Wednesday, 12 May 2021

ادب اور اہل قلم کا پُر امن معاشرے کے قیام میں کردار ــ ڈاکٹر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

1 مئ 2015

کراچی کانفرنس

ڈاکٹر احسان دانش



 

ادب اور اہل قلم کا  پُر امن معاشرے کے قیام میں کردار


 

ایک ادیب کا اپنے معاشرے سے ربط اور تعلق ایک فطری عمل ہے۔ ادیب یا شاعر زندگی کی حرکات اور نشیب و فراز کو گہرائی سے محسوس کرتا ہے۔ اس طرح ادب اور زندگی کا تعلق مضبوط ہوتا ہے۔ معاشرے میں جو کچھ ہے اور جو واقعات و حادثات وقوع  پذیر ہورہے ہیں ادیب ان کے براہ راست اثرات قبول کرتا ہے۔ اگر ایک اہلِ قلم کے اردگرد امن کی فضا ہوگی تو وہ سکھ اور اطمنان کے نغمے گنگنائے گا لیکن اگر اس کے آس پاس بدامنی اور وحشت کا ماحول ہوگا تو اس کے من پر یقینی طور پر دکھ اور کرب کی پرچھائیاں چھا جائیں گی، ايسے حالات میں ظلم، بربریت اور جنگ اس کا موضوعِ سخن ہوگا۔ ویسے بھی امن کا متضاد لفظ جنگ یا بدامنی ہے۔ اس وقت پوری دنیا میں جنگ کے نقارے سنائی دے رہے ہیں۔ دھرتی پر ہر طرف بارود کی بو پھیلی ہوئی ہے۔ خاص طور پر تیسری دنیا کے ممالک میں بدامنی ایک بہت بڑا مسئلہ ہے۔ گذشتہ کئی دہائیوں سے یہی مسئلہ ہمارے ملک کی جڑوں سے بھی پیوست ہوگیا ہے۔ اس ساری صورتحال کے پیشِ نظر اہلِ قلم کا کردار نہایت اہمیت کا حامل ہے۔

سليم اختر لکھتے ہيں که ”ادب میں جنگ سے نفرت  کے واضح اثرات ملتے ہيں اور اس بات  کا  انکار نہیں کیا جاسکتا کہ ایک اچھی تحریر بے شمار لوگوں کو متاثر کرسکتی ہے لیکن قیامِ امن کے لیے ایک پائیدار تصورِ حیات سامنے رکھ کے بات کرنا بالکل جداگانہ امر ہے۔ تحریر سے جنگ (بدامنی) کے خلاف نفرت پیدا کرنا بلاواسطہ ہے۔ ادیب جنگ سے نفرت دلاتا ہے۔ یعنی ایک منفی چیز (جنگ) کے خلاف منفی جذبہ (نفرت) کو ابھار کرمثبت (امن) کو جنم دینے کی کوشش کرتا ہے۔ اس لیے یہ مثبت دائمی نہیں ہوسکتا۔ لیکن اگر وہ مثبت کے پرچار کے لیے مثبت قدر (نظریہ حیات) کا سهارا لیتا هے تو اثر دیر پا ہوگا۔ اس صورت میں فرد صرف جنگ سے متنفر ہی نہ ہوگا بلکہ امن کو شعار زيست سمجھتے ہوئے اس کے حصول کے لیے کوشاں بھی ہوگا۔

ادب اور اہل قلم کا پُر امن معاشرے کے قیام میں کون سا کردار ہے یا ہوسکتا ہے۔ اس پر تفصیل سے بات کرنے سے پہلے ہمیں ادب، ادیب اور معاشرے کے تعلق کو سمجھنا اور ادیب کے سماجی کردار کو واضح کرنا ہوگا۔

                جس طرح زبان، سماج اور کلچر کی ایک دوسرے سے گہری وابستگی ہے اُسی طرح ادب کا بھی اپنے معاشرے سے اٹوٹ رشتہ ہے۔ جس طرح زبان کسی قوم یا معاشرے کی علامت ہے ٹھیک اُسی طرح ادب بھی ہر معاشرے کی ضرورت ہے، کیونکہ زبان اور ادب کا خود ایک دوسرے سے گہرا رشتہ ہے۔ اس لیے جس طرح زبان کے بغیر ادب کا تصور ممکن نہیں اُسی طرح زبان کی زندگی اور دائمیت کے لیے ادب کو بہت بڑی اہمیت حاصل ہے، بلکہ اگر کہا جائے کہ ادب زبان کی روح ہے تو غلط نہ ہوگا۔

                ادب نہ فقط زندگی کا ترجمان اور ناقد ہے بلکہ کہنا چاہیے کہ وہ ہمار ہے رہن سہن کا مظہر بھی ہے۔ اس لیے اس وقت ہم کسی ايسے ترقی یا فتہ معاشرے کا تصور بھی نہیں کرسکتے کہ جہاں ادب اور ادیب نہ ہوں۔ علم و ادب کی شکلیں مختلف ہوسکتی ہیں کسی سماج میں ادب ارتقا  پذیر ہوسکتا ہےليکن یہ بات ممکن نہیں کہ ادب اپنے سماج سے ہی لاتعلق ہو۔  ادیب معاشرے کا ایک فرد ہی نہیں، معاشرے کی زبان بھی ہوتا ہے کہ اُس کا ذہن حالات کا جائزہ لیتا ہے۔ داخلیت اور خارجیت کا امتزاج تنقیدِ حیات کا روپ دھار لیتا ہے اور یوں اس کا قلم جو شہ پارے تخلیق کرتا ہے، چاہے وه شعر کی شکل ميں هوں يا کهانی کی صورت ميں ان ميں وه اپنے عصر کی عکاسی کرتا ہے اور یہ عکاسی حقیقی تاریخ یا تاريخی حقیقت ہوتی ہے۔

                ادیب کے سماجی کردار کے حوالے سے روسی ادیب لیونڈ سوبو لوف لکھتے ہيں کہ ادیب  کے لیے یہ صلاحیت لازمی ہے کہ وہ اپنے عہد کی روح اور اس کے ان مخصوص خصائل کو پہچان سکے جو اس کو ماضی سے جدا کر کے جدید شکل دیتے ہیں۔ خود ادیب عوامی زندگی سے جس قدر قریب ہو اُسی اعتبار سے اس کی روشناسی ان امور سے بڑہ جاتی ہے کہ لوگ کیا کرتے ہیں، کس طرح سوچتے ہیں اور کیسے خواب دیکھتے ہیں؟ تعمیراتی معاملات کو سمجھنے کا ذریعہ یہ ہی ہے کہ انسان خود تعمیرات کے مراحل میں شریک ہو، تا کہ وہ تعمیر مکمل ہوجانے پر اُس کا دُور سے نظارہ نہ کرتا رہے۔ اس کا مطلب یہ ہے کہ ادیب کو اس کل کا جُز بننا ہے جسے ہم معاشرہ کہتے ہیں۔ ایک ادیب نہ صرف معاشرے کی تعمیر و ترقی میں حصہ لیتا ہے مگر اپنے دؤر کے شعور کو بڑھانے میں بھی کردار ادا کرتا ہے۔ وہ ایک تخلیقکار ہونے کی وجہ سے تخریب سے نفرت کرتا ہے اور تخلیق و تعمیر کو اہمیت دیتا ہے۔ ظلم سے نفرت کرتا ہے اور قیامِ امن کے لیے کوشاں رہتا ہے۔

ملهار سنڌي جي ڪتاب ”ڪافي جو فني فڪري ۽ تحقيي جائزو“ تي لکيل مهاڳ ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 مهاڳ

 

سنڌي ڪافيءَ جي ڪٿا ۽ تحقيق جو سفر

(ملهار سنڌي جي ڪتاب ”ڪافي جو فني فڪري ۽ تحقيقي جائزو“ تي لکيل مهاڳ)


تحقيق هڪ ڏکيو فن آهي، جنهن جون پنهنجون مخصوص گھرجون آهن. جيتوڻيڪ تحقيق جو بنياد تخليق ئي آهي، جنهن جي اهميت کان ڪوبه انڪار نه ٿو ڪري سگھي پر تخليقڪار هڪ آزاد پنڇي آهي، هو پنهنجي سوچ جا پَر کولي ڪئين آڪاشن تي پرواز ڪري سگھي ٿو. تحقيقَ، سچائيءَ جي پرک سيکاري ٿي، جنهن ڪري استدلال جو دامن پڪڙڻو پوي ٿو ۽ دليل جي گفتگو يقيناً ڏُکي هوندي آهي. دليل حوالو گھرندو آهي، حوالي جي تلاش لاءِ مطالعي جي ضرورت هوندي آهي ۽ گھڻي مطالعي سان وري تقابلي جائزي جو شعور پيدا ٿيندو آهي، جيڪو هڪ محقق لاءِ بيحد ضروري آهي.

هڪ ليکڪ جو ڪم لکڻ آهي پر هر تحرير جي هڪ خاص ٻولي هوندي آهي. فڪشن، ڪالم، شاعري، سفرنامو، آتم ڪٿا، تنقيد ۽ تحقيق الڳ الڳ ٻوليءَ جون گھرجائو صنفون آهن. تحقيق ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ جي تمام وڏي اهميت ۽ وقعت هوندي آهي. تحقيق جي زبان ۾ شائستگي ضروري آهي. حتاڪه ٻين عالمن ۽ محققن سان اختلاف رکڻ وقت به ٻوليءَ کي نرم رکڻو پوندو آهي. اصل ۾ اها تحقيق جي تقاضا آهي. جيڪڏهن ڪنهن محقق کي ڪنهن ٻئي محقق جي راءِ بي وزن به لڳندي هجي ۽ ان ۾ جھولُ نظر ايندو هجي ته به ان راءِ کي رد ڪندي کيس احترام جو دامن هٿان ڇڏڻ نه گھربو آهي، ٿي سگھي ٿو ته اڳتي هلي، سندس ئي راءِ کي ايندڙ دور جو محقق دليل سان رد ڪري ۽ انهيءَ راءِ کي قبول ڪري جيڪا هن لاءِ قابلِ قبول نه هئي. ٻين لفظن ۾ اسان چئي سگھون ٿا ته تحقيق ۾ ڪنهن جي به تحقير جي گنجائش موجود نه هوندي آهي. اصل ۾ اهو ئي تحقيق جو حسن به آهي، ڇوته تحقيق ڪڏهن به مڪمل نه ٿي ٿئي. اهو سچ جي وري وري ڳولا جو عمل آهي، جنهن جو ڪوبه انت ناهي. تحقيق ۾ حيرانگيءَ جي امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگھجي، ڇوته اها آهي ئي نئين کوجنا جو عمل، تنهن ڪري ان عمل دوران حيرت جو سامان موجود هوندو آهي پر جيڪڏهن ان حيرانگي پٺيان طنز شامل هجي ته ان کي سٺو سنوڻ نه سمجھيو ويندو. 

تحقيق جو اصل روح ڪنهن اڻ ڏٺل دنيا جي تسخير ڪرڻ آهي. ڪنهن گُمان کي ثابت ڪرڻ لاءِ جاکوڙڻ هڪ محقق جو حقيقي ڪم آهي، تنهن ڪري ڪنهن به تحقيقي ڪم لاءِ پهريان هڪ مفروضو ٺاهيو ويندو آهي، جيڪو تحقيق بعد درست يا غلط ثابت ٿي سگھي ٿو. اسان وٽ خود علم تحقيق بابت به غلط تشريحون موجود آهن. ڪي دوست ڪَٽ پيسٽ کي تحقيق سمجھي ويٺا آهن. رڳو حوالن جي قطار ٺاهي، مقالو لکڻ تحقيقي ڪم ناهي. بيشڪ حوالا ڪنهن به تحقيقي ڪم لاءِ اشد ضروري آهن، پر جيڪڏهن ڪو محقق لکيل مقالي ۾ موضوع متعلق پنهنجي راءِ، تجزيو، تبصرو ۽ تنقيد شامل نه ٿو ڪري ته اهڙو تحقيقي ڪم اڻ پورو ۽ تشنگيءَ سان ڀرپور هوندو. ادب ۽ آرٽ جي شعبن ۾ تحقيق جو طريقو سائنسي ريسرچ کان مختلف آهي. سائنس ۾ ليب ورڪ به ٿيندو آهي پر ادبي تحقيق جو بنياد گھڻو ڪري ڪتابَ هوندا آهن، ۽ ان سان لاڳاپيل مواد جهڙوڪه دستاويز، قلمي نسخا، خط وغيره پڻ اهم هوندا آهن. جڏهن ته ڪجھ موضوع محقق کي پاهڻي پنڌ ۽ صحرائن جو سفر به ڪرائيندا آهن، يعني اهڙن موضوعن لاءِ عملي جدوجهد جي گھرج هوندي آهي.

پروفيسر ستار سومري جي ڪتاب ”سمنڊ سيويو جن“ تي لکيل مهاڳ ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

مهاڳ

جن کي عشقَ جي اُساٽَ

(پروفيسر ستار سومري جي ڪتاب ”سمنڊ سيويو جن“ تي لکيل مهاڳ)


شاهه لطيف سنڌ جو اڪيلو عظيم انسان آهي، جنهن تي اسان جيترو به فخر ڪريون اوترو گھٽ آهي. اهو ڪو جذباتي بيان ناهي پر هڪ اهڙو سچ آهي جنهن کي ريٽي ۽ ميٽي نه ٿو سگھجي. شاهه لطيف سنڌي ٻوليءَ جو ڀرجھلو آهي. هن پنهنجي فڪر جي سمنڊ کي پنهنجي مٺڙي ٻوليءَ ۾ پرٽي نه صرف لوڪَ جي سينن کي سيراب ڪيو پر دنيا ۾ اسان جو ڪنڌ فخر کان اوچو ڪرڻ جو جواز به پيدا ڪيو. شاهه سائين جي تصور، تخيل ۽ تفڪر جي دنيا وسيع آهي، ان ڪري ان لاءِ ڪنهن حد ۽ سرحد جي پابندي ناهي. لطيف سائين جو فڪر خوشبوءَ وانگر آهي، جنهن کي ڪنهن به سرحد يا خاردار تارن ۾ جڪڙي نه ٿو سگھجي. هن جي فڪر ۾ زمان ۽ مڪان کي اورانگھڻ جي سگھ آهي. هن جي شاعريءَ جي زمين ته سنڌ آهي پر هن جي فڪر جو آسمان سڄي دنيا لاءِ آهي. هن جو تخيل نه رڳو اوچو پر دائمي به آهي، شاهه سائين اڄ جي انفرميشن ۽ ٽيڪنالاجي جي صديءَ ۾ به ان لاءِ دنيا کي قابلِ قبول آهي جو هن جو وکر پئي پراڻو ٿيڻ جهڙو ناهي.

وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.......

شاهه لطيف جو رسالو علم، عقل ۽ شعور جي موتين جي کاڻ آهي. ان جي هر سُر ۾ هڪ الڳ سُرور آهي ۽ جي درد به آهي ته وڻندڙ. ڇوته ڀٽائي سدائين دُکَ مان به رستو ٿو ڪڍي. هن وٽ درد رهزن نه پر رهنما آهي.

ڏيکاريس ڏکن، گوندر گسُ پرين جو

سونهان ئي سورن، ڪي هيڪاندي هوت سين.

لطيف سائين پريت جي پنڌ جي مسافرن جي رهبري ڪندي چوي ٿو ته اهو ڪو آسان ڪم ناهي، تنهن ڪري ان پنڌ تي پيرَ ڌَرِڻَ کان اڳ هر قسم جي قرباني لاءِ تيار رهڻ کپي. ڇوته عشق آهي ئي ايثار جو نالو. جيستائين ڪو عاشق پنهنجي اندر ۾ درد جي گونج کي نه ڪنائيندو ۽ اذيت جي هر احساس کي ويجھو کان محسوس نه ڪندو، تيسيتائين نينهن جو نالو وٺي نه سگھندو.

پهرين ڪاتي پاءِ، پُڇج پوءِ پريتڻو؛
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جئن وَڄاءِ؛
سِيخن ماهُ پَچاءِ، جي نالو ڳِيڙُءِ نِينهنَ جو.

اهو سچ آهي ته حياتي وههُ جي وَٽي وانگر ئي آهي، جنهن کي چاهيندي يا نه چاهيندي هر ڪنهن کي ڍُڪُ ڍڪُ ڪري پيئڻو ئي پوي ٿو. ٽوههَ جهڙن لمحن کي سَري جيئن سُرڪ سُرڪ ڪري اندر ۾ اوتڻو آهي، حياتيءَ جي سرور ۽ مستي کي زندگيءَ جي تلخين جي ٽوهه ۾ ملائي ڏوگھڻو آهي، پوءِ ان ڪڙي قاتل کي لبن تي لائڻ سان ڀل جان رڳن مان روح نڪري وڃي.

مَ ڪَرِ سَڌَ سَري جي، جي تون ٽارِئين ٽُوههُ؛
پِتي جنهن پاسي ٿئي، منجھان رَڳُن رُوح؛
ڪاٽي چَکُ ڪڪُو
ههُ، لاهي سِرُ، لَطِيفُ چئي.

اِهو آهي اسان جو ڀٽائي جنهن وٽ عشق جا اصول به انوکا آهن ته زندگي جيئڻ جا نيم به پنهنجا. شاهه سائين هڪ ويڄ شاعر آهي. هو حقيقي معنى ۾ سنڌي ماڻهن جي دکن ۽ دردن جو مسيحا آهي پر اسان اڃا سندس وجود کان بيخبر آهيون، اسان وٽ اُهي اکيون ناهن جن سان ان معالج تائين پهچي سگھون. ڀٽائي جو رسالو اسان جو ’ويڄ‘ آهي، پر ڪو هجي جو اسان جي اکين مان موريسر ڪڍي.

پاڙي ويڄَ هُئام، تان مون مُور نه پُڇيا؛
تيلاهين پيام، مورَيسرَ اَکين ۾.

ڪيئي سال اڳ سنڌ جي هڪ وڏي عالم چيو هو ته ’هاڻي اسان کي ڀٽائيءَ کان هٿ ٻڌي موڪلائڻ کپي.‘ اڄ اهو عالم اسان کان موڪلائي چڪو آهي پر ڀٽائي اسان وٽ زنده آهي. هو اسان جي دلين ۾ ڌڙڪي رهيو آهي، هو اسان جي روح ۾ موجود آهي. حقيقت اها آهي ته ڀٽائي سنڌ جو روح آهي، جيسيتائين سنڌ جو نالو قائم آهي تيسيتائين لطيف سائين به قائم هوندو. ٽئگور سچ چيو هو ته ’سنڌ لطيف آ ۽ لطيف سنڌ‘ يعني ’هئا اڳهين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿئا.‘

Tuesday, 11 May 2021

سنڌ ۾ آيل مها ٻوڏ ۽ سنڌي اديب جو سماجي ڪردار ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 ڊاڪٽر احسان دانش


 

درد جي آس پاس هوندو ڪو.....

سنڌ ۾ آيل مها ٻوڏ ۽ سنڌي اديب جو سماجي ڪردار

 

ان سچ کان ڪو انڪار نه ڪري سگھندو ته قومن تي مصيبتن جو وقت ايندو رهندو آهي، پر اهي ئي قومون تاريخ ۾ زنده رهنديون آهن، جيڪي هر تڪليف کي همت حوصلي ۽ بهادريءَ سان منهن ڏينديون آهن. طوفان زلزلا ۽ ٻوڏون بيشڪ قدرتي آفتون آهن، جن کان بچڻ لاءِ انسان تدبيرون ته ڪري سگھي ٿو پر انهن کي روڪڻ گھڻي قدر انسان جي وس ۾ نه ٿو هجي. خاص طور طوفان ۽ زلزلن کي موڙڻ ته ماڻهوءَ جي سگھ کان ٻاهر آهي، ها البته ٻوڏ کان بچاءَ جون تدبيرون ممڪن آهن. اسين هتي قدرتي آفتن جي ڳالھ ڪئي سين پر ڪڏهن ڪڏهن اهي قدرتي آفتون چند ماڻهن جي عملن جي شامتن / ڪرتوتن سبب به اينديون آهن. سنڌ ۾ تازو آيل ٻوڏ، جنهن کي سنڌ جي تاريخ جي بد ترين ٻوڏ ڪوٺيو وڃي ٿو، پڻ ڪجھ ماڻهن جي ڪرتوتن جو ئي نتيجو آهي.


سنڌ جا مارو ماڻهو اڃا ان ٻوڏ جي درد کي ڀوڳي رهيا آهن. ڪيئي انسان ٻوڏ جي وهڪري ۾ پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا، ڪي پنهنجيون جانيون بچائي راتو واھ پنهنجا ڪک ڇڏي بي ڇپر ٿي چڪا...... جن وستين ۽ واهڻن ۾ ڪالھ زندگي مرڪندي هئي اتي اڄ درد جو راڪاس واڪا ڪري رهيو آهي. اهي بي گھر ٿيل ماڻهو جيڪي ڪالھ تائين پنهنجي مال متاع  ۽ ملڪيتن وارا هئا تن جي درد جو ڪاٿو ڪرڻ ممڪن نه آهي...... پر هر درد مند دل رکندڙ ماڻهو سندن ڀوڳنا کي محسوس ڪري ٿو.

هڪ قلمڪار عام ماڻهوءَ کان وڌيڪ حساس ٿئي ٿو. هن جو من ميڻ وانگر هجي ٿو، جنهن کي دک جي ٿورڙي تپش به ڳاري وجھي ٿي..... پر هي سيلاب جو سور ان آڙاھ وانگر آهي، جيڪو ڪنهن حساس دل کي رک ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي....

ادب ۾ جيسيتائين پنهنجي دور جي ڪرب شامل نه آهي تيسيتائين اسين ان کي زنده ادب نه ٿا چئي سگھون. ادب زندگي جو تفسير به آهي ته زندگيءَ جي تصوير به. ادب ۾ رڳو اديب جي ذات جو اولڙو هجڻ واري هڪ اڻپوري تشريح، جيتوڻيڪ عام طور قابلِ قبول نه آهي ڇو ته ٽي ايس ايليٽ لکيو هو ته ”اديب ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي زماني جي باري ۾ لکندي پنهنجي ذات جي باري ۾ به لکي وٺندو آهي.“ پر ان جي ڀيٽ ۾ ايمي دي گارمان ان کان هڪ قدم اڳتي وڌي ڏاڍي خوبصورت ڳالھ ڪئي آهي ته ”تخليقڪار پنهنجي ذات جي باري ۾ لکندي پنهنجي دور جي باري ۾ لکندو آهي.“ اها ڳالھ ظاهر ڪري ٿي ته هڪ ليکڪ جو انفرادي درد به رڳو انفرادي نه هوندو آهي، ڇو ته هن جي ذات ان سماج جو حصو آهي، جنهن سماج ۾ هن جي اوسر ٿئي ٿي، نتيجي ۾ هن جون خوشيون ۽ هن جا درد انفرادي نه پر اجتماعي سمجھڻ کپن.... ڇو ته انهن جو سرچشمو خود سندس سماج آهي. ٻي پاسي ايليٽ جي ڳالھ به وڏو وزن رکي ٿي. هو اديب جي سماجي ڪردار تي وڌيڪ زور ڏئي ٿو ۽ انفراديت تي اجتماعيت کي ترجيح ڏئي ٿو.

روشنيءَ جو آبشار ـــ (مهاڳ) ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

روشنيءَ جو آبشار

)پروفيسر مختيار سمي جي ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ ڀاڱو 2 تي لکيل مهاڳ)

 

ننڍي لاءِ استادن کان انيڪ ڀيرا ٻڌو ته ’علم روشني آهي....‘ ٿوري سمجھ وڌي ته خبر پئي ته روشني وقت جي پيمائش جو ذريعو به آهي، خاص طور خلا ۾ ترندڙ سيارن جي وچ واري فاصلي کي نوري سالن سان ماپيو ويندو آهي. اڳتي هلي ذهن جي کڙڪي اڃا به کُلي ته پتو پيو ته زندگيءَ ۾ ان روشني ۽ نور جي ڪيڏي اهميت آهي ــ سج جي روشني، چنڊ جي وجود کي روشن ڪري ٿي ۽ اک جو نور زندگيءَ کي. حاصل مطلب ته بي نور زندگيءَ سان نه وقت جي پيمائش ڪري سگھجي ٿي ۽ نه جهانِ رنگ و بو کي پَسي سگھجي ٿو..... ۽ هتي نور مان مراد علم ئي آهي، جنهن بابت ننڍي لاءِ استادن کان انيڪ ڀيرا ٻڌو هيو ته ’علم روشني آهي......‘

’علم جي ڪا حد ۽ سرحد ناهي.‘ علم جي حصول لاءِ هيءَ سڄي دنيا به ننڍڙي آهي. علم جي ڪائنات، ڪائنات جيان ئي وشال آهي. جيڪي ماڻهو ڌرتيءَ کان آڪاس ڏانهن اسهن ٿا، جيڪي انسان اک جي ماڻڪيءَ کان سفر شروع ڪندي مريخ ۽ مشتري جا مسافر بڻجن ٿا، جيڪي شخص پولارن ۽ پاتالن ۾ پيهي، ڪهڪشائن ۽ خلائن مان اڀرن ٿا ۽ جيڪي بندا بند ڪمرن ۾ ڪائنات جي ڳُجهه جي ڳنڍ کولين ٿا، سي حقيقت ۾ ماڻهپي جي حقيقي مقام جا حقدار آهن. نيوٽن ۽ آئن اسٽائن کان وٺي اسٽيفن هاڪنگ تائين دنيا جا غير معمولي انسان علم جي ان تارن ڀري راهه جا راهي رهيا جنهن تي هلندي هو ڌرتيءَ تي رهي اُڀ جا احوال ٻڌائيندا هيا.

مان سمجھان ٿو ته اعلى، عمده ۽ حقيقي معنى ۾ معياري تعليم ڪنهن به ماڻهوءَ تي ٻه راز کولي ٿي. پهريون اها ماڻهوءَ کي پنهنجي حقيقت (ماڻهپي) کان آشنا ڪري ٿي ۽ ٻيو ڪائنات کي سمجھڻ ۽ ساڃاهڻ جو شعور عطا ڪري ٿي ۽ جڏهن ڪو ماڻهو اهي ٻئي ڳالهيون سمجھي وڃي ٿو ته منهنجي خيال ۾ کيس پنهنجي تخليق جو مقصد به سمجھ ۾ اچي وڃي ٿو.

هڪڙا ماڻهو زنده رهندا آهن، ان ڪري جو هو هن دنيا ۾ پيدا ٿيا هوندا آهن پر ٻيا ماڻهو زنده رهڻ جو حق ادا ادا ڪندا آهن، ٻين لفظن ۾ اُهي زنده رهندا آهن زنده رهڻ جو هنر سکڻ لاءِ. اهو سچ آهي ته زنده رهڻ خود هڪ وڏو فن آهي ۽ اهو فن ٽن طريقن سان سکي سگھجي ٿو. پهريون مشاهدي وسيلي، ٻيو تجربي ذريعي ۽ ٽيون مطالعي معرفت. مطالعو زندگيءَ گھارڻ جي ان فن کي سمجھڻ جو معراج آهي ۽ مطالعو تعليم کان سواءِ ممڪن ناهي، پر ڏاهن چيو آهي ته اهڙو مطالعو به ڪارگر ناهي، جيڪو زندگيءَ کي تبديل نه ڪري سگھي. علم جو اثر انسان جي ذات تي ظاهر ٿيڻ کپي ورنه ڀٽائيءَ جي هيءَ سٽ وري وري ورجائڻي پوندي ته:

پڙهيو پيا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾

سعيد ميمڻ جي طويل غزل ”ازل جو آڏاڻو“ جو تنقيدي اڀياس ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 ڊاڪٽر احسان دانش



 

سعيد ميمڻ جي طويل غزل
”ازل جو آڏاڻو“ جو تنقيدي اڀياس

فنون لطيفه جون جيتريون به شاخون آهن انهن مان شاعريءَ کي معتبر مقام حاصل آهي. شاعريءَ جي اظهار جو وسيلو لفظَ آهن. لفظَ جيڪي غير مادي شي هجڻ باوجود پنهنجي اندر معنائن، شڪلين، منظرن ۽ احساسن جا جهان آباد ڪيو ويٺا آهن. ”لفظ پنهنجي اندر لازوال قوت جو خزانو رکن ٿا. لفظن وسيلي ئي هڪ اديب يا شاعر جمالياتي احساس کي فڪري احساس ۾ تبديل ڪري سگھندو آهي. لفظن جي ذريعي ئي هڪ اديب کي اهو موقعو ملي ٿو ته اهو ان رد عمل کي، جنهن کي آرٽ جي مواد ان جي اندر پيدا ڪيو آهي، هڪ لطيف ۽ نازڪ سانچي ۾ وجھي. لفظ ئي آهن جن وسيلي غير پخته ۽ جمالياتي احساسن جي وچ ۾ فرق ظاهر ڪري سگھجي ٿو. اهي ماڻهو جيڪي لفظن کي ڪا بي جان شي سمجھن ٿا انهن کي شايد لفظن جي سگھ جو احساس نه آهي ۽ کين پتو نه آهي ته لفظ نه رڳو جذبات جي زبان آهن بلڪه اهي جذبن ۾ همواري، زرخيري، تحرڪ ۽ گھرائي به پيدا ڪندا آهن ۽ اهي رڳو معنائن کي خارجي لبادو نه پارائيندا آهن بلڪه انهن جي وسعتن ۾ اضافو ڪندا آهن ۽ انهن ۾ وزن ۽ وقار به پيدا ڪندا آهن.“ (1)



شعر ۾ هونءَ ته انيڪ ڪائناتون آهن، پر بنيادي طور ان جو تعلق فرد جي احساس ۽ ادراڪ سان آهي. ٻين لفظن ۾ کڻي ائين چئجي ته شعر ڪنهن شاعر جي ذاتي تجربن ۽ مشاهدن جو مظهر هجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ”شعر کي عام طور داخلي جذبات ۽ محسوسات جو اظهار چيو ويندو آهي، پر ادبي تنقيد ۾ اهو شعر جو نهايت محدود تصور آهي. جيڪڏهن شعر رڳو داخلي ۽ تخليقي تجربي يعني جذبات ۽ محسوسات جو اظهار آهي ته پوءِ اها ئي تعريف ناول، افساني ۽ ٻين صنفن تي به پوري لهي ٿي. شعر جي ماهيت تي ويچار ڪرڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته شعر لفظن ۽ معنائن جي بهترين تنظيم جو نالو آهي، جيڪا پيچيده عمل مان گذرڻ بعد وجود ۾ اچي ٿي. اها تنظيم مختلف عنصرن جو مربوط نتيجو آهي. انهن ئي عنصرن جي ڪري شعر ۾ وڌيڪ گھرائي، گھڻو مبالغو، گھڻي وسعت ۽ زرخيزي پيدا ٿئي ٿي ۽ ان جو ظاهري سوڙهو رستو به معنوي اعتبار کان وسيع ٿي وڃي ٿو.“ (2)

جڏهن اسين شاعري جي ڳالهه ڪندا سين ته شاعري رڳو لفظن سان نه پر تخيل، احساس ۽ جذبي سان تخليق ٿئي ٿي. پر افلاطون وري انهن ٽنهي شين تي عقل ۽ منطق کي ترجيح ڏئي ٿو. هن پنهنجي مثالي رياست مان شاعرن کي ان ڪري ٻاهر ڪڍيو هو جو اهي جذبن جا غلام هوندا آهن. هن شاعريءَ تي فلسفي کي انهيءَ ڪري ترجيهه ڏني جو هن شاعريءَ کي فلسفي کان ڪمتر پئي سمجھيو. انهيءَ ڪري هن اهو اصول بيان ڪيو ته شاعري ۽ فلسفي وچ ۾ ازلي دشمني آهي. فلسفي جو بنياد عقل تي آهي، جيڪا انساني ذهن جي اعلى ترين صفت آهي، جڏهن ته شاعري جذبات جي تصوير آهي. افلاطون جو چوڻ آهي ته ”جذبو ماڻهوءَ کي صالح بڻائڻ بدران سندس ذهن کي ڀڙڪائي ٿو ان ڪري اهو عقل جي لاءِ خطرناڪ آهي. شاعري جذبن جي پرورش ڪري ٿي جيتوڻيڪ ان جو ڪم انهن تي ضابطو آڻڻ ۽ روڪڻ هيو.“ هن جو چوڻ آهي ته ”جذبي کي حڪمران هجڻ بدران محڪوم هجڻ گھرجي شاعري احساس کي تقويت ڏئي ٿي ۽ ادراڪ کي معطل ڪري ٿي. وڏي عقل وارو ماڻهو غور و فڪر ڪندو آهي جذبات جي سمنڊ ۾ وهي نه ويندو آهي. الهامي ڪيفيت يا وجدان تي شاعر جو قبضو نه هوندو آهي. انهيءَ ڪري ان جي رهبري قبول ڪرڻ حماقت آهي. شاعر ڪڏهن پيغمبر بڻجي ويندو آهي ته ڪڏهن پاڳل ۽ سندس شخصيت ان جي وچ ۾ ٽنگيل هوندي آهي.“ (3)

ميين شاهه عنات جي ڪلام ۾ فڪري ۽ موضوعاتي وسعت ۽ جدت ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش


 

ميين شاهه عنات جي ڪلام ۾
فڪري ۽ موضوعاتي وسعت ۽ جدت  

سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي جهان ۾ جهاتي پائڻ سان معلوم ٿيندو ته اها هڪ وڏي عرصي تائين موضوعاتي، فڪري ۽ تخليقي لحاظ کان محدود ۽ يڪ رنگيءَ جو شڪار رهي. سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ تي صدين تائين تصوف، توحيد، طريقت، هدايت، حقيقت، اخلاقيات ۽ روحانيت جو رنگ ڇانيل نظر اچي ٿو. طويل عرصي تائين سنڌي شاعريءَ ۾ فقهي ۽ شرعي مسئلن جي اپٽار ۽ مذهبي معاملن جي پچار نظر اچي ٿي. ڪن شاعرن رومانوي داستانن جي اوٽ ته ڪن جوڳين ۽ سنياسين جي معرفت صوفي فڪر ۽ شعور جو ڦهلاءُ ڪيو، پر سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ ڪي شاعر اهڙا به آهن، جن سنڌي شاعريءَ ۾ مروج فڪري لاڙن سان گڏ ڪن نين روايتن ۽ فڪري رجحانن جو رواج وڌو، ان حوالي سان ميين شاهه عنات رضويءَ جو نالو نهايت اهميت جو حامل آهي. شاهه عنات پنهنجي دور جو هڪ روايت شڪن شاعر هو ۽ هن جي شعري روايت فڪري ۽ تخليقي طور پنهنجي پيش رو شاعرن کان بنهه نرالي ۽ اڳتي آهي. اهڙيءَ طرح موضوعاتي طور به هن جي شاعريءَ ۾ کوڙ ساريون نيون جهتون نظر اچن ٿيون، جن مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي ته هو پنهنجي دور جو هڪ نواڻ پسند شاعر ۽ فڪري رهنما هو.

ميين عنات جي ڪلام ۾ رڳو تصوف ۽ وحدانيت جا ويچار موجود ناهن، پر هو مجازي عشق ۽ حسن جي ڳالهه به وڏي واڪي ڪري ٿو. مثلاَ سندس رسالي جي سرود کنڀات جا هي بيت ڏسو:

تارا او تارا، وَنِيون وِڇاڻو پِرينِ جو
سيئي اڱڻ آئيا، جي جيءَ جا جيارا
پَسِي پيارا، اکينِ آسون پُنِيون.

(سُرود کنڀات، فصل 1، بيت 1، ص:98 ب)

چنڊَ! تهنجا ويٖڻَ، مونکي آهِينِ مَنَ ۾
الله لڳ عناتُ چئي، اِنَ نِياپي نيڻَ
سويٖرائِي سيڻَ، ڏسي تون ڏيکار مون

(سُرود کنڀات، فصل 1، بيت 8، ص: 101 ب)

اياز جاني جي شاعريءَ جي ڪٿَ ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 ڊاڪٽر احسان دانش


 

اياز جاني جي شاعريءَ جي ڪٿَ

اياز جاني جديد سنڌي شاعريءَ جي وچين ڪڙيءَ جو هڪ اهم شاعر آهي. هن جي شاعريءَ ۾ اسان کي نڪورا خيال ۽ تازا جذبا ملن ٿا. ميٿيو آرنلڊ چيو هو ته شاعري جذبات جي اظهار جو بهترين اوزار آهي. جذبو شاعريءَ جو روح آهي تنهن ڪري ڪيبل شاعريءَ کي ڀرپور جذبن جي اظهار جو ذريعو ڄاڻائي ٿو. اهڙي طرح تخيل شعر جو حسن آهي. تنهن ڪري شاعري جذبات ۽ تخيل جي ميلاپ جو نالو آهي. هڪ شاعر ٻن درياهن جو ناکئو آهي. پهريون داخليت ٻيو خارجيت. اياز جاني جي شاعريءَ جو هڪ وڏو حصو ان داخلي ڪائنات کي کولي ٿو ته ٻيو خارجيت جي اثرن کي پڌرو ڪري ٿو.


ڇوته فرد خود به خارج جو حصو ٿئي ٿو، تنهن ڪري اهي ٻئي حالتون هڪ ٻئي سان سلهاڙيل  به ٿين ٿيون. ان ڪري شاعريءَ کي زبردستي انهن ٻن خانن ۾ فٽ نه ٿو ڪري سگھجي، جيئن گڏ وهندڙ ٻن درياهن جي وچ ۾ ديوار نه ٿي ڏئي سگھجي تئين داخليت ۽ خارجيت جون سرحدن کي به هڪ ٻئي کان ڌار نه ٿو ڪري سگھجي. داخلي شاعري جيتوڻيڪ وڏي حد تائين شاعر جي ذاتي تجربن، احساسن ۽ جذبن جي عڪاسي ڪندي آهي پر ڇوته ان ۾ هڪ عام انسان جي جذبن کي ئي نظم ڪيو ويندو آهي انهيءَ ڪري اها ذات کان ڪائنات يا داخل کان خارج جو سفر طئي ڪندي آهي. يورپ ۾ بائرن اهڙو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جي نظر ۾ ”انانيت“ جي وڏي اهميت هئي پر پوءِ به سندس شاعريءَ ۾ آفاقيت موجود هئي، جنهن انقلابي دور ۾ سڄي يورپ کي ڌوڏي ڇڏيو هو.

ننڍي کنڊ ۾ ’غزل‘ داخلي شاعريءَ جو حسين مثال آهي، جتوڻيڪ جديد سنڌي غزل ۾ هڪ وسيع خارجي ڪائنات به نظر اچي ٿي پر حقيقت ۾ غزل جي الڳ الڳ شعرن ۾ منتشر خيال داخلي ۽ خارجي ڪائنات کي هڪ مالها ۾ ڳنڍڻ جو ڪم به ڪن ٿا. اياز جاني جو غزل، جنهن تي اسان کي تفصيل سان ڳالهائڻو آهي پڻ انهيءَ ڌارا ۾ سفر ڪري ٿو.

 

شاعريءَ جي منطقي ۽ عروضي وصف ۾ فرق آهي. ”شاعريءَ جي منطقي وصف اها آهي ته اها ماڻهن جي دلين ۾ خاص تاثر پيدا ڪري. اهلِ منطق شعر جي معنوي پهلوئن کي سامهون رکندا آهن، علم عروض جا ماهر وزن، قافيي يا شعر جي ظاهري تعريف ۽ تحسين تي اڪتفا ڪن ٿا. يعني عروض وارن وٽ شعر ۾ وزن هجڻ ضروري آهي جڏهن ته منطق جا صاحب چون ٿا ته ان ۾ اثر هجڻ ضروري آهي...... ان لحاظ کان جيڪڏهن ڪوئي ڪلام موزون هجي پر بي اثر هجي ته اهو عروض جي لحاظ کان شعر هوندو پر منطقي لحاظ کان ان کي شعر نه چئي سگھبو.“ (1) تنهن ڪري سٺي شاعري ان کي سمجھڻ کپي جنهن ۾ ٻئي يعني منطقي ۽ عروضي (ڇند جون) خوبيون هجن. اسان سولي سنڌي ۾ ان کي ڏات ۽ ڏانءُ سڏيندا آهيون. حقيقت اها آهي ته ”شاعري بهترين لفظن جي بهترين ترتيب جو نالو آهي. جيئن عام طور چيو ويندو آهي ته "Poets are in love with words" ان جو مطلب اهو آهي ته شاعرُ لفظن جي Full potential کي استعمال ڪندو آهي. کيس لفظن جي وسيلي پيڪر سازي [Image making capacity of language] جو فن ايندو آهي. اهو ئي فن اسان جي جذبات کي جاڳائيندو آهي ۽ اسان جي ٻڌندڙ کي لطف پهچائيندو آهي. اڪثر ڪري (ڪو سٺو) شعر پڙهندي يا ٻڌندي ئي اسان ڦڙڪي پوندا آهيون. ان جو سبب اها جمالياتي توانائي [Aesthetic energy] آهي جيڪا زبان جي تخليقي استعمال ۾ لڪل هوندي آهي. جدلياتي لفظَ يا تشبيه، استعارو، ڪنايو، علامت وغيره جي ڪري تخليقيت ۾ حسن پيدا ٿيندو آهي ۽ شاعري قافيه پيمائي بدران معنى آفريني بڻجي ويندي آهي. ابهام ۽ مبالغي جو اگر مناسب استعمال ڪيو وڃي ته اهي شاعريءَ جي لاءِ فائديمند آهن. انهن خاصيتن سان گڏ اهو به ياد رکڻ گھرجي ته شعر جي لاءِ بنيادي شرط تخيل [Imagination] آهي. شاعر جي اندر جيڪڏهن تصور جي قوت [Fancy] موجود آهي ته تخليقي عمل ۾ اها کيس مدد ڏيندي آهي. ان ڪري شعر ۾ لفظن جي موزون ترتيب [Pattern] سان گڏ عميق تخيل هجڻ گھرجي. ڪيفيت ۽ احساس جي فراواني هجڻ گھرجي، شعري تجربو هجڻ گھرجي، شعريت هجڻ گھرجي. ورنه شعر فقط لفظن جو گورک ڌنڌو رهجي ويندو. ان ۾ جسم ته هوندو پر ان مان جان فنا ٿي ويندي.“ (2) شاعريءَ جي تاريخ ۾ اسان کي اهڙا انيڪ بي مقصد ۽ بي جان شعر به ملندا جن جي ڪا به وقعت ناهي ۽ نه ئي شعري تاريخ ۾ ڪا حيثيت.

Monday, 15 February 2021

سنڌي ٻولي ۽ ادب جو محسن ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 ڊاڪٽر احسان دانش


 

سنڌي ٻولي ۽ ادب جو محسن

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو

 

سنڌ جي پنهنجي هڪ تهذيبي ۽ ثقافتي تاريخ آهي، هن ڌرتيءَ جون الڳ ريتون ۽ روايتون آهن. اسان بيشڪ موهن جي دڙي جي عظيم سڀيتا جا وارث آهيون ۽ ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته اسان جي هن ڀوميءَ ڪئين لعلن کي به جنميو آهي، پر ڪجھ سوال آهن ته ڇا اسان پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت جي حفاظت ڪري سگھيا آهيون؟ ماضيءَ جي حسين ريتن ۽ روايتن جا امين رهيا آهيون؟ پنهنجي تاريخ جي عظيم ڪردارن، انهن املهه موتين ۽ ماڻڪن جو قدر ڪيو آهي؟ ديانتداريءَ سان جاچبو ته انهن سوالن جا جوابَ نفيءَ جي رڃ ۾ ڀٽڪائي ڇڏيندا.

 



اسان سنڌي قوم جي ناتي پنهنجن کوڙ سارن فرضن کان غافل آهيون ۽ بي قدري اسان جو نئون تعارف پئي بڻبي وڃي. ان طرح جڏهن سنڌ جي عالمن ۽ اڪابرن، محققن ۽ تاريخدانن، تخليقڪارن ۽ نقادن جو ذڪر نڪرندو ته به ساڳي صورتحال نظر ايندي. اهو شڪوو ڪنهن هڪ فرد کان نه پر سڄي سنڌي سماج کان ڪري سگھجي ٿو، جنهن جا اسين سڀ ذميدار آهيون. ڀلا اسان جي نرڙ تي ئي مرده پرستيءَ جو اسٽيڪر ڇوٿو چنبڙايو وڃي، ڀلا اسان پنهنجي دور جي عظيم انسانن کي سندن زندگيءَ ۾ ڇونه ٿا سڃاڻون، ڇونه ٿا انهن کي سندن زندگيءَ ۾ اهو مانُ ۽ مريادا ڏيون، جنهن جا هو حقدار آهن. ان سڄي صورتحال ۾ جڏهن سنڌ جي هڪ عالم جا اهي آخري لفظ ته ”مون هن قوم کي هٿيار نه پر ڪتاب ڏنا آهن ۽ هن قوم لاءِ آئون دعا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔“ ذهن ۾ گونجن ٿا ته سچ ته اندر ئي اندر ۾ ندامت جو احساس ٿئي ٿو.

اهي ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جا آخري لفظ آهن جيڪي هن ۱۶ جولاءِ ۱۹۹۴ تي ٽنڊو آدم ۾ شام جي پهر هڪ تعليمي سيمينار ۾ جذبات ۾ اچي چيا هئا ۽ سندس آخري لفظُ ”دعا“ هيو، جنهن کان پوءِ هن جي دل بيهي رهي هئي ۽ هو اسان کي الوداع چئي ويو هو. هن ويندي ويندي به سنڌي قوم کي دعا ڏني ۽ ان کان اڳ ۾ ڪتابَ. هڪ قوم کي هڪُ عالم ان کان سواءِ ٻيو ڏئي به ڇا ٿو سگھي..... پر ڇا ڪنهن قوم لاءِ اهو ڪافي به ناهي ته ڪو عالم ان کي ڪتابَ وسيلي علم جي روشني ڏئي وڃي ۽ ”دعا“ جي لفظ ۾ آئيندي جي اميد..... پر اسان ٻوهيي سان انصاف نه ڪيو آهي. هو علم ۽ ادب جي دنيا جو وڏو ماڻهو هيو، زندگيءَ ۾ به هن کي هِن سماج کان شڪايتون هيون. هن هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته ”اديب کي به عوام کپي، مان اديب ناهيان جو مونکي پبلڪ ڪانهي......... اديب جي دشمنيءَ کي مون ڏٺو آهي ته انهيءَ جهڙي سخت ترين ٻي ڪابه ڪانهي. جڏهن اديب دشمن ٿئي ته انهيءَ کان بچائڻ وارو هن ڌرتيءَ تي ٻيو ڪوبه ڪونهي.“ (1) شايد ٻوهيي جو ڪنهن به ادبي ڌڙي سان تعلق نه هجڻ ڪري ئي ان دور جي اديبن جي ساڻس اها روش هئي. هونءَ به ڀلا ڊاڪٽر ٻوهيي کي اهو شڪوو هجي به ته ڇونه؟ جنهن ماڻهوءَ سماجي لسانيات تي ان وقت ڪم ڪيو هجي جڏهن اردو سميت کوڙ سارين وڏين ادبي ٻولين ۾ اڃا اهو اصطلاح مروج به نه هجي، جڏهن هن سنڌ جي نقادن کي تنقيدي اصول سمجھائي رستو ڏنو هجي ته ٻيلي ڏاها ٿيو، تنقيد جي هنن مڃيل اصولن ۽ معيارن کي سامهون رکي تنقيد ڪريو، جڏهن هن تحقيق کي هڪ علم طور سمجھايو هجي، شعر جي اڀياس جا نوان طريقا ٻڌايا هجن، ادب جا فڪري محرڪ سمجھايا هجن، ٻولي ۽ ڪلچر جي معاملن تي نئين روشني وڌي هجي، تڏهن به هن جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪئي وئي هجي ۽ کيس ڏکيون ڳالهيون ڪندڙ، سر ڦريو، مٿي کاڌو ليکڪ، خشڪ اديب ۽ مٿي جو سور سڏيندي نظر انداز ڪيو ويو هجي ته پوءِ سندس اهڙو شڪوو جائز آهي. جامي چانڊيي مطابق ”ڊاڪٽر ٻوهيو جنهن سطح جو عالم، اديب هو ۽ هن سڄي زندگي جن وڏن ۽ بنيادي موضوعن تي نهايت علميت ۽ گهرائيءَ سان سوچيو ۽ لکيو، جي اُهي اڄ به اسان جي سماجي، فڪري ۽ ادبي ايجنڊا تي گهربل اهميت سان سامهون اچن ته مان پنهنجي پوريءَ سنجيدگيءَ سان چوان ٿو ته سنڌي ادب ۽ سماج صحيح معنيٰ ۾ هڪ نئين دؤر ۾ داخل ٿي سگهي ٿو.“ (2)

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي 8 آگسٽ 1934ع تي تعلقي قمبر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ گھوگھاري جتي سڳداسي چانورن جو فصل ٿيندو هيو ۾ جنم ورتو. سڳداسي جي سڳنڌ جهڙي هن انسان جو هڳاءُ انهن ماڻهن ئي محسوس ڪيو، جيڪي چيڪي مٽيءَ جي خوشبوءَ جا عاشق هوندا آهن، جن جو رشتو زمين سان هوندو آهي. الهداد ٻوهيي جي اک اهڙي جھوپڙيءَ ۾ کُلي جتي غربت، تنگ دستي ۽ مجبوري جهڙيون بيمايون اڳي ئي موجود هيون. هن جا ڀائرن دُک ۽ درد هيا جيڪي هن کان اڳ ئي ان لانڍيءَ ۾ رهندا هيا. هو پنهنجي هڪ انٽريو ۾ پنهنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌائي ٿو ته ”مان هڪ هاريءَ جو پُٽ آهيان...... مونکي ياد نه آهي ته منهنجي ماءُ ڪهڙن مهانڊن جي عورت هئي، ڇو جو اڃان منهنجي سانڀر ئي ڪانه ٿي هئي جو منهنجي والده گذاري وئي....... توهان جي تصور ۾ جيئن ڪو ٻارُ پنهنجي ماءُ کان سواءِ پلجي سگهي ٿو، تئين مون سان به ٿيو...... مان سدائين بيمار، بکيو، مٿي اگھاڙو، پيرين اگھاڙو ۽ وڌيل پيٽ وارو ٻارُ هئس..... منهنجي شڪل به سٺي نه هئي.“ (3) اسان سوچي سگھون ٿا بُک ڏک تي پلجندڙ جنهن ٻار جِي مامتا جي پيار ۽ شفقت بنان پرورش ٿي هوندي، ان جو اندر يتيميءَ جي احساس ۽ ٻين محرومين سان ڪيترو نه ڀريل هوندو. ٻوهيي صاحب جو اهو چوڻ ته ”منهنجي شڪل به سُٺي نه هوندي هُئي“ خود انهيءَ محروميءَ جو پڙاڏو هيو. مان سندس راءِ سان متفق ناهيان پر جيڪڏهن سندس ڳالهه مڃي به وڃي ته مان سمجھان ٿو ڳالهه شڪل جي نه پر عقل جي آهي. دنيا جي وڏن وڏن ڏاهن پنهنجي شڪل جي ڪري نه پر عقل جي ڪري دنيا ۾ مڃتا ماڻي، جنهن جو وڏو مثال ڏاهن جو ابو ”سقراط“ آهي. ڊاڪٽر ٻوهيي به پنهنجي علم، عمل ۽ عقل وسيلي سماج جي هڪ ڪاگر فرد واري زندگي گذاري.