس کان خالي نه هوندو آهي، پر منهنجِي نثري نظم بابت ان راءِ جو مطلب اهو آهي ته نثري نظم جي ڪُل ميراث ئي خيال، فڪر ۽ احساس آهي. ان ۾ نظم (پابند/ آزاد) وانگر ٻيون فني ۽ هئيتي پابنديون نه جي برابر آهن.‘

نثري نظم جي فارميٽ توڙي ادبي حيثيت بابت هن وقت تائين گھڻو ڪجھه ڳالهايو ويو آهي. اڪثر پابند شاعريءَ جا بندا هن صنف کي هڪ ڌڪ ۾ رد ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا آهن. عروض جي سلطنت جا شاهه ۽ ڇند جي ڦند جا ماهر نثري نظم کي ڪڏهن به شاعري مڃڻ لاءِ ئي تيار نه ناهن رهيا. سندن نظر ۾ نظم (منظوم شاعري) جو وزن کان سواءِ تصور ئي عبث آهي. ان سلسلي ۾ نثري نظم بابت سندن ٻيو اعتراض شعري آهنگ ۽ موسيقيت  جي اڻاٺ جو هوندو آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته شعر جي شعريت ۽ نثر جي نثريت رڳو وزن يا موسيقيت جي محتاج ناهي..... جيتوڻيڪ هن وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ نثري نظم مڃتا جي سفر ۾ گام گام اڳتي وڌي رهيو آهي، پر اڃا به هڪ ادبي ڌڙو ان صنف کي اهو چئي قبوليت جو شرف بخشڻ لاءِ تيار ناهي ته ’نثر ڪڏهن به نظم نه ٿو ٿي سگھي اهي ٻه ڌار ڌار اڪايون آهن، اهي طرزِ اظهار جا متضاد ميڊيم آهن ۽ اهي ٻئي گڏجي ڪنهن ٽين صنف کي جنم نه ٿا ڏئي سگھن.‘ ارسطو اهو پهريون ادبي نقاد آهي جنهن نثر ۽ نظم جي فرق کي ختم ڪندي ٻنهي ۾ ”ادبيت“ کي بنياد بڻايو ۽ چيو ته ’شاعري نثر ۾ به ٿي سگھي ٿي ۽ جيڪا وزن ۾ آهي ان جو هر گز اهو مطلب ناهي ته اها شاعري آهي.‘ هو شاعريءَ لاءِ ان جو ”ادبي“ هجڻ ضروري ٿو سمجھي. هونءَ به شاعريءَ جي بازار ۾ اهڙا کوڙ وکر ملندا جيڪي رڳو وزن جي هوڪي تي وڪامندا آهن. پر ارسطو شاعريءَ لاءِ رڳو وزن کي وزن نه ڏنو. انهيءَ ڪري هن چيو ته ’شاعري نثر ۾ به ٿي سگھي ٿي.‘ ٽيري ايگلٽن پنهنجي ڪتاب “How to Read a Poem” ۾ ٻڌايو آهي ته ڪيترائي نظم قافيي، رديف ۽ وزن کان سواءِ به پُر اثر هوندا آهن. هو لکي ٿو ته:

It is true that prose does not greatly use metre. On the whole, metre like end-rhymes,is peculiar to poetry; but it can hardly be of its essence, since so many poems survive quite well without it.

اهڙي طرح انيس ناگي پنهنجي مضمون ”نثري نظم يا شاعري“ ۾ لکيو آهي ته ”شاعرُ لفظ جي وسيلي اهڙي ڪائنات کي معرض وجود ۾ آڻيندو آهي، جيڪا موجود هوندي به  ٺوس شين وانگر موجود نه هوندي آهي، هر تجربي ۽ هر علم جو آغاز ’حسي ادراڪ‘ سان ٿئي ٿو، جيڪو بعد ۾ ’عقلي ادراڪ‘ جي صورت اختيار ڪري ٿو. اهو عمل شاعري ۽ تخليقي نثر ٻنهي ۾ موجود هوندو آهي..... شاعريءَ ۾ تصورات جي تشڪيل ڪري سگھجي ٿي ۽ اهڙي طرح نثر ۾ شاعري جو ڍنگ پيدا ڪرڻ ممڪن آهي.“

هونءَ ته دنيا جي قديم ادب ۽ لوڪ روايتن ۾ نثري نظم جا ڪي آثار ملن ٿا، پر ان کي هڪ ادبي تحريڪ طور سڀ کان پهريان فرانس ۾ مقبوليت حاصل ٿي. بودليئر کي نثري نظم جو ابو ڄاتو ويندو آهي. اهڙي طرح رمبو، ملارمي، لوتريامون هن صنف کي هٿي وٺرائي. فرانس ۾ نثري نظم جي اها تحريڪ اصل ۾ شاعريءَ جي پابندين خلاف هڪ مضبوط آواز ٿي اڀري. فرانسيسي ادب جي ڀيٽ ۾ انگريزي ادب ۾ نثري نظم جي قبوليت ايترو جلدي نه ٿي سگھي، ڇوته اُتي ان کان پهريان ئي آزاد نظم جي صورت ۾ آزاديءَ جا امڪان موجود هئا. تنهن جي باوجود والٽ وٽمين، رلڪي، سولزنٽسن ۽ بورخيس نثري نظم جي تحريڪ کي اڳتي وڌايو.

ننڍي کنڊ ۾ اردو ٻوليءَ ۾ لڳ ڀڳ اڌ صديءَ کان وٺي نثري نظم رائج رهيو آهي ۽ اردو ۾ نثري نظمن جو پهريون مجموعو سجاد ظهير جو ”پگھلا نيلم“ آهي، جيڪو  1964 ۾ ڇپيو. ائين ئي سنڌي ٻوليءَ ۾ به نثري نظم جو سج لڳ ڀڳ ايتري ئي عرصي کان اڀري ۽ لهي رهيو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ نئين ٽهي جي ڪيترن ئي شاعرن نثري نظم کي پابند شاعريءَ خلاف بغاوت طور اڳتي وڌايو پر ساڳي جاءِ تي سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي سنجيده ۽ برجستن شاعرن نثري نظم کي پنهنجو ڪري ان صنف کي هڪ ڌار تخليقي معيار ۽ مقام بخشيو. ان حوالي سان شيخ اياز جو نالو نهايت اهميت جوڳو آهي. شيخ اياز جي نثري نظمن ۾ موضوعن جي نواڻ، تخليقي اڇل، دل ڇهندڙ تاثريت، خيال جي خوبصورتي، لفظن جو ترنم  ۽ رچاءُ موجود آهي. موجوده دور ۾ نثري نظم پنهنجي پوري تخليقي جوهر سان لکيو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ اڄ به ان جي حيثيت تي حرف کڻڻ وارن جي ڪمي ناهي پر نثري نظم جا شاعر ان جي پرواهه ڪرڻ بنان پنهنجو تخليقي سفر جاري رکيو پيا اچن. تازو ئي سنڌي ٻوليءَ ۾ برجستي شاعر حبدار سولنگي جو سهيڙيل ڪتاب ”دُک جا ننڊاکا پاڇا“ خود ان ڳالهه جي گواهي ڏئي ٿو ته هن وقت به سنڌيءَ ۾ ڪيترو سٺو نثري نظم لکيو وڃي ٿو.

’نثري نظم‘ نثر ۽ نظم جو سنگم آهي ان ڪري ڪنهن وقت ۾ ان کي ”نثم“، ’نظماڻو نثر‘ يا ’نثرِ لطيف‘ پڻ سڏيو ويو. اردو ۾ ان کي ’نظمِ نو‘ به چيو وڃي ٿو. حقيقت اها آهي ته نثري نظم پڙهڻ ۾ جيترو سولو ۽ سهل لڳي ٿو، اهو لکڻ اوترو ئي ڏکيو آهي ۽ سچ ته اهو آهي ته نثري نظم بابت لکڻ ان کان به وڌيڪ مشڪل ڪم آهي، مان عابد ڪاظمي جي هن ڪتاب تي مهاڳ لکندي انهيءَ مشڪل مان گذري رهيو آهيان. اصل ۾هڪ نثري نظم جنهن طرح هڪ پڙهندڙ تي منڪشف ٿئي ٿو، ان کي هو رڳو ان تاثر سان محسوس ئي ڪري سگھي ٿو، ڇوته ان جي تشريح ۽ تعبير ان تخليق کان سٺي ٿي نه ٿي سگھي.وڌ ۾ وڌ هڪ نقاد ان تخليقي ڪارنامي جي  اوک ڊوک ڪري ان جي اهميت اجاگر ڪري سگھي ٿو. هي مهاڳ لکندي مان به عابد ڪاظمي جي نظمن جي حوالي سان اهڙي ئي ڪوشش ڪندس.

عابد ڪاظمي عهدِ حاضر جو هڪ اهڙو تخليقڪار آهي جنهن هڪ ئي وقت نثر ۽ نظم ۾ لکيو آهي ۽ لکندو رهي ٿو. هن جو پهريون شعري مجموعو ”خواب هوائوں په لکھوں“ جنهن ۾ سندس اردو شاعري هئي، تنهن ۾ غزلن سان گڏ کوڙ سارا نثري نظم به شامل هئا. جڏهن ته هي سندس نجو نثري نظمن جو مجموعو آهي. جنهن ۾ سندس خوبصورت نثري نظم موجود آهن. هن مجموعي جي مطالعي بعد مان اها ڳالهه وڏي اعتماد سان چوان ٿو ته موجوده دور ۾ عابد ڪاظمي سنڌي ٻوليءَ جي انهن چند اهم نثري نظمن جي شاعرن مان هڪ آهي، جيڪي نثري نظم جي مزاج کي چڱي پَر سمجھن ٿا. عابد کي نثري نظم جي ڪرافٽنگ ۽ آهنگ جو اندازو آهي.هن جي نظمن جي اڻت شاندار آهي، هو پنهنجن نظمن ۾ ڏاڍي نفاست سان لفظ لفظ پوئي هڪ اهڙو نيڪلس ٺاهي ٿو، جيڪو دل جي ديد سان ڏسڻ ۽ روح جي هٿن سان ڇهڻ جي قابل آهي. هن جي نظمن جي ٻولي ۽ اسلوب جديد نثري نظم جون گھرجون پوريون ڪندڙ آهي.

جنهن ڏينهن کان،

جدائي جي منجھند،

منهنجي اکين ۾،

آکيرو ٺاهيو آهي،

تنهن ڏينهن کان،

منهنجي راتين جي اڱڻ ۾،

ناهن لٿا،

ننڊ جا پکي.

نثري نظم ۾ هڪ مخصوص تاثر ۽ تاثير سان گڏ ٻوليءَ جي نفاست جو هجڻ لازمي آهي، ورنه ان تي نثر جو گمان ٿيڻ لڳندو. عابد جو هڪ ٻيو نظم ”وڃايل اکيون“ به جديد نثري نظم جي انوکي ڊڪشن جي ساک ڀري ٿو.

تون منهنجي،

تنهن خواب ڪٿا جو،

عنوان آهين،

جنهن کي پڙهندي،

مون پنهنجيون اکيون،

وڃائي ڇڏيون.

هڪ شاعر لفظن جو سوداگر ٿئي ٿو، پر هن جي هٿن ۾ رڳو لفظن جا موتي نه هوندا آهن، احساسن جي خوشبو به هوندي آهن، جڏهن ڪنهن شاعر جون آڱريون لفظن کي ڇهنديون آهن ته لفظ به دل وانگر ڌڙڪندي محسوس ٿيندا آهن. شاعرُ جيڪو لفظن جي رنگن کي اُلٽ پُلٽ ڪري هڪ ائبسٽريڪ پينٽنگ وانگر بي معنويت مان معنى تراشيندو آهي. چاهي ته زبان سان ڏسي، چاهي ته نيڻن کي ڌڙڪائي.

مان جڏهن به،

تنهنجي نيڻن ۾،

ڏسندو آهيان،

منهنجا نيڻ،

زور سان،

ڌڙڪڻ لڳندا آهن.

مبالغو شاعريءَ جو حسن آهي، هڪ سٺو نظم حڪايت وانگر ئي هوندو آهي. شاعر جي زمين به پنهنجي آهي ته آسمان به پنهنجو. هن وٽ تخيل، تصور ۽ تفڪر جا پنهنجا انداز آهن. هو  صدين ۾ گم ٿي پلن ۾ اڀري سگھي ٿو ۽ لمحن ۾ زنده رهي صدين تي ڇانئجي سگھي ٿو. هڪ شاعر هڪ خوبصورت نظم وانگر ئي هوندو آهي، ان ۾ حيرانگيءَ جون هزارين صورتون ڳولي سگھجن ٿيون.

مبالغو ئي سهي،

حڪايت ئي سهي،

شاعراڻو خيال هجي يا حقيقت،

يا وري هڪ ديواني جي سوچ،

صديون اڳ،

تو ۾ لٿو هئس،

۽ اڄ تائين،

مونکي مليو ناهي،

پنهنجي ذات جو ڪنارو.

ڪجھ نقاد نثري نظم کي Speech rhythm تي آڌاريل سمجھن ٿا، يعني هو نثري نظم کي آوازي هيٺ مٿاهين جو ڪرشمو ڄاڻائن ٿا. پر اصل ۾ نثري نظم ۾ موجود اندروني آهنگ اسپيچ رڌم کان مٿاهين شيءِ آهي، اهو مخصوص رڌم ئي آهي جيڪو کيس نثر کان مٿاهون مقام بخشي Piece of art بڻائي ٿو. عابد ڪاظمي جي نظمن ۾ اهو شاعراڻو صوتي ۽ نظم جو داخلي آهنگ سندس هر نظم مان محسوس ڪري سگھجي ٿو. مثال طور هن جي نظم ”خاموش رات“ جون هي سٽون ڏسو:

هن پٿر جهڙي عورت

يادن جي جھروڪيمان جھاتي پائي،

پنهنجي وجود ۾ وڃايل،

ان وينگس کي ڳولهيو،

جيڪا سوين چهرن ۾ گم ٿي وئي هئي،

۽ سوين جسمن جي انبار ۾ دٻجي وئي هئي،

ٻاهر ڪيڏي نه روشني آهي،

پر اندر ۾ اُوندهه آهي،

سروم دکم دکم،

هن پنهنجي هٿ ۾ دٻيل نوٽن کي ڏٺو،

۽ مرڪي ڏنائين،

هي زندگي پاپ آهي،

پر ان کان فرار مها پاپ آهي.

عابد ڪاظمي جي هن نظم ۾ نثري نظم جي اها مخصوص لفظيات موجود آهي، جنهن سبب ئي ادب ۾ هي صنف ٻين کان انوکي سڏجي ٿي. ’پٿر جهڙي عورت جيڪا سوين چهرن ۾ گم ٿي وئي هئي ۽ سوين جسمن جي انبار ۾ دٻجي وئي هئي.‘ويشيائن جي زندگيءَ تي هزارين ڪهاڻيون ۽ ناول لکيا ويا آهن پر هن نظم ۾ عابد جيڪا ڪهاڻي لکي آهي اها ڇرڪائي وجھي ٿي ۽ ڇا ته ان جو ڪلائيمڪس آهي: ’هي زندگي پاپ آهي، پر ان کان فرار مها پاپ.‘

هر نثري نظم ۾ ڪهاڻي نه هوندي آهي ۽ نه ئي وري هر ڪهاڻيءَ ۾ نثري نظم هوندو آهي. اصل ۾ ڳالهه آهي تخليقڪار جي، جيڪڏهن تخليقڪار وٽ ڏانءُهوندو ته هو ڪنهن نظم مان اهڙي ڪهاڻي تراشي وٺندو جيڪا دير تائين قاريءَ جي دل ۾ هلچل مچائي ڇڏيندي. جيڪڏهن نظم نگار وٽ پنهنجي ڳالهه ۽ احساس پڙهندڙن تائين پهچائڻ جو هنر آهي ۽ هن جي لفظن ۾ ايتري طاقت آهي جو هو پنهنجو درد ۽ پيڙا انهيءَ تاثر سان ٻي تائين پهچائي سگھي، جنهن تاثر سان ان تخليق جي مرحلي وقت هن ڀوڳيو هيو ته اها ئي سندس ڪاميابي آهي. عابد ڪاظمي جي کوڙ نظمن ۾ اسان کي اها تاثر جي وحدت ۽ شدت محسوس ٿئي ٿي. هن جو نظم ’ڪاسبي جي سپي‘ هڪ اهڙو ئي نظم آهي.

راما پير جي مندر ۾،

ڪاسبي جي مينگھواڙ سپي،

شرڌا مان چائنٺ چمي رهي آهي،

مندر جو شيواڌاري،

ٽيڏي اک سان سندس چوليءَ مان،

ليئا پائيندڙ ارهن کي ڏسي رهيو آهي،

پريان گوار جي فصل ۾،

مورَ وڏي آواز ۾ رڙيون ڪن ٿا،

شايد ڪا بلا ڏٺي اٿن،

شيواڌاري ڀڻڪي ٿو،

سپيءَ ، شيواڌاري ڏانهن نهاريو،

هڪ ڪاريهر بيٺو هو.

مان ته ان کي هڪ نظم ڪهاڻي ئي سمجھان ٿو. هڪ اهڙي ڇرڪائيندڙ  ۽ لونءَ ڪانڊاريندڙ ڪهاڻي جيڪا Self-Explanatory آهي. ان جي باري ۾ هڪ لفظ به نه لکڻ کپي. بس رڳو ان نظم جي اڻت ڏسجي. يا ان علامت جي ڀيد کي سمجھجي جيڪو هن نظم ۾ رکيل آهي.

عابد ڪاظمي جا اهڙا ٻيا به نظم آهن، جن مان ڪهاڻيون جھاتيون پائين ٿيو. اهڙن نظمن ۾ ”رات جي ڪٿا“، ”تارن جو نوحو“، ”ٻهروپ“ وغيره شامل آهن. ’رات جي ڪٿا‘ ۾ گرلس هاسٽل ۾ موجود ڇوڪرين جي دٻيل احساسن کي آرٽسٽڪ انداز سان چٽيو ويو آهي. اسان جي سماج ۾ ڇوڪريون جن خواهشن جي صليبن تي ٽنگيل آهن ۽ جن سماجي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهن انهن جي ڪٿا بيان ٿيل آهي هن نظم  ۾. گھٽجڻ جو احساس، آڪيسجن جي ڪمي، آهون، سڏڪا محروميون، ڇا ناهي هن نظم ۾. ائين ”تارن جو نوحو“ ۾ هڪ اهڙي عورت جو درد ساهه کڻي ٿو جنهن پنهنجي پريمي جي انتظار ۾  پنهنجي تمنائن کي موت تي ٽياس تي ٽنگي ڇڏيو آهي. ائين عابد پنهنجي نظم ”ٻهروپ“ ۾  ٻهروپين جا روپ ڏيکاريا آهن. اهو اصل ۾  نثري نظمن جي صورت فليش فڪشن آهي. عابد جون اهي ننڍڙيون ننڍڙيون ڪهاڻيون ڏاڍيون ڇرڪائيندڙ آهن. هن جي هيٺين مختصر نظم ”راز جي ڳالهه“  ۾ به اهڙي ئي هڪ ڪهاڻي آهي:

ماڪ سان ڀنل پيچرن مٿان،

قدمن جا نشان چٽا آهن،

هو هر رات اتان گذري،

پريميڪا سان ملڻ ويندو آهي،

جنهن ڪلهه رات غيرت مان،

ڀيڻ ڪاري ڪري ماري آهي.

عابد ڪاظمي جا نثري نظم پيڙا جي مٽيءَ مان ڳوهيل مجسمن وانگر لڳن ٿا. هو هڪ حساس دل شاعر آهي تنهن ڪري کيس سماجي  ظلم ۽ انياءَ، بي انصافي ۽ انساني حقن جي لتاڙ کيس هرگز پسند نه آهي. بد امنيءَ جي باهه، مذهب، رنگ نسل ۽ فرقي جي بنياد تي ٿيندڙ ٽڪراءَ هن جو ساهه ٻوساٽين ٿا ۽ هو پنهنجي دردن ۽ اذيتن کي نظم بڻائي ٿو.

اسان مان ڪجهه اهڙا هئا،

جيڪي عبادت ڪندي ماريا ويا،

روڄ راڙي کان پوءِ چرچ ۾،

گھنڊ ۽ بنچون خاموش آهن....

اسان مان ڪجهه اهڙا هئا،

جيڪي ڪيس هلڻ يا ڏوهه ٻڌائڻ بنا،

بارودي ٽرڪ سان ماريا ويا،

موت جي راتاهي کان پوءِ،

هزاره ٽائون جاڳي رهيو آهي.....

اسان مان ڪجهه ڪراچيءَ جي ڳلين ۾،

گوليءَ سان ماريا ويا،

ڪجهه وري ساڙيا ويا،

گلگت، پشاور، سوات ۽ ڪوئٽه،

رت جي بوءِ ۾ ساهه کڻي رهيا آهن،

۽ اسين باقي بچي ويل

ڪنهن نئين ڌماڪي نه ٿيڻ ڪري،

زندگيءَ جي راند کيڏي رهيا آهيون،

اسان جا قاتل، اسان جي موت جو وقت،

مصروفيت سبب نه لکي سگھيا آهن،

اسين جيڪي خودڪشي نه ٿا ڪري سگھون،

ڌماڪي ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا آهيون!.

عابد ڪاظمي ان نظم ۾ ‘اسان مان ڪجھ‘ چئي هر ان نردوش جي نمائندگي ڪئي آهي، جنهن کي بي سبب ۽ بي خطا موت جي واديءَ ۾ پهچايو ويو. جنهن سماج ۾ انساني جان جون ڏوريون ڪنهن ٻي جي هٿ ۾ هجن، جنهن کي جڏهن وڻي ته اها ڏوري ڇني ڇڏي، اهڙي سماج ۾ زندگي واقعي هڪ انتظار وانگر ئي لڳندي ۽ اهو موت جو انتظار هوندو....... عابد ڪاظمي جي نظم ”ٻوڙو شهر“ ۾ به سماج ۾ ڦهليل بدامني، انتشار ۽ خوف جا آثار چٽا آهن.  شهرُ ـــ جتي موت جو راڪاس ڦيرا ٿو ڏئي اُتي زندگيءَ جو گيت ڪير ٿو ٻڌي. شهرن کي دهشت جي شور ٻوڙو ڪري ڇڏيو آهي. زندگي جيڪا موت کان به بدتر هجي، پيار، جنهن ۾ پياس نه هجي، خواهش، جنهن ۾ رڳو حرص هجي ۽ طلب،  جيڪا بي روح هجي ته انسان جو اندر خاليپڻي سان ڀرجي ويندو. عابد جو نظم ”تلاش“ ڪجھ اهڙين ئي ڪيفيتن جي خاڪ سان ڳوهيل آهي.

مون ۾ کاٽ هڻي رهي آهي،

شايد تلاشي ٿي،

ڪنهن خزاني کي،

پر افسوس،

مون ۾،

منهنجي لاش کان سواءِ،

ڪجهه به نه آهي.

عابد پنهنجي نظم ۾ بي وسيءَ جي عجيب ڪيفيتن کي چٽيو آهي. هن جا ڪيئي نظم هن دور جو ڪيڏارو محسوس ٿين ٿا. هن جي اهڙن نظمن ۾ دُک جا ٽانڊا دُکندي نظر اچن ٿا. اهي نظم هن دور جي المين جي ڪرب ناڪ تصوير آهن.

اسان کي زبانون وڍي،

جمع ڪرائڻ گھرجن،

لفظ خودڪشي ڪن،

جيئن اسين لاشن جيان،

چُرڻ جي سگهه نه رکون،

اهو سندن قانون آهي،

ڇو ته هو طاقتور آهن.

هن جي نظمن ۾ رڳو اها بي وسي ناهي پر ويڳاڻپ جو هڪ عجيب احساس به موجود آهي، ڌرتيءَ واسين لاءِ ’سڃاڻپ جو سوال‘ جڏهن غير جي چپن تي کپر جي ڄڀ جيان مِرڪَڻ لڳي ٿو ته ديس ڌڻيءَ جو روح به ڪبني ٿو وڃي.

منهنجي نسلن جا هزارين سجدا،

ڌرتيءَ جي پيشانيءَ تي نقش آهن،

جنهن جي لاءِ اسان سر ڏنا،

جيڪا اسان جي محبت آهي،

ان ڌرتي تي آيل ڌاريا،

مون کان منهنجي سڃاڻپ پڇن ٿا.

عابد ڪاظميءَ جا نظمَ هڪ شڪوو آهن اوڌاري زندگيءَ کان. اڌاري زندگي هڪ بارَ وانگر ئي آهي، هن جي دل جون ڳليون سنسان آهن اتان درد کان سواءِ ڪوئي نه ٿو گذري.اهو خاليپڻو، ڪرب ۽ مايوسي عابد جي نظمن وسيلي هن جي اندر جي دنيا کي متعارف ڪرائي ٿي.

دل جي شهر جون انڌيريون ڳليون،

سنسان ۽ ڏاڍيون خاموش آهن،

درد کان سواءِ،

ڪنهن جو به گُذر ناهي هتان،

بار ڍوئيندي،

جسم به،

بغاوت تي لهي آيو آهي،

هي اڌاري زندگي،

واپس ڪيان ته قرار اچي.

دک هڪ وهڪرو آهي، جيڪو اندر مان اُڀري سڄي وجود کي ڀِڄائي نيڻن جا بند ڀڃي ڇڏي ٿو. اهو لڙڪن ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ کي ميساري ڇڏي ٿو. عابد جي نظمن ۾ درد ڌار ڌر روپ ڌاري ظاهر ٿئي ٿو، انهن نظمن ۾ هڪ حساس پڙهندڙ کي لوڙهڻ ۽ ٻوڙڻ جي طاقت آهي. توهان هن ڪتاب ۾ عابد جو نظم ”وهڪرو“ پڙهندئو ته توهان کي اهڙو ئي احساس ٿيندو........ ڪي ماڻهو چوندا آهن ته اداسي بي رنگ هوندي آهي، پر هڪ سٺو نظم اداسيءَ کي به رنگ ڏئي سگھي ٿو. دل کي پکي بڻائي سگھي ٿو ۽ اهو پکي نراسائيءَ جو گيت ڳائي سگھي ٿو. يقين نه اچي ته عابد جو ”اداس گيت پڙهو“.

انسان جي زندگي هزار اداسين ۽ محرومين سان ڀريل آهي، جيون ڪو آسان رستو ناهي، جنهن تان گذري منزل ۽ ماڳ تائين پهچي وڃجي. ساغر چيو هو ’زندگي جبرِ مسلسل کي طرح کاٹي هے، جانے کس جرم کي پائي هے سزا ياد نهيں‘ عابد به زندگي جي عذابناڪين کي پنهنجن نظمن ۾ الگ الگ طرح اظهاريو آهي. هُنَ جو نظم ”مصروفيت“ پڙهي سچ ته جسم مان هڪ دُرڙي نڪري وڃي ٿي.

اسان سڀني کي،

ڦاٽل زندگيون،

مليون آهن،

۽ هي ڦاٽل زندگيون،

اسان کيسبڻيون آهن،

اسان جي ڪفن سبجڻ تائين.

هڪ شاعر جو احساس باريڪ کان باريڪ شي کي به اڀاري سگھي ٿو ۽ غير محسوس لقائن کي به ظاهر ڪري سگھي ٿو. هڪ فرد جي اوسيئڙي جو احساس  ۽ ڪائنات جي دل بظاهر ڪيڏيون نه مختلف شيون آهن پر هڪ سٺي نظم جون ٻانهون ڪائنات کي به پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري سگھن ٿيون. عابد جي نظم ”حرارت“ ۾ اوهان روح جي ان حرارت کي محسوس ڪري سگھو ٿا، جيڪا ڪنهن جي اوسيئڙي جي شدت مان جنم وٺندي آهي.

تون اوسيئڙي جي آڳر ۾،

پنهنجون اکيون نه ٻاري رکندي ڪر،

ڪائنات جي دل،

ميڻ جيئن رِجَڻ لڳندي آهي.

نثري نظم ۾ اختصار سان پنهنجي خيالَ ۽ احساس جو اظهار ڪرڻ کي ڪي ماڻهو آسان ڪم سمجھندا آهن پر حقيقت ۾ جيڪڏهن ڪنهن نظم ۾ ٿورن لفظن وسيلي وڏو خيال ۽ فڪر سمائجي وڃي ته ان کان وڌيڪ ڏکيو ڪم  ڪوبه نه آهي، اهو اصل ۾ سمنڊ کي ڪپڙيءَ ۾ بند ڪرڻ وارو ئي هنر آهي. لفظن جو ٿانءُ ننڍو ئي ڇونه هجي پر جيڪڏهن ان ۾ فڪر جو سمنڊ ڇلي رهيو آهي ته انهيءَ کي نثري نظم جو جادو سڏبو. نثري نظم تي اعتراض واريندڙ دوست عابد جو هيٺيون نظم ”اپاهج“ پڙهن ۽ دل تي هٿ رکي ٻڌائن ته ڇا هن شاعريءَ کي ڪنهن وزن جي ضرورت آهي؟

وقت،

بنا پيرن جي به،

ڊوڙي ٿو،

۽ انسان،

پيرن هوندي به،

اپاهج آهي.

هن نظم تي مان ته ڪجھ نه ٿو ڳالهائي سگھان ڇوته اهو نظم هڪ رڙ آهي، جنهن کي ڪو ٻوڙو به ڪنائي سگھي ٿو.

عابد جي شاعري ۾ اُڀ، تارن ۽ راتين جون ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، مونکي لڳي ٿو ته عابد هي ڪتاب کليل آسمان هيٺان ويهي لکيو آهي. کليل آسمان جنهن ۾ تارا پکڙيل هوندا آهن. ندي جهڙي نيراڻ به هوندي آهي ته دل ڏاريندڙ  اونداهه به. عابد جي شاعريءَ ۾ رات جا گھڻا ئي رنگ آهن. رات جيڪا ڪڏهن سندس نيڻن ۾ قاتل بڻجي ٿي لهي، ته ڪڏهن اها کيس اڻ سڏيل مهمان وانگر ٿي ڀاسي. هو زمين تي رهي آسمان جو سير ڪري ٿو. پنهنجي داخلي درد کي آڪاس جي وسعتن ۾ ڳولي ٿو. هن جو درد ڪڏهن ڪڏهن بليڪ هول بڻجي وڃي ٿو. هو اڀ جي اوچاين،چنڊ ۽ تارن کي پنهنجن داخلي احساسن سان پيوست ڪري.

اُڀ جي اوچائيءَ تان،

هٿ ڇڏائي هڪڙو تارو،

زمين جي سفر تي هليو آهي،

شايد تون ستي آهين،

پنهنجا وار کولي اڄ.

نثري نظم جو اصل حسن ان جي استعاراتي ٻوليءَ ۾ آهي. خوبصورت استعارن کان سواءِ نثري نظم بي چسو ۽ ٻسو ڀاسندو آهي. عابد ڪاظمي جي نثري نظمن ۾ بيحد حسين استعارا موجود آهن. جيئن ”جدائيءَ جي منجھند“، ”ننڊ جا پکي“،”خوابن جون ڪرچيون“، ”خواهشن جو بدن“، ”خاموشيءَ جو آواز“، ”وقت جو پيالو“، ”هارجي پيل لمحا“، ”چمين جا گُلَ“، ”خوابن جو ڳوٺ“، ”زندگيءَ جو چولو“، ”خواهشن جون چتيون“، ”گھاون جو ڪفن“، ”بي قراريءَ جي ندي“، ”ننڊ جي ديوي“، ”روايتن جا نانگ“ وغيره. هو پنهنجن نظمن کي انهن ۽ اهڙن استعارن سان سينگاري هڪ انوکو جمال بخشي ٿو. استعارن کان سواءِ عابد جا نظم خوبصورت تشبيهن سان به مالامال آهن. مثال طور سندس نظم ”انتظار“ ڏسو.

وڻ ڇڻي رهيا آهن،

يا تنهنجي انتظار ۾،

منهنجو وجود،

پن پن ٿي رهيو آهي.

هڪ خوبصورت نظم کي پڙهڻ لاءِ دل جي ديد کپي ۽ سمنڊ کي پڙهڻ لاءِ شام جون اکيون. ڇوته نيري سمنڊ کي رڳو شام جون اکيون ئي پڙهي سگھن ٿيون.

نيرو سمنڊ،

ڪو نظم آهي،

جنهن کي پڙهڻ لاءِ،

شام جون اکيون کپن.

عابد جو اهو نيرو نظم جنهن ۾ نيري سمنڊ جو ذڪر آهي، جيترو مختصر آهي، اوترو ئي گھرو به آهي. سمنڊ نيرو آهي ۽ آسمان به. عابد ڪاظميءَ جي نظمن ۾ نيري سمنڊ ۽ نيري آسمان جون سرگوشيون آهن. هن پنهنجي نظم ”ڪاش!“ ۾ لکيو آهي ته :

سرگوشيون ڊگھو سفر ڪن ٿيون،

لفظ پري تائين پهچن ٿا،

آواز ڪڏهن به مري نٿو،

جيستائين لفظ زندهه آهن،

اسان به ساهه کڻنداسين،

جيڪڏهن لفظن خودڪشي ڪئي،

اسان جو به موت ٿي ويندو!.

سچ به اهو آهي ته لفظ ئي زندگي آهن..... لفظ متحرڪ شين جيان آهن، هر لفظ جو هڪ چهرو ٿئي ٿو، هڪ جسم ٿئي ٿو. لفظ ئي ته آهن، جيڪي ڪائنات جي بقا جا ضامن آهن.عابد ڪاظمي جي نظمن ۾ اهي زنده ۽ متحرڪ لفظ ساهه کڻندي محسوس ٿين ٿا. نظمَ هن جي اڻپورائيءَ جو پورائو آهن، هن جي ذات جي تڪميل آهن. هو زنده لفظن جو وارث آهي. هو لکندو رهندو جيسيتائين لفظ زنده هوندا.

 

ڊاڪٽر احسان دانش

 

No comments:

Post a Comment