ڊاڪٽر احسان دانش
ممتاز لوهار ــــــــ لفظن جو مصور
اندر جون موسمون به عجيب ٿين ٿيون، ڪڏهن من جي دنيا بهار جي مستين جهڙي ٿي وڃي ٿي ته ڪڏهن سرءُ جيان اداس...... ۽ جڏهن اداسي ۽ نراسائي اندر ۾ ٽِڪي پوندي آهي ته ماڻهوءَ جومن ملول ٿي ويندو آهي، اکين جون آرسيون ڏار ڏئي وينديون آهن، زندگي فضول ڀاسندي آهي ۽ ماڻهو تڙپي پوندو آهي. اندر جي اهڙي ڪيفيت زندگيءَ جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيندي آهي. اردو جي ڪنهن شاعر خوب چيو هو ته:
تم فقط سن کے چيخ اٹھتے هو
هم نے يوں زندگي گذاري هے
ممتاز لوهار جي من تي به جڏهن اهڙي ڪيفيت ڇانئجي ٿي ته هو شاعري ڪري ٿو، هو پنهنجي هڪ نثري نظم ۾ چوي ٿو:
چيائين: شاعري ڇوٿو ڪرين؟
چيومانس: زندگيءَ جي ڦاٽل وڳي کي
لفظن جون چتيون ٿو هڻان.
ممتاز لوهار رڳو هڪ شاعر ئي نه پر هڪ مصور به آهي، وليم فاڪنر چيو هو ته ”مصور لڪيرن ۾ شاعري ڪندا آهن ۽ شاعر لفظن ۾ مصوري.“ سو ممتاز وٽ اهو فن آهي، تنهن ڪري اسان هن کي هڪ مصور شاعر به چئي سگھون ٿا، ڇوته هن جي شاعريءَ ۾ به مصوري آهي، جذبن ۽ احساسن جي مصوري جنهن کي هن لفظن جي برشن سان پينٽ ڪيو. جيڪڏهن ڪو فنڪار انهن ٻنهي فنن يعني مصوري ۽ شاعري تي قدرت رکندو هجي ته آخر ڪهڙي ڪيفيت ۾ شاعري ڪندو ۽ ڪهڙي حالت ۾ مصوري؟ ان جو هڪ بهتري جواب نيپال جي هڪ شاعر بال ڪرشنا ساما پنهنجي هڪ نظم ۾ هن طرح ڏنو آهي:
جڏهن مان جسماني خاڪي جو خواب چاهيندو آهيان
ته مان شاعري ڪندو آهيان
جڏهن مان خوابن جهڙي جسم جي خواهش ڪندو آهيان
ته مان مصوري ڪندو آهيان
جڏهن مان توکي ٻڌڻ چاهيندو آهيان
ته مان شاعري ڪندو آهيان
جڏهن مان توکي مرڪندو ڏسڻ چاهيندو آهيان
ته مان مصوري ڪندو آهيان
جڏهن مان تنهنجي دل کي ڇُهڻ چاهيندو آهيان
ته مان شاعري ڪندو آهيان
۽ جڏهن تنهنجي نظرن کي ڇهڻ چاهيندو آهيان
ته مان مصوري ڪندو آهيان
جڏهن مان انهن جي لاءِ جيڪي زنده آهن مرڻ چاهيندو آهيان
ته مان شاعري ڪندو آهيان
جڏهن مان مئلن جي لاءِ زندگي چاهيندو آهيان
ته مان مصوري ڪندو آهيان
ائين مصوري ۽ شاعري گڏ گڏ هلندي آهي
چنڊ ۽ چانڊوڪيءَ وانگر
مصوري شاعريءَ جو روح آهي
۽ شاعري مصوريءَ جي جان
بس اي منهنجي مٺي!
منهنجي دل تنهنجي شاعري آهي
۽ منهنجون اکيون تنهنجي مصوري
ممتاز لوهار جي شاعري پڙهندي به اسان کي ڪجھ اهڙو ئي احساس ٿئي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ اڻ ڇهين احساسن جي مصوري آهي، سندس کوڙ سارا شعر ان ڳالهه جي گواهي ڏين ٿا ته هو لفظن جي برشن سان احساسن کي حسين نموني پينٽ ڪرڻ ڄاڻي ٿو.
هٿ ڏئي هٿ ۾ سکي مرڪي پئي
گل وئي چَپَ تي رکي، مرڪي پئي
شام واري ٽرين ۾ ايندس پرين
اڄ صبح کان ئي وٺي مرڪي پئي
..................
جھونو آئيني آڏو بيهي سوچي ٿو
منهنجي سامهون وارو چهرو ڪنهن جو آهي؟
اها لفظن ۾ مصوري ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ ممتاز جي شاعريءَ ۾ اوهان کي ڪيترائي عڪس نظر ايندا، ۽ هر عڪس ۾ هڪ منظر، ڪي لينڊ اسڪيپ، گُل، خار، رستا..... پُر بهار ۽ اداس منظر.... ممتاز جي شاعريءَ جي ڪينواس تي سهسين رنگ ڦهليل آهن، انساني جذبن ۽ احساسن جا رنگ، گھرا ۽ هلڪا..... نيلا، پيلا، ڳاڙها، ساوا، نارنگي ۽ واڱڻائي.... هر رنگ جي پنهنجي معنى آهي، هر رنگ هڪ الڳ احساس جو نمائندو آهي...... جڏهن سندس شاعريءَ جي ڪئنواس تي جدا جدا رنگن جي بارش ٿئي ٿي ته ڪيئي شاهڪار جنم وٺن ٿا. ڪي تجريدي شاهپارا ٺهي پون ٿا ۽ احساسن جو اڻ کٽ سلسلو جڙي وڃي ٿو. جن کي خاص طور سندس نظمن مان جاچي سگھجي ٿو.
ممتاز لوهار جا نظم، خاص طور تي نثري نظم تمام ڌيان ڇڪائيندڙ آهن. نثري نظم خيال جي شاعري آهي، ڇوته ان جي ڪُل ميراث خيال ۽ فڪر ئي آهي. جيڪي دوست نثري نظم کي آسان شاعري سمجھندا آهن، انهن شايد نثري نظم جي ڪرافٽنگ کي سمجھيو ئي ناهي. نثري نظم شاعريءَ جي جهان جو هڪ ڏکيو فارميٽ آهي، جنهن تي ڪنهن ٻي ڀيري ويچاربو، پر هتي جڏهن ممتاز لوهار جي نثري نظمن جي ڳالهه نڪتي آهي ته مان سندس ڪتاب ”ڪئنواس تي بارش“ ۾ جيڪي به نثري نظم پڙهيا آهن، انهن ۾ مونکي ڪهاڻيون نظر آيون آهن. هونءَ ته زندگيءَ جو هر لمحو هڪ ڪهاڻي آهي پر ان کي فنڪاراڻي انداز ۾ بيان ڪرڻ ئي اصل آرٽ آهي، ممتاز لوهار وٽ اهو فن آهي ۽ ان جو وڏو سبب شايد اهو به آهي ته هو هڪ برجستو ڪهاڻيڪار به آهي، هو نه رڳو ڪهاڻي جي اڻت کان واقف آهي پر وٽس نثري نظمن ۾ به ڪهاڻيون سمائڻ جو هنر آهي. ممتاز جي ڪتاب مان اهڙيون ڪجھ ڪهاڻيون مون ڳولي لڌيون آهن، هن ڪتاب جي پهريون ئي نظم ”آتم ڪٿا“ ۾ ته مونکي هڪ ئي وقت ڇهه ڪهاڻيون نظر آيون. جن مان هڪڙي ڪهاڻي هن طرح آهي:
منهنجي هڪ سال جي ڌيءُ
هاڻي کان ئي
ڏاج گھري رهي آهي
۽ منهنجون ڪنواريون ڀينرون
هر روز پنهنجي اکين ۾
هڪ نئون سوال ڄڻينديون آهن
۽ مان انهن جي سوالن کي
ناجائز ٻارن جيان
هر روز ماري ڇڏيندو آهيان.
ائين هن جي الڳ الڳ نظمن ۾ ڪهاڻيون آهن. جيئن:
نينگر نيڻ کڻي نماڻا
بابل کان هي سوال پڇيو آ
بابل ٻڌاءِ روزو ڇاهي؟
بابل پنهنجا لڙڪ لڪائي،
ٻچڙي کي ڇاتيءَ سان لائي
پيار منجھان ٿو سمجھائي
”ڏينهن سمورو ان ۽ پاڻي
چکبو ناهي.
ان کي روزي چئبو آهي.“
نينگر هڪدم ڪجھ سوچي ٿو
۽ پو ٻاتا ٻول ٻولي ٿو.
”بابل پوءِ ته پنهنجو هر هڪ
ڏينهن به ڄڻ ته روزو آهي!
ٻيا ته هڪڙو ماهه رکن ٿا
اسين ڇو پورو سال رکون ٿا....؟!!
.................
ڪجهه سنبوسا،
ٻه بسڪوٽ ۽ ڪٽ چانهن
هو رٽائر ٿيو ته
کيس ڀيٽا ملي.
ممتاز لوهار جي اهڙن ٻين نظمن ۾ ”اڻ تڻ“، ”جيجل“، ”بچاءُ“، ”بيٺل پاڻي“، ”اي اداس ڇوڪري“، ”پيار جو قصو“، ”ڪنوارپ“، ”اداس ڪهاڻيون“ شامل آهن، جن ۾ اوهان کي اهڙيون ئي ڪهاڻيون نظر اينديون.
هن ڪتاب ۾ هڪ نظم آهي ”نصير آباد شهر نرالو آ“ هي نظم اصل ۾ شاعر جي ناسٽيلجيا آهي. جنهن ۾ هن پنهنجي ماضي کي ساريو آهي، ماضي جي هر شي سُٺي لڳندي آهي، ايتري تائين جو ان جا ڏک به حسين ڀاسندا آهن. ممتاز لوهار ان نظم ۾ پنهنجي اباڻي شهر نصيرآباد جي گھٽين ۽ گهيڙن، موسمن ۽ منظرن، ڪردارن ۽ لقائن کي ڏاڍي سليقي سان سينگاري پيش ڪيو آهي.
ممتاز لوهار جا ڪيترائي مختصر نثري نظم اهڙا به آهن، جن کي ڪوٽيشن طور ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪري سگھجي ٿو، انهن ۾ انوکو فڪر ۽ فلسفو آهي، جيڪو هُن جي زندگيءَ جي تجربن جو نچوڙ ٿو ڀاسي. جيئن:
ڪائنات خدا جي خاموشي آهي
سوچيان ٿو، خدا جي گفتگو
ڪيڏي نه حسين هوندي!
.........
آخر اسان اهڙو بحث
ڇو ڇيڙيون؟
جيڪو اسان جي دلين جون
جاگرافيائي حدون ئي
ورهائي ڇڏي.
...........
مان ٻئي جنم ۾
پکي ٿيڻ چاهيندس
پکين لاءِ ڪابه سرحد
ناهي هوندي.
...............
محبت کان محروم ماڻهو
مونکي مدي خارج
دوائن جهڙا لڳندا آهن.
...............
تون مون لاءِ
ان خط جهڙي آهين
جنهن جي لفافي مٿان
ايڊريس ته منهنجي آهي
پر اندر خط ڪنهن ٻي جي لاءِ.
ممتاز لوهار نظم جي شاعريءَ کان علاوه خوبصورت غزل به لکيا آهن، هن جي غزليه ڪلام ۾ غزل جو نج پج لهجو ۽ حسنِ تغزل موجود آهي. ان ۾ اسان کي رومانوي فضا به نظر اچي ٿي ته انوکي جماليات پڻ. مثال طور هي ڪجھ شعر ڏسو:
دريءَ کان چنڊ ٿو گھوري، ستارا نيڻ ٿي پيا هن
پٿر بڻجي پيا آهيون، نوان دولاب ڦتڪن ٿا
ڇنڊيندي وار آڳر تي، چڳون جنهن پل سنواري ٿي
بدن تي بخملي چولي اندر، مهتاب ڦتڪن ٿا.
..............
تو ڪنارن تي رکيا ها پير بس
چاندني ڄڻ هي لٿي مهراڻ ۾
ممتاز جي شاعريءَ ۾ رڳو جذبن جو جولان ۽ رومانس جون لهرون ڪونه ٿيون ملن پر هن جي ڪلام ۾ سماج جا عڪس ۽ اولڙا به عيان آهن، اهي عڪس اسان کي بنهه اوپرا نه ٿا ڀاسن، ڇوته اهي اسان جي سماج جي سورن ۽ ناسورن جي تصوير آهن.
ڏٺو سڀني پئي چنڊ کي، مگر ان لئه اماوس هئي
سمهاريا ٻار جنهن بُک تي، انهيءَ لئه موهه ڪونهي ڪو
کڻي بازار ۾ نڪتو آ، پنهنجا ٻار وڪڻڻ لئه
چيو جيجل هي ٻچڙا هن، پراڻو لوهه ڪونهي ڪو
.................
ننڊ اسٽور تان روز ٿو تون وٺين
ڇا هُئين، هاڻ ڇا هِي رهيون آن پرين!
................
هو جي پريمي پنڌ ۾، ٿيا گولين جو کاڄ
تن کي سارو راڄ، ڪارو ڪاري ٿو چوي.
ممتاز لوهار، مون لاءِ جنهن جي سڃاڻپ جو پهريون حوالو هڪ شاعر وارو هيو، تنهن جي حاوي سڃاڻپ ڪهاڻيڪار طور ٿئي ٿي، پر هن ڪتاب سان هُن پنهنجي اصل سڃاڻپ ڪرائي آهي. ممتاز هڪ سٺو افسانه نگار ته آهي ئي پر هاڻي هڪ شاعر طور به هن مڃتا جي ماڳ تي پير ڌريا آهن. هن جي شاعري جديد سنڌي شاعريءَ جي سفر ۾ پَڪ سان پنهنجا نمايان نشان ڇڏيندي. ممتاز لوهار هر ان تخليقڪار وانگر بيچين آهي، جيڪو ڪڏهن به پنهنجي ڪنهن تحرير مان سو سيڪڙو مطمئن نه هوندو آهي، ۽ اها غير اطمينانيءَ واري ڪيفيت ئي کيس بهتر کان بهتر ڏانهن وٺي ويندي آهي. ڪنهن وڏي مصور کان جڏهن پڇيو ويو ته ”تنهنجي سڀ کان بهترين پينٽنگ ڪهڙي آهي؟“ ته هن چيو هو ته ”اها جيڪا مون اڃا نه ٺاهي آهي.“ ائين ئي ممتاز لوهار به پنهنجي هڪڙي نظم ۾ چيو آهي ته:
ماڻهو ڪيڏي به ڪوشش ڪري
پوءِ به،
جيئن هو محسوس ٿو ڪري
تيئن اهو لکي نه ٿو سگھي.
ممتاز لوهار جي هيءَ شاعري جيڪا سندس چوڻ مطابق سندس محسوسات جو مڪمل اظهار ته ناهي پر ان اڻ پوري اظهار ۾ به جذبن جي شدت ۽ جمال موجود آهي. انوکين تشبيهن ۽ استعارن سان سينگاريل سندس شاعريءَ مان هن جي تخيل ۽ تفڪر جا ڪيئي فانوس روشن ٿين ٿا. مونکي يقين آهي ته هو ائين ئي لکندو رهندو ورنه هو هي نظم نه لکي ها ته:
سوچ،
توکي پنهنجي موت جو پتو
اگر هڪ ڏينهن اڳ پوي
ته تون ڪهڙا ڪم ڪندين؟
مان ته رڳو لکندو رهندس.
No comments:
Post a Comment