محبت پائي من ۾.........
(غلام شبير پيراھين جي ڪتاب ”شاهه جو اعليٰ مقام“ جو مھاڳ)
شاهه عبد اللطيف ڀٽائي سنڌي ٻوليءَ جو محسن ۽ سنڌين جو رهنما ته آهي ئي پر هن جي فڪر ۾ ايڏي ته وسعت آهي جو ان مان سڄي دنيا کي امن ۽ انسانيت جو رستو ملي سگھي ٿو. مان اها ڳالهه ورجائي ورجائي چوندو آهيان ته شاهه لطيف عظمت جي حقيقي معنى ۾ سنڌ جو عظيم انسان آهي. انهيءَ ڳالهه لاءِ کوڙ سارا دليل آهن، پر دليلن جي جھنگ ۾ گھرڻ کان اڳ اگر اسان مان اُهي جن شاهه لطيف جي ڪلام کي پڙهيو ۽ پُرجھيو آهي، تن کان پڇبو ته ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ڇا آهي؟“ ته سي پڪ سان پنهنجي دل تي هٿ رکي ٻڌائيندا ته ’لطيف سائين وٽ زندگي ۽ زندگيءَ جون سچايون آهن، هو املهه انساني قدرن جو شاعر آهي، سندس موضوع انسان آهي ۽ هن جو سنيهو آفاقي.‘ هاڻي پاڻ رڳو انهيءَ دل جي آواز کي ئي ڪنايون ته به شاهه سائين اسان کي پنهنجي ڏاڍو ويجھو محسوس ٿيندو. ڀلا جنهن شاعر وٽ امر انساني قدر اهم هجن، انسانيت ۽ انسان دوستيءَ جو پيغام هجي، جيڪو زندگيءَ جو شاعر هجي ته ان جي ڪلام کي روح جي اکين سان نه پڙهبو ته ٻيو ڪيئن پڙهبو.
شاهه لطيف جي شاعريءَ جي زمين سنڌ آهي، ڇوته هن جو پنهنجي ڌرتيءَ سان عشق جو ناتو هيو، شاهه لطيف جي ڪلام جا ڪلاسيڪل داستان سنڌ جي تاريخ جا باب آهن، سنڌ تاريخ جي جن دورن مان گذري آهي، انهن ۾ جبر جي ريت به جاري رهي آهي پر انهن ئي حالتن ۾ عظيم سورمن ۽ سورمين جو به جنم ٿيو آهي. شاهه سائين جا ڪردار اڪثر سنڌ واسي آهن، ۽ ٻيا ڪردار انهن سان جُڙيل آهن پر ڀٽائي انهن ڪردارن جي درد کي ايڏو ته وسيع ڪري ڏيکاريو آهي، جو اهو ڏک جاگرافيائي حدن کان ٽپي سڄي دنيا جي ڏکايلن جو ڏک محسوس ٿئي ٿو. ان ڪري مان هميشه چوندو آهيان ته شاهه لطيف جي فڪر ۽ فلسفي کي ڪنهن مخصوص وقت ۾ قيد ۽ زميني حدن ۾ بند نه ٿو ڪري سگھجي، ڇوته دنيا سان شاهه جو دک جو رشتو آهي ۽ دُکَ جو رشتو ڏاڍو مضبوط ۽ وسيع ٿيندو آهي.
شاهه لطيف ڪنهن به طور تي هڪ روايتي شاعر نه آهي، هو هڪ غير روايتي ۽ غير معمولي شاعر آهي. هو شين ۽ لقائن کي جيئن ڏسي ٿو ائين اسان مان هر ڪو ڏسي نه سگھندو آهي. ڇا اسان مان ڪو اهڙو آهي جيڪو سُئي جو مقام بادشاهيءَ کان به مٿي ڀانئي، ڇا اسان مان ڪو آهي جيڪو دنيا کي اُلٽي اک سان ڏسي سگھي..... اسان ائين نه ٿا ڏسي سگھون، اسان ائين نه ٿا محسوس ڪري سگھون ڇوته اسان معمولي ماڻهو آهيون.... اها ابتاڻ جي ٿيوري، اهو نفي مان اثبات ڳولڻ، انڪار مان اقرار جاچڻ، جبر مان قدر ۽ موت مان زندگي ماڻڻ وارو فلسفو ڪنهن غير معمولي انسان جو ئي ڪمال ٿي سگھي ٿو.
سوال آهي ته ’ڇا اهڙي غير معمولي انسان جي فڪر ۽ تخيل کي اسان مڪمل طور سمجھي ۽ ساڃاهي به سگھيا آهيون؟‘ يا اسان ان تي ڪو اهڙو ڪم ڪيو آهي جو دنيا کي ٻڌائي سگھون ته ها اسان پنهنجن عظيم انسانن جو پورو پورو قدر ڪندا آهيون.... ان سوال جي جواب جي ڳولا ڪبي ته اسان کي کوڙ ساري مايوسي ٿيندي.... ائين به ناهي ته اسان ڪو شاهه سائين تي بلڪل به ڪم نه ڪيو آهي پر شاهه جيڪو آهي ۽ هن جو فڪر ۽ تخيل جيڏو گھرو ۽ وسيع آهي، ان سان اڄ سوڌو ڪنهن به انصاف نه ڪيو آهي. ها ائين ضرور ٿيو آهي ته اسان مان هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي نظريي ۽ عقيدي جي آڌار پنهنجي مقصد جي نڪتي سان شاهه لطيف جي ڪلام کي فٽ ڪري سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مان ان عمل کي شاهه جي فڪر سان وڏي ۾ وڏي هٿ چُراند سمجھندو آهيان.
ٻيون سڀ ڳالهيون ڇڏجن به کڻي پر سوال آهي ته ’ڇا اسان پنهنجي عظيم شاعر کي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ ورو ڪم به ڪري سگھيا آهيون؟‘ سندس عظمت جا دليل بعد ۾ پيا پيش ٿيندا يا متان کيس به رومي وانگر مغرب ۾ ڊاڪٽر نڪلسن جهڙو ڪو ديداور ملي وڃي، جيڪو دنيا کي ٻڌائي ته ’انڊس ويلي سوليزيشن جي ڪُک مان جنم وٺندڙ هي شاعر دنيا جي عظيم شاعرن جي صف ۾ بيهارڻ لائق آهي، اچو اچو ۽ هن کي پڙهو، هن جي فڪر کي سمجھو.......‘ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جيڪي ٻئي سوال اٿاريا آهن انهن جا جواب نفي ۾ ملن ٿا.... ته پوءِ ڇا اهو ڪافي آهي ته اسان ائين ئي پنهنجي ڏيڍ سِرَ جي مسيت ٺاهي پيا ٽڏون؟ ڇا اسان لاءِ اهو اطمينان گھڻو آهي ته اسان هڪ ٻئي کي ويٺا ٻڌايون ته اسان جو هيرو، اسان جو رهبر، اسان جو اڳواڻ ۽ عظيم شاعر شاهه لطيف آهي........ ۽ بس. اهو چوندي اسان کي قلبي قرار ته ملي سگھي ٿو پر مان سمجھان ٿو هاڻي ان کان اڳتي سوچڻ جو وقت اچي ويو آهي..... ڀٽائي کي ”اسان جو رهبر بدران دنيا جو رهبر شاعر“ ثابت ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي اکين مان ننڊ اکوڙڻي پوندي، صدين جي غفلت جو ازالو ڪرڻو پوندو... اسان کي محروم ٿي مرڻ کان ماهر ٿي مرڻ واري فلسفي کي ساڃاهڻو پوندو، جيڪو خود لطيف سائين ٻڌايو آهي.
محرم ٿي مري ويا، ماهر ٿي نه مُئا
چڙيءَ جيئن چهنج هڻي، لڏيائون لُئا
حباب ئي هئا، انهيءَ وادي وچ ۾
ايڪويهين صدي جي انسان کي حباب واري حياتي نه گھرجي، جيڪڏهن اسان کي بحيثيت قوم دنيا جي سيني تي دائميت واري مُهر ثبت ڪرڻي آهي ته ان لاءِ مهارت جا رستا کولڻا پوندا ۽ پنهنجن فخر لائق ڪردارن کي دنيا اڳيان آڻڻو پوندو ۽ ثابت ڪرڻو پوندو ته اهي هن تهذيب ۽ ثقافت جي ڪُک مان جنم وٺندڙ اهڙا انسان آهن، جن تي سڄي دنيا ناز ڪري سگھي ٿي. شاهه لطيف هن ڌرتي جو هڪ اهڙو ئي املهه انسان آهي، جنهن جو بين الاقوامي فڪر يقيني طور سڄي عالم لاءِ رهنما ٿي سگھي ٿو.
مان سمجھان ٿو هن وقت تائين شاهه لطيف جي شخصيت ۽ فن بابت جيترو ۽ جهڙو به ڪم ٿيو آهي، هاڻي ان جي ڇنڊ ڇاڻ جو به وقت اچي ويو آهي. جيتوڻيڪ اسان جي هڪ دوست ڊاڪٽر غلام مصطفى کهڙي ان سلسلي ۾ پي ايڇ ڊي جو مقالو لکي ورتو آهي، جنهن جي معيار تي مان آڱر کڻڻ بنا اهو چوڻ چاهيان ٿو ته ان سلسلي ۾ اڃا گھڻو ڪم ڪرڻ جي گھرج آهي. اهو سچ آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ جيترو شاهه لطيف بابت لکيو ويو آهي، ايترو شايد ئي ڪنهن ٻي شاعر تي لکيو ويو هجي، پر اهڙين لکتن، مضمونن ۽ مقالن جي ڪٿ ضروري آهي، جيئن ايندڙ دور جي محقق کي تحقيق ۾ نه رڳو آساني پيدا ٿئي پر هو ان کان اڳتي ڪم ڪرڻ جي لائق ٿي سگھي. بدقسمتي سان اسان وٽ اڪثر ورجاءَ جو ورجاءُ ۽ وري ورجاءَ جو گھڻو رجحان آهي ۽ نئون علمي ادبي ڊسڪورس ۽ تحقيق گھٽ ٿي آهي. ان جا کوڙ سارا سبب آهن. منهنجي نظر ۾ اهڙو ورجاءُ ٽن قسمن جي ماڻهن وٽ ملي ٿو. پهريون اهي ليکڪ جيڪي ڀٽائي جي ڳوڙهي فلاسافي ۽ گھڻ رخي فڪر تائين نه ٿا پهچي سگھن، ٻيا جيڪي ڪٽ پيسٽ جا ماهر آهن ۽ ٽيان جيڪي محبت ۽ عقيدت ۾ مگن آهن، کين رڳو اهو جنون آهي ته شاهه جي ذڪر ۽ فڪر جو سڳو پيو سُرندو رهي ۽ اها تند پئي وڄندي رهي...... اصل ۾ اوهان جي هٿن ۾ جيڪو ڪتاب آهي اهو ان ٽئين طبقي جي ماڻهن مان هڪ عقيدتمند جو آهي، جنهن جو ڀٽائي سان محبت ۽ عقيدت جو رشتو آهي، هن کي ورجاءَ جو ڪو فڪر ناهي. هو رڳو لطيفي لات جي سلسلي کي قائم رکڻ چاهي ٿو.
غلام شبير پيراهين هڪ فقير ماڻهو آهي، جنهن جو ڀٽائي سان چاهه اڻ کٽ آهي. هن کان اڳ به هن جا چار ڪتاب 1. شاهه لطيف تاريخ جي آئيني ۾ 2. شاهه عبداللطيف ڀٽائي شخصيتون ۽ درسگاهون 3. شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو ۽ 4. پيئي جن پرک. شاهه جي ذڪر ۽ فڪر تي مشتمل نظر اچن ٿا. هو ڪنهن وڏي سماجي رتبي تي فائز ته ناهي پر دل جو ڪشادو شخص آهي، جيڪو شاهه جي ڪلام ۽ پيغام کي وڏي عرصي کان پڙهڻ ۽ سمجھڻ جي مشق جاري رکيو پيو اچي. شبير جي پهرين سڃاڻپ هڪ ريڊيو لسنر واري آهي ۽ پوءِ هن لکڻ جو سوچيو. ريڊيو جي ڪوئيز پروگرامن مان کوڙ سارا محنتي دوستي اڳتي آيا آهن، جن بعد ۾ هڪ ليکڪ واري سڃاڻپ حاصل ڪئي، ڪوئيز پروگرامن ۾ سوالن جا جواب ڳولڻ لاءِ لسنرز کي ڪتاب کولڻا پوندا آهن ۽ ائين علم سان رغبت پيدا ٿيندي آهي، غلام شبير به اهڙي مرحلي مان گذريو آهي پر هن وقت تائين ڪيل هن جو گھڻو تڻو ڪم ترتيب جي ذمري ۾ اچي ٿو.
ننڍي لاءِ استاد ٻڌائيندا هئا ته هڪڙا شاگرد هوشيار هوندا آهن ۽ ٻيا محنتي. مان سوچيندو هيس ته ڀلا هوشيار ۽ محنتي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ پر گھڻو بعد اها ڳالهه سمجھ ۾ آئي ته انهن ٻنهي ۾ فرق آهي..... سو منهنجي خيال ۾ غلام شبير پيراهين هڪ محنتي انسان آهي ۽ هو لکڻ ۾ به اها محنت ڪري ٿو. جيئن ڪا سگھڙ عورت رنگ رنگ جون چتيون گڏ ڪري رلي ٺاهيندي آهي، غلام شبير به ائين ئي جدا جدا ڪتابن، مقالن ۽ مضمونن مان طرح طرح جون ڳالهيون گڏ ڪري ڪتابَ ٺاهي ٿو، اهو بيشڪ محنت جو ڪم آهي. هو مسلسل اهو ڪم ڪندو ٿو رهي ۽ هي ڪتاب جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي سو پڻ سندس اهڙي قسم جي محنت جو نتيجو آهي. هن جي هن ڪتاب ۾ رڳو محنت ئي نه پر محبت ۽ عقيدت به شامل آهي. جيڪڏهن هن جو شاهه سائين سان عقيدت جو رشتو نه هجي ها ته هن ڪتاب کي جنم ڏيڻ دوران هو چار سئو کان مٿي ڪتاب ۽ رسالا نه اٿلائي ها ۽ انهن مان خاص خاص سٽون ڪوري نه ڪڍي ها. اهو سڄو محبت جو معاملو آهي ۽ لطيف سائين چوي ٿو ته محبت سان ڪيل پورهيو جهڙو به هجي قبوليت ماڻي وٺندو آهي.
محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن
تن جو صرافن، اڻ توريو اگھائيو
غلام شبير پيراهين ڀٽائي جي سٽ ”اگھي ته پاءُ، نه ته مڻن ئي ئي موٽ“ جهڙي اميد تي ڪم ڪري رهيو آهي، هن کي ڪنهن صلي جي تمنا ناهي، هن قسم جو ڪم ڪندي سندس اندر جي اُڃ ۽ اساٽ پوري ٿئي ٿي ۽ سچ ته هن لاءِ اهو ئي ڪافي آهي. شاهه لطيف کي اڄ پوڻا ٽي سو سال ٿي ويا آهن ۽ عجيب اتفاق آهي جو غلام شبير هن ڪتاب ”شاهه جو اعليٰ مقام ــــ اديبن، دانشورن ۽ محققن جي نظر ۾“ اندر لڳ ڀڳ پوڻا ٽي سو عالمن، اديبن ۽ محققن جا ڪوٽيشن شامل ڪيا آهن. عام طور تي تحقيقي ڪم لاءِ حوالا ورتا ويندا آهن پر هي ڪتاب مسلسل حوالن جو مجموعو آهي. هي ڪتاب هڪ اهڙو گلدستو آهي جنهن ۾ غلام شبير پنهنجي مرضيءَ جا گل چونڊي وڌا آهن. هن کي ڪنهن به عالم ۽ اديب جي جنهن به خيال مان هڳاءُ آيو آهي، تنهن کي هن ڪتاب جي زينت بڻايو آهي، مطلب هن اهي سمورا حوالا پنهنجي نڪته نگاهه ۽ پسند مطابق گڏ ڪيا آهن. ان ڪم لاءِ هو ڪتاب، رسالا ۽ تحقيقي جرنل وري وري اٿلائيندو رهيو آهي.
غلام شبير پيراهين پنهنجي هن ڪتاب ”شاهه جو اعليٰ مقام ــــ اديبن، دانشورن ۽ محققن جي نظر ۾“ ۾ عالمن ۽ اديبن جي جنم ڏينهن ۽ عيسوي توڙي هجري سن جي ترتيب مطابق مير علي شير قانع ٺٽوي کان وٺي اڀرندڙ نوجوان ليکڪ طارق عزيز تونيو تائين 227 علمي ادبي شخصيتن جا شاهه سائين جي فن، فڪر ۽ شخصيت بابت پيش ڪيل مختصر ويچار قلمبند ڪيا آهن. ان سلسلي ۾ اديبن جي پيدائش ۽ وفات جا صحيح سن ڳولڻ جي سلسلي ۾ پيراهين جيڪا سعي ڪئي آهي اها تعريف لائق آهي، پر انهن مان ڪن اديبن جي ڄم توڙي وفات جي سالن تي اعتراض ممڪن آهن، ڇوته تحقيق وهندڙ درياهه وانگر آهي، اها سدا جاري رهي ٿي.
هن ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ غلام شبير، شاهه لطيف بابت جن ٻين اديبن ۽ محققن جا رايا شامل ڪيا آهن، تن جي پيدائش جا سن ڪوشش باوجود کيس هٿ نه ٿي سگھيا آهن. شايد هن فقير ماڻهوءَ جا وسيلا ۽ رابطا محدود آهن ۽ ڪُنڊ ۾ ويهي پنهنجي مُنهن سان ڪم ڪندو ٿو هي ورنه اڄ جي تيز ترين برقي دور ۾ انهن مان کوڙ سارن اديبن تائين رسائي ممڪن هئي. پيراهين جڏهن مون ڏانهن هن ڪتاب جو مسودو موڪليو ۽ مون ان جو مطالعو ڪيو ته کيس ڪجھ صلاحون پڻ ڏنيون، جن تي هن عمل به ڪيو، مثلاً هِن کان اڳ زيرِ نظر ڪتاب ۾ غلام شبير جن به اديبن ۽ لطيف شناسن جي ڪتابن توڙي مقالن ۽ مضمونن مان سٽون چونڊيون هيون، انهن جي آخر ۾ رڳو ڪتاب/ رسالي جو نالو يا مقالي/ مضمون جو عنوان ۽ صفحو ڏنل هيو، مون کيس صلاح ڏني ته آخر ۾ الف ب وار ترتيب سان ان سڄي مواد جي ببليوگرافي ڏيڻ نهايت ضروري آهي، جيئن هن ڪتاب جا پڙهندڙ ڏنل حوالن تائين آسانيءَ سان پهچي سگھن. جيڪڏهن غلام شبير جي هن مسودي کي ڏسڻ جو وڌيڪ وقت ملي ها ۽ اڃا به گھرائي سان پڙهڻ جيتري مدت ملي ها ته نيڪ دليءَ سان کيس ٻيون به صلاحون ڏيان ها.... تنهن جي باوجود مان غلام شبير پيراهين جي هن محنت جي پورهيي تي کيس جَسُ ڏيان ٿو. هن پنهنجي حال سارو جيڪو به ڪم ڪيو آهي، اهو لطيف شناسيءَ جي سفر ۾ ڪنهن نه ڪنهن طور ضرور ڪم ايندو.
ڊاڪٽر احسان دانش
4 سيپٽمبر 2019

No comments:
Post a Comment