ڊاڪٽر احسان دانش
درد جي آس پاس هوندو ڪو.....
سنڌ ۾ آيل مها ٻوڏ ۽ سنڌي اديب جو سماجي ڪردار
ان سچ کان ڪو انڪار نه ڪري سگھندو ته قومن تي مصيبتن جو وقت ايندو رهندو آهي، پر اهي ئي قومون تاريخ ۾ زنده رهنديون آهن، جيڪي هر تڪليف کي همت حوصلي ۽ بهادريءَ سان منهن ڏينديون آهن. طوفان زلزلا ۽ ٻوڏون بيشڪ قدرتي آفتون آهن، جن کان بچڻ لاءِ انسان تدبيرون ته ڪري سگھي ٿو پر انهن کي روڪڻ گھڻي قدر انسان جي وس ۾ نه ٿو هجي. خاص طور طوفان ۽ زلزلن کي موڙڻ ته ماڻهوءَ جي سگھ کان ٻاهر آهي، ها البته ٻوڏ کان بچاءَ جون تدبيرون ممڪن آهن. اسين هتي قدرتي آفتن جي ڳالھ ڪئي سين پر ڪڏهن ڪڏهن اهي قدرتي آفتون چند ماڻهن جي عملن جي شامتن / ڪرتوتن سبب به اينديون آهن. سنڌ ۾ تازو آيل ٻوڏ، جنهن کي سنڌ جي تاريخ جي بد ترين ٻوڏ ڪوٺيو وڃي ٿو، پڻ ڪجھ ماڻهن جي ڪرتوتن جو ئي نتيجو آهي.
سنڌ جا مارو ماڻهو اڃا ان ٻوڏ جي درد کي ڀوڳي رهيا آهن. ڪيئي انسان ٻوڏ جي وهڪري ۾ پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا، ڪي پنهنجيون جانيون بچائي راتو واھ پنهنجا ڪک ڇڏي بي ڇپر ٿي چڪا...... جن وستين ۽ واهڻن ۾ ڪالھ زندگي مرڪندي هئي اتي اڄ درد جو راڪاس واڪا ڪري رهيو آهي. اهي بي گھر ٿيل ماڻهو جيڪي ڪالھ تائين پنهنجي مال متاع ۽ ملڪيتن وارا هئا تن جي درد جو ڪاٿو ڪرڻ ممڪن نه آهي...... پر هر درد مند دل رکندڙ ماڻهو سندن ڀوڳنا کي محسوس ڪري ٿو.
هڪ قلمڪار عام ماڻهوءَ کان وڌيڪ حساس ٿئي ٿو. هن جو من ميڻ وانگر هجي ٿو، جنهن کي دک جي ٿورڙي تپش به ڳاري وجھي ٿي..... پر هي سيلاب جو سور ان آڙاھ وانگر آهي، جيڪو ڪنهن حساس دل کي رک ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي....
ادب ۾ جيسيتائين پنهنجي دور جي ڪرب شامل نه آهي تيسيتائين اسين ان کي زنده ادب نه ٿا چئي سگھون. ادب زندگي جو تفسير به آهي ته زندگيءَ جي تصوير به. ادب ۾ رڳو اديب جي ذات جو اولڙو هجڻ واري هڪ اڻپوري تشريح، جيتوڻيڪ عام طور قابلِ قبول نه آهي ڇو ته ٽي ايس ايليٽ لکيو هو ته ”اديب ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي زماني جي باري ۾ لکندي پنهنجي ذات جي باري ۾ به لکي وٺندو آهي.“ پر ان جي ڀيٽ ۾ ايمي دي گارمان ان کان هڪ قدم اڳتي وڌي ڏاڍي خوبصورت ڳالھ ڪئي آهي ته ”تخليقڪار پنهنجي ذات جي باري ۾ لکندي پنهنجي دور جي باري ۾ لکندو آهي.“ اها ڳالھ ظاهر ڪري ٿي ته هڪ ليکڪ جو انفرادي درد به رڳو انفرادي نه هوندو آهي، ڇو ته هن جي ذات ان سماج جو حصو آهي، جنهن سماج ۾ هن جي اوسر ٿئي ٿي، نتيجي ۾ هن جون خوشيون ۽ هن جا درد انفرادي نه پر اجتماعي سمجھڻ کپن.... ڇو ته انهن جو سرچشمو خود سندس سماج آهي. ٻي پاسي ايليٽ جي ڳالھ به وڏو وزن رکي ٿي. هو اديب جي سماجي ڪردار تي وڌيڪ زور ڏئي ٿو ۽ انفراديت تي اجتماعيت کي ترجيح ڏئي ٿو.


















