Wednesday, 2 September 2020

سچل سرمست جو آدرشي سماج وارو تصور ۽ سنڌي سماج ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

سچل سرمست جو آدرشي سماج وارو تصور 

۽ سنڌي سماج

 

سنڌي سماج صدين کان پيڙا جي پاڇولي ۾ رهيو آهي. ڪڏهن ڌارين جا حملا ۽ يلغارون ڪڏهن پنهنجن جا ڪيس. ڪڏهن سنڌي ماڻهن جي سينن تي سنگينون اڀيون ڪيون ويون ته ڪڏهن ڌارين جي گھوڙن جا سنب رکيا ويا. سنڌ جي سڄي تاريخ اهڙن دل خراش واقعن سان ڀري پئي آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ ڪهڙو دور آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ماڻهوءَ سُک جو ساهه کنئون هجي. جيڪڏهن ڳالهه عرب دور کان شروع ڪجي ته اها پهرين ڪاري ضرب ئي ته هئي، جيڪا سنڌ جي اصلوڪن (Indigenous) ماڻهن پنهنجن ذهنن، ضميرن ۽ جسمن تي سَٺي. سومرن جي صاحبي ۾ به سنڌي ماڻهوءَ کي ڪا سُک جي ڇانوَ نصيب نه ٿي ۽ ڌارين جا ڪَٽڪ سنڌ تي ڪاهيندا رهيا. سما ڄام به پنهنجي اقتدار جي نشي ۾ عوام کي وساري ويٺا هئا. خاص طور ڄام فيروز جي زماني ۾ سنڌ اندر خانه جنگي ۽ اندروني خلفشار سنڌي سماج کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري هڪ ڌاري رهزن شاهه بيگ ارغون کي سنڌ تي قابض ٿيڻ جو موقعو ملي ويو. 

ارغونن جي آزارن ۾ سنڌي ماڻهن آهون ڀريندي گذاريو، ان دور ۾ سنڌ مٿان ظلم جي رات هئي، هو ڏاڍا ظالم، رهزن، سفاڪ ۽ قاتل هيا. شاهه بيگ ارغون ۽ شاهه حسن ارغون ڌرتيءَ ڌڻين تي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي نشاني بڻجي آيا. ترخانَ وري غاصب ۽ قبضاگير، دهشتگرد، داداگير ۽ قهاري بڻجي قوم تي ڪڙڪيا، ”هوٿي“ ۽ ”نوٿي“ جهڙن جلادن جون تلوارون سنڌي ماڻهن جون سسون ڌڙن کان ڌار ڪنديون رهيون. مغلن مقامي ماڻهن کي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي سوگھو ڪري ڇڏيو ۽ کين ساهه کڻڻ جي سهولت به سولي نه نٿي ملي. هن ئي دور ۾ پورچيگيزن ٺٽي تي حملو ڪري وڏي لٽ مار ۽ قتل و غارت گري ڪئي. ڪلهوڙا، مغل سلطنت جا غلامَ ۽ هٿ ٻڌا ٻانها ٿي بيٺا، جنهن جو نتيجو به خلقِ خدا ڀوڳيو. ڌارين جي ڪاهن جو نه کٽندڙ سلسلو ۽ اندروني جهڳڙن جي پاڙ پٽجي نه سگھي. نادر شاهه افغاني، سنڌ کي رت جو غسل ڏياريو، مدد خان پٺاڻ سنڌ تي ڪاهه ڪري ظلم جي بازار گرم ڪئي، ميان يار محمد ڪلهوڙي، جھوڪ ڌڻي شاهه عنايت جي سر جو سودو مغلن سان ڪري ”خدايار“ جو لقب حاصل ڪيو، مطلب سنڌ جي ماڻهن کي رَت جا ڳوڙها روئاريو ويو. 

لڇمڻ ڪومل جي غزلن جو اڀياس ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

لڇمڻ ڪومل جي غزلن جو اڀياس

 

 

شاعري هڪ اهڙي دنيا آهي، جنهن کي مڪمل طور ڪوبه تسخير نه ڪري سگھيو آهي. اهوئي سبب آهي جو هن وقت تائين شاعريءَ جون اڻ ڪٿيون وصفون ته بيان ڪيون ويو آهن پر حتمي وصف بيان نه ٿي سگھي آهي، تنهن ڪري اهو چئي سگھجي ٿو ته ’شاعري‘ وصفن کان اڳتي هڪ اهڙو احساساتي ڪرشمو آهي، جنهن کي رڳو محسوس ڪري سگھجي ٿو ۽ بيان نه ٿو ڪري سگھجي. نامياري شاعر ۽ نقاد لڇمڻ ڪومل به سنڌي ٻوليءَ جي برجستي شاعر نند جويري جي شعري مجموعي ”اکر ڪٿا“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”دنيا جو ڪو به دانشور، ويندي اُستاد اَرسطوءَ جهڙو ڏاهو شخص به شاعريءَ جو صحيح ۽ چٽو مفهوم پيش نه ڪري سگهيو آهي. ڪن پارکن شاعريءَ کي اندر جي اڌمن جو آواز ڪري ڪوٺيو آهي. ڪن شاعريءَ کي پيغمبريءَ جو درجو ڏيئي پير پرستيءَ ڏانهن مائل ڪيو آهي ۽ ڪن روايتي انداز ۾ جذبن جي پلٽ پلٽان کي سٽن ۾ سرجڻ جو سلسلو ڪري ڄاڻايو آهي. پر خالص شاعري انهن معنائن، مفهومن ۽ مطلبن کان گهڻو مٿي ۽ مختلف آهي...... منهنجي نظر ۾ پڻ مختلف گهڙين ۾شاعريءَ جا الڳ الڳ رخ ۽ وهنوار پئي رهيا آهن. جيڪي مبهم ۽ اڻ چٽيا رهيا آهن جو مختلف دورن ۾ شاعريءَ جا رنگ روپ ۽ نّظريا به وقت جي وهڪرن سان وهندا رهيا آهن. انڪري جدا جدا دورن جي شاعري رڳو پنهنجي دورن ۽ وقت جي تقاضا پوري ڪندي رهي آهي.(1)

شاعري بيشڪ مختلف دورن ۾ پنهنجي وقت جي تقاضا جو پورائو ڪندي رهي آهي ۽ اهو ئي شاعريءَ جو سماجي ڪارج به آهي. پر حقيقت اها آهي ته ”شاعري هڪ پيچيده تخليقي عمل آهي. ان جي تعمير ۽ تشڪيل ۾ جيتوڻيڪ مختلف عنصر ڪارفرما هوندا آهن پر اهي عنصر اهڙي ته لطيف انداز ۾ هڪ ٻئي سان جڙيل هوندا آهن جو جڏهن انهن جو الڳ الڳ تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته انهن جي تخليقي سرشاري ۽ جمالياتي تازگي بي تاثير ٿي ويندي آهي. شاعر جو اهو عمل پکيءَ جي اهڙي عمل جهڙو چئي سگھجي ٿو جو جيئن هو پنهنجي آکيري لاءِ ڪک ڪک گڏ ڪندو آهي ۽ پوءِ پنهنجي جمالياتي احساس ۽ تخليقي قوت (ڇوته ان کان بغير مخصوص ڪکن جو گڏ ڪرڻ بيڪار آهي.) کي اهڙي ريت پاڻ ۾ ڳنڍيندو آهي جو انهن ڪکن جي انفرادي حيثيت باقي نه رهندي آهي ۽ آکيري جي صورت ۾ هڪ تخليقي وحدت ظاهر ٿيندي آهي.

سنڌ جي تاريخ جو نشانِ راهه پير حسام الدين راشدي ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

سنڌ جي تاريخ جو نشانِ راهه

پير حسام الدين راشدي

 

سنڌ پنهنجي جوهر ۾ دنيا جو هڪ اهڙو عظيم خطو آهي، جتي نه ڪڏهن علم ۽ هنر جي کوٽ رهي آهي ۽ نه ئي وري عظيم شخصيتن جي. شخصيتون عظيم ٿين ٿيون پنهنجي قول، ڪردار ۽ عمل سان. سچ اهو آهي ته ماڻهو جو چڱو عمل ئي ان کي عظمتن جي بلندين تي پهچائي ٿو. سنڌ جي ڌرتي شخصيت ساز ڌرتي آهي. هن ڀونءِ ادب ۽ آرٽ کان وٺي سياست ۽ سماجي علمن تائين انيڪ شعبن ۾ اهڙا املهه انسان پيدا ڪيا آهن، جن تي اسان فخر ڪري سگھون ٿا. پير حسام الدين راشدي سنڌ جي علم ادب ۽ تاريخ جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ هڪ اهڙي سٻاجھي ۽ سماني شخصيت آهي، جنهن جا جيترا ڳُڻ ڳائجن سي ٿورا ٿيندا.

ڪنهن کي ڪهڙي خبر هئي ته پير سائين جنهن جون ڄمڻ بعد اکيون ئي نه پئي کُليون، سو اڳتي هلي اهڙن ڪهنن ۽ قديم ڪتابن ۾ نظرون کُپائيندو، جن ۾ سنڌ جي تاريخ دفن ٿيل هئي. ڀرندڙ ورقن وارن انهن قلمي نسخن کي هن ڪيڏي احتياط جي آڱر سان ڇهيو هوندو ۽ انهن ۾ موجود اکرن کي ڪيڏي باريڪ نظري سان ڏٺو هوندو...... اهو سڀ ڪجهه ان عشق جي طفيل هيو، جيڪو سندس من ۾ ڪنهن ساگر جيان ڇوليون هڻي رهيو هيو. اهو سنڌ جي عشق جو ساگر هيو جنهن سدائين سندس من کي بي چين رکيو. ان عشق ۽ بي چيني هن کي سياست جي گورک ڌنڌي کان پري ڪري ڪتابن ۾ پناهه ڏني. هو سڄي حياتي ماضي جي ورقن ۾ گم رهيو. ”پنهنجي وسيع مطالعي سان جيڪو به تحقيقي ڪم ڪيائون، ان ۾ سنڌ جي پيار ۽ محبت جو عنصر نظر اچي ٿو. سندس هر لکڻيءَ ۾ سنڌ شناسيءَ جو اهڃاڻ ملي ٿو، جنهن مان اسان پنهنجي ماضيءَ جي داستان کي پڙهي ۽ پروڙي سگهون ٿا. انهن مقالن ۽ تصنيفن ۾ سنڌ جي سوين سالن جي تاريخ ۽ تذڪرا بيان ڪيل آهن.(1)


سنڌ جي حقيقي تاريخ ۽ تمدن جي تلاش ۾ هن دنيا جون لائبريريون اٿلايون، ڏيهان ڏيهه گهميو. قديم ڪتابن جي ورق گرداني ڪئي ۽ هر وقت مهوِ مطالعه رهيو. اعجاز الحق قدوسي لکيو آهي ته ”سنڌ وارن تي راشدي صاحب جو وڏي ۾ وڏو احسان اهو آهي، جو سنڌ جي تاريخ جي ڪميابي بلڪ نايابي سبب مٿس جيڪي قلف چڙهيل هئا، راشدي صاحب انهن ماخذن کي ايڊيٽنگ جي جديد، مستند، مدلل ۽ سائنسي اصولن موجب حواشي ۽ تعليقات، مقدمن ۽ حاشين، وضاحتن ۽ نوٽن سان سنواري ۽ سينگاري، قلفن جي ڪٽ لاٿي ۽ منظر عام تي آندا ۽ ان طرح سنڌ جي تاريخ عام ماڻهو آڏو پهتي. سنڌ جي تاريخ جا اڪثر ماخذ سندس ئي ايڊٽ ڪيل آهن.“ (2)

سنڌي اساسي شاعريءَ جو هڪ اهم شاعر فقير قادر بخش بيدل ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

سنڌي اساسي شاعريءَ جو هڪ اهم شاعر

فقير قادر بخش بيدل

      

 

سنڌي اساسي شاعري کي فڪري ۽ ارتقائي لحاظ کان ٽن دورن ۾ ورهائي سگھجي ٿو. پهرين دور جي شاعرن ۾ قاضي قادن، شاهه عبد الڪريم ۽ شاهه لطف الله قادري ٻئي دور جي شاعرن ۾ شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف، خواجه محمد زمان ۽ عبد الرحيم گرهوڙي ۽ ٽين دور جي شاعرن ۾ سچل سرمست، سامي، روحل، حمل، نانڪ، بيدل ۽ ان سلسلي جي ٻين شاعرن کي شمار ڪري سگھجي ٿو. ان طرح اسان چئي سگھون ٿا ته فقير قادر بخش بيدل سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي آخري ڪڙيءَ جو بيحد اهم شاعر آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ نه رڳو تصوف جون رمزون سمجھايون آهن، پر هن جي ڪلام ۾ انسان دوستي، امن ۽ رواداري وارا موضوع به ملن ٿا. ان کان علاوه فقير قادر بخش بيدل وٽ شاعراڻي فن ۽ آرٽ جي به وڏي اهميت محسوس ٿئي ٿي. خاص طور تي، غزل، بيت ۽ ڪافي جي صنفن ۾ هن پنهنجي فڪر جي جوت جلائڻ سان گڏ و گڏ فن جي به پالوٽ ڪئي آهي. هن پنهنجي پيش رو شاعرن خاص طور شاهه عبد اللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي فڪري تسلسل کي نه رڳو قائم رکيو آهي پر ان کي نوان موڙ به ڏنا آهن. فقير قادر بخش بيدل جي شاعريءَ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هو هڪ ئي وقت صاحبِ جمال ۽ صاحبِ جلال صوفي آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن کيس شاهه ۽ سچل جو سنگم چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. رشيد ڀٽي پنهنجي ڪتاب ”تصوف ۽ ڪلاسيڪي سنڌي شاعري“ ۾ بيدل سائين بابت لکيو آهي ته ”روهڙيءَ جو هي يگانو، ديوانو، عاشق مزاج ۽ بي پرواهه شاعر جيتوڻيڪ پنهنجن اڳين شاعرن کان تمام گھڻو متاثر نظر اچي ٿو، خاص طرح سان ڀرپاسي جي شاعرن سچل، خوش خير محمد ۽ نانڪ يوسف کان، تنهن هوندي به هن وٽ اسان کي منفرد بيان جو انداز ۽ بي باڪيءَ وارو اظهار ملي ٿو. هن تصوف جي نعرهءِ مستانه ۽ انداز کي پنهنجي منزل تائين پهچائي ڇڏيو آهي. هن جي اظهار ۾ جيڪا بيباڪي ۽ طنز آهي، اها هن کان پهرين ڪنهن شاعر ۾ نه هئي. هن جي شعر ۾ مذهب جي ظاهريت، بي روح ۽ هٿ ٺوڪي تعبير جي خلاف اظهار سان گڏ ان تي ڀرپور تنقيد ۽ طنز پڻ ملي ٿي. هن مجازي عشق ذريعي حقيقي عشق تائين پهچڻ جو رستو به ٻڌايو آهي.“ (1)

فقير قادر بخش بيدل بنيادي طور هڪ صوفي با صفا هيو پر ترڪ الدنيا صوفي نه هيو. هن ڪڏهن به سماجي ٻنڌڻن کان انڪار نه ڪيو. زندگيءَ جو وڏو حصو سير سفر ۾ گذاريو ۽ مختلف ماڳن مڪانن ۽ درگاهن تي پير ڌريا. پروفيسر سرور سيف مطابق ”حضرت شاهه عبد اللطيف ڀٽائي کان پوءِ سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن ۾ فقير قادر بخش بيدل ٻيو وڏو شاعر آهي، جنهن جھر جھنگ جھاڳيو، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گھمي مشاهدو ماڻيو. پنهنجي دور جي سگھڙن، سالڪن، عاشقن، عارفن، عالمن شاعرن سان رهاڻيون ڪيون. مجلسن ۾ ويٺو. مختلف بزرگن ۽ صوفين جي خيالن کان آگاهي حاصل ڪئي. ڀنور بڻجي هر خوشبودار گل جي مهڪ ورتي، پنهنجي علمي اُڃ اجھائڻ، روحانيت جون رمزون ماڻڻ ۽ معرفت جا موتي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪڏهن جھوڪ جا تڪيا پسيا ته ڪڏهن قلندر جي نگري سيوهڻ ۾ حاضري ڀري. ڪڏهن پريالوءِ مخدوم محمد اسماعيل جي مزار پُر انوار تي مَٽيون ڀريون ته ڪڏهن پير ڳوٺ پهتو، ڪڏهن تجل شريف، ڪڏهن ڍورو نارو، ڪڏهن درازا، ڪڏهن دونهين، ڪڏهن پنهواري ته ڪڏهن عظمت وڃي الله وارن جي حضور ۾ دوزانو ٿي ويٺو ۽ صحبت مان فيضياب ٿيو.“ (2)

Sunday, 23 August 2020

انساني سماجن جي ارتقا ــــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


انساني سماجن جي ارتقا 

 

Evolution of Human Societies

 

انساني سماجن جي ارتقا کان اڳ انسان جي ارتقا جي عمل کي سمجھڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته اسين سماجن جي اڏاوت کي ان وقت تائين سمجھي نه ٿا سگھون جيسيتائين ماڻهوءَ جي ماڻهو ٿيڻ واري ڳالھ کي نه ٿا سمجھون. تنهن ڪري هتي پهريان تمام مختصر نموني انسان جي ارتقائي سفر جو مختصر ذڪر لازمي سمجھان ٿو.

 

انسان جو ارتقائي سفر (Evolution of Humanbeings):

 

انساني ارتقا جو سفر انتهائي دلچسپ آهي. تخليقِ آدم جي معاملي تي مذهب ۽ سائنس ۾ وڏو تضاد نظر اچي ٿو. مذهب انسان جي تخليق جو سبب ڳجھي طاقت (خدا) جو تخليقي معجزو ڄاڻائي ٿو ۽ سائنس وري منطق، دليل ۽ سائنسي تجربن جي بنياد تي ماڻهوءَ کي پاڻ کان گھٽ جنس وارن جانورن جي ارتقائي صورت تسليم ڪري ٿي. هتي اسانجو مقصد ان تضاد کي سلجھائڻ نه آهي، پر انسان جي ارتقائي مرحلن جي حوالي سان مختصر نموني ڪي بنيادي نڪتا رکڻ آهي.

اڄ سائنس اها حقيقت ظاهر ڪري ڇڏي آهي ته ٻين جانورن وانگر انسان جي به ارتقا ٿي آهي؛ اهو پاڻ کان حقير ۽ خسيس جانورن منجھان طويل ارتقائي عمل کان پوءِ ڦٽي نڪتو آهي؛ اهو روزِ اول کان ان ئي صورت ۾ ڪونه خلقيو ويو آهي، جنهن ۾ اهو اڄ آهي. هن خود فطرت جي موتمار قوتن سان مقابلو ڪندي، پاڻ کي ”اشرف المخلوقات“ بڻايو آهي. اينگلس هڪ هنڌ لکيو آهي: ”انسان پاڻ کي پاڻ ئي انسان بڻايو آهي.“ هن نظريي کي واضح لفظن ۾ پيش ڪرڻ وارو پهريون عالم چارلس ڊارون هو، جنهن چيو ته تمام موجوداتِ عالم (انسان سميت) ان ارتقائي عمل جو نتيجو آهن، جيڪو زندگيءَ جي وجود ۾ اچڻ کان روان دوان آهي.“(1)

سائنس انسان جي ابتدا جي آثارن جي حوالي سان اڪثر اندازا ۽ انومان ڏيکاريا آهن. ڪٿي ڪٿي انهن اندازن کي صحيح ثابت ڪرڻ ۾ مختلف جاين تان مليل انساني هڏن، پنڊ پهڻن يا برف جي تهن ۾ ڄمي ويل انساني جسمن پڻ کين وڏي مدد ڏني آهي. پر بهرحال انسان جي هن ڌرتيءَ تي قدامت جو صحيح اندازو لڳائڻ ڪو آسان ڪم به نه آهي، ڊارون جي ”توريثِ آدم“ (The Descent of Man) واري نظريي جا مڃيندڙ لکين ۽ ڪروڙين سال اڳ جي مليل انهن ڍانچن کي پڻ انسان جي ابتدائي شڪلين سان ڀيٽين ٿا جيڪي باندر نما انسان (Pithecanthropus) آهن. انسان جي ارتقا جو سمورو قصو دلچسپين سان ڀريل آهي.

 

علم هيئت جي ڄاڻن جو چوڻ آهي ته شايد 3،000،000،000 (ٽي ارب) ورهيه اڳ سڄو شمسي نظام هڪ گيس جو تيز گرميءَ سان ٻرندڙ جسم هو. ڪنهن نموني سان، شايد ڪنهن وڏي ستاري جي ويجھو اچڻ ڪري، اهو جسم منتشر ٿي سج سميت اٺن گرهن يا سيارن ۽ پنج سوء ننڍن تارن ۾ ورهائجي ويو. ننڍا جسم وڏن کان جلد ٿڌا ٿي ويا ۽ شايد 1،000،000،000 (هڪ ارب) ورهين کان پوءِ هڪ سخت مٿاڇرو ڌرتيءَ جي سطح تي ٺهڻ شروع ٿيو. لکين سالن کان پوءِ ڌرتيءَ تي بارش پوڻ ڪري وڏا سمنڊ ٺهيا ۽ انهن وڏن سمنڊن ۾ لاتعداد زمانن کان پوءِ زندگيءَ جا آثار نمايان ٿيا. ان کان پوءِ علم حيوانات جا ماهر ان تاريخ تي روشني وجھي اسان کي ٻڌائين ٿا ته ڪهڙي طرح ابتدائي حيوانات آهستي آهستي ترقي ڪري لکين سالن جي مدت اندر مڇيون، ڪرڙيون، پکي، کير پياڪ جانور بڻيا ۽ آخر ۾ انسان جي حالت کي پهتا. (2)

Saturday, 6 October 2018

هڪَ محبوب شخصيت ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش

هڪَ محبوب شخصيت
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

رجنيش اوشو پنهنجي هڪ ليڪچر ۾ جيون جي حقيقت بيان ڪندي چيو هو ته ”جيون هڪ ڪورو ڪتاب آهي. ان کي کولڻ سان ڪجھ حاصل نه ٿيندو. ان ۾ توهان کي ڪو اکر ۽ ڪا سٽ نه ملندي. خالي ڪاغذ کي ڪوئي ڇا پڙهندو..... هڪڙي ئي ڳالهه ٿي سگھي ٿي ته ان ڪوري ڪاغذ کي ڏسندا رهو، ڏسندا رهو ۽ هڪ ڏينهن خود به ڪورا ڪاغذ بڻجي وڃو. جيون جي حقيقت کي ڳوليو ويندو آ کوليو نه ويندو آهي. اهو ڪو تالو ناهي جو ان جي ڪا چاٻي هجي. هونءَ ته جيون جي دروازي تي ڪوئي تالو ناهي سڀ ڪجھ کليل آهي ۽ انت تائين کليل آهي.... ڳوليندا رهو ڳوليندا رهو ڪوئي پاتال نه ماڻيندئو اهو اٿاهه آهي، ان جو ڪو ڪنارو ناهي، بي ڪناره آهي. ڪنارو هجي ها ته ماڻهو پار ڪري وڃي ها. گھرو ناهي اٿاهه آهي. گھرو هجي ها ته اسان ماپ ڪري سگھون ها. تنهن ڪري هڪ ڇا هزار سالن تائين به جيون جي حقيقت کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا سين ته به ڳالهه سمجھ ۾ نه ايندي.“ 

هومر جي رزميي کان ڪيٽس جي شاعريءَ تائين، شيڪسپيئر جي اوپيراز کان پئبلو نرودا جي مزاحمتي ڪوتائن تائين، رودڪي جي شعرن کان رومي جي رمزن تائين، ڪبير جي دوهن کان ميران جي ڀڄنن تائين، ڀٽائي جي بيتن کان سامي جي سلوڪن تائين ۽ اياز جي نظمن کان اڄوڪي جديد سنڌي شاعريءَ جي سمورن سگھارن آوازن تائين نه رڳو نظم ۾ زندگي ۽ زندگيءَ جي حسناڪين ۽ ڪربناڪين جون عجيب تصويرون چٽيون ويون آهن پر وڏن وڏن فلسفين ۽ ڏاهن جيون جي حقيقت کي بيان ڪرڻ جا جتن پئي ڪيا آهن...... پر ايڏين تشريحن کان پوءِ به ان جي ڪا تشريح حتمي ناهي...... ائين چئجي ته جيون اهو آهي، جيڪو هر تشريح کان بالا آهي..... اهو هڪ ڪورو ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڪو به اکر ۽ ڪا به سٽ ناهي. بقول اوشو ”خالي ڪاغذ کي ڪوئي ڇا پڙهندو.“ پوءِ چوڻ واري ائين ڇو چيو آهي ته ”ڪوئي خالي سکڻا نهين، سب ڪي اندر لعل“........ اهو لعل اصل ۾ انسان جي اها ڏات آهي جنهن سان سندس ذات جي تڪميل ٿئي ٿي. اهو هنر ۽ ڏات ئي آهي، جنهن سان سندس جيون جي ڪوري ڪتاب ۾ ڪجھ پڙهڻ ۽ سمجھڻ لائق ٿئي ٿو.
هر ماڻهو پنهنجي جيون ڪتاب ۾ عمل جي وکر سان اهي اکر ميڙي ٿو، جنهن سان سندس زندگيءَ کي ڪو مفهوم ملي ٿو....... ها جيون جي ڪوري ڪتاب کي اندر جي اک سان پڙهي سگھجي ٿو...... جيڪب آباد جي سوڙهين گھٽين ۾ جنم وٺندڙ هڪ سماني انسان غلام نبي سڌايو به پنهنجي حياتيءَ جي ورقن کي پنهنجي عمل جي وکر سان پُر مفهوم بڻايو آهي. هن جي جيون ڪتاب جي ورق ورق کي کولڻ ۽ محبت جي اکين سان پڙهڻ جي ضرورت آهي.

ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ جا ٽي ڪتابَ ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش

ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ جا ٽي ڪتابَ
 
1 . ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي ساهتيه ۾ ڪٽنب ۽ سماج ۽ لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جي
ڪم جو تنقيدي جائزو (پي ايڇ ڊي ٿيسز)
2. روشن تارا (ٻارن لاءِ شاعري)
3. سنڌي ادبي اخبار نويسي

ملڪن جي وچ ۾ ڀلي ڪيتريون ڀي سرحدون هجن پر ادب جي ڪا به سرحد نه ٿي ٿئي. ادب خوشبو وانگر آهي جنهن جو ڪو هڪڙو ديس نه هوندو آهي، جيڪا ڪنهن سرحد جي محتاج نه هوندي آهي. ادب امن جي پکين وانگر ئي آهي جيڪي هر ديس ۾ پيار جي ٻولي ٻوليندا آهن. سائيبر ورلڊ سڄي جهان کي هڪ ڳوٺڙو بڻائي ڇڏيو آهي، تنهن ڪري هاڻي ته ساهت جي سرحدن لاءِ سوچي ئي نه ٿو سگھجي. دنيا جي هر ٻولي ۾ ادب جو اڻ ميو خزانو موجود آهي. انٽرنيٽ تي ان خزاني جي لوٽ پئي ٿئي، رڳو ڪو هجي جو ان ڄاڻ جي کاڻ مان ڪجھ کڻي. هڪ پاسي دنيا علم آڇي رهي آهي ته ٻي پاسي اڃا به ڪٿي ڪٿي جهالت جا مينار تعمير ٿي رهيا آهن. هڪ پاسي آءِ ٽي ۾ ڏينهون ڏينهن ترقي ٿي رهي آهي ته ٻي پاسي ڳوٺن ۾ وڻن جي هيٺان اڌ اُس ۽ اڌ ڇانوَ ۾ اڄ به ميٽ مليل ڦرهيءَ تي الف انب ب بلا پڙهايو وڃي ٿو. ان سموري وايومنڊل ۾ هڪ اديب لاءِ به ساهت جي سنسار جون کوڙ کڙڪيون کُلي پيون آهن. انهن کڙڪين ۾ جھاتي پائي ادب جي نئين ڪائنات دريافت ڪري سگھجي ٿي. هڪ طرف ادب جي نئين ڪائنات آهي ۽ ٻئي طرف سنڌي ساهت جو سنسار. سنڌي ادب ان ڪائنات کان ٻاهر جي ڪا چيز ته نه آهي پر ان جا موضوع پنهنجا آهن.

هڪ اديب پنهنجي وقت جو ضمير هوندو آهي. هو پنهنجي ديس ۽ ڌرتيءَ سان جڙيل هوندو آهي. صدين جا فاصلا به هن کي پنهنجي مٽيءَ جي سڳنڌ کان پري نه ٿا ڪري سگھن. ننڍي کنڊ ۾ ورهاڱي جي وڍ بعد جن سنڌي اديبن کي پنهنجي ڌرتيءَ کان دور ٿيڻو پيو، اهي اڄ به پنهنجي ساهن ۾ ان مٽيءَ جي هڳاءَ کي محسوس ڪن ٿا. اڄ به اهي تهذيب جا لڄپال آهن، ڇوته انهن جا وڏڙا ئي موهن جي دڙي جهڙي عظيم تهذيب جا خالق هيا. اڄ به انهن جي آس آهي ته سندن خاڪ کي سنڌو ۾ ٺاريو وڃي. هندوستان ۾ هڪ نسل آهي جنهن سنڌ کي پنهنجي ايمان جو جُز بڻائي ڇڏيو آهي. انهيءَ نسل جي تسلسل ۾ اديبن جي هڪ وڏي کيپ جيجل جي لوليءَ جهڙي سنڌي ٻوليءَ جي آڱر پڪڙي جوان ٿي آهي ۽ انهيءَ نسل منجھان هند ۾ اڄ ڪيئي ساٿي سنڌي ساهت جا سرموڙ ساهتڪار ٿي اڀريا آهن. ڊاڪٽر روشن گولاڻي به انهيءَ ٽهيءَ جو هڪ نمائندو ليکڪ آهي. جيڪو گذريل اڍائي ڏهاڪن کان پنهنجي علمي ۽ قلمي پورهيي وسيلي ادب جا واهڙ وهائيندو رهيو آهي. هن هڪ ئي وقت شاعر، مترجم، محقق ۽ ايڊيٽر طور پاڻ مڃايو آهي. ڊاڪٽر روشن گولاڻي جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”سنڌي ورثو“ (1994)، ”رنگ برنگي گُل“ (2007)، ”مٺڙي مٺڙي لات“ (2010)، ”روشن آواز“ (2011)، ”روشن تارا“ (2012)، ”ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي ساهتيه ۾ ڪٽنب ۽ سماج ۽ لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جي ڪم جو تنقيدي جائزو“ (2014)، ”رنگ برنگي پوپٽ“ (ايڊٽ ٿيل)، ”مهاڳ“ (ايڊٽ ٿيل)، ”ادبي تبصرا“ (ايڊٽ ٿيل)، ”سنگھ درشن“ (ترجمو) شامل آهن. 29 مئي 1972 تي احمد آباد ۾ جنم وٺندڙ روشن گولاڻي سنڌي ادب ۾ پي ايڇ. ڊي آهي. هو ڪيترين ئي قومي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪري چڪو آهي ۽ ادبي مڃتا طور سندس ڪتابن تي کيس ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. هو هند جي متحرڪ ادبي شخصيتن مان هڪ آهي.
ڀلو ٿئي سوشل ميڊيا جو جنهن ڪري ڊاڪٽر روشن گولاڻي مونکي ڳولي لڌو ۽ مان به کانئس واقف ٿي سگھيس. ڪجھ ڏينهن اڳ جڏهن ڊاڪٽر روشن هڪ ميسيج ۾ مونکان منهنجو پتو گھرندي ٻڌايو ته هو پنهنجا ڪجھ ڪتاب مون ڏي موڪلڻ گھري ٿو ته سچ پچ دلي سرهائي ٿي. ٿورن ئي ڏينهن ۾ سندس ٽي ڪتاب1 . ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي ساهتيه ۾ ڪٽنب ۽ سماج ۽ لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جي ڪم جو تنقيدي جائزو (پي ايڇ ڊي ٿيسز) 2. روشن تارا (ٻارن لاءِ شاعري) ۽ 3. سنڌي ادبي اخبار نويسي اچي پهتا ۽ مٿان اهو حڪم هيو ته انهن تي تبصرو به لکڻو آهي.

Tuesday, 31 January 2017

موهن جي دڙي جا نوادرات ـــ احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)



احسان دانش

موهن جي دڙي جا نوادرات

سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ جو داستان هزارين سالن تائين ڦهليل آهي، جنهن کي ڳولڻ، ڦولڻ ۽ کولڻ سان سوين ڪهاڻيون سامهون اچي وينديون پر تحقيق، لطيف ڪٿائن ۽ ڪهاڻين جي بيان جو نالو ناهي بلڪه ڪهاڻين مان حقيقت جي پهلوئن کي ڳولي، ڇنڊ ڇاڻ ڪري سچائيءَ کي سامهون آڻڻ جو عمل آهي. هونءَ ته گھڻو ڪري سائنس جي اڪثر شعبن جو هڪ ٻئي سان تعلق آهي ۽ ڄاڻ جا دروازا مختلف شعبن وارن علمي اڱڻن تي کُلن ٿا پر خاص طور علم الارض (Geography)، ارضيات (Geology)، علم الانسان (Anthropology)، سماجيات (Sociology)، قديم آثارن جو علم (Archeology) ۽ محافظ خانو (Archives) جهڙا شعبا هڪ ٻئي سان گھڻو سلهاڙيل آهن ۽ انهن شعبن ۾ گھڻي کان گھڻي تحقيق جي گھرج آهي، پر بد قسمتيءَ سان اسان جنهن سسٽم ۾ ساهه کڻون ٿا اُتي مجموعي طور نون محققن لاءِ تحقيق جا دروازا اپٽڻ بجاءِ پوريا وڃن ٿا......


پر تحقيق ڀٽائيءَ جي فلاسافي ناهي جنهن چيو هو ته ”اپٽيان ته انڌيون، پوريو پرين پسن.“ تحقيق کليل اکين جو کيل آهي. اکيون کليل هونديون ته انسان نظر ايندو ۽ شيون نظر اينديون. انسان جيڪو پنهنجي وجود ۾ هڪ تاريخ رکندو آهي ۽ شيون جيڪي پنهنجي جوهر ۾ انيڪ قصن کي پالينديون آهن. اصل ۾ آرڪائيوز هڪ اهڙو دفتر آهي، جنهن ۾ انهن ئي قصن کي محفوظ ڪيو ويندو آهي ۽ انهن قصن جي سچ کي کوليندا آهن محقق.
تحقيق جو پهريون اصول آهي شڪ، گمان يا اندازو. جنهن کي Hypothesis جو نالو ڏنو ويو آهي. اهو گمان ۽ اندازو ئي حقيقت جي جستجو لاءِ اتساهيندو آهي ۽ حقيقت جي حاصلات وري دليلن جي گھرجائو هوندي آهي. اسان جڏهن سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ قديم آثارن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان لاءِ به اسان کي تحقيق جو دامن جھلي ڳالهائڻو پوندو. پنج هزار سال قديم تهذيب جي دعوى ڪندڙ اسان جي قوم پنهنجي تهذيب ۽ تاريخ تي جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. موهن جو دڙو اسان کي ٻين ڳولي ڏنو ۽ ان تي تحقيق جو آغاز به پهريان ٻين ڪيو، گھڻو پوءِ مقامي محققن به ان ڪم ۾ حصو ورتو. باقي اسان گھڻو ڪري ڌُڪي تي بندوقون ڇوڙيون آهن، ڊاڙ ۽ ٻٽاڪ جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا آهن. بنان ڪنهن سوچ ويچار ۽ تحقيق جي پيا چوندا سي حضرت آدم عه جنت مان تڙجڻ کان پوءِ سڌو سنڌ جي زمين تي قدم رکيو، حضرت نوح جو ٻيڙو به هتي ئي اچي بيٺو..... مطلب جيڪو ڪجھ ٿيو سو سنڌ منجھان ٿيو. اسان مت جا موڙها ماڻهو انهن سڀني ڳالهين کي چمي اکين تي رکندا سي ۽ زبان تي رڳو سبحان الله سبحان الله جا ڪلما هوندا. اهڙي صورتحال ۽ اهڙي سماج ۾ شين، ڳالهين ۽ واقعن جي تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ خود هڪ مسئلو بڻجي پوي ٿو ۽ محقق کي سدائين تلخ راين ۽ نئين فتوائن جاري ٿيڻ جو خوف  رهي ٿو. ان خوف جو پردو چاڪ ڪرڻ لاءِ مجموعي طور اسان جي قوم کي خودپسنديءَ جي خول مان نڪرڻو پوندو ۽ سچائين کي قبول ڪرڻو پوندو، پوءِ اُهي تلخ ئي ڇونه هجن.

روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي ڪَٿَ ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)



ڊاڪٽر احسان دانش

روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي ڪَٿَ

ادب ۾ Gender Deference  يا جنسي / صنفي تفريق جو سوال ڏاڍو اهم ۽ بامقصد آهي، يعني هڪ پاسي مرد تخليقڪار آهي ته ٻئي پاسي عورت تخليقڪاره. ڪو به ساڃاهوند ان ڳالهه کان انڪار نه ڪندو ته تخليق جو ڪوبه Gender نه ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڪو چوڻ وارو چوي ته نظم ۾ مرداڻي حشمت ۽ وائي ۾ نسواني نزاڪت آهي ته اها ڳالهه نه رڳو اجوڳي پر مذحقه خيز به لڳندي، تنهن ڪري شاعري عورت لاءِ به اوتري ئي اهم آهي جيتري مرد لاءِ. پوءِ ادب ۾ مرد ۽ عورت تخليقڪارن کي ڌار ڌار صفن ۾ ڇوٿو بيهاريو وڃي؟ اهو هڪ دلچسپ سوال آهي. جنهن تي اسين اڳتي هلي ڳالهائيندا سين. في الوقت ڳالهه ڪندا سين سنڌي ٻوليءَ جي سهڻي شاعره روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي.

روبينه ابڙو جو مون سان پهريون تعارف ڪڏهن ٿيو هوندو ان جي مونکي پڪ ته ناهي پر ڪجھ ڌنڌلو اندازو آهي پر منهنجو هن سان پهريون تعارف ڪنهن رسالي ۾ ڇپيل سندس تخليقن وسيلي ٿيو هو. اها لڳ ڀڳ ٻه ڏهاڪا اڳ جي ڳالهه آهي. هيءَ اها ئي شرميلي شاعره آهي، جنهن کي مون پهريون ڀيرو پوتيءَ ويڙهيل فوٽو ۾ ڏٺو هيو ۽ جيڪا ستت ئي سنڌي ادب جي آسمان جو هڪ جرڪندڙ تارو ٿي پئي هئي ۽ ادبي حلقن ۾ سندس نالو ۽ حوالو اهميت وارو بڻجي ويو. بڻجي به ڇونه هوءَ واقعي به ته هڪ پختي ۽ خوبصورت شاعره هئي، جنهن وٽ پنهنجو نرالو فڪري دڳ، نئين حسيت، تخيل ۽ ادراڪ، فڪر ۽ آگهي، اظهار جا انوکا رستا، منفرد لفظيات ۽ تخليق جو الڳ گس موجود هيو. بيشڪ هن جي شاعريءَ ۾ هڪ جهان آباد آهي ۽ ان جهان ۾ جھاتي پائڻ لاءِ نه رڳو حسن ۽ تخليق جو شعور لازمي آهي پر شعر جي ماهيت جي پروڙ به ضروري آهي.
”شعر حسن جي تخليق ۽ تصور جو نالو آهي. اهو زندگيءَ جي تفسير به آهي ته ان جي تصوير پڻ. شعر مادي دنيا جو اهو عڪس آهي جيڪو شاعر جي ذهن تي جھلڪندو آهي ۽ خيال جي شڪل اختيار ڪندو آهي. آرٽ جو مقصد تلاشِ حسن آهي ۽ شاعري حسن جي تڪميل جو ذريعو.“ (1) مصوري، موسيقي، سنگ تراشي ۽ رقص سميت آرٽ جا جيترا به فارم آهن انهن مان شاعريءَ کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي. ”شعر هڪ ڳالهائيندڙ مصوري آهي جيڪا اسان سان کُلي ڳالهائيندي آهي. نقاشي هڪ خاموش شاعري آهي جنهن جي نطق کي ڳالهائڻ جو هنر حاصل نه آهي. شاعريءَ جي مقابلي ۾ نقاشي ۽ مصوري ساڪت ۽ صامت شي آهي..... فنونِ لطيفه جي چئني قسمن ۾ شاعري مڃيل طور تي سڀني کان مٿاهين آهي. ڇوته منجھس باقي سمورين صنفن واريون خوبيون موجود آهن..... شاعر جي نگاهه انساني قدرن جي حقيقت ۽ ان جي گھراين تائين پهچندي آهي..... شاعر جو تخيل ستارن جي گزرگاهن کان اڳتي به سفر ڪري سگھي ٿو.“ (2) C. Day Lewis پنهنجي ڪتاب A Hope for Poetry ۾ لکيو آهي ته ”شاعرُ ڪائنات جي اڻ ٻُڌل آوزن کي ٻڌڻ لاءِ تيار رهندو آهي، هن جا حواس اهي نازڪ تارون آهن جيڪي سندس تجربن کي سندس تخيل جي آلي تائين پهچائينديون آهن.“ (3)

ڪهاڻيءَ جي حقيقت ۽ حقيقت جي ڪهاڻي ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش


ڪهاڻيءَ جي حقيقت ۽ حقيقت جي ڪهاڻي
(عبد الخالق سنديلي جي ڪتاب اڻويهه عالمي ڪهاڻيون جو مهاڳ)

اڄ کان ٽيهه سال اڳ جڏهن مان ادب پڙهڻ شروع ڪيو ته جن ڪتاب پهريان پهريان مونکي موهيو ۽ متاثر ڪيو اُهي ڪهاڻين جا ڪتاب هئا. آهستي آهستي ڪهاڻي منهنجي روح ۾ سرائيت ڪندي وئي. ڪهاڻيءَ سان منهنجو عشق ٿي ويو ۽ پڙهندي پڙهندي پاڻ به ڪٿاڪار بڻجي ويس. منهنجو ڪهاڻي سان انس جو اهو عالم هيو جو مان سوچيندو هيس ته ادب ۾ منهنجو پهريون پهريون ڪتاب ڪهاڻيءَ بابت هوندو. ائين ته نه ٿي سگھيو پر منهنجو پهريون ڪتاب هڪ ڪهاڻين جو مجموعو هيو. سو ڪهاڻي منهنجي نس نس ۾ موجود آهي. مان پاڻ کي ڪهاڻيءَ کان پري نه ٿو ڪري سگھان ان ڪري اڄ تائين ان ڪتاب لکڻ ۾ مصروف آهيان جيڪو ’ڪهاڻيءَ بابت‘ هوندو.
ڪهاڻي ڇا آهي؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن جا هزارين جواب آهن يا وري ڪوبه جواب ناهي. مظهر الاسلام پنهنجي ڪتاب ”گھوڑوں کے شهر ميں اکيلا آدمي“ ۾ ان سوال جي جواب ۾ ڄڻ هڪ نظم لکي ورتو هو:
کهاني سياه دور کي چيخ هے.
کهاني گلاب موسموں کا پھول هے.
کهاني جواني کي دهليز پر کھڑي عورت کا خواب هے.
کهاني پھٹا هوا آدمي هے.
کهاني ورق ورق لڑکي هے.
کهاني عمر قيد کي سزا کاٹنے والا قيدي هے.
کهاني ڈار سے بچھڑي هوئي کونج هے.
کهاني غير مطبوعه بوسه هے.
کهاني بچے کي سليٹ پر مٹا هوا سوال هے.

ڇا اسان اهو نظم پڙهي هڪ ٿڌو ساهه ڀري چئي سگھون ٿا ته اسان ڪهاڻيءَ جي حقيقت سمجھي ورتي......؟ ڇا ڪهاڻيءَ جي ڪا حقيقت هوندي آهي؟ ڇا حقيقت هڪ ڪهاڻي ٿيندي آهي؟؟ جي ها! ڪهاڻيءَ جي حقيقت ۽ حقيقت جي ڪهاڻي کي سمجھڻ لاءِ اسان کي پنهنجي ذهن جا تاڪ کولڻا پوندا ۽ ڏسڻو پوندو ته دنيا جي ڪهڙن ڪهاڻيڪارن ڪهاڻي ۾ حقيقت جو حسن اوتي ڪهاڻي جي حقيقت سمجھائي آهي. هن ڪتاب جا ڪهاڻيڪار به اهڙي حقيقت سمجھائين ٿا.