Tuesday, 11 May 2021

سنڌ ۾ آيل مها ٻوڏ ۽ سنڌي اديب جو سماجي ڪردار ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 ڊاڪٽر احسان دانش


 

درد جي آس پاس هوندو ڪو.....

سنڌ ۾ آيل مها ٻوڏ ۽ سنڌي اديب جو سماجي ڪردار

 

ان سچ کان ڪو انڪار نه ڪري سگھندو ته قومن تي مصيبتن جو وقت ايندو رهندو آهي، پر اهي ئي قومون تاريخ ۾ زنده رهنديون آهن، جيڪي هر تڪليف کي همت حوصلي ۽ بهادريءَ سان منهن ڏينديون آهن. طوفان زلزلا ۽ ٻوڏون بيشڪ قدرتي آفتون آهن، جن کان بچڻ لاءِ انسان تدبيرون ته ڪري سگھي ٿو پر انهن کي روڪڻ گھڻي قدر انسان جي وس ۾ نه ٿو هجي. خاص طور طوفان ۽ زلزلن کي موڙڻ ته ماڻهوءَ جي سگھ کان ٻاهر آهي، ها البته ٻوڏ کان بچاءَ جون تدبيرون ممڪن آهن. اسين هتي قدرتي آفتن جي ڳالھ ڪئي سين پر ڪڏهن ڪڏهن اهي قدرتي آفتون چند ماڻهن جي عملن جي شامتن / ڪرتوتن سبب به اينديون آهن. سنڌ ۾ تازو آيل ٻوڏ، جنهن کي سنڌ جي تاريخ جي بد ترين ٻوڏ ڪوٺيو وڃي ٿو، پڻ ڪجھ ماڻهن جي ڪرتوتن جو ئي نتيجو آهي.


سنڌ جا مارو ماڻهو اڃا ان ٻوڏ جي درد کي ڀوڳي رهيا آهن. ڪيئي انسان ٻوڏ جي وهڪري ۾ پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا، ڪي پنهنجيون جانيون بچائي راتو واھ پنهنجا ڪک ڇڏي بي ڇپر ٿي چڪا...... جن وستين ۽ واهڻن ۾ ڪالھ زندگي مرڪندي هئي اتي اڄ درد جو راڪاس واڪا ڪري رهيو آهي. اهي بي گھر ٿيل ماڻهو جيڪي ڪالھ تائين پنهنجي مال متاع  ۽ ملڪيتن وارا هئا تن جي درد جو ڪاٿو ڪرڻ ممڪن نه آهي...... پر هر درد مند دل رکندڙ ماڻهو سندن ڀوڳنا کي محسوس ڪري ٿو.

هڪ قلمڪار عام ماڻهوءَ کان وڌيڪ حساس ٿئي ٿو. هن جو من ميڻ وانگر هجي ٿو، جنهن کي دک جي ٿورڙي تپش به ڳاري وجھي ٿي..... پر هي سيلاب جو سور ان آڙاھ وانگر آهي، جيڪو ڪنهن حساس دل کي رک ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي....

ادب ۾ جيسيتائين پنهنجي دور جي ڪرب شامل نه آهي تيسيتائين اسين ان کي زنده ادب نه ٿا چئي سگھون. ادب زندگي جو تفسير به آهي ته زندگيءَ جي تصوير به. ادب ۾ رڳو اديب جي ذات جو اولڙو هجڻ واري هڪ اڻپوري تشريح، جيتوڻيڪ عام طور قابلِ قبول نه آهي ڇو ته ٽي ايس ايليٽ لکيو هو ته ”اديب ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي زماني جي باري ۾ لکندي پنهنجي ذات جي باري ۾ به لکي وٺندو آهي.“ پر ان جي ڀيٽ ۾ ايمي دي گارمان ان کان هڪ قدم اڳتي وڌي ڏاڍي خوبصورت ڳالھ ڪئي آهي ته ”تخليقڪار پنهنجي ذات جي باري ۾ لکندي پنهنجي دور جي باري ۾ لکندو آهي.“ اها ڳالھ ظاهر ڪري ٿي ته هڪ ليکڪ جو انفرادي درد به رڳو انفرادي نه هوندو آهي، ڇو ته هن جي ذات ان سماج جو حصو آهي، جنهن سماج ۾ هن جي اوسر ٿئي ٿي، نتيجي ۾ هن جون خوشيون ۽ هن جا درد انفرادي نه پر اجتماعي سمجھڻ کپن.... ڇو ته انهن جو سرچشمو خود سندس سماج آهي. ٻي پاسي ايليٽ جي ڳالھ به وڏو وزن رکي ٿي. هو اديب جي سماجي ڪردار تي وڌيڪ زور ڏئي ٿو ۽ انفراديت تي اجتماعيت کي ترجيح ڏئي ٿو.

ادب ۾ عصري صداقتن جو رڪارڊ موجود هوندو آهي. انهي حوالي سان اسين جڏهن سنڌي ادب جو جائزو وٺندا سين ون يونٽ واري تحريڪ کان وٺي سنڌ ۾ آيل هن وڏي ٻوڏ واري ڏک تائين سنڌي ليکڪ پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو آهي. ان ڪري مونکي اهو چوندي ڪا هٻڪ نه ٿي ٿئي ته سنڌ جي ليکڪ هن ٻوڏ جي تباھ ڪارين کي اکين پسي اکيون پوريون نه آهن، پر لفظن جا نير وهايا آهن.

 

ارڪا ترڪا ويا لڙهي، ڪونه بچيو مُٺ گاھ
دهشت دم درياهه جي،  سارو سُڪايو ساھ
ڪنهن کي ڪنهن تي ڪونه ڪو، رهيو آ ويساهه
مالڪ مهر ڪجاهه، آهيون تنهنجي آسري
                             (ڊاڪٽر بشير احمد شاد)

 

سنڌ گھريو پئي آب مولا
ڪٿي گھريو سيلاب مولا!
يا ته سنڌو سانت ۾ هو،
يا ته ايڏو تاب مولا!
                              (سعيد ميمڻ)

 

ٻوڏ سڀ ڪجھ وهائي وئي
هڪ اداسي رهائي وئي
خوشڪ ساليءَ سُڪايون ٻنيون
ٻوڏ سپنا سُڪائي وئي
                              (رضا بخاري)

 

وڏي ٻوڏ جي وڏين تباھ ڪارين سبب سنڌ جا اهي علائقا به زيرِ آب آيا جتي رهندڙ ماڻهن ڪڏهن ٻوڏ بابت سوچيو ئي نه هيو. انهن هاڃن جو سفر ٽوڙهي واري بند کي لڳل يا لڳايل گھاري کان شروع ٿيو، جنهن جي ڪري شڪارپور، ڳڙهي خيرو، جيڪب آباد، قمبر، شهداد ڪوٽ کان وٺي وارھ، نصير آباد، ميهڙ، دادو ۽ جوهي تائين لڳ ڀڳ اڌ سنڌ متاثر ٿي ۽ لکين ماڻهن کي بي گھر ٿيڻو پيو. سمجھ ۾ نه پئي آيو ته اها قدرتي آفت آهي يا حڪومتي بي ڌياني..... بهرحال انهن ٻنهي حوالن سان سنڌ جي شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجو اظهارِ خيال ڪيو. هڪ پاسي دعا جا هٿ کڄيا ته ٻي پاسي ’جيڪو ڏاڍو سو گابو‘ واري ڳالھ کي ورجائيندي واڳ ڌڻين جي ڪن لاٽار ۽ بي حسي کي موضوع بڻايو ويو.

 

غريبن جا سوين گهراي وڏيرا تو ڇڏيا ٻوڙي
سندءِ هڪ گهر بچائڻ لاءِ جيڪو شاهڪار آهي
ٻڏي وئي سنڌ، ڪاڻي اک ۾ پاڻي مگر ناهي
نه ڪوئي معذرت خواهه ۽ نه ڪوئي شرمسار آهي
                                       (امداد حسيني)

 

سنڌوءَ جي لهرن ۾......

هي جهرندڙ جهوپڙيون آهن

يا منهنجي روح جون تختيون پيون وکرن

هوءَ ننڍڙي وَڇ، تري هڪ وار ظاهر ٿي

وري گم ٿي، ته گم ٿي وئي

هوءَ ننڍڙي ٻاڙي آهي

يا آهي ڪو ڪنول جو گل

جنهن جي هر کنيل وک تي

ٿو منهنجو روح ٻاڏائي

خدايا بس گهڻو ٿي ويو

خدايا رحم ٿي هاڻي....... (طارق عالم)

 

سو حقيقت اها آهي ته جڏهن کان سنڌو وسندين ۽ واهڻن ڏي اٿلي پيو آهي تڏهن کان سنڌ جو شعور به اٿليو آهي، ۽ ان درد جو ڀاڱي ڀائيوار رهيو آهي، جيڪو هزارين ماڻهو ڪيمپن ۾ ڀوڳي رهيا آهن. امداد حسيني، تاج بلوچ، عبدالغفار تبسم، اياز گل، ادل سومرو، هدايت بلوچ، حسن مجتبى، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، آسي زميني، جامي چانڊيو، مقصود گل، نصير مرزا، طارق عالم ابڙو، محمود مغل، بخشڻ مهراڻوي، سعيد ميمڻ، يوسف سنڌي، روبينه ابڙو، محمد علي پٺاڻ، اعجاز منگي، در محمد پٺاڻ، زيب سنڌي، سرمد چانڊيو، مختيار ملڪ، اخلاق انصاري، مشتاق ڦل، حبيب ساجد، رخسانه پريت چنڙ، اياز جاني، قاضي منظر حيات، امر اقبال، نثار منصور، عنايت ميمڻ، بخشل باغي، سڪندر عباسي، اشفاق آزر، مظهر ابڙو، رضا بخاري، مخمور بخاري، بادل، زرار پيرزادو، رياضت ٻرڙو، خادم منگي، گوهر شيخ، منٺار سولنگي، عرفانه ملاح، فياض لطيف، ابرار ابڙو، فياض چنڊ ڪليري، امر پيرزادو، رضوان گل، سرتاج جاگيراڻي، لقمان کوکر، عرفان عباسي، خالد زخمي، شهمير سومرو، ريحانه چنڙ، مختيار جاگيراڻي، عزيز سوڍر ۽ اهڙن انيڪ ليکڪن ۽ ليکڪائن هن عظيم ٻوڏ جي حوالي سان جيڪو ڪجھ لکيو آهي اهو تاريخ جو رڪارڊ آهي. اها شاعري، اهي ڪهاڻيون، اهي ڊراما ۽ اهي مضمون هڪ دور جي تاريخ آهن، ان ڪري جڏهن به سنڌ جي درد جي تاريخ رقم ڪئي ويندي ته اهي تخليقون ضرور ڪوٽ ٿينديون.

 

احساسن جي ڀيل ڪري ويو

سنڌوءَ جو هي پاڻي

ڪيڏي دردَ ڪهاڻي

ڪيڏا جذبا ڇوھ هتي ها

ماڻا ۽ سوَ موھ هتي ها

خوشين جا انبوھ هتي ها

عشق جي کاتي ڏوھ هتي ها

ٽهڪن عمر نه ماڻي

ڪيڏي درد ڪهاڻي

(ا.د)

 

هن ٻوڏ جي تباهين جي ڪهاڻي رڳو ڪهاڻي نه پر هڪ وڏو داستان آهي. ان داستان جو سڀ کان وڌيڪ ڏکائيندڙ پهلو وري اهو آهي، ته ٻوڏ ستايل سڀني سنڌين هن دفعي عيد به ڪيمپن ۾ گذاري. هنن جي اها عيد ڪيئن گذري هوندي اهو هر باشعور ماڻهو سوچي سگھي ٿو. ڀٽائي چيو هو ته :

 

اکيون تان عيد، ڪانهي عيد اکين ري
خوشي ۽ خريد، وئي ويچارن وسري

ڀٽائي جون اهي سٽون ڪيڏيون نه پائدار آهن، جو پوڻا ٽي سو سالن جي سفر کان پوءِ به اڄ ڏاڍيون تازيون ٿيون لڳن. اهو سچ آهي ته عيد جون خوشيون به انهن لاءِ ئي هونديون آهن، جيڪي صاحبِ بصارت هوندا آهن.... عيد جي خوشين کي اهو ئي محسوس ڪري سگھندو آهي جيڪو نه رڳو نيڻن جي نهار سان نهاريندو آهي پر دل جون اکيون به اپٽي ڇڏيندو آهي. تنهن ڪري اهڙيون اکيون بي نور سمجھڻ کپن، جيڪي خوشيءَ جي چمڪ کي محسوس ئي نه ڪري سگھنديون هجن...... اسين هن ٻوڏ کان پوءِ پنهنجي ارد گرد اهڙيون انيڪ اکيون پَسيون هونديون، جن لاءِ دنيا جي هر خوشي بي رنگ هوندي آهي.

خوشين جا پل، پهر ۽ ڏڻ ته انهن کي ياد هوندا آهن، جيڪي سدا سُک جي هندورن ۾ لُڏندا آهن، درد جي پالڪين ۾ پلندڙ خوشين جا خريدار ڪيئن ٿا ٿي سگھن. حقيقت اها آهي ته دک جي ڌٻڻ ۾ لهندڙ جي خاموش رڙ کي ڪنائڻ لاءِ جي سماعتون گھرجن، سي اسان مان ٿورن ماڻهن وٽ آهن...... تڏهن ئي ته استاد بخاري چئي ويو ته :

 

ڪنهن درد مند دل جا دهڪا ته ڪو ٻڌي
ڀڻڪا نه ٿو ڪنائي واڪا ته ڪو ٻڌي
لازم نه آهي ڪنهن جي هر ڪوڪ ڪو ڪنائي
ڪٿ ڪٿ، ڪڏهن ڪڏهن پر، ڪاڪا ته ڪو ٻڌي


سنڌ واسين لاءِ هيءَ عيد ڏاڍي مختلف ۽ منفرد هئي. ان جي انفراديت اها هئي ته اها اسان جي مارو ماڻهن خوشين جي رنگينين بدران درد جي سيلاب ۾ گھاري. سيلابُ، جنهن سڄي سنڌ جون رونقون کسي ورتيون، سيلابُ، جنهن هزارين ماڻهو بي گھر ڪيا، سيلابُ، جنهن سنڌ جي سيني تان ڪيئي ڳوٺ ميساري ڇڏيا..... ها سيلاب جو اهو ئي ارڙ نانگ ڪيئي حياتيون به ڳهي ويو.... سيلاب جي انهي سور اسان جي ماروئڙن جي من مان خوشين جو ٻور ڇاڻي ڇڏيو آهي. هيل هنن جي عيد ڪيمپن ۾ گذري ۽ سنڌ جي ڪنهن به اديب هڪ ٻئي ڏي عيد مبارڪ جا ايس ايم ايس نه ڪيا پر پنهنجين موبائيلن تان ڪيل ميسيجن توڙي اي ميلن ۾ درد جا نوحا لکيا.

 

ڏکن جي وڻن مان ڇڻي عيد آئي
نه مهندي نه سُرمو ڦڻي عيد آئي
گھرن کان پري ڪيمپ جي وستين ۾
اسان لئه اداسيون کڻي عيد آئي
                                 (اياز گل)

 

درد جي آس پاس هوندو ڪو
شام ويلي اداس هوندو ڪو
عيد جي ڏينهن ڪيمپ ۾ ڏسجو
ٻارڙو بي لباس هوندو ڪو
                           (احسان دانش)

 

ڪٿي درد آهي لڳو ڪنهن ڪناري
وئي ٻوڏ آهي، خوشيون سڀ ٻهاري
سکن جون گھڙيون ساري ڪيمپ ۾
روئي ويٺو ڪوئي عيد جي ڏهاڙي
                           (فياض لطيف)

 

ڪنهن ڏکاري خواب وانگر عيد ڀي گذري وئي
درد ماڻهن جا ڏسي، هر خوشي وسري وئي
                                     (ادل سومرو)

 

جڏهن سڄو ديس ٻڏي رهيو هو، سنڌ ٻڏي رهي هئي..... تڏهن رڳو سنڌوءَ جون ٻئي ڪنڌيون ٻڏل نه هيون، پر سنڌ جي هزارين ماڻهن سان گڏ سنڌ جي اديبن جون دليون به ٻڏل هيون. اهو سيلاب دک جون ڪيڏيون ڪهاڻيون لکي ويو آهي، پيڙا جو اهو پنڌ روح جا ڪيترا رند لتاڙي ويو آهي ۽ خوف جي انهن لهرن ڪيڏيون دليون دهڪائي ڇڏيون آهن ان جو ڪاٿو ڪرڻ مشڪل آهي..... ٻوڏ جي اذيتن واري ان سموري عرصي ۾ سنڌ جي اديب سنڌ جي ماڻهن سان شعوري سُٻنڌ ڳنڍي پنهنجو ادبي ۽ سماجي فرض نڀايو آهي، ۽ هن وقت تائين ادب جون جيتريون به تشريحون ٿيون آهن انهن جو حاصل مطلب به اهو آهي ته ادب اهو آهي جنهن جون جڙون پنهنجي سماج ۾ گھريون کتل هجن ۽ اديب جو بنيادي فرض اهو آهي ته اهو انفرادي درد کي اجتماعي ۽ اجتماعي ڏک کي انفرادي بڻائي نه رڳو ان ڀوڳنا مان گذري پر سماج کي، دک کي سگھ بڻائڻ جو سليقو به عطا ڪري. سنڌ جي ليکڪ ٻوڏ جي هن دک کي نه رڳو محسوس ڪيو ۽ ڀوڳيو آهي پر عملي طور به انهن دکايلن کي همتن ۽ حوصلن جي راھ ڏَسي آهي. اسان جنهن بيمار سماج ۾ رهون ٿا ان ۾ ٿي سگھي ٿو ڪو چوي ته اديبَ جا لفظ ڪنهن جي دک جو دارون نه ٿا بڻجي سگھن، بي اجھن کي ڇانوَ نه ٿا ڏئي سگھن، اداس ٻارن کي پرھ جي پاڪيزه ڪرڻن جهڙي مرڪ موٽائي نه ٿا ڏئي سگھن پر اهو سڀ ڪجھ اهي ئي چئي سگھن ٿا جن کي لفظن جي سچائي تي ويساھ نه هوندو، لفظن جي سگَھ جي سَمَڪَ نه هوندي.

No comments:

Post a Comment