مهاڳ
سنڌي ڪافيءَ جي ڪٿا ۽ تحقيق جو سفر
(ملهار سنڌي جي ڪتاب ”ڪافي جو فني فڪري ۽ تحقيقي جائزو“ تي لکيل مهاڳ)
تحقيق هڪ ڏکيو فن آهي، جنهن جون پنهنجون مخصوص گھرجون آهن. جيتوڻيڪ تحقيق جو بنياد تخليق ئي آهي، جنهن جي اهميت کان ڪوبه انڪار نه ٿو ڪري سگھي پر تخليقڪار هڪ آزاد پنڇي آهي، هو پنهنجي سوچ جا پَر کولي ڪئين آڪاشن تي پرواز ڪري سگھي ٿو. تحقيقَ، سچائيءَ جي پرک سيکاري ٿي، جنهن ڪري استدلال جو دامن پڪڙڻو پوي ٿو ۽ دليل جي گفتگو يقيناً ڏُکي هوندي آهي. دليل حوالو گھرندو آهي، حوالي جي تلاش لاءِ مطالعي جي ضرورت هوندي آهي ۽ گھڻي مطالعي سان وري تقابلي جائزي جو شعور پيدا ٿيندو آهي، جيڪو هڪ محقق لاءِ بيحد ضروري آهي.
هڪ ليکڪ جو ڪم لکڻ آهي پر هر تحرير جي هڪ خاص ٻولي هوندي آهي. فڪشن، ڪالم، شاعري، سفرنامو، آتم ڪٿا، تنقيد ۽ تحقيق الڳ الڳ ٻوليءَ جون گھرجائو صنفون آهن. تحقيق ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ جي تمام وڏي اهميت ۽ وقعت هوندي آهي. تحقيق جي زبان ۾ شائستگي ضروري آهي. حتاڪه ٻين عالمن ۽ محققن سان اختلاف رکڻ وقت به ٻوليءَ کي نرم رکڻو پوندو آهي. اصل ۾ اها تحقيق جي تقاضا آهي. جيڪڏهن ڪنهن محقق کي ڪنهن ٻئي محقق جي راءِ بي وزن به لڳندي هجي ۽ ان ۾ جھولُ نظر ايندو هجي ته به ان راءِ کي رد ڪندي کيس احترام جو دامن هٿان ڇڏڻ نه گھربو آهي، ٿي سگھي ٿو ته اڳتي هلي، سندس ئي راءِ کي ايندڙ دور جو محقق دليل سان رد ڪري ۽ انهيءَ راءِ کي قبول ڪري جيڪا هن لاءِ قابلِ قبول نه هئي. ٻين لفظن ۾ اسان چئي سگھون ٿا ته تحقيق ۾ ڪنهن جي به تحقير جي گنجائش موجود نه هوندي آهي. اصل ۾ اهو ئي تحقيق جو حسن به آهي، ڇوته تحقيق ڪڏهن به مڪمل نه ٿي ٿئي. اهو سچ جي وري وري ڳولا جو عمل آهي، جنهن جو ڪوبه انت ناهي. تحقيق ۾ حيرانگيءَ جي امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگھجي، ڇوته اها آهي ئي نئين کوجنا جو عمل، تنهن ڪري ان عمل دوران حيرت جو سامان موجود هوندو آهي پر جيڪڏهن ان حيرانگي پٺيان طنز شامل هجي ته ان کي سٺو سنوڻ نه سمجھيو ويندو.
تحقيق جو اصل روح ڪنهن اڻ ڏٺل دنيا جي تسخير ڪرڻ آهي. ڪنهن گُمان کي ثابت ڪرڻ لاءِ جاکوڙڻ هڪ محقق جو حقيقي ڪم آهي، تنهن ڪري ڪنهن به تحقيقي ڪم لاءِ پهريان هڪ مفروضو ٺاهيو ويندو آهي، جيڪو تحقيق بعد درست يا غلط ثابت ٿي سگھي ٿو. اسان وٽ خود علم تحقيق بابت به غلط تشريحون موجود آهن. ڪي دوست ڪَٽ پيسٽ کي تحقيق سمجھي ويٺا آهن. رڳو حوالن جي قطار ٺاهي، مقالو لکڻ تحقيقي ڪم ناهي. بيشڪ حوالا ڪنهن به تحقيقي ڪم لاءِ اشد ضروري آهن، پر جيڪڏهن ڪو محقق لکيل مقالي ۾ موضوع متعلق پنهنجي راءِ، تجزيو، تبصرو ۽ تنقيد شامل نه ٿو ڪري ته اهڙو تحقيقي ڪم اڻ پورو ۽ تشنگيءَ سان ڀرپور هوندو. ادب ۽ آرٽ جي شعبن ۾ تحقيق جو طريقو سائنسي ريسرچ کان مختلف آهي. سائنس ۾ ليب ورڪ به ٿيندو آهي پر ادبي تحقيق جو بنياد گھڻو ڪري ڪتابَ هوندا آهن، ۽ ان سان لاڳاپيل مواد جهڙوڪه دستاويز، قلمي نسخا، خط وغيره پڻ اهم هوندا آهن. جڏهن ته ڪجھ موضوع محقق کي پاهڻي پنڌ ۽ صحرائن جو سفر به ڪرائيندا آهن، يعني اهڙن موضوعن لاءِ عملي جدوجهد جي گھرج هوندي آهي.
ادبي تحقيق جي اهميت ۽ افاديت کان ڪوبه انڪار نه ٿو ڪري سگھي. معياري ادبي تحقيق سان ڪيترن ئي رازن تان پردو کڄي ويندو آهي، تاريخ جي ورقن تان دز هٽي ويندي آهي ۽ هڪ نئين بحث ۽ ڊسڪورس جو آغاز ٿيندو آهي. ڊاڪٽر تنوجا نيساري پنهنجي هڪ تحقيقي مقالي Literature Research ۾ ادبي تحقيق بابت لکيو آهي ته:
Literary Research is the backbone of various research branches. Literary Research includes-
To find out all possible information’s about particular text or literature published or unpublished matter in various forms.
To preserve - them according to their forms with modem techniques.
To analyse - them with the help of various study branches, revision and editing the information to draw a concrete conclusion in accordance with present and future study.
ڊاڪٽر تنوجا چواڻي ادبي تحقيق، تحقيق جي مختلف شاخن لاءِ ڪرنگھي جي هڏيءَ واري حيثيت رکي ٿي. ان هڪڙي ئي جملي منجھان ادبي تحقيق جي اهميت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. حقيقت اها آهي ته سٺيون لائبريريون هڪ محقق لاءِ اهڙي پناهه گاهه وانگر هونديون آهن، جتي هو سُک ۽ سُڪون محسوس ڪندو آهي. هڪ سٺي ڪتاب جي تلاش به تحقيق جي مسافت ۾ ڪڏهن ڪڏهن رُڃ بڻجي ويندي آهي ۽ ان جي حاصلات صحرا ۾ سرهي سَرَ وانگر ڀاسندي آهي. ڪڏهن وري ڪو محقق ڪنهن موضوع تي لکندي اهڙن ڪتابن کان اڻ ڄاڻ هوندو آهي، جيڪي ان تحقيق لاءِ آڪسيجن جيان هوندا آهن. مطلب تحقيق لاءِ گھڻ رخي سوچ، زيرڪ ذهن، جاکوڙي طبيعت، بيچين روح ۽ ڪُل وقتي محنت جي ضرورت هوندي آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيل تحقيق جي معيار تي هتي لکڻ جو موقعو ناهي. البته ايترو ضرور چوندس ته سنڌي ادب ۾ هن وقت تائين ٿيل تحقيق، خاص طور پي ايڇ. ڊي ۽ ايم فل جا مقالا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي منظر عام تي اچي سگھيا آهن ۽ باقي يونيورسٽين جي لائبريرين ۾ ئي محفوظ آهن. انهن مان ڪجھ مقالا پنهنجن موضوعن جي لحاظ کان بي حد اهم آهن پر انهن کي ڪوبه ڇَپائڻ وارو ناهي، جڏهن ته ڪجھ ٿيسزون اهڙيون به آهن جيڪي ڄاڻي واڻي ڇُپايون ويون آهن، انهن مان ڪي ته يونيورسٽن جي لاڳاپيل شعبن ۾ به ڳوليون نه لڀنديون. سڄي ڳالهه جي ڳَر اها آهي ته هن وقت تائين ڪجھ ٿيسز ڇَپايون ويون آهن ته ڪي وري ڇُپايون ويون آهن. جن محققن ۽ عالمن پنهنجون ايم فل ۽ پي ايڇ. ڊي ٿيسز ڇَپايون آهن، سي جَسُ لهڻن. انهن مان ڪجهه ته سنڌي تحقيقي ادب جو املهه سرمايو به آهن ۽ حقيقت ۾ اهو ڪم انهن عالمن جو سنڌي ادب مٿان احسان آهي. ٻيون ٿيسز جيڪي ڇپجي پڌريون ٿيون آهن ۽ وقت جي نقادن انهن جي معيار تي به آڱر کنئين آهي، مان سمجھان ٿو ته تنهن جي باوجود انهن محققن کي جَسُ آهي، جن پنهنجو جهڙو تهڙو پورهيو ڇُپائڻ بدران ديانتداريءَ سان ڇَپائڻ پسند ڪيو.
حقيقت اها آهي ته پنهنجي تحقيقي ڪم کي سڀني اڳيان پڌرو ڪرڻ به بهادريءَ جو ڪم آهي، ڇوته اهو ڪم ڇپجڻ بعد سڄي لوڪ جي ملڪيت بڻجي وڃي ٿو ۽ ڪو به نقاد ان تي پنهنجي راءِ ڏئي ان کي رَدِ يا قبول ڪري سگھي ٿو. ان طرح ان ڪم تي هڪ راءِ قائم ٿئي ٿي. ان ڪري مان ته انهن سمورن دوستن کي جَسُ ڏيندو آهيان جيڪي پنهنجو علمي ۽ تحقيقي پورهيو پڌرو ڪرڻ جي همٿ ڪندا آهن. هي اوهان جي هٿن ۾ به جيڪو ڪتاب آهي، سو در اصل اسان جي دوست ملهار سنڌي جي محنت جو پورهيو آهي، جنهن پنهنجي وَسَ ۽ وسيلن آهر ”ڪافي جو فني ۽ فڪري جائزو“ جهڙي موضوع سان نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ۾ سندس گائيڊ ۽ اسان جي دوست نامياري محقق ڊاڪٽر مخمور بخاري جي رهنمائي به شامل آهي.
ملهار سنڌي بنيادي طور هڪ شاعر آهي. هڪ رومانوي شاعر، جنهن وٽ پيار جا نغما آهن، حسين رنگن ۽ پوپٽن جون ڳالهيون آهن. هونءَ به هڪ ذي شعور شاعر وٽ خوابن جي خوبصورت دنيا هوندي آهي، هن جي دل ڪومل احساسن ۽ امنگن جو آماجگاهه هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن هن جي اُڏار آسمانن کان اتاهين ۽ هن جي سوچ پاتال کان به گھري ٿي ويندي آهي. ملهار، جيڪو بسنت رُت جا نغما ڳائي دل وندرائيندو آهي، پنهنجن شعرن ۾ محبت ۽ مزاحمت جون ڳالهيون ڪندو آهي، جنهن پنهنجي سيني ۾ سنڌ وطن جي مٽيءَ جي سڳنڌ سمائي سوين سٽون منظوم ڪيون آهن، جنهن جا هٿَ ڪومل لفظ چونڊي شاعري جي ريشمي لباس تي احساسن جا گُل ٽاڪيندا رهيا آهن، تنهن تحقيق جو پٿرائون پنڌ شروع ڪيو ته ڏسندي ئي ڏسندي سندس مقالا ميدان تي ايندا رهيا. هڪ ڏينهن چيائين ته ’ڪافي‘ تي ايم فل ٿو ڪريان، منهنجي گائيڊ ٻڌايو آهي ته توهان وٽ ڪافيءَ بابت حفيظ خان جو ڪارائتو ڪتاب موجود آهي، جيڪو ملتان ۾ ٿيل هڪ ڪانفرنس ۾ هن توهان کي روبرو ڏنو هيو. اهو ڪتاب ڪجھ ڏينهن لاءِ کَپندو.‘ مون کيس کلندي کلندي چيو ته اهو ڪتاب ته ”ڊاڪٽر مخمور صاحب وٽ به آهي، اهو نه ٿو ڏي ڇا؟“ خير..... مون کيس ڪتاب ڳولي ڏنو. مون کي خبر نه هئي ته جنهن ٿيسز لکڻ لاءِ ملهار ڪشالا ڪَاٽيا آهن، سا ڪتابي صورت ۾ ڇپبي ته ان جو مهاڳ مون کي لکڻو پوندو..... مان سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل هر لفظ جو قدر ڪندو آهيان ۽ جڏهن به سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪو ڪتاب ڇپجندو آهي ته جيجل ٻوليءَ جي جاوداني ۽ امرتا جو احساس ٿيندو آهي، پر خاص طور هن نوعيت جا ڪتاب جن ۾ ليکڪ جو خون پگھر شامل هوندو آهي، جنهن ۾ محقق جي راتين جا اوجاڳا ۽ ڏينهن جا ٿَڪ به شامل هوندا آهن، انهن کي ڏسي ان ڳالهه ۾ يقين پختو ٿيندو آهي ته سنڌي ٻولي ۽ ادب ڪڏهن مرڻو ناهي، اهو پنڌ اڳتي کان اڳتي وڌندو ئي رهندو. سو ملهار سنڌي جي هن پورهيي کي مان انهيءَ نظر سان ڏسان ٿو.
ڪافي سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي هڪ اهم ۽ قديم صنف آهي. هڪ راءِ مطابق سومرن جي دور جي شاعر ۽ اسماعيلي فرقي جي مبلغ پير صدرالدين جا ”گنان“ ڪافيءَ جي ابتدائي شڪل آهن. ’ڪافي‘ بابت هن وقت تائين اسان جي عالمن ۽ محققن ڪافي ڪجھ لکيو آهي ۽ ان جي وصفن، تشريحن ۽ توضيحن جي حوالي سان کوڙ ساريون متضاد ڳالهيون پڻ ملن ٿيون، جن مان ڪجھ جا حوالا وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان هٿ ڪري ملهار سنڌي پنهنجي هن ٿيسز ۾ ڏنا آهن، پر مان ڪجھ بنيادي حوالن جو اضافو ڪندي ’ڪافي‘ تي ڪجھ وڌيڪ روشني وجھڻ چاهيان ٿو. جيئن هن ڪتاب وسيلي ملهار جي محنت کي داد ڏيندي اوهان اهي ڳالهيون به پڙهي وٺو جن جي پڻ هن موضوع جي مناسبت سان وڏي اهميت ۽ وقعت آهي.
اسان وٽ گھڻو ڪري ڪافي لفظ جي مادي تي ڪافي بحث رهيو آهي، ڪن عالمن ان صنف کي ’ڪافي‘ سڏيو آهي ته ڪن وري ’قافي‘. ان سلسلي ۾ ٻنهي لفظن جي ڀاڃ به ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان نامياري اديب ۽ محقق الياس عشقي جي تحقيق به قابلِ قدر آهي جنهن صاحب پنهنجي وسيع مطالعي، ادبي ذوق، تجزياتي نگاهه ۽ تقابلي جائزي بعد ڪافي بابت هن وقت تائين جيڪو ڪجھ لکيو ويو آهي ان کي پنهنجي هڪ مقالي ”شاهه جي شاعريءَ ۾ فن جو اُپٽار“ ۾ مختلف نڪتن ۾ پيش ڪيو آهي. مان هتي انهن مان ابتدائي ڇهه نڪتا جيئن جو تيئن رکڻ ضروري ٿو سمجھان. جن ۾ ان لفظ جي گهڻ رُخي ڇنڊ ڇاڻ ٿيل آهي.
(1) دعا ”ڪاف“ ۾ ڪاف گهڻو آيل آهي، ڪافي جو تعلق انهيءَ لفظ ڪاف سان آهي. (2) ڪافي لفظ ”ڪفيٰ“ مان نڪتل آهي. ڪفيٰ مان ڪفايت مصدر ٺهيو ۽ ان مان اسم فاعل ”ڪافي“ آهي. (3) ڪفه جي معنيٰ ڏک جي ڪاٺي آهي، جنهن ۾ گهنگهرو پيل هوندا آهن. ڪافي ڳائيندي عام طور ڳائڻا دف جو به استعمال ڪندا هئا، ان ڪري مخصوص موسيقيءَ جو نالو ڪافي پيو. (4) ڪافي معنيٰ سبڻ ۽ وڍڻ آهي، جنهن سان چمڙو بهتر ۽ ڪارائتو ٿي ويندو آهي. اهڙيءَ ريت خانقاهي موسيقي ڪافي به بهتر ٿيندي ويئي. (5) قافي معنيٰ ڳولا ڪرڻ يا تلاش ڪرڻ آهي، ڇو جو هيءَ مخصوص خانقاهي موسيقي رب جي ڳولا يا تلاش ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي. ان ڪري ان جو نالو ”قافي“ يا ڪافي پيو. (6) ”ڪافي“ قافيي مان نڪتل آهي. اصل ۾ مقفــّـيٰ ڪلام کي ڪافي چيو ويو. اصل لفظ ”تافي“ هو، جو قافيي جي بگڙيل صورت هئي، پر عام استعمال جي ڪري ”قافي“ لفظ ”ڪافي“ ٿي ويو. ڊاڪٽر نبي بخش خان ٻڌايو آهي ته اصغر سائينءَ جي ڪلام ۾ ”ڪافي“ کي ”قافي“ چيو ويو آهي. ان ڪري ڊاڪٽر صاحب صنف ”ڪافي“ کي ”قافي“ ۽ ”قافي“ جي گائڪيءَ يا راڳ کي ”ڪافي“ ڪري لکي ٿو.“ (ٽه ماهي مهراڻ 4، 1988) سنڌي ٻولي جي نامياري عالم ۽ محقق ڊاڪٽر بشير احمد شاد وري پنهنجي پي ايڇ. ڊي ٿيسز ”ثناءُ الله ثنائي جي شاعري جو تنقيدي جائزو“ ۾ الياس عشقي کان به ٻه قدم اڳتي وڌي نه رڳو مٿين ڇهن نڪتن کي اصلوڪن حوالن سان پيش ڪيو آهي پر ڪافي متعلق ٻيا به ڪي بنيادي حوالا ڏئي هڪ هڪ راءِ تي تنقيد، تبصرو ۽ تجزيو به ڪيو آهي، جنهن سان نه رڳو ڪافي جي لفظي ڇنڊ ڇاڻ ٿي وئي آهي پر ان جي فني، فڪري ۽ موضوعاتي رخن تي به روشني پئي آهي. تنهن ڪري ڊاڪٽر شاد جي ٿيسز جو اهو باب جيڪو ويهارو کن صفحن تي مشتمل آهي، سو پڻ ڪافي جي فن، فڪر ۽ ارتقا جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي نوعيت جو بهترين ڪم آهي.
سنڌي شاعريءَ جي ابتدائي صنف ’ڳيچُ‘ جنهن جو تعلق ڳائڻ سان آهي بلڪل ائين ئي ’ڪافي‘ جو به موسيقي ۽ گائڪي سان چولي دامن جو ساٿ آهي. ان ڪري هيءَ هڪ ادبي صنف هجڻ سان گڏ گائڪيءَ جي صنف به آهي، تنهن ڪري اها ڳالهه بنان هٻڪ جي چئي سگھجي ٿي ته ڪافي جيڪا هڪ ڪلاسيڪي شعري صنف طور سنڌي توڙي سرائڪي شاعريءَ ۾ صدين کان وٺي رائج آهي ان جو بنيادي تعلق راڳداري ۽ موسيقيءَ سان گھرو آهي. اسان وٽ عام طور ڪافي ڪلام جو اصطلاح به شايد انهيءَ ڪري ئي رائج آهي جو ڪافي جو پاندُ موسيقيءَ سان ٻڌل آهي. جيتوڻيڪ ڪلام لفظ جي معنى ته گفتو، ڳالهه يا بيان آهي پر عوامي سطح تي ان جي هڪ معنى راڳ يا موسيقي به آهي. الياس عشقي صاحب مطابق: ”عارفاڻو ۽ صوفياڻو ڪلام اوائلي دور ۾ راڳ ڪافي يا ڪافي ٺاٺ جي راڳن ۾ ڳايو ويو هوندو ۽ صوفي بزرگن انهيءَ راڳ کي پنهنجي محفلن لاءِ ”ڪافي سمجهي“ ٻين راڳن کي صوفياڻي ڪلام ڳائڻ لاءِ شايد مناسب نه سمجهيو هوندو. پوءِ رفته رفته صوفياڻي ڪلام ۾ ان جي گائڪي ۽ ان سان مخصوص موسيقي جي انداز کي به ڪافي چوڻ لڳا هوندا ۽ ٿيندي ٿيندي ڪافي جو اصطلاح صوفياڻي ڪلام ۾ صوفياڻي انداز جي راڳ لاءِ رائج ٿي ويو هوندو.“ (ٽه ماهي مهراڻ 4، 1988)
اسان وٽ هڪ زماني تائين ڪافي ۽ وائي کي هڪ ئي صنف سمجھڻ وارو مغالطو پڻ رهيو. ان حوالي سان پروفيسر محرم خان پنهنجي هڪ مقالي ۾ حڪيم عبدالغفار شاهه راشدي جي حوالي سان لکيو آهي ته ”متاخرين غلط فهمي ۾ اچي وائي کي ڪافي سمجهي ويٺا آهن. ڇو ته سنڌ ۾ شعر يا موسيقي جو ايترو مواد موجود نه هو، تنهنڪري اهو امتياز نه رهيو ته وائي ڪهڙي شئي آهي ۽ ڪافي ڪهڙي چيز آهي.“ (”پرک“ 77 - 1976ع، سنڌ يونيورسٽي) بهرحال تحقيق مان اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته انهن ٻنهي صنفن جي وچ ۾ نه رڳو وقت جي وڏي وٿي موجود آهي پر فني طور به ٻنهي ۾ فرق آهي.
ڪافي جي قدامت ۽ روايت بابت هن وقت تائين جيڪا تحقيق ٿي آهي، سا پڻ دلچسپين کان خالي نه آهي. مثلاً ڊاڪٽر بلوچ جو چوڻ آهي ته ” ”قافي“ (جنهن کي غلطيءَ مان ”ڪافي“ ڪري لکجي ٿو)، قدامت جي لحاظ سان ”ڳاهه“ کانپوءِ ٻئي درجي تي آهي. ”ڳاهه“ ايراني ”گاٿا“ جو سنڌي اُچار وارو نالو آهي، ۽ ”قافي“ عربي نظم ”قافية“ (قصيدو، نظم) جو سولو سنڌي نالو آهي. عربي دان سنڌي شاعرن جي مشهوري ٻي صدي هجري کان ٿي، ۽ غالباً اهڙن شاعرن سنڌي ۾ پڻ ڪي شعر چيا جيڪي ”قافي“ جي نالي سان سڏيا ويا. انهيءَ اندازي موجب ”قافي نظم“ جي شروعات ٻارهن سئو ورهيه کن اڳ ٿي. نظم جي اها ”صنف“ پوءِ سماع طور ڳائجڻ لڳي، ۽ ڳائڻ جي لحاظ سان ايندڙ عرصي ۾ مسلسل طور مقبول رهي. ان جي مقبوليت جا روايتي اهڃاڻ اندازاً 7- صدي هجري کان ۽ تحريري بيان 10- صدي هجري (12- صدي عيسوي) کان ملن ٿا.“ (ڪافيون (جلد پهريون)، 1985) ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته ”اسماعيلي بزرگن جا گنان هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن کي سنگيت وديا يا راڳداريءَ موجب ڪافيءَ جي صنف چئي سگهجي ٿو..... پير نورالدين عرف ستگر نور گنانن کي موسيقيءَ جي بنيادن تي ڳائڻ جو رواج وڌو.“ (لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ــ 1977) جڏهن ته الياس عشقي جي تحقيق مطابق ”تحريري صورت ۾ ڪافي پنهنجي هاڻوڪي معنيٰ ۾ شاهجهان جي پوئين ۽ اورنگزيب جي اوائلي دور ۾ ملي ٿي. انکان اڳي جتي به لفظ ڪافي اچي ٿو، ان کي ڪافي راڳ يا ڪافي ٺاٺ جي معنيٰ ۾ سمجهڻ گهرجي.“ (ٽه ماهي مهراڻ 4، 1988) بهرحال اسان جي معتبر عالمن ۽ سينئر محققن کان وٺي اسان جي نوجوان محقق ملهار سنڌيءَ تائين ڪافي جي بڻ بڻياد جي کوج اڃان جاري آهي.
سچ اهو آهي ته سنڌ جي سموري ادبي تاريخ ڪٿي به تسلسل سان نظر نه ٿي اچي، خاص طور قديم دور جو ادب اڻ لڀ ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب سنڌ مٿان مسلسل ڌارين جون يلغارون آهن. جن سنڌ جي لائبريرين ۽ ڪتب خانن کي آڳ لڳائي ۽ اهم قلمي نسخن کي خاڪ ۾ ملايو، جنهن ڪري تاريخ جي زنجير جون ڪَڙيون ٽٽي پيون. ڪافيءَ جي قديم آثارن ۽ ابتدائي نمونن جي حاصلات ناممڪن بڻجڻ پٺيان به ڪي اهڙا ئي سبب آهن. تنهن جي باوجود سنڌ جي هاڪاري عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب ”نظم جي صنف“ توڙي ”راڳ جي صورت“ ۾ سنڌ ئي ”قافي“ جو گهر آهي. سنڌ ۾ ئي ”ڪافي راڳ“ اسريو. انهيءَ سلسلي جا حوالا 10- صدي هجري (16- صدي عيسوي) کان وٺي اهڙن مستند علمي، ادبي ۽ تاريخي ڪتابن ۾ پڻ ملن ٿا، جيڪي سنڌ کان ٻاهر تصنيف ٿيا. سنڌي ذاڪرن ۽ قوالن، حضرت شيخ بهاؤ الدين زڪريا (ملتان)، حضرت شيخ فريد (پاڪ پٽن) ۽ حضرت شيخ عبدالجيل چوهڙ بندگي ۽ سندس جاءِ نشين (لاهور) جي سماع جي محفلن ۾ سنڌي قافيون ڳايون، جن کان متاثر ٿي ان دور ۾ فقط پنجاب جي ئي ڪن درويشن ”ڪافي راڳ“ وارا نظام جوڙيا، پر ”قافي نظم“ توڙي ”ڪافي راڳ“ جو اصل گهر سنڌ ئي رهيو.“ (ڪافيون، جلد پهريون 1985)
ڪافي جو جنم ڀلي سنڌ ۾ ئي ٿيو هجي پر ان جي پکيڙ جا آثار پنجاب تائين نظر اچن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو سرائڪي ۽ پنجابي زبان جي ڪلاسيڪل توڙي جديد دور ۾ ڪافي گو شاعر نظر اچن ٿا. ساڳي طرح ڪافي راڳ پڻ سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر به گھڻو ئي ڳايو ويو آهي ۽ ڳائجي رهيو آهي. تنهن ڪري ڪافي جي هڪ شعري صنف توڙي راڳ جي حيثيت ۾ ٻين ٻولين ۽ سنڌ کان ٻاهر موجود آثارن جي حوالي سان تقابلي مطالعي جي گھرج آهي. ملهار سنڌي جي هن اڀياس جو محور سنڌي ڪافي آهي، تنهن ڪري منهنجي راءِ موجب سندس هن تحقيقي مقالي جو عنوان ”سنڌي ڪافي جو فني ۽ فڪري جائزو“ هجڻ کپي ها.
بنيادي طور ڪافيءَ جو موضوع صوفي فڪر جي چوڌاري ڦري ٿو. ابتدائي دور جي ڪافين جي لهجي ۾ نسائي چاشني موجود آهي، ان ۾ عشق، درد ۽ فراق جون آهون ۽ دانهون به ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ته محبوب جي حسن ۽ جمال جا جلووى به پسي سگهجن ٿا. سنڌي ڪافي ۾ سنڌ جا نج ثقافتي رنگ ۽ ٻوليءَ جون حسناڪيون به ڏسي سگھجن ٿيون. ڊاڪٽر اسد جمال پلي پنهنجي مقالي ”سنڌي ڪافي ـــ هڪ سرسري جائزو“ ۾ لکيو آهي ته ”ڪافي“ سنڌي شعر جي سدا سهاڳڻ صنف آهي. تاريخ ۽ جاگرافي جي مختلف دؤرن مان گذرڻ بعد به سندس تشخص ۾ فرق نه آيو آهي، نه وري ڪا ٻي صنف سندس مقبوليت ۽ اهميت کي چئلينج ڪري سگهي آهي. ڪافي عوام جي سينن ۾ سانڍيل سنڌي شاعريءَ جو انمول حصو آهي جنهن کي ڪوبه اتان کسڪائي نه سگهيو آهي. وقت جي وهڪري سان گڏ ڪافي ۾ ڪئين مضمون داخل ٿيندا ويا. فلسفي ۽ تصوف کان وٺي عشق جي آزارن ۽ ڪانگل جي قاصد پڻي تائين، محبوب جي ثنا کان وٺي عاشق جي قربانين تائين ۽ پوءِ قومي جذبن کان وٺي بين الاقوامي سياست تائين جا موضوع ڪافيءَ جي ڳچيءَ جو هار بنبا ويا، پوءِ به سندس ڪلاسيڪيت ۽ مخصوصيت ۾ ڪو فرق نه آيو آهي.“ (مهراڻ 4، 1984، مقالا نمبر)
هي ڪتاب ”ڪافي جو فني ۽ فڪري جائزو“ جيڪو ملهار سنڌيءَ جي محنتن جو ثمر آهي، ان ۾ هن ڪافيءَ جي لفظي ڇنڊ ڇاڻ کان وٺي، معنوي وسعت ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ ڪافي متعلق پيدا ڪيل تضادن کي پڻ واضح ڪيو آهي. ڪافي جي روايت، تاريخ، فن ۽ فڪر بابت مختلف عالمن ۽ اديبن جا حوالا ڏئي ملهار، سنڌي ٻوليءَ ۾ لکجندڙ ڪافي جا خد و خال واضح ڪيا آهن. هُن، ڪافي جي فن توڙي فڪر تي تحقيقي نگاهه وجھندي وڏي محنت سان ان جي موضوعن جو احاطو پڻ ڪيو آهي.
ملهار سنڌي پنهنجي هن مقالي ۾ هڪ جاءِ تي ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي جو هيٺيون حوالو ڏنو آهي ته ”وائي ۽ ڪافي هڪ ئي شئي جا ٻه نالا آهن جيئن هڪ ئي صنف کي بيت ۽ ڏوهيڙو چيو وڃي ٿو تيئن هڪ ئي چيز کي وائي ۽ ڪافيءَ جي ٻن نالن سان سڏيو ويندو هو، البته ايترو آهي ته لاڙ ۾ وائي ڪوٺڻ جو رواج گهڻو هو ۽ اتر ۾ ڪافي ڪوٺڻ جو رواج. انهيءَ ڪري شاهه لطيف ۽ سندس همعصر شاعرن اهڙي قسم جي ڪلام کي وائي ڪوٺيو اتر سنڌ ۾ شاهه صاحب واري دور ۾ ئي ميان صاحب ڏنو فاروقي ٿي گذريو آهي جنهن پنهنجي اهڙي قسم جي ڪلام کي ڪافي ڪوٺيو آهي.“ ۽ ان تي تبصرو ڪندي ملهار لکيو آهي ته ”ڪافيءَ جي صنف جي حوالي سان اهڙي، سطحي راءِ ڏيڻ تي حيرت ٿي رهي آهي. بنان ڪنهن مطالعي اڀياس ۽ غور ويچار جي ڪافي ۽ وائي کي ساڳي صنف ڄاڻائي تڪڙي راءِ ڏيڻ سٺو عمل نه آهي.“ مان سمجھان ٿو ته ڊاڪٽر ميمڻ صاحب جي راءِ کي رد ڪندي فاضل محقق جي لهجي ۾ تلخي ڪجھ گھڻي اچي وئي آهي. تحقيق مان معلوم ٿئي ٿو ته وائيءَ کي اتر ۾ ڪافي چوڻ يا وائي ۽ ڪافي هڪ ئي صنف جا ٻه نالا هجڻ واري ڳالهه ٿوري ڦير گھير سان نه رڳو ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ئي نه پر آسانند مامتوراءِ، الهه بخش نظاماڻي، مخدوم طالب المولى ۽ ٻين عالمن پڻ ڪئي آهي.
هن ٿيسز ۾ ملهار سنڌي وائي ۽ ڪافي ۾ فني ۽ هئيتي فرق کي بيان ڪرڻ بعد ڪافي جي فن، هئيت ۽ قسمن بابت پڻ سٺي ڄاڻ ڏني آهي ۽ يڪي، ڏيڍي، ٻيڻي، ٽيڻي ۽ چوئڻي ڪافي جا مثال ڏئي ڪافي جي انهن قسمن تي روشني وڌي آهي. ان کان علاوه سنڌي ڪافي جو فڪري ۽ موضوعي جائزو پڻ پيش ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪافين جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿيندو ته فڪري ۽ موضوعاتي لحاظ کان اهي گھڻ رخيون ۽ گھڻ رنگيون نظر اينديون. سنڌي ڪافي تصوف جي فڪري رندن ۽ پنڌن تان مسافت ڪندي انسان دوستي، وطن دوستي ۽ روشن خيالي جي جديد لاڙن تائين انيڪ روپن ۾ نظر اچي ٿي. ڪافي پنهنجو صدين جو سفر طئي ڪندي پنهنجا موضوع تبديل ڪيا آهن. ڪافي جو رومانوي رنگ هڪ پاسي آهي ته ان جو مزاحمتي ۽ انقلابي لهجو ٻئي پاسي. ملهار سنڌي، پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي جي فڪر تي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته ”ڪافيءَ جي صنف فڪري حوالي سان انساني احساسن جذبن ۽ امنگن جي ترجمان صنف رهي آهي، سنڌي شاعري جي ڪلاسيڪي روايت ۾ ڪافي هڪ اهڙي صنف آهي جنهن کي محفوظ ڪري صدين جي اعليٰ فڪري ورثي کي محفوظ ڪري سگهجي ٿو. اڪثر صوفي شاعرن ڪافيءَ جي صنف جي ذريعي پنهنجي احساسن کي زبان ڏني آهي. صوفين انسان ذات کي امن، ايڪتا، پيار ۽ محبت جو درس ڏنو آهي. ذات پات رنگ نسل دين ۽ ڌرم جا ويڇا وساري پاڻ ۾ محبت ۽ امن سان رهڻ جو پيغام ڏنو آهي.“
ڪافي هڪ موسيقيءَ جي صنف طور سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر گھڻي مشهور آهي ۽ وڏن وڏن گوين ڪافيون ڳائي پنهنجا جوهر ڏيکاريا آهن. ڪافي جي موسيقي ۾ هڪ انوکو سوز ۽ گداز سمايل هوندو آهي، جنهن ۾ هڪ ڪشش ۽ سرور جي ڪيفيت موجود هوندي آهي. ملهار سنڌي پنهنجي هن ڪتاب ۾ ”ڪافي ۽ راڳداري“ جي عنوان سان هڪ باب لکيو آهي، جنهن ۾ هن نه رڳو ڪافي جي موسيقي تي روشني وڌي آهي پر سنڌ سان تعلق رکندڙ ڪافي ڳائيندڙ اهم راڳين استاد محمد ابراهيم، حسين بخش خادم، استاد محمد جمن، ڍول فقير، عابده پروين، سهراب فقير، استاد محمد يوسف، سينگار علي سليم، خانصاحب منظور علي خان ۽ سيد سليمان شاهه جو مختصر جيون خاڪو ڏئي هر هڪ جي ڳايل ڪافين جو وچور به ڏنو آهي. حقيقت اها آهي ته مٿين فنڪارن مان هر هڪ جو انداز نرالو آهي. جيتوڻيڪ انهن سڀني فنڪارن خاص سُرن ۾ ڪافيون ڳايون آهن پر انهن کي ٻڌندي ڪٿي به يڪسانيت جو احساس نه ٿو ٿئي.
ڪافيون موسيقيءَ جي مختلف سُرن ۽ روپن ۾ چيون وينديون آهن، جن ۾ روپ تلنگ، روپ ڪلياڻ يا درٻاري، روپ نٽ، روپ ڪوهياري، روپ سورٺ، روپ برهه يا بلاولي، روپ آسا، روپ بروو سنڌي، روپ ڍوليه، روپ مالڪوس، روپ گجري، روپ ڪاريهر، روپ سارنگ، روپ پهاڙي، روپ بلاولي، کنڀات آميز، روپ ڌناسري، روپ جين، روپ پيلو، روپ جوڳ، روپ وهاڳڙو، روپ سسئي، روپ ديسي، روپ پهاڙي، روپ جهنگلو، روپ بروو، روپ مقامي، روپ ڀيروي، روپ بسنت، روپ هوري، روپ سهڻي، روپ ڪامول، روپ پورب، روپ مارئي، روپ معذوري، روپ راڻو ۽ ٻيا شامل آهن. مانائتي محقق ملهار سنڌي پنهنجي هن ڪتاب ۾ اهڙو وچور ڏنو آهي.
ملهار سنڌي هڪ جاءِ تي موسيقيءَ جي ماهر محترم منظور نقوي جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته: ”ڪافيءَ جا راڳ ڪومل گنڌار ۽ ڪومل نکاد جي ڪري ٻين ٺاٺن جي راڳن کان جدا ٿيو پون. ڪافي ٺاٺ مان نڪتل مشهور راڳ هي آهن. ڌناسري، سنڌوي يا سيندورا، ڪافي، ڌاني، ڀيم پلاسي، بهار، مڌ مالا، ڀاڳيسري، حسيني، ڪانهڙو، مينگهه ملار، رامداسي ملار، پٽ منجري، پرديپڪي شهانا، ديوساک، هنس ڪنڪني، بندرابني، پيلو، ڪوسي ڪانهڙو، نائڪي ڪانهڙو، ميان جو سارنگ، سگهرائي، شڌ سارنگ، برواساونت سارنگ، سري رنجني ۽ لنڪڌن.“ (سنڌي راڳ ۽ تال 1981ع) اهو خالص فني معاملو آهي، جنهن تي ڪو موسيقيءَ جو ماهر ئي ڳالهائي سگھي ٿو، تنهن ڪري ملهار اهو حوالو ڏئي رڳو انهن راڳن ۽ ٺاٺن جي نشاندهي ڪئي آهي.
شعري صنف ڪافيءَ جي ابتدا ۽ ارتقا جي حوالي سان ملهار سنڌي پنهنجي هن ٿيسز ۾ هڪ سڄو سارو باب ڏنو آهي، جنهن ۾ هن وڏي تفصيل سان ڪافي جي اوائلي دور کان ڪلهوڙن، ٽالپرن، انگريزن توڙي ورهاڱي کان پوءِ واري دور جي اهم ڪافي گو شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي، جن ۾ ميان صاحب ڏنو فاروقي، روحل، سچل، بيدل، حمل، دلپتراءِ، خوش خير محمد، عثمان فقير، مصري شاهه، ٻڍل فقير، چيزل شاهه، طالب المولى، مرتضى ڏاڏاهي، مير عبدالرسول مير ۽ ٻيا اهم شاعر شامل آهن. ملهار انهن شاعرن جا تعارف ڏئي سندن ڪافي ڪلام مان نمونو به پيش ڪيو آهي. اهڙي طرح ”ڪافي جا سماج تي اثرات“ واري باب ۾ ملهار سنڌي، ڪافي جي موضوعاتي ۽ فڪري جهان کي کوليندي ان جي سماجي ڪارج کي پڌرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙي طرح آخر ۾ 35 نڪتن وسيلي هُن پنهنجي تحقيقي پورهيي جا نتيجا ظاهر ڪيا آهن.
ملهار سنڌيءَ جي هيءَ ٿيسز جنهن تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان کيس ايم فل جي سند ملي آهي، ڇپجڻ تي مان کيس مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ سندس هن ڪم کي قدر جي نگاهه سان ڏسان ٿو. ’ڪافي‘ جهڙي اهم صنف تي هن کان اڳ مخدوم طالب المولى جو هڪ ڪتاب ڇپيو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب پڻ ’ڪافيون‘ جي عنوان سان سنڌي ڪافين جي سهيڙ ڪئي آهي. انهيءَ تسلسل ۾ ملهار سنڌي جو هي تحقيقي ڪم ايندڙ دور جي محققن لاءِ يقيناً راهه هموار ڪندو. مان اميد ڪريان ٿو ته ملهار سنڌي پنهنجو اهو تحقيقي سفر جاري رکندو ۽ جلد ئي ڪنهن ٻئي اهم موضوع تي پي ايڇ. ڊي جو مقالو لکي سنڌي ادب تي ٿيندڙ تحقيق جي ميدان ۾ پاڻُ موکيندو.
ڊاڪٽر احسان دانش
18 آگسٽ 2020
No comments:
Post a Comment