Tuesday, 11 May 2021

سعيد ميمڻ جي طويل غزل ”ازل جو آڏاڻو“ جو تنقيدي اڀياس ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 ڊاڪٽر احسان دانش



 

سعيد ميمڻ جي طويل غزل
”ازل جو آڏاڻو“ جو تنقيدي اڀياس

فنون لطيفه جون جيتريون به شاخون آهن انهن مان شاعريءَ کي معتبر مقام حاصل آهي. شاعريءَ جي اظهار جو وسيلو لفظَ آهن. لفظَ جيڪي غير مادي شي هجڻ باوجود پنهنجي اندر معنائن، شڪلين، منظرن ۽ احساسن جا جهان آباد ڪيو ويٺا آهن. ”لفظ پنهنجي اندر لازوال قوت جو خزانو رکن ٿا. لفظن وسيلي ئي هڪ اديب يا شاعر جمالياتي احساس کي فڪري احساس ۾ تبديل ڪري سگھندو آهي. لفظن جي ذريعي ئي هڪ اديب کي اهو موقعو ملي ٿو ته اهو ان رد عمل کي، جنهن کي آرٽ جي مواد ان جي اندر پيدا ڪيو آهي، هڪ لطيف ۽ نازڪ سانچي ۾ وجھي. لفظ ئي آهن جن وسيلي غير پخته ۽ جمالياتي احساسن جي وچ ۾ فرق ظاهر ڪري سگھجي ٿو. اهي ماڻهو جيڪي لفظن کي ڪا بي جان شي سمجھن ٿا انهن کي شايد لفظن جي سگھ جو احساس نه آهي ۽ کين پتو نه آهي ته لفظ نه رڳو جذبات جي زبان آهن بلڪه اهي جذبن ۾ همواري، زرخيري، تحرڪ ۽ گھرائي به پيدا ڪندا آهن ۽ اهي رڳو معنائن کي خارجي لبادو نه پارائيندا آهن بلڪه انهن جي وسعتن ۾ اضافو ڪندا آهن ۽ انهن ۾ وزن ۽ وقار به پيدا ڪندا آهن.“ (1)



شعر ۾ هونءَ ته انيڪ ڪائناتون آهن، پر بنيادي طور ان جو تعلق فرد جي احساس ۽ ادراڪ سان آهي. ٻين لفظن ۾ کڻي ائين چئجي ته شعر ڪنهن شاعر جي ذاتي تجربن ۽ مشاهدن جو مظهر هجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ”شعر کي عام طور داخلي جذبات ۽ محسوسات جو اظهار چيو ويندو آهي، پر ادبي تنقيد ۾ اهو شعر جو نهايت محدود تصور آهي. جيڪڏهن شعر رڳو داخلي ۽ تخليقي تجربي يعني جذبات ۽ محسوسات جو اظهار آهي ته پوءِ اها ئي تعريف ناول، افساني ۽ ٻين صنفن تي به پوري لهي ٿي. شعر جي ماهيت تي ويچار ڪرڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته شعر لفظن ۽ معنائن جي بهترين تنظيم جو نالو آهي، جيڪا پيچيده عمل مان گذرڻ بعد وجود ۾ اچي ٿي. اها تنظيم مختلف عنصرن جو مربوط نتيجو آهي. انهن ئي عنصرن جي ڪري شعر ۾ وڌيڪ گھرائي، گھڻو مبالغو، گھڻي وسعت ۽ زرخيزي پيدا ٿئي ٿي ۽ ان جو ظاهري سوڙهو رستو به معنوي اعتبار کان وسيع ٿي وڃي ٿو.“ (2)

جڏهن اسين شاعري جي ڳالهه ڪندا سين ته شاعري رڳو لفظن سان نه پر تخيل، احساس ۽ جذبي سان تخليق ٿئي ٿي. پر افلاطون وري انهن ٽنهي شين تي عقل ۽ منطق کي ترجيح ڏئي ٿو. هن پنهنجي مثالي رياست مان شاعرن کي ان ڪري ٻاهر ڪڍيو هو جو اهي جذبن جا غلام هوندا آهن. هن شاعريءَ تي فلسفي کي انهيءَ ڪري ترجيهه ڏني جو هن شاعريءَ کي فلسفي کان ڪمتر پئي سمجھيو. انهيءَ ڪري هن اهو اصول بيان ڪيو ته شاعري ۽ فلسفي وچ ۾ ازلي دشمني آهي. فلسفي جو بنياد عقل تي آهي، جيڪا انساني ذهن جي اعلى ترين صفت آهي، جڏهن ته شاعري جذبات جي تصوير آهي. افلاطون جو چوڻ آهي ته ”جذبو ماڻهوءَ کي صالح بڻائڻ بدران سندس ذهن کي ڀڙڪائي ٿو ان ڪري اهو عقل جي لاءِ خطرناڪ آهي. شاعري جذبن جي پرورش ڪري ٿي جيتوڻيڪ ان جو ڪم انهن تي ضابطو آڻڻ ۽ روڪڻ هيو.“ هن جو چوڻ آهي ته ”جذبي کي حڪمران هجڻ بدران محڪوم هجڻ گھرجي شاعري احساس کي تقويت ڏئي ٿي ۽ ادراڪ کي معطل ڪري ٿي. وڏي عقل وارو ماڻهو غور و فڪر ڪندو آهي جذبات جي سمنڊ ۾ وهي نه ويندو آهي. الهامي ڪيفيت يا وجدان تي شاعر جو قبضو نه هوندو آهي. انهيءَ ڪري ان جي رهبري قبول ڪرڻ حماقت آهي. شاعر ڪڏهن پيغمبر بڻجي ويندو آهي ته ڪڏهن پاڳل ۽ سندس شخصيت ان جي وچ ۾ ٽنگيل هوندي آهي.“ (3)

شاعرن لاءِ افلاطون جو اهڙو سخت لهجو سماج ۾ سندن شخصيت کي متضاد، بي عمل ۽ ڀٽڪيل ثابت ڪري ٿو. حقيقت ۾ شاعرن وٽ رڳو جذبات جي دنيا نه آهي، هو فقط احساسن جا غلام نه آهن پر هنن وٽ پنهنجو شعور، ادراڪ، منطق ۽ دليل آهي. هنن جي دنيا نرالي آهي. هڪ شاعر جو متحرڪ سماجي ۽ عصري شعور ۽ حسي تجربو نهايت اهم ٿئي ٿو. ”شاعريءَ جي آرٽ لاءِ اخلاقي ۽ سماجي حقيقت کان ڪئي ڀيرا وڌيڪ حسياتي حقيقت جي ضرورت پوندي آهي. شعري آرٽ محسوسات جي دنيا آهي...... اها حقيقت آهي ته شاعر يا ڪوئي به فنڪار حساس هوندو آهي، پر هو هر ڳالهه کان متاثر نه ٿيندو آهي. هن جا قبول ڪيل اثر هن جي جذبن کي ڀڙڪائيندا آهن، پر تخليقڪار جي ڪاميابي ان ۾ آهي ته هو انهن اثرن ۽ جذبن جي وهڪري ۾ ترتيب ۽ تهذيب پيدا ڪري ۽ انهن کي پنهنجي تجربي ۾ تحليل ڪري. انهن اثرن ۽ جذبات جي شدت جي فوري نتيجن ۾ پيدا ٿيڻ وارو ادب غير مرتب هوندو. شاعري بهترين تنظيم جو نالو آهي. ان تنظيم لاءِ تجربي جي تهذيب ضروري آهي ۽ اها تهذيب فوري تاثرات مان پيدا نه ٿيندي آهي. انهيءَ ڪري شخصي ۽ فني تجربي ۾ هڪ فاصلو گھرجي. وليم ورڊس ورٿ چيو هو ته ”شاعري هيجان وقت نه پر سڪون جي وقت پيدا ٿيندي آهي. ان جو مطلب آهي ته ڪنهن واقعي بعد فوري طور ظاهر ٿيڻ وارن جذبن ۾ سنجيدگي ڪجھ وقت گذرڻ بعد پيدا ٿيندي آهي.“ (4)

ان سموري پس منظر ۾ جڏهن اسين جديد سنڌي شاعري تي نگاهه وجھندا سين ته اسان کي ويجھڙ ۾ سرجندڙ سنڌي شاعري ۾ ڪيئي فني، هئتي ۽ صنفي تجربا نظر ايندا. سنڌي ادب ۽ شاعريءَ ۾ ٿيندڙ هر نئين تجربي جي آجيان ڪرڻ گھرجي، پر شرط اهو آهي ته ان تجربي ۾ شاعراڻي بيساختگي ۽ آرٽ هجي. اسان وٽ ڪوتا نگر ۾ ڪي فني ۽ صنفي تجربا اهڙا به ٿيا آهن جن ۾ گھاڙَ جو ڪم ته برابر ڪيو ويو آهي پر انهن صنفن ۾ شاعراڻو ادراڪ ۽ اُڇل نظر نه ٿي اچي. ساڳي وقت سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙن ڪن هيتي ۽ صنفي تجربن پنهنجي جاءِ به ماڻي آهي ته ڪي ان شعوري ڪوشش جي پنڌ ۾ پوئتي به رهجي ويا آهن. عصرِ حاضر ۾ جڏهن سنڌي غزل جي قبر کوٽڻ جي ڳالهه منظر تي آهي تڏهن سعيد ميمڻ جو طويل غزل سنڌي شاعري ۾ هڪ اهڙي ڀرپور فني ۽ تخليقي تجربي طور سامهون آيو آهي جنهن جي دل کولي آجيان ڪرڻ گھرجي.

سعيد ميمڻ جديد سنڌي شاعريءَ جو هڪ اهڙو تخليقڪار آهي، جنهن وٽ پنهنجو ڌار حسي تجربو آهي. هن وٽ پنهنجو آرٽ ۽ پنهنجو لهجو آهي، هو نئين سنڌي شاعريءَ جو هڪ اهڙو آواز آهي، جنهن کي هم عصر دور نه رڳو ڪنايو آهي پر هنئين سان هنڊايو به آهي. سعيد ميمڻ ۽ مون اڄ کان اٺاويهه سال اڳ 1988 ڌارا گڏ ئي لکڻ شروع ڪيو. ابتدائي مشاعرن ۾ به گڏ گڏ شريڪ ٿيا سين ۽ اتان ئي اسان جي دوستي ۽ محبت جو سلسلو به شروع ٿيو. اسين وقتاً فوقتاً هڪ ٻئي جي شعرن تي کليل راءِ جو اظهار ۽ تنقيد به ڪندا رهيا آهيون. مان اها ڳالهه وڏي سرهائيءَ سان چوان ٿو ته اڄ سعيد ڪوتا ڪاڪ جو راڻو آهي. جيتوڻيڪ اهو سچ آهي ته اسان جو سماج ڏات ڌڻين کي اهو گھربل مقام، مڃتا ۽ پزيرائي نه ٿو ڏئي، جنهن جا اهي حقدار هجن ٿا، پر مان سمجھان ٿو سعيد اسان جي ٽهي جي ٻين ڪيترن ئي تخليقڪارن کان پوءِ به وڌيڪ خوش قسمت آهي جو وقتاً فوقتاً هن کي گھربل مانُ، محبت ۽ پزيرائي ملندي رهي آهي. سعيد جي شاعريءَ تي هن وقت تائين جيڪو ڪجھ لکيو ويو آهي، جيڪڏهن ان مواد کي سهيڙجي ته به هڪ بهترين ۽ ضخيم اڀياسي ڪتاب جُڙي پوندو. هن کان اڳ مان خود سعيد ميمڻ جي شاعري تي ٻه مضمون لکي چڪو آهيان. پهريون سندس پهرين شعري مجموعي ”نيڻ سفر ۾“ تي ۽ ٻيو ”درد جون آيتون“ تائين سندس شايع ٿيل سمورن ڪتابن تي جامع مضمون لکيو هيو. هي ٽيون مقالو آهي، جيڪو سندس طويل غزل جي ڪتاب ”ازل جو آڏاڻو“ تي لکي رهيو آهيان. ان حقيقت کان به انڪار نه ڪبو ته سعيد تي هن وقت تائين جيڪو ڪجھ لکيو ويو آهي ۽ هن کي جيڪا مڃتا ملي آهي اها ڪافي نه آهي هن جي شاعري ۽ شخصيت وڌيڪ محبت، تحقيق، تنقيد ۽ توجه جي لائق آهي.

پياري سعيد جڏهن ڪتاب ”ازل جو آڏاڻو“ نوجوان شاعر مخمور رضا جي هٿ ڪاليج موڪليو هو ته پڙهڻ کان سواءِ پنا ورائي ڏٺم ته لڳو هن ڪتاب ۾ جيتري شاعري آهي لڳ ڀڳ اوترو ئي نثر آهي. ڀرسان ويٺل هڪ پروفيسر منهنجي هٿ مان ڪتاب وٺندي اٿلائي ڏٺو ۽ چيائين ته سائين هي نثر جو ڪتاب آهي يا شاعريءَ جو؟ مون چيو ”هن ڪتاب ۾ هڪڙو ئي طويل غزل آهي.“

جڏهن مون هي طويل غزل پڙهي پورو ڪيو ته منهنجي ذهن ۾ اها راءِ جڙي ته هي غزل پنهنجي طوالت جي باوجود پنهنجي فني، لسانياتي، فڪري ۽ اسلوبي خوبين سبب پڙهندڙ جي حواسن تي بار نه ٿو وجھي. هي غزل وري وري اڀري ۽ لهي ٿو. ڇوته هن ۾ ڪيئي مطلع ۽ مقطع آهن. اڀرڻ ۽ لهڻ جو اهو سلسلو لهرن وانگر آهي. اهي احساس جون لهرون ڪڏهن ڇوهيون ته ڪڏهن ڌيميون آهن. هن غزل جو ختم ٿي وري شروع ٿيڻ وارو سلسلو خاڪ مان گلزار ٿيڻ وانگر آهي. سعيد جي هن غزل ۾ نه رڳو خيالن جو هجوم آهي پر اظهار جي بيساختگي به هن غزل کي حسن بخشيو آهي. هي طويل غزل هڪ لڱان ڪنهن طوفان وانگر به لڳي ٿو. جيئن طوفان پاڻ سان گڏ گھڻو ڪجھ کڻي تيز تيز اڳتي وڌندو ويندو آهي تئين ئي سعيد جو هي غزل به خيالن جون ڪيئي وٿون پاڻ سان گڏ کڻي اڳتي وڌندي محسوس ٿئي ٿو. ان طوفان ۾ ڪيئي خيالن جا ڪک پن آهن....... هن غزل ۾ شعري مبالغي، ابهام، استعاري ۽ تشبيهه جو حسن ۽ اسلوب جي رنگيني عيان آهي. فني لحاظ کان هي غزل ٻه رخو محسوس ٿئي ٿو. ڪٿي هن ۾ هڪ ئي موضوع جي وهڪري سبب مسسل غزل وارو انداز آهي ته ڪٿي ٽڙيل پکڙيل خيالن جي رنگيني هن کي غير مسلسل بڻائي ٿي.

شاعريءَ سان لونءَ لائيندڙ نون فنڪارن جي ذهن ۾ پهريون سوال اهو ئي اڀرندو آهي ته ”آخر شعر ڇا آهي؟ ۽ ڇو آهي“ جڏهن سعيد ميمڻ جي ذهن ۾ اهي سوال گھر ڪن ٿا ته هو خيال جي گھوڙي کي ڊوڙائي ان نتيجي تي پهچي ٿو ته شعر روح جو سڙٻاٽ آهي. پر نه ڄاڻ ڇو سعيد ”شعر ڇو آهي؟“ واري سوال جي اڃ اندر ۾ ڇڏي وڃي ٿو.

شعر ڇا آهه؟ شعر ڇو آهي؟

سعيد! سڙٻاٽ روح جو آهي

شعر هر فرد لاءِ فڪر، شعور ۽ ادراڪ جون دريون کولي ٿو. ان ڪري شاعري هر گھٽيل ذهن لاءِ تازي هوا وارو ڪم ڪري ٿي. شعر رڳو وندر ۽ ورونهن جو وسيلو نه آهي پر ان ۾ آگهي جو سمنڊ به ڇوليون هڻندو آهي. پر هڪ سٺي شعر کي سمجھڻ خود هڪ مامرو آهي،  ڇوته ان لاءِ هڪ خاص ذوق جي ضرورت هوندي آهي. سٺي شعر جي تهه تائين رسائي تيسيتائين ممڪن نه آهي جيسيتائين سماج ۾ علم ۽ شعور جو سج نه ٿو اڀري. سعيد کي شڪايت آهي ته سماج ۾ باذوق ماڻهن جو قحط آهي تنهن ڪري هاڻي پنهنجو لکيل شعر پاڻ کي ئي پڙهڻو ٿو پوي.

ذوق وارن جو قحط پيو آهي

خود لکيو شعر، خود پڙهيو آهي

سعيد جو شاعريءَ بابت ڪانسيپٽ ڪليئر آهي. هو شاعري کي وندر ۽ ورونهن جو وسيلو يا ڪو اشتهار نه ٿو سمجھي، پر هو ان کي من جو مراقبو ۽ وجدان سڏي ٿو.

شاعري اشتهار ناهي ڪو

شعر، من جو مراقبو آهي

ــــــــــــــــــــــ

سڀ هي وجدان جي عنايت آ

شعر ويهي نه مون گھڙيو آهي

شعر جڏهن من جو مراقبو بڻجي ٿو ۽ ان جي تخليق جو ڪارڻ وجدان ٿئي ٿو ته پوءِ يقينن اهڙي شاعري ٻرندڙ سيني تي احساسن جي صحيفي وانگر لهي ٿي.

منهنجو سينو ٻري رهيو آهي

ٿي صحيفو غزل لٿو آهي

سعيد جي اندر ۾ جيڪا آڳ آهي، ان کي هو ڪنڀار جي بٺيءَ سان تشبيهه ڏئي ٿو. هو پاڻ کي اهڙو ڪوزه گر ڄاڻي ٿو جنهن جي هٿن جي ڇهاءَ سان خيال جون طرحين طرحين صراحيون، مٽ ۽ گھڙا تخليق ٿين ٿا ۽ هو جڏهن  خيال جي انهن ٿانون کي دل جي آويءَ ۾ پچائي ٿو ته اهي شعر بڻجي پون ٿا.

ڄڻ ته آئون ڪنڀار شاعر هان

شعرُ دل جي بٺيءَ پڪو آهي

سعيد ميمڻ جي هن طويل غزل ۾ انيڪ حسين خيال، منظر ۽ احساس آهن. هن غزل ۾ تخيل جو هڪ جهان آباد آهي. ”تخيل جي تعريف ڪندي ڪولريج ان کي ٻن خاص حصن ۾ تقسيم ڪيو آهي. جنهن کي بنيادي تخيل  [Primary Imagination] ۽ ثانوي تخيل [Secondary Imagination] سان ڄاتو وڃي ٿو. بنيادي تخيل کي هو سموري انساني ادراڪ ۽ زنده قوت جو محرڪ سمجھي ٿو. بنيادي تخيل حقيقت جو محض ادراڪ آهي، جڏهن ته ثانوي تخيل بنيادي تخيل جي توسيع آهي. ٻنهي جو عمل هڪ ئي آهي يعني شين جو ادراڪ حاصل ڪرڻ پر عمل جو طريقو مختلف آهي. ٻنهي ۾ درجي ۽ عمل جي دائري جو فرق آهي. ثانوي تخيل بنيادي تخيل جي سڏ جو پڙاڏو آهي، ان جو بنياد نئين تعمير / ردِ تشڪيل تي آهي پر ان جي عمل ۾ شعوري ارادي [Conscious Will] کي دخل هوندو آهي.“ (5). سعيد جي شاعريءَ خاص طور هن طويل غزل ۾ ڪولريج طرفان بيان ڪيل تخيل جون اهي ٻئي صورتون موجود آهن. هيٺين شعرن ۾ انهيءَ حقيقت جي ادراڪ، تخيل جي نئين تعمير ۽ شعوري ارادي جي جھلڪ پسي سگھجي ٿي.

مان نه ٿو اڄ جهان ۾ ماپان

تنهنجو اسرار اڄ کُليو آهي

 

آهي جھوني زمين ڄڻ ڏاڏي

اڀُ، نيرو، ٻڍو ابو آهي.

 

پاڻي آهي زمين جي ٻڪ ۾

ٿو پيئي هو پکي اڃو آهي.

 

گل جا ڳل اڃا به آلا هن

پرهه جو، کيس ڪنهن چميو آهي

 

ذات جا الجھيل ڏٺا ڌاڳا

مون پئي منُ اکيليو آهي.

 

منهنجي سيني ۾ روڄ راڙو آ

دل ته ناهي، ڪوئي تڏو آهي

سعيد ميمڻ جو هي طويل غزل جنهن لاءِ خود سعيد جو چوڻ آهي ته ”جڏهن مون هي طويل غزل لکڻ شروع ڪيو ته ائين لڳو ڄڻ مون تخيل جي نامعلوم ڏسائن ڏانهن سفر شروع ڪيو آهي. مون محسوس ڪيو ته دنيا جون ساريون لذتون، زندگيءَ موت جا سڀ ذائقا منهنجي رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳا آهن. ائين لڳو نوان ادراڪ جا دروازا کلندا پيا وڃن، اندر ۾ بيشمار راز آشڪار ٿيندا پيا وڃن.“ (6) تنهن ڪري هي غزل در اصل سعيد جي اندر جي اجھاڳ مسافت، ننڊ ۽ جاڳ، خمار ۽ بي قراري توڙي تخليقي وجدان جو پرتوو آهي.

هي غزل مونکي ائين لڳو آهي

ڄڻ ته سپنن جو سلسو آهي

ــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

هڪ غزل ۾ سمائجي سڀ ڪجھ

پر هي ميدان ڪجھ ننڍو آهي

ــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

هي غزل تحفو آ پرين تنهنجو

هار تو لاءِ پوئيو آهي.

مونکي لڳي ٿو ته سعيد جو هي طويل غزل جنهن کي هو پاڻ ”ايڪويهين صدي جي اڪيلي انسان جو رزميو“ (7) سڏي ٿو اصل ۾ ان جي تخليق جو بنيادي محرڪ عشق آهي. ڇوته سندس هن طويل غزل ۾ عشق جون سوين صورتون نظر اچن ٿيون ۽ هو پاڻ به چوي ٿو ته عشق منهنجي دل جو ترجمو آهي:

مون پڇي ”عشق“ جي پئي معنى

دل چيو، منهنجو ترجمو آهي.

سعيد ميمڻ پنهجي هن ڊگھي غزل ۾ ڪٿي عشق کي پاراتو ٿو ڏئي جو ان هن جو گھر ويران ڪيو آهي ته ڪٿي سندس دل کي عشق حوصلو بخشي ٿو، ڪٿي عشق يوسف جو ويس ٿو ڦاڙي، ڪٿي هن کي عشق دل جي آرسي لڳي ٿو ته ڪٿي دستور سان بغاوت، ڪٿي عشق آجپي جو ماڳ آهي ته ڪٿي کيس عشق عيسى جي مسيحائي ۽ سقراط جو ڏيئو ٿو ڀاسي، ڪٿي عشق عرفان جي بلندي بڻجي ٿو ته ڪٿي رڻ جي تتل واري، ڪٿي عشق جوڳين جو جٿو آهي ته ڪٿي وري ڇولين جو غوراب، اهوئي عشق ڪڏهن آيت جيان مٿس لهي ٿو ته ڪڏهن عاشقن کي سوء نگاهون ٿو ارپي، ڪڏهن درياهه جو ڪنارو بڻجي ٿو ته ڪڏهن روحن جو پيچ ۽ دلين جو رابطو. ڪڏهن اهو اکڙين جو اوجاڳو ٿئي ٿو ته ڪڏهن پرهه جو خواب، ڪڏهن سندس من عشق جي قدم بوسي ڪري ٿو ڪڏهن وري کيس عشق هڪ موجزو ٿو لڳي. ص 64، 65 ۽ 66 تي سعيد لڳاتار ڏهه شعرن ۾ عشق جون الڳ الڳ وصفون ٻڌايون آهن. پر جڏهن فيض احمد فيض وانگر کيس ياد اچي ٿو ته زماني ۾ عشق کان سواءِ ٻيا به ڪيئي غم آهن ته ائين به چئي ڏئي ٿو ته:

عشق لئه وقت هاڻي ڪاٿي آ

دل چري! ٻيو گھڻو خفو آهي

سعيد جي هن طويل غزل جي کوڙ شعرن ۾ همعصر شاعرن واري فڪري يڪسانيت ۽ خيال جي ويجھڙائي به محسوس ٿئي ٿي، غزل جي مقرر وزن بحر ۽ ساڳئي قافيي رديف هجڻ جي ڪري اهڙي يڪ رنگي فطري به آهي. استاد بخاريءَ جي مشهور غزل جو مطلع آهي ته:

سامهون آهين ته حادثو آهي

ديد ۾ دل ۾ زلزلو آهي

سعيد جا هيٺيان شعر پڙهجن ٿا ته انهن ۾ به خيالن جو اهڙو ئي تاڃي پيٽو محسوس ٿئي ٿو:

ڪا قيامت آ ديد ۾ هن جي

منهنجي اندر ۾ ٿرٿلو آهي

يا

هن کي جنهن شخص ڀي ڏٺو آهي

تنهن جي دل منجھ زلزلو آهي

اهڙي طرح ساغر صديقي جو مشهور شعر آهي ته:

زندگي جبر ِمسلسل کي طرح کاٹي هے

جانے کس جرم کي پائي هے سزا ياد نهيں

سعيد ٿو چوي ته:

هي ته قيديءَ جي زندگي آهي

ڏوهه ڪهڙي جو ڏنڊ ڀريو آهي

جڏهن سماج ساڳيو هجي، حالتون ساڳيون هجن، ڪرب ۽ درد ساڳيو هجي، بي رخيون ۽ بي حسيون ساڳيون هجن ته پوءِ شاعرن جون ڪيفيتون مختلف ڪيئن ٿيون ٿي سگھن..... هڪ شاعر زندگيءَ جو مسخ ٿيل چهرو ڏسي سندس حسن جا نغما ڪيئن ڳائيندو. منهنجي هڪ غزل جو شعر آهي ته:

هر ڪا ظالم نظر نهاري ٿي

زندگيءَ جي اگھاڙي ڇاتي آ

ائين ئي سعيد جي هن طويل غزل ۾ هڪ شعر آهي:

زندگيءَ جي قميص آ ڦاٽل

بي وسيءَ بت پئي ڏٺو آهي.

سعيد جو هي طويل غزل پڙهندي هڪ اهڙو شعر به نظرن مان گذريو جنهن مان لڳو ته هن کي موجوده دور جي نقاد کان شڪايت آهي. جيڪو تخليق جي تراش خراش ڪري ان جي خوبين ۽ خامين کي اجاگر ڪري ان جو ملهه نه ٿو لهي ۽ ڪٿ نه ٿو ڪري.

ڪين آهي ڪو جوهري نقاد

سعيد! مٽيءَ ۾ سون پيو آهي

اهو سچ آهي ته سعيد جا سون جهڙا خيال هن بي حس سماج جي بي قدريءَ واري مٽيءَ جي ڍير ۾ گم ٿيل آهن جن کي ان مان ڪڍي ۽ انهن جو حقيقي مُلهه لهڻ جي ضرورت آهي. ورنه سعيد جي سماجي بيحسي واري هيءَ شڪايت اسان جي ڪنن ۾ سدا ٻُرندي رهندي.

بي حِسَن جي سماج ۾ رهندي

اي خدا! ڏاڍو ڀوڳيو آهي.

منهنجو خيال آهي ته سعيد ميمڻ جي هن ڊگھي غزل ۾ ”حدي خوانو“، ”دار و رسن“ ۽ ”ڪميت“ جهڙا ڀاري لفظ غزل جي فطري حسن ۽ رواني کي متاثر ڪن ٿا. سعيد جو لهجو سادو، معصوم ۽ نرم آهي هن جو فڪر سنڌ جي تهذيبي قدرن سان جڙيل آهي. تنهن ڪري اها منهنجي راءِ آهي ته سعيد جهڙي نج شاعر کي اهڙن ڌارين استعارن جي اوڌر جي ضرورت ناهي، جيڪي نه ته اسان جي ٻوليءَ ۾ مروج  آهن ۽ نه ئي اهي غزل جي نفاست، نغمگي ۽ روانيءَ سان پيا ٺهڪن، بلڪه ان قسم جا لفظ غزل جي فطري منطرنامي کي متاثر ڪن ٿا ان ڪري سعيد کي منهنجي صلاح آهي ته لفظن جو اهڙو اجايو اڊنمبر چڱو ناهي.

سعيد ميمڻ جي هن تخليقي تجربي ۾ نهايت حسين ۽ نراليون تشبيهون موجود آهن..... چنڊ دنيا جي سموري تشبيهاتي شاعري جو محور رهيو آهي، ڪنهن شاعر چنڊ کي محبوب جي مک سان ڀيٽيو آهي ته ڪنهن وري کيس گدري جي ڦار يا ٽٽل چوڙيءَ سان تشبيهه ڏني آهي، پر سعيد چنڊ کي ڪنهن پري رخ جي ڪٽيل نهن سان تشبيهه ڏئي ٿو، جيڪا بنهه نئين ۽ نڪور تشبيهه آهي.

نهن ڪٽيل آهه ڪنهن پريءَ جو يا

چنڊ تاريخ ٻيءَ جو آهي.

اهڙي طرح سندس هيءَ تشبيهه ڏسو، جنهن ۾ لاڪيٽ ٻن پهاڙن جي وچ ۾ چنڊ بڻجي بيٺو آهي:

چنڊ آ ٻن پهاڙين وچ ۾

تنهنجو لاڪيٽ ائين لڳو آهي

اياز چنڊ جي رنگ ۽ روپ کي پرينءَ جي صورت سان ڀيٽي ٿو ته، ڀٽائي محبوب جي حسن اڳيان چنڊ جي چانڊوڪيءَ کي تڇ ڀانئي ٿو. ائين ئي سعيد وري چنڊ کي هڪ اگھاڙو جسم ٿو سمجھي ۽ سندس اها عرياني کيس پسند آهي ڇوته ان اوگھڙ ۽ عرياني مان نور ڦٽي ٿو، تنهن ڪري هو چنڊ کي بادلن جي لباس ۾ قبول نه ٿو ڪري. ڇا ته خيال آهي:

چنڊَ! بادل سان ڍڪِ نه عرياني

ڪنهن بدن تُنهنجو پئي تڪيو آهي.

اها ڳالهه عام آهي ته شاعر سمنڊ جيڏي خيال کي چند لفظ جي ڪپڙيءَ ۾ وجھڻ جو هنر رکندو آهي. وقت، زندگي ۽ موت شعري جهان جا اهڙا استعارا آهن، جن تي تمام گھڻو لکيو ويو آهي. سعيد وقت کي درياهه جي رواني ۽ موت کي ڪُن سان تشبيهه ڏني آهي. اهي ٻئي تشبيهون نه رڳو تز آهن پر هِن شعر جي ٻن سٽن ۾ هُن وقت ۽ موت جي فلاسافي کي تمام سهڻي نموني سمجھايو آهي.

وقتُ، دياءَ جي رواني آ

موت ڄڻ ڪُن ڪو وڏو آهي

سعيد هي طويل غزل لکندي ڪيترائي اعتراف به ڪيا آهن. غزل کي فن جي تارازيءَ ۾ توريندڙن ۽ قافين کي زير ۽ زبر جي گھٽ وڌائيءَ جي ڪري رد ڪندڙ نقادن کي اڳ ئي چئي ڇڏيو اٿس ته منهنجي اندر ۾ خيالن اهڙو ته زلزلو مچائي ڇڏيو آهي جو ان تحرڪ جي ڪري منهنجو قلم بيساخته وهندو ٿو رهي، تنهن ڪري ٻيلي منهنجي هن غزل کي زير زبر واري پرک کان ٻاهر رکجو.

آنءُ زير ۽ زبر کي ڇا ڏسندس

منهنجي من ۾ ڪو زلزلو آهي

اڳتي هلي ان زير زبر ۽ تز قافين جي چڪر ۾ نه پوڻ جي جسٽيفڪيشن هن طرح ڏئي ٿو:

ٿورو آزاد قافيو آهي

مون غزل جو نه دم گھٽيو آهي

هي ڊگھو غزل لکندي سعيد کوڙ جاين تي قافين ۽ خيالن جو ورجاءُ ڪيو آهي پر جيئن ته هي غزل سندس جذبن جو وهڪرو آهي، تنهن ڪري ان وهڪ ۽ فلو ۾ ڪيئي خيال وري وري ڌوپي اجارا ٿي اچن ٿا. هن هيڏي ساري غزل جي خيالن کي هڪ ئي وقت سنڀالڻ خود هڪ مامرو آهي ۽ ان طوالت جي ڪري ڪٿي ڪٿي اگر ڀراءَ وارا شعر به اچي ويا آهن ته انهن کي به هن غزل جي اڏاوت جو هڪ ٽول سمجھڻ کپي. ڪنهن نقاد جي نظر ۾ اگر هن غزل ۾ ڪي فڪري ۽ معنوي جھول به هجن ته انهن کي هن ڊگھي سفر جي راهه جا ڪنڊا ۽ پٿر سمجھڻ کپي، جن کان سواءِ به سفر ۾ لطف ۽ لذت محسوس نه ٿيندي آهي.

هڪ شاعر جو ڪمال اهو آهي ته هو ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ ڳالهائي سگھي ٿو، هن جو فڪر ۽ تخيل زمان ۽ مڪان جي حدن کان اتاهون هوندو آهي. هو پنهنجي وجود ۾ اچڻ کان اڳ جي ڳالهه به ڪري سگھي ٿو ته فنا کان بعد جا قصا به ٻڌائي سگھي ٿو. هو وقت جي ڪنهن به ڇيڙي کي پڪڙي پنهنجي شعرن ۾ محوِ تڪلم رهي سگھي ٿو، تنهن ڪري هن کي وقت جي حدن ۾ قيد نه ٿو ڪري سگھجي. هو ڪالهه، اڄ ۽ سڀاڻي ۾ موجود هوندو آهي. سعيد جي هن غزل ۾ به اسان کي ڪجھ اهڙا شعر ملن ٿا:

ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي نه پنهنجي منَ

هي پتو هو ته ڪنهن ڪٺو آهي؟

ــــــــــــــــــــــــــــــــــ

”دردنامو“ حشر ۾ آ هٿ ۾

رب اڳيان دل نه ڪجھ ڪڇيو آهي.

سعيد ميمڻ جي هن طويل غزل ۾ انيڪ موضوع، ڪيفيتون ۽ منظر سمايل آهي. ائين ئي هي غزل پنهنجي اندر ڪيئي فڪري جهتون رکي ٿو. هن غزل جا ڪجھ شعر اهڙا به آهن جن تي صوفين وارو گيڙو ويس اوڍيل آهي. تصوف ۾ نفس جي غلامي کي قبول نه ڪيو ويندو آهي. سعيد انهيءَ صوفي فڪر کان متاثر ٿيندي چيو آهي ته:

نفس هر هر ڪئي ملامت آ

دل، گريبان کان وتو آهي

سعيد هي غزل لکندي وزن جي پورائي لاءِ ڪٿي ڪٿي لفظن جي اصليت کي بگاڙيو آهي. جيئن لفظ ”چيتو“ کي ”چتو“ ۽ ”پيسجي“ کي ”پسجي“ لکي ويو آهي. پر ساڳي جڳهه تي هو ”ڊاٻ“ (ڌوڙ)، ”جاڪون“  (جڏهن کان) ۽ ”حالي“ (هن وقت) جهڙا نج لفظ استعمال ڪري غزل جي زمين کي اهڙي خوشبو بخشي ٿو، جهڙي ڀونءِ مان اُٺي کان پوءِ ايندي آهي.

سعيد ميمڻ ”ازل جي آڏاڻي“ ۾ سماجي نا انصافي ۽ انياءَ جون ڪرب ناڪ ۽ لونءَ ڪانڊاريندڙ تصويرون به ڏيکاريون آهن. انهن مان هڪڙي تصوير ڏسو:

ڪيڏي معصوم ٻارڙي آهي

ڪالهه جنهن ساڻ ريپ ٿيو آهي

اهو انياءُ تڏهن ٿئي ٿو جڏهن ماڻهوءَ جي اندر جو انسان مري وڃي ٿو ۽ ان جي جاءِ تي بکيو بگھڙ اچي ويهي ٿو.

منهنجي اندر جو ڪاڏي ويو انسان؟

پاڻ ۾ مون بگھڙ ڏٺو آهي

سعيد جي اها خود ڪلامي ته ’پاڻ ۾ مون بگھڙ ڏٺو آهي‘ گلوبلائيز اِرا جي انسان جي منهن تي وڏي چماٽ آهي. ان خودڪلامي پويان لڪل طنز ۾ ٽين دنيا جي لکين ڏتڙيل ماڻهن جا سڏڪا ۽ آهون  به موجود آهن.

شاعرَ اميدن تي جيئندا آهن. اها اميد جي روشني هنن کي تاريخ جي سبقن منجھان ملندي آهي. تاريخ ڪيترن ئي ظلم جي ديوتائن کي تخت مان تختي تي پهچايو آهي ۽ فرعون، نمرود، هامان، شداد، هٽلر، اسٽالن، چنگيز، هلاڪو، نادر شاهه وغيره ظلم جي تاريخ جا اڻ مٽ ڪردار آهن، جن کي وقت ڊگھو رسو ڏنو هو پر نيٺ آخر اهو رسو سندن ئي ڳچي ۾ پيو. تاريخ جي ان منظر نامي جي سعيد کي ساڃاهه آهي تنهن ڪري هُن پنهنجي هِن غزل ۾ موجوده دور جي ظالمن سان ڪلام ڪندي تاريخ جي مٽيءَ مان هي شعر ڳوهيو آهي:

نيٺ هوندو ڳچيءَ ۾ تنهنجي

توکي حالي رسو ڊگھو آهي.

سعيد ميمڻ جي هن غزل ۾ ڪي شعر اهڙا به آهن، جن ۾ لفظن جي ٿوري هيرا ڦيريءَ سان مفهوم گھڻو بهتر ۽ واضح ٿي ويندو. جيئن:

حسن ڇا توتي ئي کٽو آهي؟

هڪ کان وڌ حسين پيو آهي.

هي شعر هن طرح لکجي ها:

حسن ڇا توتي ئي کٽو آهي؟

هڪ کان هڪ حسين پيو آهي.

سعيد ميمڻ جي هن طويل غزل ۾ انيڪ اهڙا شعر آهن جن ۾ بيان جو حسن، خيال جي بندش، علامتي شعور، محاڪات ۽ فڪري تازگي جھلڪي ٿي. هي غزل خيالن ۽ موضوعن جو گھاٽو جھنگ آهي. هڪ پاسي هن ۾ سنڌ جي ڪلاسيڪل ۽ لوڪ داستانن جا ڪردار ٿا نظر اچن ته ٻي پاسي جديد عهد جو درد. هي غزل تاريخ جا پيرا کڻندي تخليقِ ڪائنات جي رازن کي کوليندي وجود جي گھراين جي مسافت به ڪري ٿو ته انسان جي شعور جي ڪايا پلٽ ڪندي انيڪ اڻ ڇهين احساسن کي به پاڻ ۾ سمائي ٿو. هي غزل رڳو سعيد جي داخلي احساسن جو ڪٿارسس ۽ ماورائي حقيقت جو اظهار ناهي ۽ نه ئي ان ۾ رڳو وجودي فڪر جي مٽي ڳوهيل آهي پر ان مان سعيد جو سماجي شعور پڻ جھلڪي ٿو. سعيد جو هي فني ۽ تخليقي تجربو جديد سنڌي شاعريءَ ۾ هوا جي هڪ تازي جھوٽي وانگر آهي.

 

حوالا

 

1.    انصاري اسلوب احمد “تخليق اور تنقيد” سنگم پبلشرز  اله آباد 3، 1968، ص 23 ، 24

2.    اشعرنجمی (مدیر) کتابی سلسلہ’ اثبات‘،ممبئی، جلد دوم،شمارہ:7،2010، مقاله: “شعر: دو جملے” (معيد رشيدي) ص     45

3.    رضوی زبیر (مرتب) ’ذہن جدید‘،نئی دہلی جلد:21،شمارہ:59،دسمبر2010تافروری2011 مقاله “استعارے کا بھيد” (معيد رشيدي) ص 22

4.    ايضاً ص 37

5.    قریشی حیدر (مدیر) کتابی سلسلہ’جدیدادب‘جرمنی شمارہ:16،جولائی تادسمبر2011 ،  مقاله:“تخیل کی شرح” (معيد رشيدي) ص  74

6.       ميمڻ سعيد ”ازل جو آڏاڻو“ ڪنول پبليڪيشن قنبر 2016 ص 46

7.       حوالو ساڳيو ص 46

No comments:

Post a Comment