ڊاڪٽر احسان دانش
سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي جهان ۾ جهاتي پائڻ سان معلوم ٿيندو ته اها هڪ وڏي عرصي تائين موضوعاتي، فڪري ۽ تخليقي لحاظ کان محدود ۽ يڪ رنگيءَ جو شڪار رهي. سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ تي صدين تائين تصوف، توحيد، طريقت، هدايت، حقيقت، اخلاقيات ۽ روحانيت جو رنگ ڇانيل نظر اچي ٿو. طويل عرصي تائين سنڌي شاعريءَ ۾ فقهي ۽ شرعي مسئلن جي اپٽار ۽ مذهبي معاملن جي پچار نظر اچي ٿي. ڪن شاعرن رومانوي داستانن جي اوٽ ته ڪن جوڳين ۽ سنياسين جي معرفت صوفي فڪر ۽ شعور جو ڦهلاءُ ڪيو، پر سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ ڪي شاعر اهڙا به آهن، جن سنڌي شاعريءَ ۾ مروج فڪري لاڙن سان گڏ ڪن نين روايتن ۽ فڪري رجحانن جو رواج وڌو، ان حوالي سان ميين شاهه عنات رضويءَ جو نالو نهايت اهميت جو حامل آهي. شاهه عنات پنهنجي دور جو هڪ روايت شڪن شاعر هو ۽ هن جي شعري روايت فڪري ۽ تخليقي طور پنهنجي پيش رو شاعرن کان بنهه نرالي ۽ اڳتي آهي. اهڙيءَ طرح موضوعاتي طور به هن جي شاعريءَ ۾ کوڙ ساريون نيون جهتون نظر اچن ٿيون، جن مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي ته هو پنهنجي دور جو هڪ نواڻ پسند شاعر ۽ فڪري رهنما هو.
ميين عنات جي ڪلام ۾ رڳو تصوف ۽ وحدانيت جا ويچار موجود ناهن، پر هو مجازي عشق ۽ حسن جي ڳالهه به وڏي واڪي ڪري ٿو. مثلاَ سندس رسالي جي سرود کنڀات جا هي بيت ڏسو:
تارا او تارا، وَنِيون
وِڇاڻو پِرينِ جو
سيئي اڱڻ آئيا، جي جيءَ جا
جيارا
پَسِي
پيارا، اکينِ آسون پُنِيون.
(سُرود کنڀات، فصل 1، بيت 1، ص:98 ب)
چنڊَ! تهنجا ويٖڻَ، مونکي آهِينِ مَنَ ۾
الله لڳ عناتُ چئي، اِنَ نِياپي نيڻَ
سويٖرائِي سيڻَ، ڏسي تون ڏيکار مون
(سُرود کنڀات، فصل 1، بيت 8، ص: 101 ب)
اها موضوعاتي ۽ فڪري تبديلي ميين شاهه عنات کي کانئس اڳ وارن شاعرن کان مختلف ۽ منفرد بڻائي ٿي. هن وٽ محبوب جو تصور ان مجسم وجود سان آهي، جنهن کي اکين سان پَسي سگھجي، جنهن جي حسن ۽ جمال سان نيڻ ٺاري سگھجن ۽ جنهن جو وجود هن ڪائنات جي سونهن جو دليل لڳي. جيڪي جيءَ جيارا اڱڻ پير ڌرين ته اوسيئڙي ۾ پٿرائجي ويل اکين جون آسون پوريون ٿي پون.
اهڙيءَ طرح شاهه عنات سُر جمن ۾ وري محبوب کي ئي حقيقي معالج ڄاڻائي چوي ٿو ته نيم حڪيمن جي اڳيان پنهنجي اندر جو درد ظاهر نه ڪرڻ کپي، ڇوته اهو سور حبيبن جي هٿان ئي لهندو:
رَهِين پاسِ پِريَنِ،
ته ڪوههُ طَبِيبَ طَلبئيٖن
اَندَرِ جا، عِناتُ
چئي، ڏيٖکارِ مَ ڏَڏَنِ،
هٿئون حَبِيبِنِ، دِلِ جو
درد دفع ٿِئٖي.
(سُرود جمن، فصل 1، بيت 6، ص:93 ب)
پرينءَ سان درد جو رشتو هجڻ ۽ محبوب کي درد جو دافع ڄاڻائڻ مان، محبت جي ان نازڪ سُٻنڌ کي محسوس ڪري سگھجي ٿو، جيڪو احساس جي تند سان اڻيل هوندو آهي. اهڙي نازڪ خيالي ۽ فڪري نواڻ جا شاهه عنات جي شاعريءَ ۾ ڪيئي مثال ملن ٿا. جيئن:
پيالي پِريَنِ جٖي،
مونکي پُر ڪيو
ساقي! ان شرابَ مان، ڀري ڏي
ٻيو
گهمان مست ٿيو، اڳيان دَرِ
دوست جٖي.
(سُرود جمن، فصل 2، بيت 2، ص:95 ب)
پرينِءَ جي پيالي سان پُر ٿيل عاشق جلد ئي پياس جي رڻ ۾ ڀٽڪندو رهندو آهي ۽ ساقيءَ کان ور ور پيو گهرندو آهي، ڇوته پرينءَ اڳيان مست ٿي گھمڻ لاءِ مڌ جي چُسڪي جو چکندو رهڻ اڻ ٽر آهي. ظاهري طور شراب غفلت ۾ غلطان ڪري ٿو پر عشق جي مئي چکڻ سان ماڻهو هوشمند ٿي وڃي ٿو ۽ پرينءَ کي پسي عجيب ڪيفيتن جي سمنڊ ۾ غرق ٿي وڃي ٿو. ميين شاهه عنات کي سَري جي ان سرور جو پتو هو، ان مدهوشيءَ جي هوش جي خبر هئي، تڏهن ئي ته چيائين ته:
پرينءَ جو پياريو، تنهن پياليءَ پُر ڪِئو
سِڪَ منجھان سُپرين، ڀري ڏنِئون ٻئو،
منُ مست ٿئو، محبوبن ميخاني ۾
(سُر جمن، د 2، بيت 6، ص 16 ض)
اهو محبوب، جنهن کي ڏسندي من مست ٿي وڃي، شاهه عنات تنهن جي حسن ۽ جمال جا نغما به خوب ڳايا آهن، اهو هن جي شاعريءَ جو جمالياتي پاسوآهي، جنهن کي خاص طور سُر جمن ۽ سُر مومل راڻي ۾ پَسي سگھجي ٿو. ميين شاهه عنات جي شاعريءَ جو اهو جمالياتي فڪر پسڻ لاءِ هتي رڳو سندس ٻه بيت لکجن ٿا:
سِڄُ سُڀاڻِي جا ڪري، تهڙي لالائِي لِڱَنِ
پَلَڪ پِريان جي نه پاڙيان، چنڊُ ايُ سين تارنِ
شمسُ
سَهائي اڳرو، مُنهن ۾ محبوبَنِ
ڪئين قنديلَنِ اڳري، پيشانِي پِريَنِ
هِيُ جو
جُلوو جوت سندينِ، تِنهن تان
ڪوڙيٖن قربانيون ڪريان.
(سُرود کنڀات، فصل 1، بيت 13، ص: 104 ب)
گُلبدن جون گُجريون، اَرمَ اوڍيائون
چوٽا تيٖل ڦُليِلَ سيٖن،
واسينگ ويڙهيائون،
مُشڪ
محبت پاڻ ۾، لِڱيٖن لايائُون،
ڪوڏان پُوتائون
ڪَچُئان، سيٖلا سَنِڌيائُون،
اِهڙيَ
پر عِناتُ چئي، راڻو رانيائُون،
سَو
موٽي ڪينء پاهُون، جو وَڃي
ڪاڪِ قَرارِئو.
(سُرود مومل راڻو، فصل 1، بيت 1، ص: 226 ب)
علم الانسان ۽ تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هن ڌرتيءَ تي پيدا ٿيندڙ غير معمولي انسان پنهنجي ٻال وهيءَ کان ئي ٻين کان مختلف ۽ منفرد هوندا آهن. هو جنهن سماج ۽ ماحول ۾ رهندا آهن، ان کي به جيئن جو تيئن نه قبوليندا آهن، اهي پنهنجو ڌار رند ۽ پنڌ وٺندا آهن. ميين شاهه عنات جي زندگيءَ جي مطالعي مان به معلوم ٿئي ٿو ته هو شروع کان وٺي هڪ منفرد انسان هو. هن پنهنجي خانداني ريتن، رسمن، مذهبي، روحاني ۽ سماجي ٻنڌڻن جي پرواهه ڪرڻ بنا سدائين اهو ئي ڪيو، جنهن ۾ سندس مَنَ کي قرار پئي آيو. ڊاڪٽر بلوچ سندس ٻالڪپڻي تي روشني وجھندي لکيو آهي ته: ”شاهه عنات ننڍي هوندي قدري خود خيال ۽ رسمي پائبندين کان آزاد هو. کيس راڳ ٻڌڻ جو شوق هو ۽ هو آزاديءَ سان عام ڪچهرين ۾ اٿڻ ويهڻ لڳو. شروع ۾ وڏي ڀاءُ ميين احمد شاهه کيس منع ڪئي، پر آخر بيوس ٿي پنهنجو پاڻ پليائين. مقامي طور ڪي لنگھا ڳائيندڙ هئا جن وٽ شاهه عنات گھڻو اچڻ وڃڻ لڳو.“ (1) ان ڳالهه مان ظاهر آهي ته شاهه عنات منڍ کان وٺي شعر ۽ موسيقيءَ ڏانهن راغب هو۽ سادات گھراڻي سان تعلق هجڻ باوجود لنگھن سان ويهڻ ۾ ڪو عيب محسوس نه ڪندو هو. ان طرح اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته هن کي ان دور ۾ به طبقاتي سماج ۽ ڪلاس سسٽم واري سوچ قبول نه هئي.
ميين شاهه عنات جي شاعري ڳاهن جي ڳالهين کان اڳتي، ڀَٽَن ۽ ڀانن جي لوڪ رنگ ۽ رزميي جي راهن کان هٽيل، گنان جي گفتن کان مختلف ۽ منفرد ٿي ڀاسي. ڊاڪٽر اسحاق سميجي صحيح لکيو آهي ته: ”ميين عنات سنڌي سماج جي عوامي زندگيءَ جون نسل در نسل جذباتي ۽ ذهني ضرورتون پوريون ڪندڙ لغت ۽ لفظيات کي شعر لاءِ ڪتب آندو ۽ انهن جي روح ۾ موجود ترنم ۽ تجنيسي قوتن کي ڪتب آندو....... ميين شاهه عنات قديم شاعريءَ کي لوڪ، رزميه، قصي گو روايت مان ڪڍي، فني ۽ فڪري سطح تي هڪ نئين ۽ ڪلاسيڪل روايت جي درجي تي پهچايو..... موضوعي سطح تي به سنڌي شعر لاءِ نوان گسَ ميين عنات ئي ڳولي لڌا ۽ ان جي گٺل پيٺل عنوانن ۽ روايتي مذهبي معاملات مان جان آجي ڪرائي، ان کي زندگي ۽ سماج جي ويجهو وٺي آيو.“ (2)
شاهه عنات رضوي 22 سُرن تي مشتمل مڪمل رسالو ڏنو. جنهن کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سوڌي ۽ سنواري پهريون ڀيرو سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1963ع ۾ ڇپايو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو 2010ع ۾ ساڳي اداري طرفان شايع ٿيو. اهو رسالو ’ميين شاهه عنات جو ڪلام‘ جي عنوان سان ڇپيو، جنهن ۾ شاهه عنات جي ڪلام سان گڏ سندس پُٽن ۽ پوٽن جو ڪلام به شامل هو، جنهن کي حاشين ۾ ڏنو ويو آهي. تازو ئي 2019ع ۾ شاهه عنات جو سڄو سارو مڪمل رسالو ’ميين شاهه عنات جو رسالو‘ جي عنوان سان حضرت ميون شاهه عنات رضوي فائونڊيشن طرفان شايع ٿيو آهي ۽ سيد ضيا عباس شاهه ان کي نئين سر واڌارن ۽ سڌارن سان ترتيب ڏنو آهي.
شاهه عنات کان اڳ قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري ۽ ٻين شاعرن وٽ سنڌ جي عام قصن ۽ داستانن جي حوالي سان ڪجهه مخصوص ڪردار نظر اچن ٿا، جن ۾ سسئي پنهون، عمر مارئي، ليلان چنيسر، مومل راڻو، سهڻي ميهار، مورڙو، کاهوڙي ۽ جوڳي وغيره شامل آهن، پر شاهه عنات سنڌي اساسي شاعريءَ جي مالها جو اهڙو موتي آهي، جنهن مذڪوره قصن کان علاوه پهريون ڀيرو سنڌي داستانن راءِ ڏياچ ۽ مڱڻي، نوري ۽ ڄام تماچي، لاکي ۽ ريٻارين، ابڙي ۽ سامن تي پنهنجو ڪلام چيو ۽ وڻجارن، جوڳين، سامين، پوربين، ڪاپائتين، توڙي جکري جهڙن سخين کي به خوب ڳايو. انهن مان ڪجھ اهم ڪردارن کي ڀٽائيءَ به پنهنجي شاعريءَ ۾ خاص اهميت ڏني آهي، تنهن ڪري اسان چئي سگھون ٿا ته: ”شاهه عنات رضوي، سنڌي اساسي شاعري ۾ هڪ نواڻ پسند شاعر آهي. جنهن پنهنجي دور ۽ ان کان اڳ سنڌي شاعريءَ ۾ مروج لوڪ قصن سان گڏ و گڏ مذڪوره نون قصن کي پهريون ڀيرو پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳايو آهي ۽ انهن قصن جي اوٽ ۾ هن پنهنجي دور جي سماجي قدرن ۽ حالتن کي ظاهر ڪيو آهي. جيتوڻيڪ هن پنهنجن اڳين شاعرن جي فڪري تقليد به ڪئي آهي، پر سندس شاعريءَ ۾ ڪيئي نوان نڪور موضوع ۽ مضمون به نظر اچن ٿا.“ (3)
شاهه عنات جو نالو ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ ۾ ان ڪري ئي نهايت اهم ۽ نمايان آهي، جو هن سنڌي شاعريءَ ۾ کوڙ سارين فني ۽ فڪري روايتن کي جنم ڏنو ۽ اهي پهريون ڀيرو سنڌي شاعريءَ ۾ وارد ٿيون. هن پهريون ڀيرو سُر وار مڪمل رسالو ترتيب ڏنو، جيڪو الڳ الڳ داستانن تي مشتمل هو. هن وائيءَ جي صنف کي ادبي معيار عطا ڪيو ۽ وائي لکندڙ پهريون شاعر بڻيو، هن سڄيون ساريون 42 وايون سرجيون. * ان طرح مدح ۽ مولود جا ابتدائي آثار به شاهه عنات جي ڪلام ۾ ئي ملن ٿا. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ مجازي عشق ۽ حسن جا موضوع آڻي، سنڌي شاعريءَ ۾ موضوعي رنگيني ۽ نواڻ آندي ۽ علامتن ۽ اهڃاڻن وسيلي شاعريءَ ۾ سماجي فڪر کي به اوتيو. ان طرح بيت جي فن ۽ هيئت جي حوالي سان تجربا ڪيا ۽ گھڻ سٽا بيت لکي، ان جي دائري کي وڌايو ۽ ائين ڪلاسيڪي شاعريءَ کي هڪ نئون موڙ ڏنو. شاهه عنات پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌ جي رومانوي ۽ نيم تاريخي داستانن جي حوالي سان سڄا سارا سُر لکي، انهن جي اهميت اجاگر ڪئي ۽ ان طرح شاهه لطيف سميت پاڻ کان پوءِ ايندڙ شاعرن لاءِ ميدان هموار ڪيو. هو پهريون شاعر هو، جنهن پنهنجي شاعريءَ کي موسيقيءَ جي مڃيل سُرن تحت ترتيب ڏنو ۽ ڪلياڻ، کنڀات، رامڪلي، پرڀاتي، ڌناسري، پورب، سورٺ، سارنگ ۽ ڪاموڏ جي شڪل ۾ راڳ ۽ راڳڻين کي سموهي پيش ڪيو. هن جي ڪلام جي ٻولي ۾ نج سنڌي استعمال ٿيل آهي ۽ نج نبار لفظ ۽ محاورا نظر اچن ٿا، هن پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي استعارا توڙي تجنيسون، تلميحون ۽ تمثيلون ڪتب آنديون، سي کانئس اڳ سنڌي شاعريءَ ۾ اڻ لڀ هيون. ”هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي شاهوڪاري، ڳنڀيرتا، سادگي ۽ تجسس جي ڪري روانيءَ ۽ رنگينيءَ ۾ ڪمال ڪيوآهي. خيال بنهه ڳوڙها ۽ آفاقي فڪر هوندي به ٻوليءَ جي ايتري ته سادگي آهي جو سندس شاعريءَ کي عام ماڻهو به آسانيءَ سان پڙهي ۽ سمجھي سگھي ٿو.“ (4)
شاهه عنات رضويءَ جي سموري شاعري ڪيترين ئي فني ۽ فڪري ندرتن ۽ حسناڪين سان ڀريل آهي. ”شاهه عنايت پهريون شاعر آهي، جنهن جوڳين، ڪاپڙين، آديسين، سامين ۽ سناسين کي تفصيل سان ڳايو آهي. ’سيتپري‘ ۽ ’مهيسري‘ فرقن جا پهريون دفعو اهڃاڻ ڏنا اٿس، سندن تيرٿن ۽ هنگلاج جو ذڪر ڪيو اٿس، ۽ گورکناٿ ۽ ويرناٿ جهڙن مها جوڳين جا نالا کنيا اٿس.“ (5) ڊاڪٽر بلوچ مطابق ”شاهه عنايت پهريون شاعر آهي، جنهن مارن جي زندگي ۽ ٿر ۾ سندن ماڳن ۽ تڙن ۽ گاهن گلزارين کي نهايت ئي تفصيل سان بيان ڪيو آهي..... شاهه عنات پنهنجي رسالي جي سُر ڌناسري ۾ پهريون ڀيرو سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر جي صوفي درويشن ۽ ولين جا نالا کڻي کين ساراهيو آهي. هُنَ سُر جيتسريءَ تي پهريون ڀيرو ڪلام رچيو، پورب پار کان ايندڙ پوربين جي ذڪر سان گڏ قاصد ۽ ڪانگ جو پهريون ڀيرو سنڌي شاعريءَ ۾ تفصيلي ذڪر آندو ۽ ائين ئي ڪاپائتي جي مضمون کي به وضاحت سان بيان ڪيو آهي....ساڳي طرح شاهه عنايت پهريون شاعر آهي جنهن لاکي ۽ راءِ کنگھار بابت بيت چيو آهي.“ (6) عورت جي سونهن ۽ سوڀيا جي بيان جي حوالي سان شاهه عنايت جي شاعري بنيادي حيثيت رکي ٿي، ان طرح ڪنهن شاعر پهريون ڀيرو پنهنجي ڪلام ۾ عورت جي حسن ۽ جمال کي دل کولي بيان ڪيو آهي ۽ ان طرح شاهه عنات مجازي رومانوي شاعريءَ جو به بنياد وڌو آهي. ڊاڪٽر بلوچ مطابق: ”ميون شاهه عنات غالباً پهريون شاعر آهي، جنهن مڱڻي ۽ راءِ ڏياچ جي قصي کي پنهنجي بيتن ۾ ڪافي تفصيل سان ڳايو آهي.“ (7) ”سارنگ جي سُر ۾ ’سڄڻن ۾ مينهن‘ جي سرهائي واري مضمون جو غالباً ميون شاهه عنات موجد ۽ باني مباني آهي.“ (8) ”سنڌي شاعريءَ ۾ سهڻيءَ بابت پهريون بيت قاضي قادن جو ملي ٿو.... پر ميون شاهه عنات غالباً پهريون شاعر آهي، جنهن سهڻيءَ کي ايترو گھڻو ڳايو آهي.“ (9) هن پنهنجي رسالي جي سُر ڪاريئڙي ۾ پهريون ڀيرو هنج کي اهم علامت ۽ اعلى اهڃاڻ طور پيش ڪيو آهي.
اهي ايڏيون ساريون ڳالهيون ۽ فڪري رجحان جيڪي سنڌي شاعريءَ ۾ پهريون ڀيرو رواج ۾ آيا، انهن جو ڪريڊٽ ميين شاهه عنات ڏانهن وڃي ٿو، ان طرح اسان چئي سگھون ٿا ته هو سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو هڪ اهڙو اهم شاعر هو، جنهن تمام گھڻين روايتن جا بنياد رکيا، جن کي بعد وارن شاعرن اڳتي وڌايو. خاص طور شاهه لطيف جي شاعريءَ تي هن جي ڪلام جا فڪري اثر گھرا نظر اچن ٿا. جنهن جا کوڙ سارا مثال آهن. شاهه لطيف، ميين شاهه عنات کان عمر جي لحاظ کان ته گھڻو ننڍو هو، پر يقيني طور هو ٻئي هم عصر شاعر هئا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته: ”شاهه ڪريم وفات ڪئي (1030هه) ته ميون شاهه عنات ڄائو، ۽ ميين شاهه عنات وفات ڪئي (1120 ــ 1125هه) ته ڀٽائي صاحب جوان ٿيو، سنڌي شاعريءَ جي ارتقا جي سلسلي ۾، ميون شاهه عنات ڄڻ شاهه ڪريم ۽ ڀٽائي صاحب جي وچ واري عرصي جي تقاضا پوري ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو ۽ سنڌي شاعريءَ جي مقدار توڙي اقدار جي لحاظ سان هو اُنهيءَ وچ واري دور جو نامور اڳواڻ ۽ علمبردار شاعر هو.“ (10) موتي لعل جوتواڻيءَ مطابق: ”لطيف جڏهن 13، 14 سالن جو ٿيو ته سندس اٿڻ ويهڻ هالا حويلي کان ٻاهر به ٿيڻ لڳو، انهيءَ عمر ۾ سندس ويجھا تعلقات شاهه عنات رضوي سان نظر اچن ٿا. اهي تعلقات ميين شاهه عنات رضوي جي وفات (1712ع) تائين قائم رهيا.“ (11) ڊاڪٽر سڌايي پنهنجي ٿيسز ۾ لکيو آهي ته: ”لطيف سائين جڏهن به حويليءَ ۾ پريشان ٿيندو هو ۽ سندس اندر ۾ سوچ ۽ فڪر جو دونهون وڌيڪ جمع ٿيندو هو ته ان سوز ۽ درد کي مٽائڻ لاءِ، شاهه عنات جي اوتاري هليو ايندو هو.“ (12)
انهن شاهدين مان اهو معلوم ڪرڻ ڏکيو ناهي ته شاهه لطيف ۽ ميين شاهه عنات جي هڪ ٻئي سان ڪيتري صحبت ۽ سُٻنڌ هو. ايترو ئي نه پر شاهه لطيف جي شاعريءَ تي به هن جي ڪلام جي گھري ڇاپ نظر اچي ٿي، جنهن جا چٽا چوکا ثبوت شاهه جي رسالي ۾ موجود آهن. ڊاڪٽر بلوچ مطابق: ”ميين شاهه عنات قالب گھڙيا ته ڀٽائي صاحب اهي سوڌي سنواري ڀريا، ميين شاهه عنات ديوارون کنيون ته ڀٽائي صاحب عمارتون اڏيون، ۽ ميين شاهه عنات صورتون ايجاد ڪيون، ته ڀٽائي صاحب اهي روح ڦوڪي جاڳايون. ميون شاهه عنات ڄڻ ڀٽائي صاحب جي آمد لاءِ اڳواڻ بڻجي آيو ۽ اچي ميدان سنواريائين جنهن ۾ ڀٽائي صاحب پوءِ ڪؤنتل ڪڏايا.“ (13)
اهي شعري روايتون جن جو مٿي ذڪر ڪري آياسين ۽ جن جي شاهه عنات پيڙهه وڌي، تن کي شاهه لطيف وڌيڪ شانائتي ۽ ڀرپور انداز ۾ اڳتي وڌايو ۽ ڪمال درجي تي پهچايو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته شاهه سائين سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي فني ۽ فڪري جهتن کي ڪشادگي بخشي ۽ معراج تي پُڄايو، پر ان ۾ بنيادي طور سندس جن پيش رو شاعرن جو هٿ رهيو تن ۾ بيشڪ ميين شاهه عنات کي وڏي اهميت ۽ وقعت حاصل آهي. شاهه عنات جو رسالو کولي وري شاهه جو ڪلام پڙهبو ته اسان کي انيڪ بيتن جا پد ۽ سٽون بلڪل ساڳيون نظر اينديون، ان حد تائين جو ڪٿي ڪٿي چند لفظن جي ڦير ڦار کان سواءِ سڄي جو سڄو بيت به ساڳيو پَسبو، جيڪا ڳالهه شعري صنعت تضمين جي ذمري ۾ اچي ٿي. اها فڪري هم آهنگي ٻنهي شاعرن کي هڪ ٻئي جي ويجھو آڻي بيهاري ٿي. مثال طور ڪجھ مصرعون ڏسو:
شاهه عنات:
اَلَستُ
ارواحنِ کي جڏهن جاڳايو جبارَ
(سُرود ڪلياڻ، فصل 2، بيت 1، ص:88 ب)
شاهه لطيف:
اَلسَتُ اُرواحَنِ کي
جَڏِهن جاڳايو جَلِيلَ
(سُر سهڻي، ص: 250، ش)
شاهه عنات:
ٻُڪِي
ڏيندا ٻاجهَه جِي، نهارِي نارُون
(سُرود جمن، فصل 1، بيت 7، ص: 94 ب)
شاهه لطيف:
ٻُڪِي ڏِيندَا
ٻاجَهه جِي، آيا سُور
ڌَڻِي
(سُر يمَن ڪلياڻ، ص: 33، ٻ)
شاهه عنات:
ڳُڻين
پِرين رُٺامِ، اوڳڻ رُسي
سَڀ ڪو.
(سُرود پورب، فصل 3، بيت 3، ص: 209 ب)
شاهه لطيف:
اَوَڳُڻِ رُسي
سَڀَ ڪو، ڳُڻين
پِرِين رُٺامِ.
(سُر آسا، ص: 725 شاهواڻي)
رڳو انهن مصرعن ۾ ئي نه، پر ٻنهي شاعرن جي بيتن ۾ ٻيا به کوڙ سارا پد ساڳيا نظر اچن ٿا، جيئن ’الست ارواحن کي‘، ’سڪڻ ايءُ شرط‘، ’ٻُڪي ڏيندا ٻاجهه جي‘، ’ڀيڄ ڀني گھر آئيا‘، ’تون اڇو ۾ رات‘، ’ٿوهي ۾ ٿاڻو‘، ’سيني سنگھر رُڪَ جي‘، ’وِکَ وڌندي پاءِ‘، ’رات سهائي ڀون سنئين‘، ’ٻيڙي پُراڻي‘، ’قر ڦل ڦوٽا، پارچا‘، ’لُڙ لهرين لس ليٽ‘، ’مُلا معلم خبرون‘، ’واحد تن نه وسري‘، ’نانگا ننڊ نه ڪن‘، ’کِهه اکين سين‘، ’پائر جو پنهوار‘، ’اوڳڻ رُسي سڀ ڪو‘، ’ڳڻين پرين رُٺام‘، ’ننڍي وڏي ڳالهڙي‘، ’همه کي حقُ چوين‘، ’مون تي اکڙين‘، ’عشق نه ڪري اڌ‘، ’محبت پائي من‘، ’رنڊا روڙيا جن‘، ’ڪَتين نه ڪوڙي‘، ’چوڏهين ماهه چنڊ‘، ’ڪاهي آيا ڪاڪ تي‘، ’ڪنيزڪ ڪيچين جي‘، ’هلڻ سهان نه هوت جو‘، ’اي پَرُ ڪُپر هوءِ‘، ’هيڪلن حيلا‘، ’ڏونگر ڏيندئي ڏَسُ‘، ’پير ٺرندئي پٻَ ۾‘، ’ڪانهي ويل ويهڻ جي‘، ’چوڌاري تو چاري‘، ’هارين هر سنڀائيا’، ’سرها ٿيا سنگھار‘، ’مونکي مينهن ميڙيا‘، ’سرهيون سنگھاريون ٿيون‘، ’مهاران مَهي‘، ’سانڀاران ساهڙ جا‘، ’نا ته ڪُنن ۾ ڪير گھڙي‘ وغيره وغيره. ان کان علاوه ٻنهي شاعرن جي ڪلام ۾ ٿوري لفظي يا اکري ڦير ڦار سان ٻين به ڪيترن ئي بيتن جا پَدَ هڪ جهڙا نظر اچن ٿا.
اهڙي فڪري يڪ رنگي ۽ ويجھڙائيءَ سبب ميين عنات جي ڪلام مان کنيل جن محاورن ۽ تشبيهن کي ڀٽائي پنهنجي ڪيميا جهڙي ڪلام ۾ ڪتب آندو، تن کيس هڪ خاص لهجو عطا ڪيو، پر شاهه لطيف، ميين شاهه عنات ۽ کانئس اڳ وارن ڪلاسيڪي شاعرن جي فڪر ۽ فن کي وسعت ڏئي نه رڳو مڪمل ڪيو، پر عروج تي به پهچايو ۽ سنڌي شاعريءَ تي اهڙي گھري ڇاپ ڇڏي جيڪا اڄ تائين قائم آهي ۽ صديون قائم رهڻي آهي، ڇوته ڀٽائي جو ڪلام ڪڏهن پئي پراڻو ٿيڻو ناهي. غلام محمد گرامي درست لکيو آهي ته: ”شاهه جو روح آفرين اندازِ بيان توڙي دلنشين ۽ جاذبِ نگاهه فڪر و فن ته هر حال ۾ ميين عنات کان لک ڀيرا وڌيڪ عظيم آهي. شاهه جي ان تنوع ۽ انفرادي حيثيت جو مثال نڪو شاهه جي معاصرين ۾ پيدا ٿيو آهي ۽ نڪو شاهه کان پوءِ ئي ڪٿي نظر اچي ٿو، حتاڪه اڄ تائين شاهه جو فن سرفراز آهي، معنوي جامعيت جي لحاظ کان به شاعرانه ڪمالات جي معيار کان به.“ (14)
ميين شاهه عنات جي ڪلام جو فڪري ۽ موضوعي مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن جو ڪلام تصوف جي رمزن جي اپٽار سان گڏ رومانيت ۽ جماليات سان جنجھ آهي. ان ۾ گھري معنويت، وسعت ۽ سماجي شعور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ وطن دوستي، انسان دوستي، پورهئي جو قدر، پنهنجن حقن جي حصول لاءِ جدوجهد ۽ مزاحمت جهڙا ڪيئي موضوع ملن ٿا. هن پنهنجي ڪلام ۾ نه رڳو سنڌ جي ماڳن مڪانن ۽ جاگرافيائي اهڃاڻن جي عڪس بندي ڪئي آهي، پر سنڌ جي مسڪين ۽ مجبور ماڻهن جي ڏکن جي تصوير به پيش ڪئي آهي. هن جي شاعريءَ ۾ اسان کي ڌرتيءَ جو دک به نظر ايندو ته سنڌ جي خوشحاليءَ جون تصويرون به ڏسڻ ۾ اينديون. رسالي جا سُر کولي ڏسبا ته ڪي رومانوي ۽ نيم تاريخي قصن جي حوالي سان ترتيب ڏنل نظر ايندا، جهڙوڪه سُر مارئي، سُر ليلا، سُر مومل، سُر ديسي (سسئي)، سُر سورٺ، سُر توڏي (سهڻي) ۽ سُر ڪاموڏ (نوري). جن ستن ئي سورمين کي اڳتي هلي ڀٽائيءَ به شاندار نموني ڳايو. اهڙي طرح شاهه عنات جي ڪلام ۾ ٻيا سُر اهڙا به آهن، جن ۾ الڳ الڳ موضوع سمايل آهن. جيئن سُر ڪلياڻ ۾ واحد جي واکاڻ، خدا کان خطائن جي معافي، طبيب ۽ دارون، عشق جي پُر پيالن ۽ صوفين جي اوصاف جهڙن موضوعن کي بيان ڪيو ويو آهي، تيئن وري سُر کنڀات ۾ ميين عنات اسان کي چنڊ، ڪتين ۽ تارن جو ڏيهه ڏيکاريو آهي، سچَ جي لالائي پسائي محبوب جي سينگار جون ڳالهيون ڪيون آهن، ڪرهن ۽ چانگن جي چارن ۽ چندن جو هڳاءُ پَسايو آهي. ’سُر سريراڳ‘ ۾ ساگر جي سوداگرن جا احوال ٻڌايا آهن، سامونڊي سفر جون مشڪلاتون ۽ وڻجارن جي ونين جون آزيون هن سُر جو خاص موضوع آهن. ’سُر رامڪلي‘ ۾ جوڳين، ويراڳين ۽ سنياسين جي اڻانگي سفر جي ڪٿا کڻڻ سان گڏ سندن ڳُڻ ڳايا آهن. هنگلاج جي پنڌ جون مشڪلاتون پَسايون آهن، لاطمع ٿيڻ ۽ خوديءَ کي ختم ڪرڻ جا ڏسَ ڏنا آهن.
سُر پرڀات ۾ ميين عنات ڏاتار ۽ مڱتي جي رشتي کي واضح ڪندي سپڙ ڄام جي سخا جي ثنا ڪئي آهي. ان طرح سُر ڌناسري وري مدح جو سُر آهي، جنهن ۾ ميين شاهه عنات، مختلف بزرگن، پيرن ۽ ولين جي ساراهه جا ڍُڪَ ڀريندي عقيدت جو اظهار ڪيو آهي. اهڙن بزرگن ۾ شيخ عبد القادر جيلاني، غوث بهاءُ الدين ذڪريا، محي الدين ابن العربي، شاهه رڪن عالم، قائم دين، ڀاون شاهه، شيخ ڪبير، قلندر شهباز، شيخ فريد جهانيان، شاهه سخي پير، مخدوم محمد زمان، اويس قرني، لال لنجار، حيدر شاهه سنائي، ابوبڪر هارون، بدر الدين، ميران شاهه وغيره شامل آهن. سُر جيتسري ۽ سُر پورب ۾ قاصد ۽ ڪانگ جي ڪهاڻي آهي، جيءَ جياري جانب سان وصال جون خبرون آهن. سُر آسا ۾ پرين پَسڻ ۽ خود شناسيءَ جو سنيهو آهي، محبوب سان وصال ۽ فراق جا معاملا آهن، پڙهڻ ۽ پُرجھڻ جون ڳالهيون آهن. سُر ڪاپائتيءَ ۾ پورهئي جي اهميت اجاگر ٿيل آهي ۽ ڪاپائتين جي ڪرت ڏيکاري سجاڳيءَ جو سڏ ڏنو ويو آهي. سُر ڏهر ۾ ڪنڊي سان ڪچهري ته آهي پر ان ۾ گھرو ميسيج آهي، هن سُر ۾ ميين عنات لاکي ۽ ريٻارڻ جو به ذڪر آندو آهي ته صاحب جي سگھ بابت به ٻڌايو آهي. سُر بلاول وري سخا ۽ ديا جو سُر آهي، جنهن ۾ جکري جهڙي جوان جون ڳالهيون ۽ ڳُڻَ سمايل آهن. سُر سارنگ ۾ ٿر جي خوشحالي ۽ ميگهه ملهار جا منظر آهن، بادلن جي گجگوڙ ۽ کنوڻين جا کجڪاٽ آهن، پرين جون سارون ۽ سنڀارون آهن، اٺي اوڏڙي ٿيڻ جون آسون ۽ اميدون آهن ۽ سُر ڪارائڙي ۾ هنج جي علامت ۾ وڏو سنيهو سمايل آهي. ان طرح ميين شاهه عنات رضويءَ جو سمورو ڪلام بامقصد ۽ اعلى فڪر سان ڀرپور آهي، جنهن ۾ معنوي، موضوعي ۽ فڪري رنگيني ۽ گوناگوني نظر اچي ٿي.
شاهه عنات سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو اهڙو موتي آهي، جنهن پنهنجي رسالي جي ’سُر توڏي‘، ’سُر مارئي‘، ’سُر ديسي‘، ’سُر سريراڳ‘ ۽ ٻين سُرن ۾ عورت جي اندروني احساسن ۽ اڌمن جي نهايت خوبصورت تصوير ڪشي ڪئي آهي. اهي سُرَ پڙهندي لڳي ٿو ته ڪٿي عشق جي آڳ ٿي ڀڙڪي، ڪٿي ساڻيهه جي سِڪ ٿي ماري ۽ عورت مزاحمت جو رستو ٿي اختيار ڪري، ڪٿي عورت پنهنجي حق جي حصول لاءِ بي خوفيءَ سان جستجو جو رستو ٿي چونڊي ته ڪٿي وري پنهنجي وَرَ لاءِ انتظار ۽ اوسيئڙي جا ڏينهن ۽ راتيون ڪاٽيندي پنهنجي اندر جي فطري ۽ جنسي جذبن تي ضبط ٿي ڪري. انهن ۽ اهڙن ٻين سُرن ۾ اسان کي فڪر جون نيون ڌارائون ۽ نڪور موضوع ملن ٿا. دنيا جي ادب ۾ عورتازاد ادب يا Feminist Literature جو Term اسان پنهنجي ڪلاسيڪل شاعرن جي ڪلام کي سامهون رکي ڏسون ٿا ته ڪلهه جي ڳالهه ٿي لڳي. شاهه عنات جهڙي شاعر جڏهن صديون اڳي سهڻي، مارئي، سسئي ۽ وڻجاري جي ونيءَ جي جذبن، اڌمن، احساسن ۽ جرئتن کي پنهنجي ڪلام ۾ اڀاريو، تڏهن دنيا ۾ Feminist Literature جو ڪوئي وجود ڪونه هو. اهو هڪ نئون احساس ۽ فڪر هو، بلڪه ان کان اڳتي اهو چوڻ ۾ به ڪو وڌاءُ ناهي ته اها هڪ تحريڪ هئي، جنهن کي شاهه عنات کان پوءِ شاهه لطيف ڀرپور نموني اڳتي وڌايو ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن توڙي سنڌ جي جديد شاعرن به ان فڪر کي پنهنجي شاعريءَ ۾ اوتيو.
ميين شاهه عنات رضوي ’سسئي پنهون‘ جي رومانوي قصي جي پس منظر ۾ پنجن داستانن تي مشتمل ’سُر ديسي‘ لکيو آهي. شاهه لطيف کي ان قصي ايترو متاثر ڪيو، جو هن پورا پنج سُر، ’سسئي‘ تي چيا. سسئي سنڌي سماج جو هڪ اڏول ڪردار آهي، هوءَ هڪ غير معمولي عورت آهي، جيڪا پنهنجي ورَ جي تلاش ۾ رڻ لتاڙي، جبل جھاڳي، پير پٿون ڪري، سهسين سور سهي ۽ تڪليفون ڪاٽي ان منزل ۽ ماڳ جي جستجو ڪري ٿي، جتي سندس پنهل کي نيو ويو هو. سنڌ جي سڄي تاريخ ۾ اهڙي ڪا ٻي عورت نظر نه ايندي ۽ دنيا جي تاريخ ۾ به اهڙا ڪردار شايد ڳوليا نه لڀندا. ميين شاهه عنات جدوجهد جي فڪر کي اهميت ڏيندي سسئيءَ جهڙي حوصله مند عورت کي پنهنجي سورمي بڻايو ۽ هن لاءِ دعا به ڪئي ته:
ڪرڙا ڏونگر ڪيچ جا، جت سُڄنِ نَرَ
نيلا
اَچن اُت عِناتُ چئي، هيڪَليَ حِيُلا
جن جا وَر نه وَسيلا، تن ٻاتاڙَنِ
ٻيلي ٿئيٖن.
(سُرود ديسي، فصل 2، بيت 5، ص: 248 ب)
سسئيءَ جو اڏول ۽ اتاهن ڏونگرن ۽ لڪين سان واسطو هو، پر ساجن جي سِڪ ۾ هوءَ اُهي سڀ پارِ ڪندي ٿي وئي، هوءَ نه وڻڪار کان واقف هئي، نه ئي ڪيچ کان، پر پنهونءَ جي پير جي تلاش ۾ هن رڙهڻ کي راحت پئي ڀانئيو. ان ڪري هن تتيءَ ۽ ڪوسيءَ جي به ڪا پرواهه نه ڪئي. شاهه عنات پنهنجي هن بيت ۾ به کيس ڪجھ اهڙي ئي صلاح ڏئي ٿو ته:
تتَيَ ڪوسيَ ڪاههِ، ڪانهي ويٖلَ وَهڻ جِي
اُٿ
سسئي! ٻَڌُ سندرو، تنهنجو پنڌ پرانهون آهه
عشق آريَ ڄامَ جو، چقمق جينءَ چهٽاءِ
اکين مان، عِناتُ چئي،
پاڻي پِنبڻينِ واهه
ڪانهٖي
اُنِ اونداههِ، جن ڏٺو پير پنهونءَ جو.
(سُرود ديسي، فصل 4، بيت 10، ص: 265 ب)
اهو جستجو جو جذبو ۽ جولان جيڪو سسئي وٽ نظر اچي ٿو ۽ جنهن کي شاهه عنات پنهنجي رسالي جي ’سُر ديسي‘ ۾ بيان ڪيو آهي، اصل ۾ اسان کي اجتماعي قومي جذبي لاءِ به اتساهي ٿو ۽ نين راهن جي تلاش لاءِ رستي جي تڪليفن کي نظر انداز ڪرڻ جو حوصلو به ڏئي ٿو. اهو فڪر ئي اڄ جي دنيا لاءِ به رهنما آهي، اڄ به منزل جي حصول لاءِ جستجو، جاکوڙڻ ۽ پسپائيءَ کان پري رهڻ جي ضروت آهي:
سدا سورَ نه هون، گوندر وڃن گذرئو
اوکي جا ”عنات“ چئي، پهر ٿورائي پون،
چڱا ايهيين چون، ته دَرُ نه مٽجي دوس جو.
(سُر ديسي، داستان 5، بيت 15، ص: 150، ض)
شاهه عنات ۽ شاهه لطيف جي ملاقاتن جي سلسلي ۾ هڪ عام روايت اها به آهي ته ميين عنات، ڀٽائي صاحب کي سُر مارئي چوڻ جي تلقين ڪئي هئي ۽ شاهه لطيف وري کيس سُر سسئي چوڻ لاءِ عرض ڪيو هو، پر ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان روايت جي ترديد ڪندي لکيوآهي ته: ”ميين شاهه عنات جو مهراڻي ۽ ٿر سان گھڻو واسطو هو ۽ انهيءَ ڪري جڏهن مارئيءَ بابت بيت چيائين ته مارن جي رهڻي ڪهڻي توڙي ٿر جي ماڳن ۽ تڙن، گاهن ۽ ڏٿن جو تفصيل سان دلڪش پيرائي ۾ نقش چٽيائين. جڏهن نوجوان لطيف جي ميين شاهه عنات وٽ اچ وڃ ٿي ته هو انهن بيتن کان نهايت متاثر ٿيو. اهو مذڪور غالباً خود ڀٽائي صاحب جي مجلسن ۾ هليو، ۽ کانئس پوءِ جڏهن ان بابت ڳالهيون هليون ته ڪن اٻوجھن ڄاتو ته ان ۾ ڀٽائي صاحب جي گھٽتائي ٿي ٿئي، البته ان حقيقت جي انڪار ڪرڻ بدران ائين چوڻ شروع ڪيائون ته ميين شاهه عنات ڀٽائي صاحب کي مارئيءَ طرف متوجه ڪيو ته ڀٽائي صاحب وري ميين شاهه عنات کي سسئي جي واٽ ڏسي.“ (15)
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته شاهه عنات جو سُر مارئي مٽيءَ سان محبت ۽ وطن دوستيءَ جي فڪر سان ڀرپور سُر آهي، جنهن ۾ هن مارئي کي هڪ مثالي ڪردار طور پيش ڪيو آهي ۽ حب الوطني جي اعلى سماجي قدر ۽ فڪر کي ڀرپور نموني اڀاريو آهي. مارئيءَ جو روح پنهنجي مارن لاءِ سڪي ٿو ۽ هوءَ آخري پل تائين پنهنجي لوئي ۽ لڄ جي حفاظت لاءِ پتوڙيندي رهي ٿي. شاهه عنات جو هيٺيون بيت سُر مارئيءَ جو هڪ اهڙو بيت آهي، جنهن ۾ مارئيءَ جي پنهنجي مارن لاءِ سڪ ۽ اڪير کي ڀليءَ ڀت محسوس ڪري سگھجي ٿو:
مهنجون ماروئڙن سان، هَڏَ هي
روح رَڳُون،
اُني
ريٖ، عِناتُ چئي، جدا ڪينَ جِئان
پَــــلُــرُ شــال پِئــــانُ،
وڃِــي ويڙيچن سين.
(سرود مارئي، فصل 2، بيت 5، ص: 142)
مارئيءَ جو پنهنجي ماروئڙن سان روح ۽ رڳن جو رشتو هو، جن کان سواءِ هن جيئڻ جو تصور ئي نه پئي ڪيو. هن جي اُڃ وطن جي پوتر پاڻيءَ سان اجھڻي هئي، تنهن ڪري هن کي هر وقت انهيءَ پَلُرَ جي پياس هئي. اهو وطن دوستيءَ جو فڪر شاهه عنات سُر مارئيءَ ۾ ڀرپور نموني اجاگر ڪيو آهي:
مارُو مائٽَ
مُهنجا، سومرا! سيئي
وِهَنِدي
ڪِينَ وَسَ لڳي، جا اُنِ
پَنارٖي پيٖئِي
سَتين کي، سيد چئي، اُماڻِج
نيٖئِي
وٽان جن ويئي، تَن
گڏجٖي گامويُنِ کي.
(سرود مارئي، فصل 2، بيت 7، ص: 142)
ٿڌو واءُ ٿرن جو، مُنهن سامهون ماءِ!
سُپيريان جي ساءِ، وَهند وَسندي ڀانئيان.
(سُر مارئي، داستان 3، بيت 10، ص: 60 ض)
مارئي سنڌ جو هڪ اهڙو داستان آهي، جنهن مان ديس جي مٽيءَ جي مهڪ محسوس ٿئي ٿي. هي سُر وطن سان اُٽٽ عشق سان مالا مال آهي. هڪ پاسي وقت جو حاڪم عمر سومرو آهي ته ٻئي پاسي بظاهر هڪ ڪمزور عورت مارئي. پر مارئي عمر جي ڪوٽ ۾ قيد ٿيڻ باوجود پنهنجي ست ۽ لڄ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، هوءَ ڪمزور ته آهي، پر سندس حوصلا بلند آهن. مارئي رڳو سنڌ جي تاريخ جي ئي نه پر انساني تاريخ جي انهن ڪردارن مان هڪ آهي، جن ظلم جي ريت کان انڪار ڪيو ۽ ڪمزور هجڻ باوجود مزاحمت جو رستو اختيار ڪيو. مارئي پنهنجي وطن ۽ ماڻهن سان ايتري ته ڪميٽيڊ ۽ جُڙيل هئي، جو ان داستان کي دهرائيندي ڏسون ٿا ته هوءَ هڪ پل لاءِ به ان کان غافل نظر نه ٿي اچي. هوءَ سدائين ملير ۽ مارن کي پئي چيتاري ۽ عمر جي هر آڇ کي ٿڏيندي ٿي رهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مارئي سنڌي سماج جو هڪ غير معمولي ڪردار آهي، جنهن وسيلي ميين شاهه عنات هڪ پاسي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ مزاحمت واري فڪر جي پچار ڪئي آهي ته ٻي پاسي مٽيءَ سان ازلي محبت واري رشتي کي اهميت ڏيندي ۽ پنهنجن ماڻهن سان جُڙندي وطن دوستيءَ جي عظيم فڪر کي ڦهلايو آهي:
اکيون اباڻن ڏي، وِلهيون وِهاميون راتِ،
سُتيون ڪين سيد چئي، وائي ويڙهيچن واتِ،
سومرا ساعات، سَهان ڪين سنگھارن ري.
(سر مارئي، داستان 1، بيت 19، ص: 49 ض)
..............
ڪريان عرض الله کي، پرههَ پاند کڻي،
مارو منهنجي ملير جا، مون کي ميڙ ڌڻي،
آهيم آسَ گھڻي، تن وانگين ۽ ولهارن جي.
(سرود مارئي، داستان 1، بيت 20، ص: 49 ض)
.............
سنگھارن جي سنڀارَ، سدا اٿم سومرا،
اکيون اباڻن لئي، وسن ويرو تار،
پنهوارن پچار، راتو ڏينهان روح ۾.
(سُر مارئي، داستان 1، بيت 21، ص: 49 ض)
مارئيءَ کي رڳو پنهنجن مارن ۽ سنگھارن جي سار آهي، هن جي وات تي ويڙهيچن جي وائي آهي ۽ هوءَ کين هڪ پلُ به نه ٿي وساري. هوءَ پرهه ڦٽيءَ ويل پاند جھلي ملير جا مارو ميڙڻ لاءِ مولا کي عرض ٿي ڪري، ڇوته وانگين ۽ ولهارن جي سڪ کيس ستائيندي ٿي رهي، کين ساريندي هن جا نيڻ ٽمندا ٿا رهن ۽ رات ڏينهن سندس روح ۾ پنهوارن جي پچار آهي. پنهنجي وطن ۽ ڪکن، پنهنجن مارن ۽ سانگين سان سڪ ۽ محبت جو اهڙو رشتو يقيني طور اَملهه ۽ بي مثال آهي. مارئيءَ جو پنهنجي ڌرتيءَ سان جُڙيل اهو سڪ جو سڳو ايترو ته مضبوط آهي، جو جڏهن عمر سان مخاطب ٿئي ٿي ته به چوي ٿي ته:
عمر اکڙيون، سڪن ٿيون ساڻيهه کي.
(سُر مارئي، داستان 1، بيت 28، ص: 51 ض)
ڳالهه اتي ختم نه ٿي ٿئي. مارئيءَ جو پنهنجي وطن ۽ ماروئڙن سان اهڙو ته اٽُٽ رشتو آهي، جو هوءَ عمر جي بڇڙي بندي خاني ۾ سومري حاڪم کي وڏي واڪي چوي ٿي ته تون ڀل منهنجو ڪنڌ ڪوري ڇڏ، پر منهنجو پنهنجن ماروئڙن سان تعلق ٽٽي نه ٿو سگھي. اها بي ڊپائي ۽ للڪار مارئيءَ جو تعارف آهي. اها بي باڪي ۽ مزاحمت ۽ ظلم جي سنگينن اڳيان سينو تاڻي بيهڻ جي جرئت ڪو مارئيءَ کان سکي!
بندي خانو بڇڙو، گھوريو عمر بند،
سچُ چوان ٿي سومرا، توڙي لاهين ڪَنڌُ،
اصل آسا بند، منهنجو ماروئڙن سين.
(سر مارئي، داستان 1، بيت 32، ص: 51 ض)
مارئيءَ کي هر وقت پنهنجن سانگين جي سار ۽ ڳڻتي آهي، هوءَ اگر گھٻرائي ٿي ته انهيءَ ڳالهه کان ته ڪٿي وقت جو حاڪم عمر منهنجي ڪري منهنجن جھانگين سان نه جھيڙي. سچ ته هن کي قيد بند جون تڪليفون تڇ ٿيون لڳن ۽ عمر کي اگر التجا به ڪري ٿي ته پنهنجن ماروئڙن لاءِ:
تن جھانگين ساڻ مَ جھيڙ، جن جا ٿاڪَ ٿرن ۾.
(سُر مارئي، داستان 2، بيت 6، ص: 54 ض)
سُر مارئيءَ ۾ ميين شاهه عنات سڄا سارا ٽي داستان / فصل لکيا آهن، جنهن ۾ 78 بيت ۽ ٽي وايون شامل آهن، اهو سمورو ڪلام انساني آزاديءَ جي بنيادي حق، ظالم قوتن کي للڪار، مزاحمت ۽ حب الوطنيءَ جي عظيم فڪر سان سرشار آهي.
ميين عنات پنهنجي رسالي ۾ ’سُر توڏي‘ سهڻي ميهار جي رومانوي داستان تي لکيو آهي، هن سُر ۾ شاهه عنات عورت جي پسند واري حق کي هٿي ڏيندي سهڻيءَ جي عشق کي اڀاريو آهي، جيڪا اڌ رات جو درياهه پار ڪري ميهار سان ملڻ لاءِ ويندي هئي. هي هڪ بولڊ عورت جو داستان آهي، جنهن ۾ بظاهر سهڻيءَ جو ڪردار منفي نظر ايندو، ڇوته هوءَ هڪ پرڻيل عورت هئي ۽ اڌ رات جو گھڙي تي درياهه پار ڪري هڪ غير مرد سان ملندي هئي. اسان جي اڄوڪي سماجي نظام، ريتن روايتن ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ جي ذهني لاڙن مطابق اهو سڌو سنئون ڪارو ڪاريءَ جو معاملو آهي، پر شاهه عنات ان داستان کي اهميت ڏئي حقيقت ۾ پاڻ کي هڪ روشن خيال شاعر ثابت ڪيو آهي. اصل ۾ ان داستان کي اهميت ڏيڻ سان ان فڪر کي هٿي ملي ٿي، جنهن مطابق ڪنهن به عورت کي پنهنجي پسند جو حق ۽ اختيار هجڻ کپي، ان کي زوري ۽ زبردستيءَ ڪنهن جي پاند ۾ ٻڌي ڇڏڻ ظلم آهي ۽ ان ظلم کان بغاوت ڪرڻ سندس حق آهي. سهڻي پنهنجي انهيءَ حق کي سمجھندي پنهنجي مَنَ جو آواز ٻڌو ۽ هن جي دل ۾ ميهارَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه هو، تنهن ڪري هوءَ جڏهن مئي متي مهراڻ ۾ تيز تکين لهرن جي وچ ۾ ۽ خطرناڪ ڪُنن جي آس پاس کان ٿيندي، پنهنجي اندر ۾ ميهار جي سڪ سانڍي ساڻس ملڻ لاءِ وئي ته کيس ڪو به خوف محسوس نه ٿيو:
گِھڙي اُنهيءَ گھيڙَ تان، جتي لهر لالائي،
ڪنبي ڪين ڪُنن ڀرِ، توڙي گھيڙن گھرائي،
هُيس سڪَ سيد چئي، جنهن لُڙئون لنگھائي،
مولي ملائي، محبتي ميهار کي.
(سر توڏي، داستان 1، بيت 6، ص: 162 ض)
ميين شاهه عنات رضويءَ جون ست ئي سورميون انفرادي طور پنهنجو مٽ پاڻ آهن، پر هن جي ڪلام ۾ هڪڙيون اجتماعي سورميون پڻ نظر اچن ٿيون، اهڙين سورمين ۾ سُٽ ڪتيندڙ ڪاپائتيون ۽ وڻجارن جون ونيون شامل آهن. اهي سمورا عورتاڻا ڪردار شاهه عنات بعد شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ لاءِ چونديا ۽ انهن کي معراج بخشيو.
وڻجاري جي وني جڏهن سامونڊي سفر تي ويل پنهنجي ورَ کي ساري انتظار جي سوريءَ تي ٽنگبي آهي ته سندس من جون ڪيفيتون ئي عجيب ٿي وينديون آهن، هن جي دل ۾ ڪيئي خدشا ۽ وسوسا اچي ويهندا آهن، ملڻ جي موسم ۾ هن کي اوسيئڙي جون گھڙيون ڊگھيون لڳنديون آهن. هوءَ ساحل تي اچي ڌڻيءَ کان دعا گھرندي آهي ۽ جڏهن کيس ستت ئي سڻائي خبر ملندي آهي ته کيس وصل جو ويساهه حاصل ٿي ويندو آهي. هوءَ پنهنجي وَرَ کي پنهنجي من جو بادشاهه ڄاڻندي آهي:
اُلَٿٖي سڄَ آئِي، دُعا مَڱَڻَ درياءَ تٖي،
جَرَ تَڙِ ڏِئا
ٻوهِيان، اَچن اِلاهي!
خَبَرَ کِيانتَنِ
جي، پَييَسِ سَڀائِي
ويٖساَهه
واڌائِي، پلئه پاتَسِ پاتِشاهه.
(سرود سريراڳ، فصل 2، بيت 2، ص:119)
ميين شاهه عنات جي شاعريءَ ۾ جدوجهد. سجاڳيءَ ۽ سچ جو سنيهو موجود آهي. هو ان فڪر جو پرچارڪ آهي، جنهن موجب هن ڌرتيءَ جا سڀ انسان برابر آهن ۽ ڪوبه ننڍو ۽ وڏو ناهي. اهو ئي سماجي فڪر هو، جنهن کي صوفي شاهه عنايت شهيد ’جو کيڙي سو کائي‘ واري نعري سان اڳتي وڌائي عملي جدوجهد ڪئي ۽ شهادت ماڻي هئي. ميين شاه عنات جي ڪلام ۾ طبقاتي سماج ۾ برابريءَ جو پيغام، سماج جي ورسيل طبقي جي هيڻن سان همدرديءَ جا ڪيئي مثال ملن ٿا. هن پنهنجي رسالي ۾ ڄام تماچي، سپڙ ڄام ۽ ڄام جکري جهڙن ڪردارن وسيلي ان روشن خياليءَ واري فڪر جو ڦهلاءُ ڪيو آهي. اهڙي انسان دوست سماجي فڪر کي عام ڪرڻ ۽ حاڪم ۽ محڪوم کي برابر بيهاري سماج مان طبقاتي تضاد کي ختم ڪرڻ واري خيال کي هٿي وٺرائڻ لاءِ شاهه عنات رضوي ۽ کانئس پوءِ شاهه لطيف جهڙي شاعر اهم ڪردار ادا ڪيو. ميين شاهه عنات جي شاعريءَ ۾ سماج جا ڪيئي انوکا ڪردار ڏسڻ ۾ ايندا، جيڪي آئيڊيل جي حيثيت رکن ٿا. هن جي شعرن ۾ هڪ طرف اٻوجهه ۽ اگلڙا آهن ته ٻي پاسي سخي ۽ ڏاتار:
هِن سَرَ آئٖي ڪو، آبَ اُڃيو ئي نه رهي
راءَ وٽ رهٖي جو، تنهن کـــي جُکي جانڪيتان نه ٿئي.
(سرود پرڀات، فصل 2، بيت 6، ص: 165)
”مٿين بيت ۾ ان سخي ۽ ڏاتار جو ذڪر آهي، جيڪو رڳو ڏيڻ ڄاڻي ٿو، جنهن جي در تان ڪو خالي نه ويو آهي، جنهن وٽ لوڪ جي ڏک ۽ درد جو دارون آهي. اهڙا ڪردار يقيني طور تي سماج جا آئيڊيل ڪردار هوندا آهن. جڏهن ماڻهو معاشي تنگي ۽ بدحالي سبب عجيب جوکم جو شڪار بڻجي سماج ۾ ڌڪار جي لائق ٿي ويندو آهي ته کيس ڪنهن اهڙي سهاري جي ضرورت پوندي آهي جيڪو سندس درد جو دافع ٿئي ۽ من جي مونجهه ختم ڪري. اهڙي حالت ۾ منجھيل ماڻهوءَ جي مدد ڪندڙ سخي مرد ڪنهن شفاف تلاءَ وانگر لڳندو آهي، جتي ڪيترائي اُڃا پنهنجي اُڃ اُجهائيندا آهن.“ (16)
مڱڻا! مڱج ڄامَ کي، صُبح
جو سارٖي
پِي
سڀٖيئِي پُر ٿئا، جي اچنِ ان
جي اوتارٖي
سيد چئي،
سوالين کي، کِليو کِيڪارٖي
وييٖون
ٿو واريٖ، چوٽاڻي چِتِ ڪِئو.
(سُرود پرڀات، فصل 2، بيت 5، ص:165)
سماج ۾ چڱا ۽ مَٺا ڪردار گڏ گڏ هوندا آهن. جتي سنڌ جي حاڪم عمر جيان ٿر جي مارئيءَ کي ڪوٽن ۾ قيد ڪندڙ حڪمران به نظر ايندا ته جکري جهڙا انسان دوست ۽ سخي مرد پڻ. مختصر اهو ته معاشري ۾ هڪڙا ماڻهو ڏيندا آهن ته ٻيا وري ڏکائيندا آهن. شاهه عنات جي هيٺين بيت ۾ سماج جي هڪ اهڙي ڳڻائتي انسان جو ذڪر آهي، جيڪو ٻين جي خطائن کي درگذر ڪري ٿو.
اسين اُهي ئي، جي ڌريان آنهنجا ڌاريا
اَوڳڻ ڪري، عنات چئي، آيا سون پيهي
سڄڻ سڀيئي، اوڳڻ مٽائي ڳڻ ڪرين
(سرود ڌناسري، فصل 2، بيت 19، ص 181 ب)
”مٿين بيت کي ڪو روحاني رمزون سمجھائيندڙ ڀلي خدا ۽ بندي جي رشتي سان جوڙي، پر حقيقت ۾ شاهه عنات ان بيت ۾ انسان کي انسان جي سامهون بيهاريو آهي. هي سماج ئي آهي جيڪو انسان کي سُٺو ۽ برو بڻائي ٿو، اهو معاشرو ئي آهي جتي ماڻهو هڪ ٻئي جو ڏوهي ٿئي ٿو ۽ پنهنجن جي دل ڏکائي ٿو. اهي ماڻهو عظيم هوندا آهن جيڪي پنهنجن جي خطائن کي در گذر ڪندا آهن. مٿين بيت ۾ شاهه عنات ماڻهو جي احساس جرم جي اعتراف واري ڪيفيت کي بيان ڪيو آهي ۽ سماج جي ان فرد مان چڱائي جي توقع رکي آهي، جيڪو بااختيار آهي ۽ اوڳڻ مٽائي ڳڻ ڪري سگھي ٿو.“ (17) اهو انسان دوستيءَ وارو فڪر ميين شاهه عنات جي ڪلام ۾ جا بجا نظر اچي ٿو.
شاهه عنات کان اڳ سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن مان قاضي قادن ۽ شاهه لطف الله قادريءَ پنهنجي ڪلام ۾ جوڳين، سنياسين، ڪاپڙين ۽ پوربين جو ذڪر آندو آهي. جوڳي هڪ سمبل آهي، جدوجهد، جاڳ ۽ جستجو جو، هن جي هميشه منزل تي نظر رهندي آهي ۽ رستي جي جوکم کي ليکي ۾ نه آڻيندو آهي. شاهه عنات خاص طور ’سُر رامڪلي‘ ۽ ’سُر پورب‘ ۾ جوڳين، آديسين ۽ سنياسين جو خوب ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن ڪردارن وسيلي سماج ۾ سهپ، رواداري ۽ انسان دوستيءَ جي فڪر کي عام ڪيو آهي. اهي گودڙي پوش آديسي ڳڻائتا انسان آهن، جن ۾ اڪيچار خوبيون موجود آهن. هنن جي دلِ ڪيني، ڪدورت ۽ حسد کان پاڪ هوندي آهي:
من ۾ ماريائون، ڪينو ڪڍي ڪاپڙين.
(سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 18، ص: 38 ض)
هنن وٽ هَٺُ، وڏائي، غرور، تڪبر، پاڻ پڻو ۽ آپو نه هوندو آهي:
ويراڳين ويو، هئڻُ هَٺُ، هنئين مان.
(سُر رامڪلي، داستان 3، بيت 1 ص: 41 ض)
هُنن جي منَ ۾ لوڀ ۽ لالچ نه هوندي آهي ۽ جتي عام ماڻهو وڃڻ ۾ عيب ڀائيندا آهن، هو اُتي وڃڻ ۾ به عارُ محسوس نه ڪندا آهن. هنن جو پنڌ نرالو ۽ سندن اڳيان هڪ عظيم مقصد هوندو آهي:
طمع جِي تمامُ، مورُ نه اَٿنِ مَن ۾
پِنَنَ ڪِينَ پَٽَ کَڻي، گودڙيارا گامُ
جِتان
لوڪَ لَڄَ ٿئي، اُتِ آديسين آرامُ
راوَلَ گھُرِي
رامُ، ڪونرَنِ جِينُء ڪڪورئا.
(سُرود رامڪلي، فصل 1، بيت 9، ص:128)
ميين شاهه عنات، جوڳيءَ کي سدا متحرڪ ۽ سجاڳ انسان طور پيش ڪيو آهي، اُهي اوجاڳي جا هيراڪَ آهن، جن لاءِ سمهڻ سورُ آهي، جوڳي اهو آهي، جنهن کي پرينءَ جي پورَ ويراڳي بڻايو آهي:
اوجاڳٖي کي آڪِرا، اوءِ سُمهڻ ڀانئينِ سُور
اِيَ پَرِ آديٖسيِنِ جي،
گَھر ڏانہُ ڪن نه گھورَ
ڪَنهن پِريان جٖي
پورَ، اوءِ وَڍي ويٖراڳ
ڪئا.
(سُرود رامڪلي، فصل 2، بيت 8، ص:133)
اصل ۾ جوڳي سماج جا تبديلي پسند ڪردار آهن ۽ موجوده دور ۾ به اهڙن ڪردارن جي گھرج آهي، اُهي باڪردار ۽ روشن خيال انسان آهن، سندن فڪر ۾ تازگي آهي، سندن انسان دوست رويا ۽ عمل ايڪويهين صديءَ جي ماڻهوءَ کي به اتساهيندڙ آهن. اهي جوڳي، جن جو شاهه عنات ذڪر ڪيو آهي، سي غفلت جي غارن ۾ گم رهڻ بدران بيدار رهن ٿا، هنن وٽ، ادب، اخلاق، صبر ۽ شڪر جهڙا گُڻ به موجود آهن ۽ اُهي ڏمر ۽ ڏک کان ڏڪندا ناهن، يعني هو هر تڪليف کي ڳلي لائڻ لاءِ تيار هوندا آهن. اِهي اُهي خوبيون آهن، جيڪي ماڻهوءَ کي ماڻهو بڻائين ٿيون ۽ اڄ جي دور جي انسان لاءِ به رهنما آهن:
جي ڀائين جوڳي ٿئان، ته پَرَ جوڳيڪِي پارِ،
آدب، اخلاص، صبر، شڪرانو، ڏَمر ڏُک وِسار.
(سُرود رامڪلي، فصل 2، بيت 5، ص:130)
اُنهن سناسين ۽ ويراڳين جي بيچين وجود کي ڀٽڪڻ ۾ ئي لطف ايندو آهي، اُهي تتل سج جي هيٺان واڪا ڪندي ۽ ڏکين ڏونگرن جو پنڌ ڪندي، سفر جي سختين کي ڳلي لڳائي ۽ پير پٿون ڪندي پورب پار پُرندا رهندا آهن:
ويراڳي ويراڳ تي، واڪا ڪيو وَرَنِ،
ڏينهن تتي ڏونگر ۾، اُڀرڻا اَچن،
اُني جا ’عناتُ‘ چئي، ڇپون پيرَ ڇنن،
سڳر سناسين، آهي پورب پارَ جو.
(سُرود رامڪلي، داستان 3، بيت 8، ص: 42 ض)
شاهه عنات جي رسالي ۾ ’سُر جيتسري‘ ۽ ’سُر پورب‘ ۾ ساڳيو ئي موضوع ملي ٿو. انهن ٻنهي سُرن ۾ قاصد ۽ ڪانگ جو تذڪرو به آهي، انهيءَ طرح ٻنهي سُرن ۾ محبوب جي سڪ ۽ سار جو سَڳو به سُرندي محسوس ٿئي ٿو. ’سُر جيتسري‘ هڪ ئي داستان تي مشتمل آهي ۽ ان ۾ فقط نوَ بيت ۽ هڪ وائي موجود آهي. جڏهن ته ’سُر پورب‘ ٽن داستانن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ايڪٽيهه بيت ۽ ٻه وايون موجود آهن. منهنجي راءِ مطابق ’سُر جيتسري‘ کي پورب واري ساڳي موضوع وارو سُر هجڻ ڪري پورب جو ئي حصو سمجھڻ کپي. هيٺ ٻنهي سُرن مان هڪ هڪ بيت ڏيان ٿو، جنهن مان اها موضوعي هڪ جهڙائي واضح نظر ايندي:
اڄُ چيائون ايئَن، ڀَلي اَڱڻِ آئيا
اونداهيَ ۾
سوجھرو، تَنُ ڪئائون تِيئَن
آنءُ تِهن ڪانگلِ ڪيئَن، ويڻ وَرائي آڇِيَان.
(سُرود جيتسري، بيت 2، ص: 201)
ڪانگل آندي ڪالهه، مون وٽ ڳُجھي ڳالهه،
قاصدَ قريبن جا، جاني جيئن شال،
تون سين ڪيون مون، تڏهن جڏهن هُئين ڀائي حال،
سڄڻ جي سنڀالَ، جَڏو جيءُ جِياريو.
(سُر پورب، داستان 1، بيت 14، ص: 103 ض)
سُر پورب ۾ سامين ۽ پوربين جا احوال به اوريل آهن. خاص طور سامين جون وصفون خوب بيان ٿيل آهن. سامي ٿيڻ لاءِ صبر جي گھرج آهي، اهي هر تڪليف کي ڳلي لڳائي، پنهنجي پنڌ ۾ اڳتي ئي اڳتي وڌندا رهندا آهن، کين سُک ۽ آرام جي طلب نه هوندي آهي، هو ڪنهن رهنما جي تلاش ۾ هوندا آهن ۽ سندن نظر هميشه منزل تي هوندي آهي:
سامِي ٿِئٖين تان صَبُورُ ٿُي، جو صبر ته سامِي
(سُرود پورب، فصل 1، بيت 6، ص: 204)
سامي ٿئين سُک طلبئين، سُکيٖن نه
سامِي
اڃا اوريٖين
پنڌَ ۾، ويٖٺٖين وِسامِي
تون گڏئٖين نه
ڪَهنُ گُرَ کي، چاييٖن انعامٖي
هِي جي
مَحَرمَ مُداسِي، سي آدبُ آديسي سکئا.
(سرود پورب، فصل 1، بيت 7، ص: 204)
حقيقت اها آهي ته اهڙي فڪر ۽ عمل جي اڄ به ضرورت آهي. سُک جي طلب ماڻهوءَ کي ڪاهل بڻائي ڇڏي ٿي. تحرڪ زندگيءَ جو ٻيو نالو آهي ۽ جيون ۾ ڪا نه ڪا منزل مقرر ڪري ان جي حاصلات لاءِ پاڻ پتوڙڻ ئي زندگيءَ کي معنى ڏئي ٿو. رهزنن جي هجوم مان رهنما جي تلاش بنا، ماڳَ جي حاصلات ڏاڍي ڏُکي ٿئي ٿي. تنهن ڪري زندگيءَ ۾ گائيڊ جي به تمام وڏي اهميت آهي. ميين شاهه عنات جي ’سُر پورب‘ ۾ موجود اهي بيت اسان جي حياتيءَ کي بدلائي سگھن ٿا. انهن ۽ اهڙن ٻين بيتن جي سٽ سٽ ۾ ڏاهپ جا ڏسَ موجود آهن.
شاهه عنات جي رسالي جو ’سُر آسا‘ جيتوڻيڪ فقط هڪ ئي داستان ۽ ٽيويهن بيتن تي مشتمل آهي، پر ان ۾ موجود بيت موضوعاتي لحاظ کان گھڻ رخا آهن. هڪ طرف الف ۽ ميم وارو فلسفو آهي ته ٻئي طرف عجز ۽ انڪساريءَ جو پهلو. انهيءَ طرح هن سُر ۾ ڪاتب جي ڪتابت ۽ اکڙين جي احسانن جو ذڪر به ملندو ته وصل جو واءُ به گُھلندي محسوس ٿيندو. ڪٿي پرت جا پُر پيالا نظر ايندا ته ڪٿي وري ’همهَ کي حق‘ چوڻ جي ڳالهه. مطلب ته هن سُر وسيلي ميين عنات ڪوزي ۾ سمنڊ بند ڪيو آهي. محبوب سان وصال جي خوشيءَ جي عالم کي هُن ڪيڏن نه خوبصورت لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:
پرينءَ پاتا پيرَ، مون اڱڻَ ٿئَمِ اُجرا،
سونهَڻ لڳا سيرَ، عجيبن جي اچڻ سان.
(سُر آسا، داستان 1، بيت 7، ص: 113 ض)
مختصر طور ائين چئجي ته ميون شاهه عنات رضوي سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو اهڙو اڳواڻ شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ گھرو فڪر ۽ شعور توڙي انيڪ موضوع موجود آهن. جيئن جيئن ميين شاهه عنات بابت تحقيق جا دروازا کُلندا ۽ سندس ڪلام تي گھڻ رخي روشني پوندي، تيئن تيئن سندس فڪر جو ڦهلاءُ ٿيندو ۽ سندس اهميت اجاگر ٿيندي. سچ اهو آهي ته هن جو سمورو رسالو ۽ سارا سُر عظيم فڪر سان مالا مال آهن ۽ سندس گھڻ موضوعي ڪلام گھڻي توجهه ۽ تحقيق جو گھرجائو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شاهه عنات تي تحقيق جو نئون دور شروع ٿيڻ کپي، ڇوته هو جيڏو وڏو ۽ اهم شاعر آهي، سندس ڪلام جي حوالي سان ايڏو گھڻو گھرو ۽ اهم ڪم ٿي نه سگھيو آهي.
حوالا
1. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر (تحقيق ۽ تصحيح) ’ميين شاهه عنات جو ڪلام‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، ڇاپو ٻيو 2010ع ص 25
2. سميجو اسحاق ڊاڪٽر (مرتب) ’سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اهم رتن ــ مِيون شاهه عنات رضوي‘ حضرت مِيون شاهه عنات رضوي فائونڊيشن، ڇاپو پهريون، آڪٽوبر 2019ع، ص 7، 8 ۽ 9
3. دانش احسان ڊاڪٽر ’شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي اڀياس‘ ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومتِ سنڌ، 2016 ص 201
4. سميجو اسحاق ڊاڪٽر (مرتب) ’سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اهم رتن ــ مِيون شاهه عنات رضوي‘ (مقالو: ’سنڌي شاعريءَ جي نين روايتن جو عظيم شاعر ميون شاهه عناتُ رضوي‘ ـــ ڊاڪٽر محمد علي مانجھي) حضرت مِيون شاهه عنات رضوي فائونڊيشن، ڇاپو پهريون، آڪٽوبر 2019ع، ص 202
5. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر (تحقيق ۽ تصحيح) ’ميين شاهه عنات جو ڪلام‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، ڇاپو ٻيو 2010ع، ص 332
6. حوالو ساڳيو ص 348
7. حوالو ساڳيو ص 355
8. حوالو ساڳيو ص 356
9. حوالو ساڳيو ص 358
10. حوالو ساڳيو ص 57
11. Jotwani Moti lal, `Shah Latif: his life and works`, Dilhi: University of Dilhi, 1975, P. 24
12. سڌايو غلام نبي ڊاڪٽر ’شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري‘ ثقافت ۽ سياحت کاتو، سنڌ حڪومت، 1992 ص 142
13. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر (تحقيق ۽ تصحيح) ’ميين شاهه عنات جو ڪلام‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، ڇاپو ٻيو 2010ع، ص 66
14. سميجو اسحاق ڊاڪٽر (مرتب) ’سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اهم رتن ــ مِيون شاهه عنات رضوي‘ (مقالو: ’ميين شاهه عنات جو ڪلام‘ ـــ غلام محمد گرامي) حضرت مِيون شاهه عنات رضوي فائونڊيشن، ڇاپو پهريون، آڪٽوبر 2019ع، ص 230
15. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر (تحقيق ۽ تصحيح) ’ميين شاهه عنات جو ڪلام‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، ڇاپو ٻيو 2010ع، ص 69
16. دانش احسان ڊاڪٽر ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي اڀياس“ ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومتِ سنڌ، 2016 ص 202
17. حوالو ساڳيو ص 203 ـــ 202
هن مقالي ۾ ڏنل بيت، هيٺين رسالن تان کنيا ويا آهن.
1. شاهواڻي، غلام محمد، ’شاهه جو رسالو‘، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2005ع.
2. شيخ، ٻانهون خان، ’شاهه جو رسالو‘، جلد پهريون، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي،2000ع.
3. بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ’ميين شاهه عنات جو ڪلام‘، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2010ع.
4. سيد ضيا عباس شاهه (مرتب)، ميين شاهه عنات رضويءَ جو رسالو (مڪمل) حضرت مييون شاهه عنات رضوي فائونڊيشن، 2019
(هر هڪ بيت جي آخر ۾ مرتبن جي نالن جي نشاندهي مخصوص اکرن سان ڪئي وئي آهي. جنهن کي هن طرح مڪمل سمجھڻ کپي. ب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ض: سيد ضيا عباس شاهه، ش: غلام محمد شاهواڻي، ٻ: ٻانهو خان شيخ)
No comments:
Post a Comment