Wednesday, 12 May 2021

پروفيسر ستار سومري جي ڪتاب ”سمنڊ سيويو جن“ تي لکيل مهاڳ ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

مهاڳ

جن کي عشقَ جي اُساٽَ

(پروفيسر ستار سومري جي ڪتاب ”سمنڊ سيويو جن“ تي لکيل مهاڳ)


شاهه لطيف سنڌ جو اڪيلو عظيم انسان آهي، جنهن تي اسان جيترو به فخر ڪريون اوترو گھٽ آهي. اهو ڪو جذباتي بيان ناهي پر هڪ اهڙو سچ آهي جنهن کي ريٽي ۽ ميٽي نه ٿو سگھجي. شاهه لطيف سنڌي ٻوليءَ جو ڀرجھلو آهي. هن پنهنجي فڪر جي سمنڊ کي پنهنجي مٺڙي ٻوليءَ ۾ پرٽي نه صرف لوڪَ جي سينن کي سيراب ڪيو پر دنيا ۾ اسان جو ڪنڌ فخر کان اوچو ڪرڻ جو جواز به پيدا ڪيو. شاهه سائين جي تصور، تخيل ۽ تفڪر جي دنيا وسيع آهي، ان ڪري ان لاءِ ڪنهن حد ۽ سرحد جي پابندي ناهي. لطيف سائين جو فڪر خوشبوءَ وانگر آهي، جنهن کي ڪنهن به سرحد يا خاردار تارن ۾ جڪڙي نه ٿو سگھجي. هن جي فڪر ۾ زمان ۽ مڪان کي اورانگھڻ جي سگھ آهي. هن جي شاعريءَ جي زمين ته سنڌ آهي پر هن جي فڪر جو آسمان سڄي دنيا لاءِ آهي. هن جو تخيل نه رڳو اوچو پر دائمي به آهي، شاهه سائين اڄ جي انفرميشن ۽ ٽيڪنالاجي جي صديءَ ۾ به ان لاءِ دنيا کي قابلِ قبول آهي جو هن جو وکر پئي پراڻو ٿيڻ جهڙو ناهي.

وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.......

شاهه لطيف جو رسالو علم، عقل ۽ شعور جي موتين جي کاڻ آهي. ان جي هر سُر ۾ هڪ الڳ سُرور آهي ۽ جي درد به آهي ته وڻندڙ. ڇوته ڀٽائي سدائين دُکَ مان به رستو ٿو ڪڍي. هن وٽ درد رهزن نه پر رهنما آهي.

ڏيکاريس ڏکن، گوندر گسُ پرين جو

سونهان ئي سورن، ڪي هيڪاندي هوت سين.

لطيف سائين پريت جي پنڌ جي مسافرن جي رهبري ڪندي چوي ٿو ته اهو ڪو آسان ڪم ناهي، تنهن ڪري ان پنڌ تي پيرَ ڌَرِڻَ کان اڳ هر قسم جي قرباني لاءِ تيار رهڻ کپي. ڇوته عشق آهي ئي ايثار جو نالو. جيستائين ڪو عاشق پنهنجي اندر ۾ درد جي گونج کي نه ڪنائيندو ۽ اذيت جي هر احساس کي ويجھو کان محسوس نه ڪندو، تيسيتائين نينهن جو نالو وٺي نه سگھندو.

پهرين ڪاتي پاءِ، پُڇج پوءِ پريتڻو؛
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جئن وَڄاءِ؛
سِيخن ماهُ پَچاءِ، جي نالو ڳِيڙُءِ نِينهنَ جو.

اهو سچ آهي ته حياتي وههُ جي وَٽي وانگر ئي آهي، جنهن کي چاهيندي يا نه چاهيندي هر ڪنهن کي ڍُڪُ ڍڪُ ڪري پيئڻو ئي پوي ٿو. ٽوههَ جهڙن لمحن کي سَري جيئن سُرڪ سُرڪ ڪري اندر ۾ اوتڻو آهي، حياتيءَ جي سرور ۽ مستي کي زندگيءَ جي تلخين جي ٽوهه ۾ ملائي ڏوگھڻو آهي، پوءِ ان ڪڙي قاتل کي لبن تي لائڻ سان ڀل جان رڳن مان روح نڪري وڃي.

مَ ڪَرِ سَڌَ سَري جي، جي تون ٽارِئين ٽُوههُ؛
پِتي جنهن پاسي ٿئي، منجھان رَڳُن رُوح؛
ڪاٽي چَکُ ڪڪُو
ههُ، لاهي سِرُ، لَطِيفُ چئي.

اِهو آهي اسان جو ڀٽائي جنهن وٽ عشق جا اصول به انوکا آهن ته زندگي جيئڻ جا نيم به پنهنجا. شاهه سائين هڪ ويڄ شاعر آهي. هو حقيقي معنى ۾ سنڌي ماڻهن جي دکن ۽ دردن جو مسيحا آهي پر اسان اڃا سندس وجود کان بيخبر آهيون، اسان وٽ اُهي اکيون ناهن جن سان ان معالج تائين پهچي سگھون. ڀٽائي جو رسالو اسان جو ’ويڄ‘ آهي، پر ڪو هجي جو اسان جي اکين مان موريسر ڪڍي.

پاڙي ويڄَ هُئام، تان مون مُور نه پُڇيا؛
تيلاهين پيام، مورَيسرَ اَکين ۾.

ڪيئي سال اڳ سنڌ جي هڪ وڏي عالم چيو هو ته ’هاڻي اسان کي ڀٽائيءَ کان هٿ ٻڌي موڪلائڻ کپي.‘ اڄ اهو عالم اسان کان موڪلائي چڪو آهي پر ڀٽائي اسان وٽ زنده آهي. هو اسان جي دلين ۾ ڌڙڪي رهيو آهي، هو اسان جي روح ۾ موجود آهي. حقيقت اها آهي ته ڀٽائي سنڌ جو روح آهي، جيسيتائين سنڌ جو نالو قائم آهي تيسيتائين لطيف سائين به قائم هوندو. ٽئگور سچ چيو هو ته ’سنڌ لطيف آ ۽ لطيف سنڌ‘ يعني ’هئا اڳهين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿئا.‘

مان سمجھان ٿو ته شاهه سائين جو فڪر ان سِراڻ وانگر آهي، جيڪا تيغن ۽ تلوارن کي ڪَٽُ ۽ ڪَسُ کان بچائيندي آهي. اسان جي دلين جي ڪَسُ انهيءَ سراڻ سان دور ٿي سگھي ٿي. 

سَرها ڏٺم سي، جن ساڃاءَ سِراڻِ سين؛
تيغَ تنِين جي کي، ڪَٽُ نه لڳي ڪڏهين.

ڀٽائي جي فڪر، فلسفي ۽ پيغام کي سمجھڻ ۽ ساڃاهڻ جي جيتري اڄ جي دور ۾ ضرورت آهي، ايتري شايد اڳ ڪڏهن به نه هئي. اڄ جڏهن اسين ايڪويهين صدي جي چيلينجز کي مُنهن ڏئي رهيا آهيون، اڄ جڏهن اسين ماڻهپي کان خالي ۽ بي روح زندگي گذاري رهيا آهيون، جڏهن اسان جا سماجي ۽ اخلاقي قدر پامال ٿي رهيا آهن ۽ اڄ جڏهن اسين خوف ۽ بي چيني جو شڪار آهيون ته اسان کي انهن مسئلن مان نجات جي ڪا راهه نه ٿي سُجھي، پر سچ اهو آهي ته انهن سمورن مسئلن جو حل ڀٽائي جو رسالو آهي، جنهن کي روح سان لائي پڙهڻ ۽ پُرجھڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اڄ به اسان پنهنجي ان رهبر کي نه سڃاتو ته سُڀاڻي پڇتاءَ جا هٿ مهٽڻا پوندا.

ڪايو ڪَمايومِ، موتِي مون نه وَڻجِيا!
سِيهي جو سَيَّدُ چئي، وَکَـرُ وِهايومِ؛
هَهڙو حالُ سندومِ، توهَ تُنهنجي اُبَهان!

هي ڪتاب ”سمنڊ سيويو جن“ جيڪو شاهه جي مجموعي فڪر ۽ فلسفي جو احاطو ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ وک آهي ۽ جنهن ۾ ڀٽائي جي دور جي سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي حالتن جا عڪس ۽ اهڃاڻ آهن، منهنجي هڪ اهڙي پياري دوست پروفيسر ستار سومري جو لکيل آهي، جيڪو منهنجي دل جي ڏاڍو قريب آهي، ان قربت جو خاص سبب اهو آهي ته ــــ ’هو ڀٽائي جو عاشق آهي.‘ ڀٽائي جيڪو منهنجي رڳن ۾ خون جيان ڊوڙي ٿو، منهنجي دل ان جي عاشقن جون اکيون چمڻ تي چوندي آهي.... شاهه چوڻي رهيا آهِينِ روحَ ۾، نِتُ جِنِين جا نيڻَ.....‘ اُهي ماڻهو مونکي پنهنجا پرين ۽ پيارا لڳندا آهن.

اُڀِرَنۡدي ئِي سِجِ، پِرِين جي نه پَسَندِيُون؛
ڪَڍِي ٻيئِي ڏِجِ، اَکَڙِيُون ڪانگَنِ کي.

اُهي اکيون جيڪي شاهه جي اکرن کي پڙهن ٿيون، اهي ذهن جيڪي شاهه جي فڪر ۽ فلسفي کي ساڃاهن ٿا، اهي فرد جيڪي شاهه کي پنهنجي روح ۾ رکن ٿا؛ سچ ته منهنجي لاءِ ڏاڍا مقدس آهن. پروفيسر ستار سومرو به مون لاءِ هڪ اهڙو ئي مقدس روح آهي، جنهن کي مان ڀٽائي جي فڪر جو فدائي سمجھندو آهيان. ڀٽائيءَ بابت رڳو هن جا لفظ تڪلم نه ڪندا آهن پر هن جي خاموشي به ڳالهائيندي آهي. هن جي عشق جو محور لطيف سائين آهي، اهو ئي سندس محبوب آهي، اهو ئي سندس پرين آهي.

جن کي دَورُ دَردَ جو، سبق سُورَ پڙهنّ؛
فِڪرَ ڦَرَهِي هٿ ۾، ماٺ مُطالع ڪنّ؛
پَنو سو پڙهنّ، جنهن ۾ پَسن پِرينءَ کي.

 پروفيسر ستار سومري رڳو پرينءَ جو پنو پڙهيو ناهي، پر ان کي چڱيءَ پَرِ پُرجھيو به آهي. هن ڀٽائيءَ جي فڪر جي درياهه کي ڪناري تان ناهي ڪَڇيو، پر ان ۾ گِھڙي ڏٺو آهي.

گِھڙيا سي چَڙهيا، اِئين اَٿيئِي؛
م
َئي مَتي مَهراڻ ۾، پَؤ ٽپو ڏيئِي؛
ته ميهارُ مِليئِي، سَنڀُوڙو سِيڻا
ههَ سين.

پروفيسر ستار پنهنجي حياتيءَ ۾ مقصد جو ميهار ته ماڻيو آهي پر هن زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيئي ڏک ۽ تلخيون به ڏٺيون آهن. هن جي وڏوَر ڀيڻ جنهن هن کي ’ڀائو‘ بڻايو ۽ اڄ تائين هو پنهنجي ويجھن دوستن ۽ عزيزن جي لاءِ ڀائو بڻيل آهي، تَنهن ڀيڻ جو ٻيڙيءَ ۾ سفر دوران ٻُڏڻ جو دردناڪ واقعو هن ’پنهنجي پاران‘ ۾ لکيو آهي، زندگي ڪيئن نانگ جيان ور وڪڙ کائيندي اڳتي وڌندي ٿي رهي، ڪيئن سهارا وڇوڙي جو وڍُ ڏئي ماڻهوءَ کي بي سهارو بڻائي ڇڏين ٿا، اها ساري ڪهاڻي هن پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪئي آهي. زندگيءَ جي مختلف موڙن مان گذريندي جڏهن ڀائو ستار، شاهه جي فڪر ۾ پناهه وٺي ٿو ته کيس قلبي قرار اچي ٿو. هو نصيرآباد ۾ ’ڀٽائي تحقيقي بورڊ‘ جوڙي پنهنجي اندر جي اها اُڃ ۽ اُساٽ اُجهائڻ چاهي ٿو، جيڪا کيس پل پل تڙپائيندي رهندي هئي. اُتي هو شاهه سائين جي شاعريءَ تي نشستون رکي ۽ ليڪچر پروگرام ڪرائي سُک جو ساهه کڻي ٿو. ائين ڄڻ ته کيس زندگيءَ کي هڪ اهڙو رستو ملي ٿو پوي، جنهن جي هو تلاش ۾ هو. هو پاڻ به فڪرِ لطيف جي مشعل کڻي اڳتي وڌي ٿو ۽ وڌندو ئي رهي ٿو.

هن ڪتاب ۾ پروفيسر ستار سومري جا ڪُل نَوَ مضمون شامل آهن ۽ هر هڪ مضمون پنهنجي پنهنجي موضوع جي مناسبت سان ڀرپور آهي. ان ڪري جو انهن مضمونن ۾ هن جي محنت سان گڏ سندس محبت به شامل آهي ۽ محبت سان ڪيل هر پورهيو اڻ توريو ئي اگھامندو آهي.

محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،

تن جو صرافن، اڻ توريو اگھائيو

هن ڪتاب ۾ پروفيسر ستار سومري جا مضمون تحقيق جي مروج اصولن تحت نه لکيل آهن، تنهن ڪري مان انهن کي مقالا نه پر مضمون ٿو سمجھان پر هن الڳ الڳ مضمونن ۾ کوڙ سارا حوالا به ڏنا آهن، جيڪي حوالن جي مروج طريقي موجب کڻي نه آهن پر ان طرح هِن ڪتاب مان هُن جي مطالعي جي وسعت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.

ڪتاب ”سمنڊ سيويو جن“ جو پهريون مضمون اهو ئي آهي، جنهن تان هن ڪتاب جو عنوان کنئيون ويو آهي. ليکڪ هن مضمون جي مُنڍ ۾ تاريخي طور سنڌ جي تجارت ۽ وڻج واپار جو احوال ڏنو آهي. سنڌ جا واپاري مختلف ملڪن جهڙوڪ مصر، ايران، عراق، لنڪا (سيلون) ۽ جاوا سماترا وغيره ۾ ڪاروبار سانگي درياهي رستي ايندا ويندا رهندا هئا. هِتان جا سوداگر سنڌ جون مختلف قيمتي شيون ۽ اناج انهن ملڪن ۾ پهچائيندا هئا. هن مضمون ۾ ڀائو ستار، ايس پي ڇٻلاڻي جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته ”سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي پهرين اَڌُ، جو مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جو دور هيو، سنڌ کي واپاري دنيا ۾ وڏو مقام حاصل هيو. سنڌ هڪ ترقي يافته، زراعت ۽ اٽڪل ٻارنهن عروج يافته صنعتن کي سنڀالي رهي هئي ۽ اُها نه رڳو پنهنجي اناج ۽ کير جي پيدائش جي سبب ڪري مشهور هئي پر سندس ڪپڙي، قلمي شوري، چمڙي جي سامان ۽ ٻين نادر شين جي نفاست ۽ سهڻائيءَ جي چڱي ناموس هئي. سندس محنتي ۽ جفاڪش ماڻهو نه رڳو هندستان جي مکيه واپاري مرڪزن ملتان، لاهور، آگري ۽ احمد آباد سان جهجهو واپار هلائيندا هئا، پر عربستان، افغانستان، ايران، ترڪ، ميسوپوٽيما، ايشيا مائينر، الهندي يورپ ۽ چين سان پڻ واپار هلندو هُيو. اهوئي سبب هيو جو يورپي قومن پورچوگيزن، انگريزن ۽ ڊچن هن صوبي ۾ پنهنجون بيٺڪون قائم ڪيون.“

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سمنڊ جو ڪافي ذڪر آهي. خاص طور هن جي رسالي ۾ ٽي سُرَ، سُر سريراڳ، سُر سامونڊي ۽ سُر گھاتو اهڙا آهن، جن ۾ سامونڊي زندگي جو احوال ملي ٿو. ان ۾ رڳو سمنڊ جي ڪناري تي گھاريندڙ لوڪن جو جيون نظر نه ٿو اچي پر سمنڊُ بذاتِ خود ڇُلندي نظر اچي ٿو. هي اهو ئي سمنڊ آهي جنهن لاءِ شاهه سائين چيو آهي:

سيوا ڪَر سمنڊ جي، جتي جَرُ وهي ٿو جال،

سوين وهن سير ۾، ماڻڪَ موتي لال،

جي ماسو جُڙيئي مالُ، ته پُڄارا پُر ٿئين.

سامونڊي زندگي ڏاڍي ڏُکي آهي، ان ۾ کوڙ خطرا آهن. مهاڻا جيڪي سمنڊ ۾ پنهنجي روزيءَ جي تلاش ۾ نڪرن ٿا، انهن کي ڪهڙن طوفانن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو، هنن جون ونيون ڪنارن تي ڪهڙي طرح سندن انتظار جي سوليءَ تي ٽنگجن ٿيون، انهن عورتن جي من ۾ ڪهڙا وسوسا جنم وٺن ٿا، سندن حياتيءَ جا پل ۽ پهر ڪيئن گذرن ٿا، سندن اندر ۾ ڪهڙين ڪيفيتن جون لهرون اُڀرن ٿيون..... انهن سڀني ڳالهين جو اندازو تڏهن ٿيندو جڏهن سُر سريراڳ ۽ سُر سامونڊي کي پڙهندا سين..... جتوڻيڪ ستار جي هن مضمون جو عنوان پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هي مضمون سُر سريراڳ يا سُر سامونڊي تي ئي لکيل هوندو پر ائين نه آهي، هن مضمون ۾ هُنَ سمنڊ توڙي درياهه تي ٿيندڙ تجارت کي تفصيل سان بيان ڪندي ڪيترن ئي سُرن مان بيت ڏنا آهن ۽ مضمون مجموعي طور شاهه جي پاڻيءَ وارن سُر تي آڌاريل آهي. جنهن ۾ گھاتو کان وٺي سهڻي تائين مختلف سُرن مان مثال ڏنا ويا آهن. هن مضمونَ ۾ ليکڪ سنڌي ماڻهن جي درياهي ۽ سامونڊي زندگيءَ تي ڀرپور روشني وڌي آهي ۽ ان جا کوڙ تاريخي مثال به ڏنا آهن ۽ ثابت ڪيو آهي ته شاهه لطيف سامونڊي توڙي دريائي زندگي يا سماج تي لکندڙ هڪ وڏو شاعر آهي.

هن ڪتاب جو ٻيو مضمون ”شاهه ۽ عشق“ آهي. حقيقت اها آهي ته عشقُ شاهه لطيف جي شاعريءَ جو مرڪزي موضوع آهي، ٻيا موضوع ان جي چوڌاري ڦرن ٿا. عشق جون الڳ الڳ ڪيفيتون آهن، اهو وسيع گھرو ۽ گھڻ رخو آهي.

نه ڪو سَنڌو سورَ، نه ڪو سَنڌو سِڪَ،

عدد ناهي عشقَ، پُڄاڻي پاڻ لهي.

لطيف سائين وٽ عشق جي ڪا حد ۽ سرحد ناهي، اُهو لاحد ۽ لامڪان آهي. شاهه سائين جو اهو عشق جو سفر ’سُر ڪلياڻ‘ کان شروع ٿئي ٿو ۽ ’سُر بلاول‘ تي تمام ٿئي ٿو. تنهن ڪري ڀٽائي جي ڪلام جي حوالي سان هي نهايت وڏو ۽ وسيع موضوع آهي، جنهن سان ڀائو ستار سٺو نڀايو آهي. مضمونَ جي مُنڍ ۾ هُنَ، جان ڊن، رومي، سچل، باهو، فريد، غالب ۽ فيض جي شاعريءَ مان عشق جا مثال پيش ڪيا آهن، جنهن بعد ڀٽائي جي شاعريءَ مان عشق جي الڳ الڳ ڪيفيتن جا مثال ڏنا آهن.

هن مضمون جي آغاز ۾ ليکڪ شاهه لطيف وٽ عورت جو مقام جي موضوع تي به لکيو آهي، ڇوته شاهه لطيف وٽ عورت ئي عاشق آهي، جنهن وٽان عشق جا الڳ الڳ روپ پسي سگھجن ٿا. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سهڻي ان جو وڏو مثال آهي، جيڪا سمورن سماجي ٻنڌڻ توڙي مذهبي ۽ اخلاقي ضابطن کي ٽوڙي عشق جي درياهه ۾ ٽپي پئي ٿي.

وَههَ تِکَ، واهُڙَ تِکَ، جِت نِينهُن، تِکَ نرالِي؛
جِن کي عِشقُ عَمِيَقَ جو، خِلوَتَ خِيالِي؛
وارِئين سا، والِي! هِنَئڙو جِن هَٿِ ڪيو.

پروفيسر ستار پنهنجي هن مضمون ۾ سهڻيءَ جي عشق جي جدا جدا ڪيفيتن کي ته شاهه جي شاعريءَ مان مثال ڏني ڀرپور نموني بيان ڪيو آهي، پر ان جي ڀيٽ ۾ سسئي جا مثال گھٽ آهن. جيتوڻيڪ سسئيءَ به پنهنجي پنهل جي عشق ۾ پاهڻن جو پنڌ ڪيو هو، رڻَ رُلي هئي، پير پٿون ڪيا هئا. هن سورميءَ تي ڀٽائي پورا پنج سُر چيا آهن. ان حساب سان ان سورمي جي عشق تي پروفيسر کي وڌيڪ لکڻ کپندو هو.

مارئي جو پنهنجي وطن ۽ ڪکن سان عشق آهي. هن جو عشق هڪ فردَ کيتَ کان اڳتي ملير جي هر ماڻهوءَ سان آهي ۽ ملير هن وٽ عشق جو استعارو آهي. ان نينهن جي ناتي، ان عشق جي سُٻنڌَ، سندس نيهن کي ڏينهن جيان اُجاري اڇو ڪيو هو. نيئر منهنجو نينهن اُجاري اَڇو ڪيو. عمر کي مارئيءَ جي اها للڪار پنهنجي اباڻن سان عشق جو وڏو دليل آهي ته ’تيل نه لائيان تنهنجو، مون ماروءَ جو مَنُ....‘ يا ”ڪارا ڪَراين ۾، سونُ اسان کي سوءَ....“ هن مضمونَ ۾ ستار سومري مارئي جي ان وطن جي محبت، ساڻيهه جي سڪ يا عشق تي سٺو لکيو آهي.

ائين ئي مومل جو عشق به شاهه جي ٻين سورمين کان گھٽ نه هيو. ڀائو ستار پنهنجي مذڪوره مضمون ۾ لکيو آهي ته ”حُسن سونهن، جمال، عشق ۽ انتظار جي علامت مومل به آهي جيڪا راڻي جي هجرَ، فراق ۾ روئي رَڙي ڪيئي راتيون گُذاري ٿي. جنهن جي تارُن ۾ تبرون به آهن ته وري گھُوريندڙ اکين ۾ مجاز جا الماس به آهن، پنهنجي راڻي جي عشق ۾ سَڙي خاڪ ٿي هِڪ سَچي عاشق هجڻ جو ثبوت ٿي پيش ڪري. مومل، راڻي جي عشق ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه قُربان ڪري ٿي ۽ راڻي کانسواءِ پنهنجو رنگين مَحل، گُلاب جي گُلن جھڙا ويس، پانن جي پنن جھڙيون سايون سالون، محل جون کٽون، پلَنگ ۽ طوُل ويهاڻا سڀ بيڪار ٿي سمجھي.“

عشق ۽ انتظار هڪ ٻئي سان اهڙا ته سنجوڳي آهن جو ٻنهي کي هڪ ٻئي کان ڌار نه ٿو ڪري سگھجي. انتظار ته مومل کي به هيو پنهنجي راڻي لاءِ، پر شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ هڪ سُرُ اهڙو به لکيو آهي، جنهن جو جهڙوڪر عنوان ئي ’انتظار‘ آهي. اهو سُر آهي سامونڊي، جنهن ۾ وڻجارن جون ونيون اوسيئڙي جي عجيب ڪيفيتن مان پيون گذرن.

هينئڙو ٻيڙيءَ جان، ڏُتڙ پَئي ڏينهن ٿيا،

پُڇو تان نه پريان، ڪر لاهو ٿئي ڪڏهن.

ان عشق ۽ اوسيئڙي جي داستان ۾ ڀٽائي پنهنجن لفظن ۾ ٻن سمنڊن کي پورٽريٽ ڪيو آهي. هڪڙو سمنڊ جنهن ۾ وڻجارا پنهنجا ٻيڙا ٿا ڪاهن ۽ ٻيو جيڪو سندن زالن جي اندر ۾ پيو ڇُلي. پروفيسر ستار ”شاهه ۽ عشق“ عنوان واري هن مضمون ۾ شاهه جي شاعريءَ مان اُڀرندڙ ان عشق ۽ انتظاري وارين ڪيفيتن کي بيتن مان مثال ڏئي خوب اُڀاريو آهي.

پروفيسر ستار سومري هن مضمونَ جي پڄاڻي تي جيڪو نتيجو ڪڍيو آهي، اهو ڏاڍو ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. هو لکي ٿو: ”شاهه لطيف وَٽ حُسن، سونهن ۽ عشق جو نِرالو تصور خيالُ ۽ نظريو به جدوجهد ۽ مسلسل ڳولا ۽ مقصد سان ڪمٽمينٽ آهي. اَصل حُسن ۽ عشق اُن زندگيءَ ۾ آهي جنهن ۾ ماڻهون محروم نه بلڪه ماهر ٿي مَري ٿو، جنهن ۾ خصيص، فُضول ۽ ننڍڙيون ڳالهيون نه هُجن پر ووءِ ووءِ ڪندي وتُ، جان جان هُئي جيئري وِرچي نه ويٺي، سُتي نه سرندياءِ، ڪَر پَچار پرينءَ جي، ويٺي وَر نه پَوَن سُتي مِلن نه سُپرين، آڏو ٽڪر ٽر، ويهڻ مون نه وڙاءُ، پيرين پنڌ ڪندياس، مون سين هَلي سا، جا جيءُ مِٺو نه ڪري، جھڙا پيغام هُجن.

هن ڪتاب جو ٽيون مضمون ”سُر ڪيڏاري جو انقلابي پهلو“ آهي، جنهن ۾ ڀائو ستار شاهه جي سُر ڪيڏاري جي مزاحمتي ۽ انقلابي رخ کي ڀرپور نموني پڌرو ڪيو آهي. هن مضمون جي شروعات ۾ ئي پروفيسر ’ڪيڏارو‘ لفظ جي معنى لکي جيڪا وضاحت ڪئي آهي اها وڏي معنى خيز آهي. هو لکي ٿو ”شاهه لطيف جهڙي امن پسند، پيار ڪندڙ ۽ تاريخي  ڄاڻ واري ماڻهوءَ کي اها خبر هئي ته توڙي جو جنگ پنهنجي دامن ۾ تباهي ۽ بربادي جو سامان کنيون ايندي آهي، پر ان مان اهو فائدو هوندو آهي ته جنهن سماجي سياسي، طبقاتي ۽ جاگيرداري نظام خلاف وڙهي  ويندي آهي ان کي پاڙ کان پٽي ڦٽو ڪندي آهي ـــ پوءِ  جنهن سان عظيم، روشن ۽ مستحڪم سماج جي تعمير ٿيندي آهي.“

هن مضمون ۾ پروفيسر سُر ڪيڏاري بابت مختلف عالمن ۽ محققن جي اعتراضن تي روشني وجھندي سُر بابت سٺي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي. ’ڪيڏارو‘ اهڙو جنگي ميدان آهي، جتي حق ۽ باطل جو فيصلو ٿيندو آهي. ڪيتريون ئي جنگيون هارائي به کَٽيون وينديون آهن.... اهڙي ئي هڪڙي جنگ ڪربلا جي ميدان تي به لڳي هئي، جتي حضرت امام حسينعه بظاهر ته ان جنگ ۾ شڪست کاڌي هئي پر ان جنگ کان پوءِ اڄ تائين هن ڪروڙين دليون فتح ڪري ورتيون. حقيقت اها آهي ته ’شاهه جو ڪيڏارو‘ رڳو ڪرب و بلا جي دردَ ڪٿا نه آهي پر ان کان اڳتي دنيا جي سمورن مظلومن جي دُک جو استعارو آهي. ڀائو ستار جي لفظن ۾ ”شاهه سر ڪيڏاري ۾ رزميه شاعري (Epic Poetry) ڳائي آهي، جنهن مان شاهه هڪ باغي، انقلابي، مزاحمتي، جنگي حڪمت عملين بابت ڄاڻ رکندڙ ۽ عظيم وطن دوست شاعر نظر ٿو اچي، جنهن پنهنجي انقلابي شاعريءَ ۾ ويڙهه ۽ جنگ جا گُرُ، انقلابين جي جدوجهد، بهادري، سورهيائي، دليري، شجاعت، قرباني ثابت قدمت ۽ جنگي حڪمت عملين جا بنياد رکيا آهن.

هڻڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ، مانجهيان ايءُ مرڪ،

وجهن تان نه فرق، رُڪ وهندي راند ۾،

هن مضمون ۾ ڀائو ستار، خليفي نبي بخش جي کرڙيءَ جي جنگ تي لکيل ڪيڏاري تي به روشني وڌي وئي آهي ۽ ان جي ڪلام مان مثال پڻ ڏنا آهن. هن شاهه جي ڪيڏاري بابت لکيو آهي ته ”سر ڪيڏارو شاهه جي ٽيهٺ ڄمار واري زندگي جو آخري سُرُ آهي، جنهن ۾ شاهه جي شعور ۽ ادارڪ جي انتها  آهي. ڇو ته مُنڍ کان وٺي آخر تائين لطيف جبر، ڏاڍ، ظلم ۽ ناانصافي جي خلاف رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو شاهه قومي غلامي واري ويڙهيل ۽ گهيريل سماج ۾ قومي وحدت جي بقا، انسان ذات جي نجات، ڇوٽڪاري ۽ تڪميل جو واحد ذريعو ويڙهه ۽ جنگي روايتن کي مقرر ٿو ڪري.“

شاهه لطيف جي ڪلام ۾ ڪيفيتن جون لهرون آهن. ڪي اوچيون ته ڪي نيچيون. هڪ پاسي ڀٽائي ’هو چونئي تون مَ چئه‘ چئي سهپ ۽ برداشت جو سنيهو ڏئي ٿو ته ٻي پاسي ڪيڏاري ۾ ڏاڍ خلاف ويڙهه جو هنر ٻڌائي ٿو....

سورهيه مرين سوڀَ کي، ته دل جا وهم وسار،

هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍالَ مَ ڍارَ،

مٿان تيغ ترار، مارِ ته متارو ٿئين.

هن مضمون ۾ سٺي ڳالهه اها آهي ته ليکڪ ڪيڏاري جي علامتن کي موجوده دور جي سياسي ۽ سماجي حالتن سان سلهاڙي پيش ڪيو آهي ۽ آخر ۾ شاهه جي ڪيڏاري جي وستار هنن لفظن ۾ ڪئي آهي ”لطيف جو ڪيڏارو به هر دور جو ڪيڏارو آهي. ان جو ڪئنواس ماضي،  حال ۽ مستقبل تي پکڙيل آهي. اڄ لطيف جو ڪيڏارو سنڌ جي سورن ۽ دائمي دردن جو ڪيڏارو آهي..... سنڌ جو هر صبح اداس ۽ شام ”شامِ غريبان“  محسوس پئي ٿئي. امن، سڪون ۽ انصاف جو جنازو نڪري چڪو آهي.“

پروفيسر ستار سومري جو مضمون ”شاهه لطيف وٽ سماجي اڏاوت جو تصور“ جيترو پنهنجي موضوع جي حوالي سان وسيع آهي اوترو ئي ڀرپور نموني لکيل آهي. هُنَ منڍ ۾ ئي هي جملا لکي ڄڻ ته پنهنجي مضمون جو دائره ڪار ٻڌايو آهي ته: ”ڪنهن به عظيم شاعر جو ڪلام سندس دور جو آئينو  يا عڪس هوندو آهي، جنهن مان ان دور جون حالتون، ڪيفيتون،سماج ۽ زندگي ڏانهن مثبت رويا ڏسي سگهبا آهن. شاهه لطيف جو زندگي ۽ سماج ڏانهن رويو سندس شاعري مان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو.“ ان بعد ڀائو ستار، شاهه سائين جي شاعريءَ مان ڪيئي مثال ڏئي لطيف سائين وٽ سماجي اڏاوت جي تصور کي چٽو ڪيو آهي.

هن مضمون ۾ پروفيسر ستار، شاهه سائين جي مختلف سورمين جهڙوڪ نوري ۽ مارئي جا مثال ڏيندي ٻڌايو آهي ته لطيف سائين پنهنجي سماج جي هيٺين طبقي کي اهميت ڏني. نوريءَ جو سماج جي ان طبقي سان تعلق هيو، جن جو تعارف لطيف سائين هنن لفظن ۾ ڪرائي ٿو ته ’گند جنين جي گوڏ ۾ پاٻوڙا پوشاڪ....‘ ائين ئي مارئي ٿر جي انهن مسڪين مارن منجھان هئي جن لاءِ ڀٽائي چيو آهي ته ’آڻِينِ ڪي چاڙهِينِ، ڏُٿُ ڏيهاڙي، سُومِرا!...‘ لطيف سائين ڀورن جو ڀرجھلو شاعر آهي، هو سنڌي ماڻهن جي صدين جي غلاميءَ واري زندگيءَ کان چڱيءَ پَرِ واقف هيو، هن انهن مسڪينن کي پنهنجا هيرو بڻائي کين ان نفسياتي دٻاءَ ۽ ذهني غلامي مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇوته کين پنهنجن زنجيرن سان به پيار ٿي ويو هيو. هي اهو ئي طبقو هيو جن کي لطيف سائين هنن لفظن ۾ ڀيٽا ڏئي ٿو.

مَٿِنِ ٽُٻَڪَ ٽُٻَڪَڙا، چِڪَندڙا اَچَنِ؛
کُڙِيُون کيہَ ڀَڪُلِيُون، پَگَھرُ سِرِ پيرَنِ؛
اِي وَڙَ ويڙِيچَنِ، مُون لوڏان ئي لَـکِيا.

هن مضمون ۾ پروفيسر ستارَ، شاهه سائين جي ڪلام ۾ موجود ثقافتي قدرن کي به اُڀاريو آهي. سنڌ جي ريتن رسمن، تاريخ، تهذيب، وڻج واپار ۽ رهڻي ڪهڻيءَ بابت ڀٽائي جي ڪلام مان مثال ڏئي ٻڌايو آهي ته سنڌي سماج پنهنجي Cultural Values جي حوالي سان ڪيڏو Rich آهي. هو ڀٽائي جي زندگيءَ ۾ بيچيني ۽ جستجو جو سبب بيان ڪندي هنن لفظن ۾ شاهه سائين کي نئين سنڌي سماج جو اڏڻهار ڪوٺي ٿو ”لطيف سائين پنهنجين روايتن ۽ ابن ڏاڏن جي گاديءَ کي ٺڪرائي، پيرين پنڌ گودڙيون ڪُلهي تي رکي، تنبوري جي تارن کي ڇيڙيندو، مون سين هلي سا جا جيءُ مٺو نه ڪري‘، ڪنڊا مون پيرن ۾ توڙي لک لڳن، جُتي سي پائينديون جنين پير پري، ووءِ ووءِ ڪندي وت متان ووءِ وسارئين، جان جئين تان جل ڪانهي جاءِ جلڻ ريءَ، جيئن جيئن تپي ڏينهن، تيئن تيئن تاڻيج پنڌ ۾ ۽ آڏو ٽڪر ٽر متان رهه رتيون ٿئين جهڙا آلاپ آلاپيندو رهي ٿو. شاهه صاحب وٽ سڄي سماج ۽ جاگيرداري معاشري کي بدلائي ان جي نئين سر جديد ۽ سائنسي بنياد تي اڏاوت ڪرڻ ۽ سڄيءَ سنڌ کي خوشحال، آزاد، شاهوڪار ۽ ترقي پسند سنڌ بنائڻ جو عظيم تخيل ڏيڻ، انسان جي بنيادي آزاديءَ جهڙا اڇا ۽ اجرا خواب ڏسڻ جهڙا عظيم آدرش ۽ وڏا مقصد آهن، جنهن مقصد ۽ نيت جو سچو اظهار شاهه صاحب پنهنجي هن بيت ۾ ڪري ٿو، جنهن ۾ شاهه جي شاعريءَ جو فڪر، پيغام ۽ آزاد معاشري جو خوبصورت ۽ ڪلاسيڪل تصور ملي ٿو:

نه ڪا جهل نه پل، نه ڪو رائر ڏيهه ۾،

آڻيو وجهن آهرين، روڙيو رتا گُل،

مارو پاڻ امل، ملير ئي مرڪڻو.

بنيادي طور لطيف سائين هڪ اهڙو پُر امن، انصاف ۽ مساوات آڌاريل آزاد ۽ خودمختيار سماج پئي چاهيو، جتي ڪنهن به قسم جي ڪا انتهاپسندي ۽ فرقيواريت نه هجي، هن هڪ اهڙو ترقي پسند ۽ روشن خيال سماج اڏڻ پئي چاهيو، جتي هر ڪو آزادي سان جِي ۽ سُک جو ساهه کڻي سگھي. ڀائو ستار هن مضمونَ ۾ ڀٽائي جي شاعريءَ جي انهيءَ سماجي فڪر کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.

ڪتاب جو پنجون مضمون ”شاهه لطيف جون سورميون ۽ اڄوڪو سنڌي سماج“ آهي. شاهه لطيف جون ساريون سورميون مارئي، مومل، سسئي، سهڻي، ليلا، نوري، سورٺ، سُٽ ڪتيندڙ ۽ وڻجارن جون ونيون پنهنجن پنهنجن ڪردار ۾ نهايت اهم آهن. انهن جو اڄوڪي سنڌي سماج سان Relevance تمام اهم موضوع آهي. هن مضمون جي منڍ ۾ پروفيسر ستار سومري  عورت جي مختلف روپن تي سير حاصل بحث ۽ تبصرو ڪيو آهي. تاريخي طور ڏسجي ته عورت جو عظيم ڪارنامو زراعت جو بنياد وجھڻ آهي. اها عورت جنهن قديم دور ۾ مرد جي غير موجودگيءَ ۾ گهرَ اڏيا، ڀاڄون، گل، ٻوٽا ۽ گاهه پوکيا، اها عورت ئي آهي جيڪا انساني نسل کي اڳتي وڌائي ٿي.

شاهه لطيف عورت جي عزت ۽ اهميت کي ڄاتو ٿي، سندس سورميون همت، جرئت، مزاحمت، جدوجهد، مستقل مزاجي، ثابت قدمي، وطن دوستي ۽ قربانيءَ جو اهڃاڻ بڻيل آهن. پروفيسر ستار سومري هن مضمون ۾ لکيو آهي ته ”شاهه جو رسالو، عورت جي عظمت، عزت، وقار، بلند ڪردار، بهادري، ثابت قدمي، بي خوفي، مسلسل جدوجهد ۽ عشق جو لازوال دستاويز آهي..... سوچڻ جو مقام آهي ته شاهه لطيف پنهنجا سمورا فلسفا، فڪر خيال ۽ پيغام عورت جي زباني يا عورت جي معرفت ڇو ٿو ڏيڻ چاهي؟ ان جو سڀ کان پهريون سبب اهو آهي ته شاهه لطيف جاگيردارانه ۽ طبقاتي نظام جو مخالف شاعر آهي. اهو طبقاتي ۽ جاگيرداري نظام جو نانگ جيڪو سنڌي سماج کي ڏنگيندو رهندو هو، اهڙي زهريلي نانگ جي ڏنگَ جو شڪار سڀ کان پهريان ويچاري عورت بَڻي جيڪا سماج جي مدي خارج ريتن، رسمن ۽ روايتن جي گهاڻي ۾ به پيسبي رهندي هئي. هن عورت کي اهڙي ڪاريهر  جهڙي سماج ۾ جائز مقام ۽ مانُ ڏياريو.

مُنڌ نه منجهان تن، پَسي لَڪَ لڏن جيئن

جا پَرَ کاهوڙين، سا پَرَ سکي سسئي.

هن مضمون ۾ ستار سومري مجموعي طور تي عورت جي سماج ۾ حيثيت ۽ تاريخي پس منظر تي خوب لکيو آهي ۽ شاهه جي بيتن مان ڪجھ مثال ڏئي ٻڌايو آهي ته عورتَ، سماج ۾ عزت لائق ڪردار آهي، جنهن جي عظمت جي گواهي ڪيترن ئي ڏاهن ڏني آهي. هن پنهنجي هن مضمون ۾ کوڙ ڏاهن، عالمن ۽ محققن جا عورت جي عظمت بابت حوالا به ڏنا آهن.

هن ڪتاب ۾ موجود مضمون ”شاهه جي ڪلام ۾ وطن سان اڪير“ به پروفيسر ستار سومري روح سان لکيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته شاهه لطيف هڪ وطن دوست شاعر آهي. هن جو سمورو ڪلام ان جو دليل آهي. حقيقت اها آهي ته هن پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ کي پنهنجي انمول اکرن سان شاندار ڀيٽا پيش ڪئي آهي. هن سنڌ جي مٽيءَ کي پنهنجي نيڻن جو سرمو ڪيو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ رڳو سڄڻ جي سار ناهي پر ساڻيهه جي سِڪَ به آهي. شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ وطن جي سمنڊ، درياهه، ڍنڍن، ڍورن، پهاڙن، صحرائن، گلن ٻوٽن، ولين ۽ گاهن جو ئي ذڪر نه ڪيو آهي پر هن پنهنجي ڌرتيءَ جي ڪکن، ڪانن، ڪانڊيرن ۽ ٻوڙن کي به نه وساريو آهي.

ٻُڏَندي ٻُوڙَنِ کي، ڪي هاتِڪَ هَٿَ وِجَھنِ؛
پَسو لَڄَ، لَطِيفُ چڱي، ڪيڏِي کي ڪَکَنِ؛
توڻي ڪَنڌِيءَ ڪَنِ، ناتَ ساڻِن وڃن سِيرَ ۾

............

مَيي ماڪائِي، وِڌو واتُ وَليُن کي

.............

وَليُون واسَ وَرنيُون، پَهرِيُون مَٿي پَٽَ

..........

ڪَرِ ڪي ڳالَهڙِيُون، ڪَنڊا! ڍورَ ڌَڻِـيُنِ جُون

شاهه لطيف اهو شاعر آهي، جنهن جي پنهنجي ساڻيهه سان محبت املهه آهي، هن جا ڏک ۽ سک پنهنجي وطن ۽ مارن سان سلهاڙيل آهن. وطن خوشحال آهي ته سندس من ۾ قرار آهي، مارو ماڻهو سکيا آهن ته کيس به سُک ملي ٿو. وطن کان دوري تي ديس جي ڳالهه به سندس اندر جا اندوهه دور ڪري ڇڏي ٿي ۽ ڏُکَ جي ٻاٽَ ۾ سُکَ جي لاٽ ٻري پوي ٿي.

سُڻي ساڻيهه ڳالهڙي لهي ويا لوهه،

اندر جا اندوهه، لٿا ڏک سک ٿيا.

پروفيسر ستار سومري هن مضمون ۾ لکيو آهي ته ”شاهه لطيف  پنهنجي ديس جي ننگن ۽ دنگن جو وارث ۽ سنڀاليندڙ آهي، جيڪو سمجهائي ٿو ته جڏهن ديس جي مٿان ڪارا ڪڪر ڇانيل ڏسو، جڏهن قوم دردن ۽ سورن جي ور چڙهي وڃي، ماڻهن کان ان جي جياپي جو حق کسيو وڃي، جڏهن سامراجي قوتون قبضو ڄمائي ويهي رهن ته اهڙي صورتحال ۾ پاڻ کي هر وقت وطن جي محبت ۽ تحفظ  جي لاءِ سُجاڳ رهڻ کپي ۽ ديس جي دشمن سان هر وقت ويڙهه ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي.“ شاهه لطيف وٽ اهڙي ويڙهه ۽ مزاحمت جي علامت ’مارئي‘ آهي. مارئي ٿر جي هڪ عام سادي سودي عورت آهي، پر جڏهن وقت جو حڪمران عمر سومرو کيس کنڀي پنهنجي ڪوٽ ۾ قيد ڪري ٿو ته هوءَ پنهنجي لوئيءَ ۽ لَڄَ جي حفاظت پاڻ ٿي ڪري. هوءَ هيڻي هجڻ باوجود وقت جي جابر قوت کي للڪاري سنڌي سماج جو هڪ غير معمولي ڪردار بڻجي وڃي ٿي. لطيف سائين پنهنجي ڪلام ۾ مارئيءَ جي ان مزاحمت کي ته اُڀاري پيش ڪيو آهي، پر هن وٽ سندس حب الوطني جو وڏو قدر آهي. مارئي هر پل پنهنجي وطن، ڪکن ۽ مارن کي ساريندي ٿي رهي. هن جي خواهش آهي جيڪڏهن وطن جي سَڪ سيني ۾ سانڍي مري به وڃان ته منهنجي قبر به پنهوارن جي پاس هجي، هوءَ مُئي پڄاڻان به ڏاڏاڻي ڏيهه جي ولڙين مان واسُ وٺڻ چاهي ٿي ۽ جيڪڏهن هن جو مڙهه ملير ۾ دفن ٿئي ته هوءَ اهڙي موت کي به زندگي ڄاڻي ٿي.

واجھائي وطن کي، آءٌ جي هِتِ مُياسِ؛
گورَ مُنهِنجي سُومِرا! ڪ
ِج پَنوَهارنِ پاسِ؛
ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيهَه جِي، مَنجھان وَلِڙِيُنِ واسِ؛
مُيائِي جياسِ، جي وَڃي مَڙ
ههُ مَلِيرَ ڏي.

مارئي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو هڪ غير معمولي ڪردار آهي، جيڪو نه رڳو سنڌي سماج پر سڄي دنيا لاءِ هڪ انوکو مثال آهي. ڀائو ستار لکيو آهي ته ”مارئي جيڪا ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ قومي جدوجهد ۽ حب الوطنيءَ جي لازوال علامت آهي، ڀٽائي جي قومي ۽ مزاحمتي فڪر جون جهلڪيون سر مارئي ۾ نظر اچن ٿيون، جنهن عظيم فڪر مان اسان کي پنهنجي وطن ۽ وطن جي ماڻهن سان پيار ڪرڻ جو سبق، وقت جي ظالم حڪمران سان ٽڪر کائڻ جي همت، جرئت ۽ حوصلو ملي ٿو...... مارئي جو ساهه مارن جي نينهن جي سُئيءَ سان سبيل آهي، جنهن سُئيءَ لاءِ مارئي چيو ته عمر جي بادشاهي پنهنجي مارن جي سُئيءَ جي  برابر نه آهي.

مجموعي طور شاهه لطيف جي ڪلام ۾ وطن دوستي جي حوالي سان پروفيسر ستار جو هي مضمون نهايت ڀرپور ۽ ڳردار آهي، جنهن ۾ هن مارئي جي ڪردار جي حوالي سان شاهه لطيف جي حب الوطني بابت بهترين ويچار پيش ڪيا آهن.

پروفيسر ستار سومري جو هن ڪتاب ۾ موجود مضمون ”شاهه جي ڪلام ۾ عورت جي عظمت“ در اصل سندس مضمون ’شاهه لطيف جون سورميون ۽ اڄوڪو سنڌي سماج‘ جي تسلسل ۾ لکيل آهي، جنهن جي منڍ ۾ هن عورت جي عظمت جا گيت ڳاتا آهن. سماج ۾ عورت جي مقام، تي روشني وڌي آهي. ان لاءِ هن کوڙ سارن شاعر ۽ مفڪرن جي قولن ۽ شعرن جو سهارو ورتو آهي.

شاهه لطيف وٽ عورت جو وڏو مانُ ۽ مقام آهي. وڻجارن جون ونيون جڏهن پنهنجن وَرَن جي وَرڻَ لاءِ اندر ئي اندر ۾ تڙپن ٿيون ته ڀٽائي به ان تڙپ کي محسوس ڪري ٿو ۽ هڪ سڄو سارو سُر ”سامونڊي“ انهن عورتن جي اُلڪي ۽ انتظار جي نذر ڪري ٿو. مارئي، عمر جي ڪوٽ ۾ تڙپي ۽ لڇي ٿي ته اها لڇ پُڇ شاهه به محسوس ڪري ٿو. سسئي پاهڻن جا پنڌ ڪري پنهل جا پيرا کڻي ٿي ته هر لمحي ڀٽائي سندس ڀر ۾ بيٺل محسوس ٿئي ٿو، جي ائين نه هجي ها ته هو پنهنجي رسالي جي سڄن سارن پنجن سُرن ۾ سسئي جي سهسين ڪيفيتن کي نه چٽي سگھي ها. مومل جو راڻي لاءِ اونو ۽ انتظار، سهڻيءَ جي ميهار لاءِ بي انت محبت، ليلا جا لڙڪ ۽ پڇتاءُ، نوريءَ جي نئڙت، سورٺ جو صبر ڇا نه آهي لطيف جي ڪلام ۾.... پروفيسر ستار صحيح لکيو آهي ته ”شاهه جو سمورو ڪلام عورت جي عظمت، ڪردار، بهادري، شجاعت، هٺَ، وڏائي، نياز نوڙت، انڪساري، عاجزي، نيازي، حب الوطني، جدوجهد ۽ بي خوفيءَ جو لازوال ۽ عالمي دستاويز آهي، جيڪو عورت جي حقن جي نمائندگي ڪري عالمي معاشري ۾ عورت کي پنهنجو جائز ۽ برابري وارو مقام ڏياري هڪ انسان جي حيثيت واري درجي تي پهچائي ڇڏي ٿو. مطلب ته لطيف عورت جي حقن جو وڪيل شاعر نظر اچي ٿو.“

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورتن جا ڪردار اسان جي مرداڻي معاشري ۾ مردن لاءِ خود هڪ اعلى ۽ عظيم مثال آهن. انهن ڪردارن مان نه رڳو مردَ پر پورو سماج اتساهه وٺي سگھي ٿو. مارئي، سهڻي ۽ سسئي جا ڪردار اسان جي سماج جا ايڏا اڏول ڪردار آهن، جيڪي نئين دنيا جي ماڻهوءَ کي به حيرت جي سمنڊ ۾ غرق ڪري ڇڏين ٿا. مثلاً:

سسئي:

وَرَ ۾ ڪونھي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وَڏو ڪَيو؛
نِھارِيندِيَسِ نِڪرِي، بوتَنِ ڪارَڻِ بَرُ؛
آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، متان روہ
هَ رَتِيُون ٿِئين!

سهڻي:

ڪَنڌِي اُڀيُون ڪيتريُون، "ساهَڙُ ساهَڙُ" ڪَنِ؛
ڪنِين سانگو سا
ههَ جو، ڪي "گھورِيِسَ" ڪيو گِھڙَنِ؛
ساهَڙُ سَندو تَنِ، گھاگھائي گِھڙنِ جي.

مارئي:

پَٽُ نه پهريان سومرا، جانڪيتان جيئان

آئون ڪيئن لوئي لاهيان، ڪارڻ ٻن ڏينهان

جانسين ٿي جيان، ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو

پروفيسر ستار هن مضمون ۾ شاهه جا بيت گھٽ ڏنا آهن پر مضمون جو اختتام تمام سٺن لفظن سان ڪيو آهي، جيڪي جيئن جو تئين هتي لکڻ تي دل چوي ٿي: ”شاهه لطيف اهو آدرشي شاعر آهي جنهن عورتن کي آدرشي روپ ڏيئي سماج ۽ خود عورتن کي ٻڌائڻ چاهيو آهي ته عورت جيڪا ازل کان ابد تائين جبر، ڏاڍ، غلامي ۽ احساسِ محرومي جي علامت رهي آهي. جيڪا سماج جي سمورن عذابن ۽ پيڙائن کي دل سان قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اهڙي عورت ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون صلاحيتون موجود آهن، جن کي اڀاري ماڻهن جي آڏو پيش ڪري سگهجي ٿو، جيئن مارئي مسڪين ۽ غريب هجڻ جي باوجود به وقت جي حاڪم سان ٽڪر کائي ٿي، جيڪا حب الوطني، انساني آزادي، محبت ۽ پاڪيزگي جو اهڃاڻ آهي، سورن ماري سسئي مستقل مزاجي، ثابت قدمي، مقصد سان سچائي ۽ مسلسل ۽ ڊگهي جدوجهد جو نانءُ آهي، سهڻي جي بي خوفي، منزل ۽ مقصد لاءِ تڙپ ۽ قرباني، ليلا جي ڏاهپ ۽ ليلائڻ، نوريءَ جي عزت نفس وارين خوبين، مومل جي مجاز ۽ انتظار واري ڪيفيتن ۽ روين کي نروار ڪري عورت جو سراپا سهڻو روپ ۽ عظيم تصور پيش ڪيو آهي. شاهه جون سورميون جيڪي عام رواجي عورتون نه آهن، بلڪ هڪڙا مثالي، لافاني، لازوال ۽ آدرشي ڪردار آهن، جن وٽ وڏن ۽ جبلن جيڏن عظيم مقصدن جي حاصلات جو عشق ۽ جذبو آهي، جيڪي سڄي عمر کاهوڙين جيئان بي باڪ ٿي آدرشن جي حصول لاءِ جدوجهد ڪن ٿيون.

هن ڪتاب جو اٺون مضمون آهي ”شاهه لطيف بحيثيت رهبر شاعر“ هي مضمون پنهنجي عنوان وانگر گھڻ رخو ۽ جامع آهي. مضمون جي تمهيد ئي ان جو احاطو طئي ڪندڙ آهي. پروفيسر ستار لکيو آهي ته ”سنڌ ڌرتي دنيا جي گولي تي اها ڀاڳن ڀري ۽ خوش قسمت ڌرتي رهي آهي جنهن جي سائي ڪُکِ، سدا شاد آباد سرزمين مان شاهه لطيف جهڙو عظيم ۽ لازوال شاعر، ڏاهو، سياسي ۽ سماجي مفڪر، سچو محب وطن، عوام دوست، انقلابي، آزاد، روشن خيال، ترقي پسند، عدل ۽ انصاف ڀري سماج جو علمبردار، امن ۽ پيار جو پيغمبر، هيٺين ۽ مظلوم طبقي جو حامي شاعر پيدا ٿيو. جنهن جي سموري شاعريءَ ۽ زندگيءَ جو محور ۽ مرڪز سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي آزادي، خوشحالي، ترقي ۽ قومي بقا رهي آهي. جنهن جي سدا روشن فڪر ۽ عالمي پيغام ۾ پنهنجي وجود جو احساس، قومي ۽ شخصي تعمير، مسلسل جدوجهد، عالمي ڀائيچارو ڌرتيءَ سان لافاني عشق، سنڌي ماڻهن جي ذهني آزادي، عزت، آجپو، وقار ۽ ترقيءَ سان گڏ انسانيت پرست فلسفو به موجود آهي.

مون پنهنجي پي ايڇ ڊي ٿيسز ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ ۾ لکيو هيو ته ”ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ جي موضوعاتي جهان ۾ هڪ گھڻ رخو شاعر آهي ۽ هن جي شاعريءَ جي گھڻ رخي تشريح سندس شاعريءَ کي فڪري وسعت به بخشي ٿي، پر اهو ڌيان ۾ رکڻ کپي ته هو شاعر آهي ۽ شاعر به اهڙو جنهن کي دنيا جا وڏا وڏا عالم به وڏو شاعر قبول ڪن ٿا...... اسان وٽ شاعرن ۽ اديبن کي پنهنجن پنهنجن نظرين جي پٺيان هلايو ويندو آهي، پر حقيقت ۾ نظريا عظيم شاعرن جي پٺيان هلندا آهن.“ مونکي خوشي ٿي ته پروفيسر ستار سومري هن مضمون ۾ ’لطيف ازم‘ جو اصطلاح استعمال ڪيو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته لطيف رڳو ڪنهن فرد جو نالو ناهي پر هڪ نظريي جو نالو آهي. هو لکي ٿو ته ”لطيف ازم اسان کي خدمتِ خلق، محبت، انسانيت، حصولِ علم، جدوجهد، حق، تصوف، عدم تشدد، عالمي امن، انساني همدردي، مقصد سان سچائي، ايڪو، اتحاد، برابري، اعلى اخلاق، بهتر ڪردار، نيڪي، خير، حسن ۽ خودشناسيءَ جو بهتر رستو ٻڌائي ٿو، جنهن ۾ انسان جي ذاتي ۽ قومي نجات ۽ ڇوٽڪارو رکيل آهي، شاهه سنڌي قوم جو رهبر ۽ رهنما شاعر آهي، جيڪو ويڄ ۽ سچو مسيحا آهي.

شاهه لطيف بيشڪ اسان جي هر طرح سان رهبري ۽ رهنمائي ڪري ٿو. هن جي شاعري روشنيءَ جو اهڙو مينار آهي، جنهن جي جوت مان جڳَ کي رستو ملي ٿو. هن جي سِٽَ سِٽَ مان قومي ۽ بين الاقوامي فڪر ۽ فلسفي جون لاٽون اڀرن ٿيون. هُن جي ڪلام جو موضوع ۽ مڪان سنڌ جي آهي پر سندس پيغام سموري انسان ذات لاءِ آهي. هو پنهنجي ڪلام وسيلي پيڙهيل طبقي کي حوصلو ڏئي ٿو، منجھيل ۽ مرجھايل لوڪن کي آٿت بخشي ٿو. ڪاهل ۽ ڪمزور انسانن کي جدوجهد جو سبق سمجھائي ٿو، سُست ۽ سُتل قوم کي ڌونڌاڙي جاڳائي ٿو، قوم جي فردن کي اجتماعي مفادن تي پنهنجا انفرادي مفادن قربان ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ وطن دوستي، انسان دوستي، روشن خيالي، مزاحمت، قومي شعور ۽ عالمِ انسانيت لاءِ امن ۽ محبت جو پيغام موجود آهي. ان ڪري اها ڳالهه وري وري ورجائڻ جهڙي آهي ته هو رڳو سنڌين جي رهنمائي نه ٿو ڪري پر سڄي دنيا جي ماڻهن کي هڪ اهڙي راهه ڏسي ٿو، جنهن سان ماڻهپي جو مانُ مٿاهون ٿي سگھي. هن جي ڪلام ۾ اهي زنده سماجي قدر ۽ اصول موجود آهن، جن سان ڪامياب زندگي گذاري سگھجي ٿي.

جئان وهي تئان واٽ، ڪپرُ پڇن ڪوڙيون،

جنکي سڪ ساهڙ جي، سي گهيڙ نه پڇن گهاٽ،

جن کي عشق جي اُساٽ، سي واهڙ ڀانئن وکڙي.

ڀائو ستار جو هي مضمون پنهنجي موضوع توڙي ٻوليءَ جي حوالي سان بهترين آهي. مضمون پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان جي لفظ لفظ ۾ ليکڪ جي دل جو لهو شامل آهي. هُن، هِنَ مضمونَ ۾ شاهه جي فڪر کي قومي ۽ بين الاقوامي شعور سان سلهاڙي سٺا نتيجا ڪڍيا آهن.

هن ڪتاب جو آخري مضمون ”شاهه جي شاعريءَ ۾ خوبصورت تشبيهن جو ڪمال“ آهي. هن ڪتاب ۾ هي اڪيلو مضمون آهي جنهن ۾ ڀائو ستار، شاهه جي ڪلام جي هڪ فني پهلوءَ کي کنئيون آهي. حقيقت ۾ اهو ايڏو وڏو موضوع آهي، جو ان جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو جو ڪجھ سال اڳ ان موضوع تي ڊاڪٽر ام ڪلثوم، پي ايڇ. ڊي به ڪري چڪي آهي. ان کان علاوه به ڪيترن ئي عالمن ۽ لطيف جي پارکن ان موضوع تي قلم کنئيون آهي. ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته شاهه جي شاعريءَ جو اهو موضوع نهايت جامع ۽ پُرڪشش آهي. شاهه لطيف جو سڄو ڪلام تشبيهن جي سونهن سان ڀريو پيو آهي.

پروفيسر ستار هن مضمون جي آغاز ۾ شاهه جي شاعريءَ مان وحدانيت، رسالت، مجازي عشق، حقيقي عشق، فطرت جي سونهن، حسين منظرن، محبوب جي جمال، عاشق ۽ معشوق جي ڳالهين، ڪارن ڪڪرن جي وسڪاري، جنگ ۾ جھيڙيندڙ بهادرن، ڪائنات جي اسرارن توڙي ڳُجھن جي حوالي سان شاهه سائين جي لکيل بيتن کي هڪ ترتيب سان پيش ڪيو آهي. جنهن بعد ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي تشبيهي پهلوءَ تي ڪيئي بيت مثال طور پيش ڪندي ڀرپور نموني لکيو آهي.

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ حسين تشبيهن جي هڪ ڪهڪشان آهي ۽ ان ڪهڪشان جو هر ستارو پنهنجي اندر الڳ جوت رکي ٿو. سچ ته اهو هڪ هڪ تارو، تارن ۾ سمائڻ جهڙو آهي. انهن تارن مان مثال طور ڪجھ هن پني تي اتاريان ٿو.

جَرَ ۾ ڦوٽو جيئن، لهرين لڳي اڌ ٿئي،

تون پڻ آهين تيئن، دنيا ۾ ڪو ڏينهڙو.

............

جيئن مينهن ڪنڊيءَ پور، تيئن دوست وراڪو دل سين.

...........

جئن سي کوهيءَ نار، وهن واري گاڏئان

هنئڙو پريان ڌار، نبيرياس نه نبري.

...........

ڪاتب لکين جيئن، لايو لام الف سين،

اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.

هن مضمون ۾ پروفيسر ستار، شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ تشبيهن جا مثال ڏيندي وچ ۾ شاهه جي پيش رو شاعرن قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم جي شاهه جي شاعريءَ تي اثر اندازيءَ جو به ذڪر ڪيو آهي ۽ گڏ و گڏ کانئس پوءِ وارن شاعرن ۾ سچل سرمست جو به تذڪرو ڪيو آهي، جنهن تي لطيف جي شاعريءَ جا گھرا اثر معلوم ٿين ٿا. هن مضمون ۾ ڀائو ستار موضوع کان هٽي به کوڙ ڳالهيون ڪيون آهن، جن ۾ لطيف سائين جي وطن دوستي، انقلابي، قومي ۽ مزاحمتي ڪردار وغيره شامل آهن. بهرحال هي پڻ هڪ ڀرپور مضمون آهي.

پروفيسر ستار سومري جي هن ڪتاب ۾ نج اترادي ٻوليءَ جي خوشبو محسوس ٿئي ٿي. هن جو لهجو پنهنجو آهي، هن شاهه جي بيتن کي گھڻو تڻو قومي، انقلابي ۽ مزاحمتي فڪر جي روشني ۾ پيش ڪيو آهي. مجموعي طور هن ڪتاب جو خاص موضوع ڀٽائي جي شاعريءَ جي سماجي فڪر جي پروڙ ۽ سندس سورمين جي ڪردارن جي گھڻ رخي پرک آهي. هن ڪتاب ۾ ڀائو ستار، شاهه سائين جي ڪلام جي سياسي، سماجي، ثقافتي، معاشي ۽ اقتصادي پهلوئن تي دل کولي لکيو آهي. مان هتي وري به اها ڳالهه ورجائڻ چاهيندس جيڪا منڍ ۾ ڪري آيو آهيان ته پروفيسر ستار سومرو لطيف جو عاشق آهي، تنهن ڪري هن ڪتاب جي اکر اکر مان هن جو عشق جھلڪي ٿو. هن جي اندر ۾ ڀٽائيءَ جي عشق جي اَکُٽ اُڃ ۽ اُساٽ آهي ۽ جن کي عشق جي اُساٽ هوندي آهي تن کي واهڙ به وکڙي ڀاسندو آهي. جن کي عشق جي اساٽ، سي واهڙ ڀانئن وکڙي....“ هُنَ هي ڪتاب لکي ڀٽائيءَ جي فڪر جو سمنڊ سيويو آهي ۽ ڀٽائي چيو آهي ته سمنڊُ جي سيوِين، تِنِين ماڻڪَ ميڙيا.....“

 

ڊاڪٽر احسان دانش

01 فيبروري 2019

No comments:

Post a Comment