مهاڳ
جن کي عشقَ جي اُساٽَ
(پروفيسر ستار سومري جي ڪتاب ”سمنڊ سيويو جن“ تي لکيل
مهاڳ)
شاهه لطيف سنڌ جو اڪيلو عظيم انسان آهي،
جنهن تي اسان جيترو به فخر ڪريون اوترو گھٽ آهي. اهو ڪو جذباتي بيان ناهي پر هڪ
اهڙو سچ آهي جنهن کي ريٽي ۽ ميٽي نه ٿو سگھجي. شاهه لطيف سنڌي ٻوليءَ جو ڀرجھلو
آهي. هن پنهنجي فڪر جي سمنڊ کي پنهنجي مٺڙي ٻوليءَ ۾ پرٽي نه صرف لوڪَ جي سينن کي
سيراب ڪيو پر دنيا ۾ اسان جو ڪنڌ فخر کان اوچو ڪرڻ جو جواز به پيدا ڪيو. شاهه
سائين جي تصور، تخيل ۽ تفڪر جي دنيا وسيع آهي، ان ڪري ان لاءِ ڪنهن حد ۽ سرحد جي
پابندي ناهي. لطيف سائين جو فڪر خوشبوءَ وانگر آهي، جنهن کي ڪنهن به سرحد يا
خاردار تارن ۾ جڪڙي نه ٿو سگھجي. هن جي فڪر ۾ زمان ۽ مڪان کي اورانگھڻ جي سگھ آهي.
هن جي شاعريءَ جي زمين ته سنڌ آهي پر هن جي فڪر جو آسمان سڄي دنيا لاءِ آهي. هن جو
تخيل نه رڳو اوچو پر دائمي به آهي، شاهه سائين اڄ جي انفرميشن ۽ ٽيڪنالاجي جي
صديءَ ۾ به ان لاءِ دنيا کي قابلِ قبول آهي جو هن جو وکر پئي پراڻو ٿيڻ جهڙو ناهي.
وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.......
شاهه لطيف جو رسالو علم، عقل ۽ شعور جي
موتين جي کاڻ آهي. ان جي هر سُر ۾ هڪ الڳ سُرور آهي ۽ جي درد به آهي ته وڻندڙ.
ڇوته ڀٽائي سدائين دُکَ مان به رستو ٿو ڪڍي. هن وٽ درد رهزن نه پر رهنما آهي.
ڏيکاريس ڏکن، گوندر گسُ پرين جو
سونهان ئي سورن، ڪي هيڪاندي هوت سين.
لطيف سائين پريت جي پنڌ جي مسافرن جي رهبري
ڪندي چوي ٿو ته اهو ڪو آسان ڪم ناهي، تنهن ڪري ان پنڌ تي پيرَ ڌَرِڻَ کان اڳ هر قسم
جي قرباني لاءِ تيار رهڻ کپي. ڇوته عشق آهي ئي ايثار جو نالو. جيستائين ڪو عاشق
پنهنجي اندر ۾ درد جي گونج کي نه ڪنائيندو ۽ اذيت جي هر احساس کي ويجھو کان محسوس
نه ڪندو، تيسيتائين نينهن جو نالو وٺي نه سگھندو.
پهرين ڪاتي پاءِ، پُڇج پوءِ پريتڻو؛
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جئن وَڄاءِ؛
سِيخن ماهُ پَچاءِ، جي نالو ڳِيڙُءِ نِينهنَ جو.
اهو سچ آهي ته حياتي وههُ جي وَٽي وانگر ئي
آهي، جنهن کي چاهيندي يا نه چاهيندي هر ڪنهن کي ڍُڪُ ڍڪُ ڪري پيئڻو ئي پوي ٿو.
ٽوههَ جهڙن لمحن کي سَري جيئن سُرڪ سُرڪ ڪري اندر ۾ اوتڻو آهي، حياتيءَ جي سرور ۽
مستي کي زندگيءَ جي تلخين جي ٽوهه ۾ ملائي ڏوگھڻو آهي، پوءِ ان ڪڙي قاتل کي لبن تي
لائڻ سان ڀل جان رڳن مان روح نڪري وڃي.
مَ ڪَرِ سَڌَ سَري جي، جي تون ٽارِئين ٽُوههُ؛
پِتي جنهن پاسي ٿئي، منجھان رَڳُن رُوح؛
ڪاٽي چَکُ ڪڪُوههُ، لاهي سِرُ، لَطِيفُ چئي.
اِهو آهي اسان جو ڀٽائي جنهن وٽ عشق جا
اصول به انوکا آهن ته زندگي جيئڻ جا نيم به پنهنجا. شاهه سائين هڪ ويڄ شاعر آهي.
هو حقيقي معنى ۾ سنڌي ماڻهن جي دکن ۽ دردن جو مسيحا آهي پر اسان اڃا سندس وجود کان
بيخبر آهيون، اسان وٽ اُهي اکيون ناهن جن سان ان معالج تائين پهچي سگھون. ڀٽائي جو
رسالو اسان جو ’ويڄ‘ آهي، پر ڪو هجي جو اسان جي اکين مان موريسر ڪڍي.
پاڙي ويڄَ هُئام، تان مون مُور نه پُڇيا؛
تيلاهين پيام، مورَيسرَ اَکين ۾.
ڪيئي سال اڳ سنڌ جي هڪ وڏي عالم چيو هو ته
’هاڻي اسان کي ڀٽائيءَ کان هٿ ٻڌي موڪلائڻ کپي.‘ اڄ اهو عالم اسان کان موڪلائي چڪو
آهي پر ڀٽائي اسان وٽ زنده آهي. هو اسان جي دلين ۾ ڌڙڪي رهيو آهي، هو اسان جي روح
۾ موجود آهي. حقيقت اها آهي ته ڀٽائي سنڌ جو روح آهي، جيسيتائين سنڌ جو نالو قائم
آهي تيسيتائين لطيف سائين به قائم هوندو. ٽئگور سچ چيو هو ته ’سنڌ لطيف آ ۽ لطيف
سنڌ‘ يعني ’هئا اڳهين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿئا.‘