Friday, 8 August 2025

شاعريءَ جي آڪاس ڏانهن پهرين اڏام ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

شاعريءَ جي آڪاس ڏانهن پهرين اڏام

(ڊاڪٽر امداد شيخ جي شعري مجموعي گم ٿيل ٽهڪ جو مھاڳ)

 

سنڌي شاعريءَ جي جهان ۾ نثري نظم جي قبوليت جو سوال اڄ ايڏو بحث هيٺ نه آهي جيڏو ڪالهه هيو. هاڻي اهو بحث گهڻو مڌم ٿي چڪو آهي ته نثري نظم کي شاعريءَ جي صنف مڃڻ کپي يا نه. ان کان اڳتي نثري نظم جي هئيت ۽ فارميٽ جي معاملن تي به هڪ عرصي کان گفتگو ٿيندي رهي آهي. هونءَ ته نثر ۽ نظم ادب جون ٻه جدا جدا ڌارائون آهن ۽ نظم کي گهڻو ڪري وزن، لئي، ۽ موسيقيت سان جوڙي ان جي صوتي آهنگ تي زور ڏنو ويندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن نثر جا ڪي شهپارا اهڙا به هوندا آهن، جن تي شعري آهنگ جو گمان ٿيندو آهي، جيتوڻيڪ انهن ۾ نه ته ڪو قافيي جي پابندي هوندي آهي ۽ نه ئي وري رديف جو ورجاءُ. ان مان اها ڳالهه سمجهڻ بنهه آسان آهي ته شاعريءَ جو تعلق رڳو وزن، بحر ۽ اهڙن ٻين لوازمات سان نه آهي. جيتوڻيڪ نظم ۽ نثري نظم جي وچ واري ڪڙي يعني آزاد نظم ۾ به وزن جي پابندي لازم آهي پر نثري نظم شاعريءَ جي واحد اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ لفظي ترتيب ۽ زورائتي اُچار مان مخصوص آهنگ پيدا ڪيو ويندو آهي. قاسم يعقوب مطابق ”نثري نظم، آزاد نظم جي اها شڪل آهي جنهن ۾ آهنگ جي جاءِ تي نثري نحوي ترتيب کي غالب ڪيو ويو.“ غزل ۽ ٻين شعري صنفن جي ڀيٽ ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ نثري نظم اڄ به هڪ نئين ۽ جديد صنف آهي، جيڪا پنهنجي ارتقائي مرحلن مان گذري رهي آهي. انگريزيءَ ۾ نثري نظم جي ابتدائي شڪل

prose poem آهي. جنهن جي مختصر وصف هن طرح ملي ٿي.

A prose poem is characterized by its blending of the qualities of poetry and prose. It often has a lyrical and imaginative quality like poetry, but lacks traditional line breaks and stanzas and is written in paragraphs like prose.

شاهه لطيف جي اڄ جي دور ۾ اهميت ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش


شاهه لطيف جي اڄ جي دور ۾ اهميت

 

شاهه لطيف عظمت جي حقيقي معنا ۾ سنڌ جو اڪيلو عظيم انسان آهي. ان دعوا جا انيڪ دليل آهن. هو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو محسن آهي. شاهه سائين ماضي، حال ۽ مستقبل جو شاعر آهي، تنهن ڪري اسان چوندا آهيون ته شاهه لطيف هر دور جو شاعر آهي. ڀٽائيءَ جو ڪلام اهڙو وکر آهي، جيڪو ڪڏهن پئي پراڻو نه ٿيڻو آهي، ڇوته لطيف سائين جو فڪر زمان ۽ مڪان جي حدن کان ماورا آهي. هن جي شاعريءَ جون جاگرافيائي حدون گهڻو ڪري سنڌ تائين محدود آهن ۽ هن جا اڪثر ڪردار به سنڌ ڌرتيءَ جي ڪُک مان ڄايل آهن پر هن جي تخيل جي ڪائنات نهايت وسيع آهي. شاهه لطيف کي ڪو وڏو ادبي ورثو نه مليو پر تنهن جي با وجود هن سنڌي شاعريءَ جي جهان ۾ نئين جوت پيدا ڪئي، ڪجهه نيم ڪلاسيڪي داستانن جي بنياد تي هن جنهن طرح پنهنجي ڪلام جي پيڙه رکي، ان کي اڄ تائين وقت جو ڪو طوفان ميٽي نه سگهيو آهي.

شاهه لطيف جي شاعريءَ جي خيال، تصور ۽ تفڪر جي زمين نهايت زرخيز آهي. "ڀٽائي سائين جي شاعري اڄ به ڇو اھم آھي؟" يا "موجوده وقت ۾ سندس ڪلام جو ڪارج ڪهڙي آهي؟" جهڙا سوال ڏاڍا اهم آهن. منهنجي اها دعوا ٺلهي دعوا ناهي ته ڀٽائي جو ڪلام ڪڏهن پئي پراڻو ٿيڻو ناهي. منهنجي دعوا پٺيان دليلن جي قطار آهي. پر سڀ کان اهم ڳالهه هي آهي ته لطيف سائين ’سماج جي زنده قدرن جو شاعر آهي.‘ اهي قدر جيڪي ٽي سو سالن بلڪه صدين کان سنڌي سماج جو ورثو رهيا آهن. اهي قدر جيڪي سماجي تبديلي(Social Change) جو بنياد آهن، جن وسيلي سماجَ اڳتي وڌندا آهن. اهڙن قدرن ۾ پورهيو (محنت)، انسان دوستي، سجاڳي، جستجو، رواداري وغيره شامل آهن. لطيف سائين پنهنجي لطيف ڪلام ۾ سماجي ترقيءَ لاءِ  انهن ۽ اهڙن انيڪ  قدرن جو ڪارج بيان ڪندي پنهنجي شاعريءَ کي امر بڻايو آهي. لطيف سائين امن ۽ انسانيت جو شاعر آهي ۽ هن وقت دنيا جي سمورن خلفشارن جو حل ‘امن’ آهي. لطيف سائين ٽي سو سال اڳي "دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين" چئي نه رڳو  پنهنجي فڪر جو جوهر پيش ڪيو، پر عالمي امن ۽ سلامتي جي خواهش به ڏيکاري. ڀٽائي جي ڳالھه اتي پوري نه ٿي ٿئي پر هو اڄ جي انسان کي امن، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ رستا به ٻڌائي ٿو. لطيف سائين جي شاعري رڳو "واٽون ويهه ٿيام... " ناهي هن وٽ "هو چوني تون مَ چئه..." واري حڪمت عملي به آهي ته "هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين" واري مزاحمت به آهي.

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ انساني ڪيفيتن جو مانڊاڻ (ڊاڪٽر احسان دانش) dR

ڊاڪٽر احسان دانش



شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ انساني ڪيفيتن جو مانڊاڻ

انساني تاريخ ۾ اهڙا ڪي ٿورا ماڻهو هوندا آهن، جن کي صدين تائين ياد رکيو ويو ويندو آهي. سنڌ جو شاهه اهڙن عظيم انسانن مان هڪ آهي. شاهه لطيف جي شاعريءَ جا ايڏا ته گهڻا رُخَ ۽ رنگ آهن، جو ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ لطيف سائين جي فڪر ۽ فلسفي کي محدود نظر سان ڏسڻ وانگر آهي، ڇوته شاهه لطيف جي شاعري اهڙي پلزم وانگر آهي، جنهن جي هر ڪنڊ مان نئين روشني ۽ نئون رنگ ڦٽي ٿو، ان ڪري پرک جي نگاهه جي هڪ زاويي جي بنياد تي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ بابت ڪُلي راءِ قائم ڪرڻ ڪنهن به ريت مناسب ناهي، مگر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ تائين ڀٽائي جي شاعريءَ سان اڪثر ائين ئي ٿيو آهي، يعني ان کي هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي لينس ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ائين شاهه جي عالمگير فڪر ۽ فلسفي کي محدود ڪيو ويو آهي. سچ اهو آهي ته مونکي شاهه جون  وايون ۽ بيتَ ان موزيڪ آرٽ وانگر ڀاسندا آهن جنهن ۾ ننڍڙن ننڍڙن رنگا رنگ شيشن جي ٽڪرن سان تصويرون ۽ نقش ٺاهيا ويندا آهن. ڀٽائي جي شاعريءَ جي موزيڪ جي هر شيشي ۾ پنهنجي الڳ ڪائنات آهي. ان ۾ زندگيءَ جا انيڪ رنگ ۽ آهنگ آهن. شاهه لطيف انساني جذبن، احساسن ۽ ڪيفيتن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ جنهن طرح پينٽ ڪيو آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ خاص طور عورت جي اندروني احساسن ۽ نفسياتي ڪيفيتن کي ڪمال حسناڪيءَ سان چٽيو آهي. هڪ پاسي مومل جي تڙپ ۽ انتظار جون ڪيفيتون آهن ته ٻئي پاسي سهڻيءَ جي لُڇ ۽ تڙپَ جا احساس. هڪ طرف وڻجارن جي ونين جي اندر ۾ وهمن، وسوسن ۽ خوف جون ڪيفيتون سمنڊ جيان ڇلندي محسوس ٿين ٿيون ته ٻئي پاسي سورن ۾ سامايل سسئي درد جي پاهڻن تي پنڌ ڪري پنهنجا پير پٿون ڪري ٿي ۽ پل پل سندس من ۾ انيڪ احساس ۽ ڪيفيتون ڪَرُ کڻي جاڳن ٿيون. ائين مڻي تي موهيل ليلا جي لالچ کان پوءِ سندس من ۾ پيدا ٿيندڙ احساسِ ندامت ۽ پڇتاءُ ۽ آزيون نيزاريون ڪرڻ توڙي نوريءَ جي نماڻائي ۽ نئڙت مان ڪيئي انساني ڪيفيتون اڀري اچن ٿيون جن کي شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪمال هنر سان پيش ڪيو آهي. ان طرح لطيف سائين جي سڄي رسالي ۾ انساني ڪيفيتن جو عجب مانڊاڻ نظر اچي ٿو. مارئي جڏهن عمر جي ڪوٽ ۾ باندياڻي بڻجي ٿي ته هر وقت سندس مَنُ مارن لاءِ ملول رهي ٿو. هوءَ پنهنجي اندر کي وطن جي ڪکن ۽ مارن جي سارَ کان ڌار نه ٿي ڪري سگهي. ڀٽائي هن جي اندر جي ڪيفيتن ۾ جهاتي پائي چوي ٿو:

بَندي ٻِيا قرارِ، اسِين لوچُون لوهَ ۾؛

مٿي تَنَ ترارَ، سدا سانڀِيڙَنِ جي.

Friday, 27 January 2023

”فلسفي جي تاريخ“ تي هڪ نظر ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش



”فلسفي جي تاريخ“ تي هڪ نظر

سنڌي ٻوليءَ ۾ روز ڪونه ڪو ڪتاب ڇپجي رهيو آهي، پر انهن مان ڪيترائي ڪتاب لفظن جي کوکلي ميڙ ۽ ڪاغذ جي ڍڳن کان وڌيڪ حيثيت نه ٿا رکن. هونءَ اها چوڻي به مشهور آهي ته ”هر لکيل لفظَ کي ڪونه ڪو پڙهڻ وارو ملي ويندو آهي“ پر ڪي لفظَ ۽ ڪتابَ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙا هوندا آهن، جن کي پڙهي ذهن جا ڪپاٽ کُلي ويندا آهن. اهڙا ڪتابَ جيڪي سوال ڪرڻ سيکاريندا آهن، انڪار ڪرڻ سيکاريندا آهن ۽ سوچڻ سيکاريندا آهن، سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا ڪتابَ ڪڏهن ڪڏهن ئي نظر ايندا آهن. تازو ئي هڪ ڊگھي عرصي کان پوءِ اسان جي دوست نويد سنديلي جو هڪ اهڙو ئي ڪتاب ”فلسفي جي تاريخ“ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. جيڪڏهن اسان سنڌي ٻوليءَ ۾ ان موضوع تي ڇپجندڙ ڪتابن کي پوئين پيرن وڃي ڏسندا سين ته انهيءَ موضوع تي هن ڪتابَ کان اڳ اڪبر لغاري جو ڪتاب ”فلسفي جي مختصر تاريخ“ پڻ نظر ايندو، جنهن کي بعد ۾ اردوءَ ۾ پڻ پڌرو ڪيو ويو. اهڙي طرح رشيد ڀٽيءَ جو ڪتاب ”سچ جو فلسفو“ پڻ ان سلسلي جو هڪ سٺو ڪتاب آهي، جيڪو جدلياتي ماديت سمجھائي ٿو. ائين ئي ڊاڪٽر سڪندر مغل جو ڪتاب ”ڏاهپ جو اڀياس“ پڻ جدلياتي ماديت تي لکيل هڪ شاندار ڪتاب آهي..... پر منهنجي خيال ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ فلسفي بابت جيڪو پهريون بنيادي ۽ اهم ڪتابُ نظر اچي ٿو اهو آهي محمد ابراهيم جويي جو ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“. نويد سنديلي جو هي ڪتاب ”فلسفي جي تاريخ“ انهيءَ سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي آهي.

اصل ۾ فلسفو هڪ مختلف موضوع آهي، جنهن جو تعلق فڪر ۽ ڏاهپ سان آهي ۽ فلسفي جو بنيادي مفهوم ئي ڏاهپ سان پيار آهي. نويد سنديلي پنهنجي هن ڪتاب ۾ فلسفي لفظ جي وضاحت هنن لفظن سان ڪئي آهي ”فلسفو يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن جو مرڪب آهي. ”فِلين“ Philen معنى To Love ”پيار ڪرڻ“ ۽ ”صوفيا“ Sophia معنى ”وزڊم“ Wisdom ”ڏاهپ“ ۽ ”علم“ معنى ٿي ”ڏاهپَ ۽ علم سان پيار ڪرڻ“ To Love with Knowledge and wisdom فلسفي جي تاريخ ۾ سڀ کان اول لفظ فلسفي Philosopher پيٿاگورس ايجاد ڪيو هو.“ هو اڳتي لکي ٿو ته ”هڪ فلسفي راتيون جاڳي، ڌيان ۽ گيان ۾ پاڻ وڃائي، سموري سڌ ٻُڌ ان سوچ تي محور ڪري ٿو، ته هن زندگيءَ جو ال ڪارڻ ڇا آهي؟ ۽ ان جو مقصد ڪهڙو هئڻ گھرجي. هيءَ ڪائنات ڪيئن ٺهي آهي ۽ ان سان منهنجو ڪهڙو تعلق آهي؟ ڇا ان جو ڪو ڇيهه يا انت آهي؟ ڇا اسين سڀ هڪ صورت جا مظهر آهيون؟ ڇا ان صورت جو ڪي ٻيون به اڪيچار صورتون يا رنگ روپ ۽ وَرن آهن؟ ايڪ ۾ انيڪ ۽ انيڪ ۾ ايڪ ڪيئن آهي؟ هي آواز اڳ آهن يا اُهي هڪ ڏورانهين ماڳ منجھان ڦٽي نڪرن ٿا؟ جيئن سمنڊ جي پاڻيءَ تي ڀانت ڀانت لهرون جدا آهن، پر پاڻي ته هڪ ئي پسجي پيو.

لهرين لک لباس، پاڻي پسڻ هيڪڙو. (شاهه)

Saturday, 15 May 2021

شاهه لطيف جي علامتي شعور مان جنم وٺندڙ سماجي فڪر ---- ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


شاهه لطيف جي علامتي شعور مان

جنم وٺندڙ سماجي فڪر

 

شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي اڀياس ڪرڻ يا سندس شاعريءَ جي سماجي ڪارج کي سمجھڻ لاءِ سندس ڪلام جي علامتي پهلوءَ کي جاچي ڏسڻ ضروري آهي. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ علامتن ۽ اهڃاڻن جو هڪ جهان آباد آهي.’علامت‘ جنهن لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ ’اهڃاڻ‘ جو لفظ به عام استعمال ٿيندو آهي اصل ۾ انگريزي لفظ Symbol مان ورتل آهي. جيڪو وري يوناني لفظ سمبالين (Symbaline) مان نڪتو آهي. ان يوناني لفظ جون وري مختلف معنائون بيان ڪيون وڃن ٿيون: جهڙوڪ معاهدو، نشان، تمغو، شناخت جو ذريعو يا وري ’شين کي گڏ ڪري رکڻ‘ وغيره. علامت جا ٻه وڏا قسم آهن. پهريون عارضي ۽ ٻيو دائمي. ٻئي لفظ پنهنجي معنى بيان ڪن ٿا. يعني عارضي علامتون ٿوري وقت لاءِ هونديون آهن، جڏهن ته دائمي علامتون سدائين لاءِ. اهي ڪڏهن فنا نه ٿيون ٿين. ”ينگ علامت کي سڀني کان وڏي اهميت ڏني آهي. ان وٽ ڪڏهن ڪڏهن ئي اهڙيون تحريرون ملن ٿيون جيڪي ان ذڪر کان خالي هجن...... هو اهو به نه ٿو مڃي ته ”علامت هڪ شي بدران ٻي شي جو استعمال آهي.“...... علامتون رڳو انسان جي ماضي طرف اشارا نه ڪنديون آهن بلڪه سندس مستقبل جي آرزوئن، تمنائن ۽ خواهشن جي نمائندگي به ڪن ٿيون. انهيءَ سبب علامت جي حرڪت جا ٻه رخ ٿين ٿا. پهريون ماضيءَ طرف رجوع ڪرڻ وارو (Retrospective) ۽ ٻيو مستقبل طرف پيش قدمي ڪرڻ وارو (Ptospective) يعني علامت تفاعلي (Functional) به ٿيندي آهي ته وجودي (Ontological) پڻ.“ (1) يُنگ مطابق علامت کي وقت جي ٻنهي ڌارن يعني ماضي ۽ مستقبل ۾ ڏسي سگھجي ٿو. وقت جي انهن ٻنهي ڌارائن جي وچ تي آهي حال، جنهن ۾ علامتون پيدا ٿين ٿيون. علامت جي حقيقت کي سمجھڻ لاءِ ان ٽه رخي عمل کي سمجھڻ نهايت ضروري آهي. ڪولريج لکيو آهي ته ”ڪنهن خاص شي کي عام شي ۾ آرو پار ڏسڻ، يا ڪنهن عام شي کي ڪنهن خاص شي ۾ آرو پار ڏسڻ، يا ڪنهن آفاقي حقيقت کي عام شين مان حاصل ڪرڻ، يا ڪنهن ازلي سچ کي عام، وقتي ۽ فاني شين مان حاصل ڪرڻ جو نالو آهي اهڃاڻ. ٻين لفظن ۾ اهڃاڻ ازلي حقيقت کي سمجھ لائق بڻائڻ جو نالو آهي.“ (2) ڀٽائيءَ جي شاعري انهيءَ حقيقت جي ساڃاهه بخشي ٿي.


”علامت مان مراد اهو بيان آهي جنهن جي وسيلي جو ڪجھ چيو وڃي ان کان ڪجھ وڌيڪ ۽ ڪجھ الڳ معنى ورتي وڃي. علامت اسان جي ذهن کي معنائن جي ڪيترن ئي رخن ڏانهن منتقل ڪري ٿي ۽ ان جي خوبي اها ئي آهي ته اها انهن مان هر هڪ پاسي لاءِ موزون سمجھي وڃي.“ (3) ”علامت هڪ سماجي عادت آهي، جيڪا سماجي سطح تي انسان جي ٻين عادتن جهڙوڪه چُرڻ پُرڻ، ڏسڻ ۽ سمجھڻ جيان هڪ عادت آهي، جنهن جو عمل سڄي سماج جي سطح تي ٿئي ٿو ۽ عادت جيان غير ارادي ٿئي ٿو.“ (4)

فرينچ شاعر بودليئر ڪائنات کي ’علامتن جو جھنگ‘ سڏيو آهي. يعني ڪائنات جي هر شي ۽ لقاءُ پنهنجي اندر هڪ علامت رکي ٿو. هر عظيم شاعر ڪائنات جي انهن وٿن منجھان نيون علامتي معنائون تراشيندو آهي. ”شاعر جي آڏو ڪائنات جي ڏٺل وائٺل شين جي اهميت انهن جي رواجي حيثيت کان وڌيڪ آهي. هن جي اونهي ۽ باريڪ بين نظر ۾ دنيا جي هر شي ظاهري ۽ رواجي هئڻ کان ڪجھ وڌيڪ به آهي. هن کي هيءَ ڪائنات بي معنى نه پر سڄي دنيا ڳوڙهين معنائن سان ڀريل ٿي ڀانئجي.“(5) ”لفظ اهڃاڻ جي وسيع معنى ۾ سڄي شاعري اچي وڃي ٿي. ڇوته هر ٻوليءَ جي شاعريءَ ۾ ڪنهن احساس، ڪنهن حقيقت، ڪنهن آئيڊيا جو اظهار هوندو آهي ۽ اهو اظهار اڻ سڌو هوندو آهي. اهو اڻ سڌو اظهار هوندو آهي ڪن حقيقي شين جي ذريعي، جن کي ان احساس، حقيقت يا آئيڊيا سان مشابهت هوندي آهي.“(6) لطيف هڪ اهڙو ئي مفڪر شاعر آهي، جنهن جي شاعري ڳوڙهين علامتي معنائن سان جنجھ آهي. هن جو اڻ سڌو اظهار سماج جي تلخ سچاين کي بيان ڪري ٿو، ڇوته هن جو فڪر پنهنجي سماج سان سلهاڙيل آهي. هن جو اهو سماجي فڪر مقامي سماجي قدرن کي عالمي سماجي قدرن سان سلهاڙي آفاقيت بخشي ٿو. ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته ”شاهه لطيف جا اهڃاڻ رڳو مادي حقيقت ناهن، پر معنوي اشارا پڻ آهن. سندس ڪهاڻيون ۽ انهن جا ڪردار رڳو انسان ناهن، پر ان کان گھڻو مٿي آفاقي حقيقتون آهن. شاهه لطيف برابر نيم تاريخي ڪهاڻين جو سهارو ورتو آهي، پر شاهه لطيف رڳو قصه خوان يا داستان گو ناهي. هن جي هر ڪهاڻي هڪ آفاقي حقيقت ڏي اشارو آهي.“(7)

روايت ۽ نئين تخليق --- ٽي ــ ايس ــ ايليٽ ڊاڪٽر احسان دانش (T.S Eliot / Dr. Ahsan Danish)

 

ٽي ــ ايس ــ ايليٽ

 ڊاڪٽر احسان دانش

 

روايت ۽ نئين تخليق

 

انگريزي ادب ۾ اسان روايت جو تمام گھٽ ذڪر ڪندا آهيون. ها باقي پاڻ ڪڏهن ڪڏهن ان کي ان جي گھٽ هجڻ ڪري افسوس خاطر استعمال ڪندا آهيون. وڌ کان وڌ اسان روايت جي مفهوم کي هن ريت وٺندا آهيون ته ’فلاڻو شاعر روايتي آهي‘ يا ’تمام گھڻو روايتي آهي.‘ تنهن ڪري اهو لفظ عيب ۽ ٽوڪ کانسواءِ ڪنهن ٻي معنى ۾ تمام گھٽ استعمال ٿيندو آهي. جيڪڏهن ٻي معنى ۾ استعمال ٿيندو به آهي ته اڻ چٽي تعريفي معنى ۾. وڌ ۾ وڌ ڪنهن قديم آثار جي ٻيهر تعمير تي ساراهه ڪرڻي هجي ته اهو لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي. انگريزي قوم لاءِ اهو لفظ ان وقت تائين مشڪل سان مانُ لهي سگھي ٿو، جيسيتائين ان کي قديم آثارن جي سائنس جي خوشگوار حوالي سان گڏ استعمال نه ڪيو وڃي.

اها ڳالهه پڪ سان چئي سگھجي ٿي ته اهو لفظ موجوده دور يا گذريل وقت جي مصنفن جي ادبي جائزي ۾ استعمال نه ٿو ٿي سگھي. ڇوته هر قوم ۽ هر نسل جو نه رڳو پنهنجو پنهنجو تخليقي ڍنگ هوندو آهي پر سندن پنهنجو پنهنجو تنقيدي رنگ ڍنگ به هوندو آهي، ۽ کين پنهنجي تخليقي انداز جي خامين جي گھٽ خبر هوندي آهي. فرانسيسي زبان ۾ جيڪا ضخيم تنقيد لکي وئي آهي ان مان اسان کي فرانسيسي ذهن جي ڪشادگيءَ جو اندازو ٿئي ٿو، ۽ ان مان اسان آسانيءَ سان اهو نتيجو حاصل ڪريون ٿا ته فرانسيسي، اسان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تنقيدي شعور رکن ٿا، تنهن ڪري اسان ڪڏهن ڪڏهن اهو سوچيندي فخر به محسوس ڪندا آهيون ته فرانسيسي اسان جي ڀيٽ ۾ گھٽ تخليقي آهن. گھڻو ڪري اها ڳالهه صحيح آهي. پر اسان کي اها ڳالهه به چڱيءَ ريت ڌيان ۾ رکڻ کپي ته ’تنقيد ساهه کڻڻ وانگر بنيادي اهميت رکي ٿي.‘ جيڪڏهن اسان هڪڙو ڪتاب پڙهي پنهنجن تاثرات ۽ احساسات کي لکي ڇڏيون ته اها ڪا خراب ڳالهه نه آهي. ان طرح اسان پنهنجي ذهن جو تنقيدي جائزو انهن تحريرن جي تنقيدي اشارن جي روشنيءَ ۾ وٺندا آهيون. ان ريت اها حقيقت واضح ٿي ويندي آهي ته اسان هميشه اهو سوچڻ تي اصرار ڪندا آهيون ته جڏهن اسان ڪنهن شاعر جي تعريف ڪندا آهيون ته سندس ڪلام جي انهن انفرادي پهلوئن ۽ خوبين سبب جيڪي ڪنهن  ٻي شاعر جي ڪلام ۾ نه ٿيون ملن. اسان اهو تصور ڪندا آهيون ته پاڻ سندس انفراديت کي سمجھي چڪا آهيون، جيڪا ئي سندس شاعريءَ جو اصل ڪارج آهي. اسان اطمينان سان کانئس اڳ وارن شاعرن، خاص طور موجوده دور ۾ هن کان اڳ وارن شاعرن، جي مقابلي ۾ سندس ڌار حيثيت تي بحث ڪندا آهيون. اها سڄي ڪوشش ان ڪري هوندي آهي ته جيئن اسان سندس انفرادي خوبيون ماڻي سرهائي محسوس ڪريون. جيڪڏهن ان جي ابتڙ اسان ڪنهن شاعر جي ڪلام جو مطالعو ان تعصب واري انداز کان بغير ڪريون ته اسان کي اها ڄاڻ ملندي ته سندس ڪلام جون نه صرف بهترين بلڪه انتهائي انفرادي خاصيتون به قديم شاعرن جي پراڻن آوازن سان مليل آهن. اهڙي ريت اها سندن لافاني زندگيءَ جو پتو ڏئي ٿي. اهو تعصب (جنهن جو هينئر ذڪر ٿيو آهي) نه رڳو ڦوهه جوانيءَ جي ڏينهن ۾ بلڪه پڪي وهيءَ ۾ به ڪم ڪندو آهي. پر جيڪڏهن روايت اها ئي آهي ته اسان پاڻ کان اڳ وارن جي ڪاميابين جي صورت کي ئي برقرار رکون ته پوءِ روايت کان انڪار لازمي آهي. ان قسم جي روايت پرستي ستت ئي پنهنجي موت پاڻ مري ويندي آهي. اها ان ڳالهه جو ثبوت ڏيندي آهي ته هر جدت ساڳي ڳالهه ڏانهن موٽ کان چڱي آهي. روايت هڪ وسيع حقيقت جي گھرجائو آهي. ’اها ورثي ۾ نه ملندي آهي‘ ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي تمام گھڻي محنت ڪرڻي پوندي آهي. پهريان ته ان جي معنى ۾ تاريخي شعور شامل آهي، جنهن ڏانهن هر ان شاعر جو لاڙو هجڻ کپي جيڪو پنجويهن سالن جي عمر کان پوءِ به پنهنجي اندر شعر چوڻ جي تحريڪ محسوس ڪري ٿو. اهو تاريخي شعور ان بصيرت جو نتيجو آهي، جيڪا نه رڳو ماضيءَ جي قدامت بلڪه سندس ساڳي دور جي فڪر تي به اڏيل آهي. اهو تاريخي شعور ان کي حاصل ٿيندو آهي جيڪو هڪ ئي وقت پنهنجي نسل جي ادبي لاڙي سان گڏ و گڏ هومر جي زماني کان وٺي اڄ تائين يورپ جي سموري ادب ۽ سندس سانچي جي اندر پنهنجي ملڪ جي سموري ادب جي زندگيءَ جو هڪ ئي وقت شعور رکندو هجي، اهڙو شعور جيڪو ان بصيرت کي هڪ همه گير ۽ زنده هيڪڙائيءَ واري نظام ۾ سمائي ڇڏي.

شاهه لطيف ۽ سندس دور جون سماجي حالتون -- ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش


شاهه لطيف ۽ سندس دور جون سماجي حالتون

 

شاهه لطيف جي ڪلام جو سماجي ڪارج تيسيتائين سمجھ ۾ نه ايندو، جيسيتائين سندس دور جي سماجي حالتن کي جاچي نه ڏسبو. هن کان اڳ اسين سنڌ جو تاريخي پس منظر بيان ڪندي مغل دور تائين سنڌ جي سياسي، سماجي، مذهبي، اخلاقي ۽ علمي حالتن تي مختصر نموني روشني وجھي آيا آهيون. ان سموري پس منظر کي ڌيان ۾ رکندي اسين جڏهن ڀٽائي جي دور تي نظر وجھندا سين ته سماجي ڀڃ ڊاهه ۽ انتشار، سياسي آپي شاهي، جاگيردارانه دٻدٻي ۽ حمله آورن جي يلغارن سميت مجموعي طور هي دور به اسان کي سنڌ مٿان تاريخي ظلم، تشدد ۽ بي انصافي جو تسلسل نظر ايندو. شاهه سائين سنڌ جي صدين کان بيچين روح جي صدا آهي. هن جي ڪلام ۾ اسان کي سندس دور ۽ سماجي حالتن جا چٽا عڪس نظر اچن ٿا. شاهه لطيف هڪ جهان ديد ۽ ذي شعور شاعر هيو، هن جي نه رڳو پنهنجي دور جي سياسي، سماجي، مذهبي ۽ اقتصادي حالتن تي نظر هئي پر سنڌ جي تاريخي پس منظر کان به واقف هيو. هو سنڌ تي صدين کان هلندڙ ڌارين جي حڪمراني ۽ سماج ۾ برپا ٿيل ظلم ۽ بربريت جي داستانن جو ادراڪ رکي پيو. تنهن ڪري سندس شاعري جي فڪري لاڙن، شاعراڻين ڪيفيتن ۽ سندس دور جي سماجي حالتن کي سندس هم عصر دور جي واقعن ۽ تاريخي پس منظر کان الڳ ڪري ڏسڻ هر گز مناسب نه ٿيندو.


ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکيو آهي ته ”سنڌ سيد لطيف جي زماني ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح مغل سلطنت جي تسلط هيٺ هُئي. تنهن وقت جا بادشاهه پاڻ کي عوام جو خادم نه پر خدا جو خليفو تصور ڪندا هئا. تنهن زماني جا ’خدائي خليفا‘ به عجيب هئا. اورنگزيب پيءُ جهڙي مقدس رشتي کي لتاڙي تخت تائين پهتو. اورنگزيب کان پوءِ اهڙيون شخصيتون مغل سلطنت جي مقدر ۾ لڳيون، جن جون غلطڪاريون ۽ سفاڪيون اڄ به برصغير جي تاريخ ۾ چُٽن جي صورت ۾ محفوظ آهن...... سنڌ جا خليفا هُئا اهڙن خدائي خليفن جا معتقد ۽ وفادار! هن مان ثابت ٿئي ٿو ته ڀٽائي گھوٽ جي زماني ۾ عوام ۽ حاڪم جي وچ ۾ زمين آسمان جو فرق هيو.“ (1) عوام جو گھڻو ڪري ڏتڙيل غريب ۽ پورهيت طبقي سان واسطو هيو ۽ وڏيرا ۽ جاگيردار حڪمران طبقي سان ٻِٽُ هيا. شاهه لطيف کي اها طبقاتي ورهاست پسند نه هُئي ڇوته هن رنگ، نسل، مذهب، ذات پات ۽ طبقن تي انسانيت کي فوقيت پئي ڏني. هن جو نظريو هيو ته ڌن دولت، طاقت ۽ اقدار عارضي شيون آهن ۽ ماڻهپو ئي دائمي قدر آهي، جنهن وسيلي سماج مان بيچيني ۽ افراتفري ختم ڪري سگھجي ٿي. ”شاهه لطيف جي باري ۾ پهريون ڳالهيون جيڪي پڙهڻ، سمجھڻ ۽ ذهن نشين ڪرڻ جون آهن اهي هي آهن: هن سڄي حياتي مال و زر کي حقارت جي نگاهه سان ڏٺو، ٻي ڳالهه اها آهي ته هن شان و شوڪت ۽ رعب دٻدٻي کان نفرت ڪئي، ٽيون اهو ته شاهه، گليمر ۽ رومينٽسزم کان هميشه پرهيز ڪئي، نمبر چار: شاهه سائين پنهنجي زندگي ۽ شاعريءَ جو رشتو پنهنجي سرزمين، ان سرزمين تي ڳالهائي ويندڙ زبان ۽ اها زبان ڳالهائيندڙ عام ماڻهن سان هميشه ڳنڍي رکيو.“ (2) پنجين ڳالهه اها آهي ته هو شخصي آزادين جي حق ۾ هو (محبت جي آزادي فيوڊل سماج ۾ سڀ کان وڏي آزادي هوندي آهي). ڇهون: شاهه لطيف اهڙي ڪنهن به نظامِ حڪومت جي خلاف هيو جيڪا غربت کي جنم ڏيندي هجي، جتي مايوسي ۽ نااميدي جي پيدائش ٿيندي هجي، جتي بک جي بادشاهي هجي، جتي تن ڍڪڻ دشوار ٿي پوي، ۽ جتي عوام کي خانه بدوشي واري زندگي گھارڻي پوي. (3) شاهه لطيف نفرت، ظلم، تشدد، منافقت ۽ استحصال کان سخت نفرت ڪندو هو. هو حسن، سچ ۽ محبت کي پسند ڪندڙ هيو. هو غير يقيني ۽ نااميديءَ جي فضا ۾ به ’عشق‘ جي ديوانگيءَ جو مطالبو ڪري ٿو. عشق جيڪو انقلابين جو راشن هوندو آهي. (4)

 

پاڻُ مَ کڻج پاڻ سين، ريءَ وسيلي وڌُ،

لالــن تَنين لـڌ، عشق جنين جي اڳ  ۾.  (سُر سهڻي، د 1)

 

ڊاڪٽر بدر ڌامراهو ــ هڪ محنتي ۽ اَوِرچُ ليکڪ ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ehsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش


 

ڊاڪٽر بدر ڌامراهو ــ هڪ محنتي ۽ اَوِرچُ ليکڪ

 جيڪي ماڻهو اڻ ٿڪ محنت ۽ جدوجهد ۾ يقين رکندا آهن، ڪاميابيون انهن جي حصي ۾ ضرور اينديون آهن. ائين به آهي ته سڦلتا جي سفر ۾ ڪي خوش نصيب ٿورڙي ڀوڳنا کان پوءِ منزل تي پهچي ويندا آهن پر اڪثر طويل ڪنڊائون سفر ڪرڻو هوندو آهي، سنڌي ادب جي هڪ نامياري شخصيت ڊاڪٽر بدر ڌامراهي سان به اصل ۾ ائين ئي ٿيو آهي. هو ڊگھي سفر جو هيراڪ آهي، پنڌ، جستجو ۽ راهه جا پٿرَ هن جو ڪڏهن به ڪجھ بگاڙي نه سگھيا آهن. ان جو وڏو مثال هن جي پي ايڇ. ڊي وارو سفر آهي، جنهن کي مڪمل ٿيڻ ۾ ايترو وقت لڳو جيتري وقت ۾ ڪو ٻارُ پرائمري تعليم کان يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس ڪري وڃي. ايڏو صبر ۽ تحمل ۽ پنهنجي ڪم سان ڪميٽمينٽ جا مثال گھٽ ملندا.


ڊاڪٽر بدر ڌامراهو هڪ محنتي ۽ اورچ ليکڪ ۽ محبتي انسان آهي. منهنجو ساڻس ٽن ڏهاڪن کان وٺي احترام ۽ دوستيءَ جو رشتو قائم آهي. مون ان سڄي عرصي ۾ ڏٺو آهي ته ڊاڪٽر صاحب ڪڏهن به وِرِچي نه ويٺو آهي، هن مسلسل علمي ۽ قلمي پورهيو ڪيو آهي ۽ ادب جي ڪنهن هڪڙي فيلڊ کي اختيار نه ڪيو آهي پر گھڻ رخو ۽ گھڻ موضوعي لکيو آهي. هو بنيادي طور هڪ تخليقڪار آهي. لکڻ واري شروعاتي سفر ۾ هن ڪهاڻيون به لکيون ته مضمون پڻ، پر بعد ۾ هن تحقيق جو پُر خار پيچرو اختيار ڪيو. لطيفيات هجي يا سچليات، لغت هجي يا لسانيات، لوڪ ادب هجي يا تاريخ، تخليقي ادب هجي يا ترجمو، تحقيق ۽ تنقيد هجي يا صوفي فڪر جي پچار، ڊاڪٽر بدر ڌامراهي پنهنجي قلم جا ڪؤنتل پئي ڪُڏايا آهن، حتاڪه مختلف ڪلاسن جي مختلف سبجيڪٽن جن ۾ سائنس جا سبجيڪٽ به شامل آهن، تي استادن ۽ شاگردن جي رهنمائي لاءِ گائيڊون به جام لکيون آهن. ان سلسلي ۾ ٻئي ڪم سان گڏ سندس ڪتاب ”سنڌي ادب جو مقدمو“ وڏي اهميت رکي ٿو.

مسرور سيال جي پهرين مراد ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

مسرور سيال جي پهرين مراد

 

جهڙي ريت ٻوليون ارتقا پذير ٿينديون آهن، تهڙي ريت ادب به تبديلي ۽ تغير جي مرحلن مان گذرندو رهندو آهي. سڄي دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ ادبي تحريڪون ۽ فڪري لاڙا ان ڳالهه جي گواهي لاءِ ڪافي آهن. ادب جي ارتقا ۾ نه رڳو پراڻين روايتن ۽ رجعت پسند روين کي رد ڪيو ويندو آهي پر نين روايتن کي قبول ڪرڻ ۽ اڳتي وڌائڻ ۾ به ادب پنهنجو ڪردار ادا ڪندو آهي. ڪو زمانو هو جڏهن "خط" کي ادب جي صنف جو درجو حاصل نه هيو پر وقت گذرڻ سان خط هڪ اهم ادبي صنف طور مڃتا ماڻي ۽ خطن جا ڪيترائي مجموعا شايع ٿيا ۽ دنيا ۾ خطن کي وڏي اهميت ملي. ڪن انهن کي تاريخي دستاويز سڏيو ته ڪن وري ادبي شاهپارا. اها الڳ ڳالهه آهي ته اڄ جي دور ۾ خط به ماضي جي ڪهاڻي بڻجي ويو آهي. اهڙي طرح جڏهن اسين اخباري ڪالم جي ڳالھ ڪندا سين ته ان لاءِ به مختلف ۽ متضاد رايا نظر ايندا. ڪي چوندا ته ڪالم ادب جي صنف نه آهي ۽ اهو صحافت جي ذمري ۾ اچي ٿو ته ڪي ان کي موضوعاتي حدبندين سبب ادب جي دائري مان خارج ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هوندا، پر سچ اهو آهي ته هن وقت ڪالم، صحافتي ادب جي اصطلاح هيٺ هڪ اهم نثري صنف طور سامهون آيو آهي ۽ ڪيترن ئي ڪالمنگارن جا ڪالم پنهنجي دور جا اهم ادبي شاهپارا ثابت ٿيا آهن. اردو ٻوليءَ ۾ وسعت اللہ خان ۽ سنڌي ۾ امرجليل ۽ اعجاز منگي ۽ اهڙن ٻين ليکڪن جا ڪالم توڙي جو سياسي اشوز ۽ ڪرنٽ افيئرز تي ئي لکيل هوندا آهن ته به انهن کي ڪنهن ادبي صنف جيتري ئي اهميت ملندي آهي. اهڙا ڪالم تخليقي ۽ صحافتي ادب جو سنگم هجن ٿا

.

اها بيحد خوشي جي ڳالهه آهي ته ويجهڙائي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪالمن جا ڪيئي ڪتاب پڌرا ٿيا آهن. ماضيءَ ۾ هزارين ڪالم اخبارن جو کاڄ بڻجي پنهنجو وجود وڃائي ويهندا هئا پر هاڻي ڪتابن ۾ پناهه ملڻ بعد انهن کي نئين حيات ملي ٿي. هن وقت اوهان جي هٿن ۾ جيڪو ڪتاب آهي، اهو به هڪ ڪالمن جو ڪتاب آهي، جيڪو اسان جي خوبصورت دوست مسرور سيال جي محنتن جو نتيجو آهي. مسرور گذريل ٻن ٽن ڏهاڪن کان مختلف اخبارن ۾ ڪالم لکندو رهيو آهي. هونءَ ته انهن ڪالمن جو انگ سون ۾ آهي پر هِن ڪتاب "ڇپن ڇنا پير" لاءِ هُن 108 ڪالمن جي چونڊ ڪئي آهي. اهي ڪالم هن مختلف دورن ۾ لکيا آهن، ۽ اهي الڳ الڳ سياسي، سماجي، اقتصادي، ثقافتي ۽ ادبي موضوعن تي لکيل آهن. مسرور سيال جا اهي ڪالم نه رڳو مقامي ۽ قومي پر بين الاقوامي مسئلن تي پڻ لکيل آهن. اهي ڪالم پڙهندي مسرور جي گهري تجزياتي نگاهه جو اندازو آساني سان ڪري سگهجي ٿو. هو جنهن به معاملي تي قلم کڻي ٿو، ان جي گهڻ رخي ڄاڻ رکي ٿو ۽ اها ڄاڻ نه رڳو پنهنجي قاري تائين رسائي ٿو پر ڀرپور تجزئي ۽ تبصري وسيلي ان معاملي جي ڇنڊ ڇاڻ به ڪري ٿو.

مسرور سيال مسلسل لکندو رهيو آهي ان ڪري سندس قلم تي اڃان تائين ڪَٽُ نه چڙهي آهي. هو جتي وڏن عالمي مسئلن جهڙوڪ "شام مٿان حملو آمريڪا جي وڏي غلطي ثابت ٿيندي"، "سعودي پاران انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ۽ خاموش دنيا" ۽ "نيوزيلينڊ ۾ قتل عام ۽ امن عالم بابت سوال" تي قلم کڻي ٿو اتي "اختيارن جي جنگ اڃان به جاري آهي", "ڪاساز سانحو حوصلي کان مايوسي تائين"، "خوشحال پاڪستان خواب يا حقيقت "، "سنڌ کي سچائيءَ واري سياست جي ضرورت آهي"، "ايم ڪيو ايم نسل پرستي کان غداري تائين" جهڙن قومي ۽ صوبائي معاملن تي به ڀرپور نموني پنهنجي قلم جا ڪونتل ڪڏائي ٿو. ايترو ئي نه پر مسرور جڏهن شاهه، سچل ۽ شهباز تي لکي ٿو ته هن جو اندازِ تحرير پڙهڻ وٽان هجي ٿو

سُرن ۾ ساهه وجھندڙ سنگيتڪاره عابده پروين ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ehsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

سُرن ۾ ساهه وجھندڙ سنگيتڪاره

عابده پروين

 

سموري فطرت موسيقي جي حسن، ساز ۽ سنگيت جي جادو سان ڀريل آهي. آبشارن مان ڪرندڙ پاڻي ۾ جدا موسيقي آهي، هوريان هلندڙ هيرن ۽ ڇوهين هوائن ۾ پنهنجو سُر ۽ ساءُ آهي، پهاڙن جي پڙاڏن ۾ الڳ غنا ۽ ترنم آهي، پکين جي ٻولين ۾ انوکا مڌر راڳَ آهن.... هيءَ سڄي ڪائنات موسيقي جي سحر ۾ ٻڏل آهي، رڳو اسان وٽ اهي سماعتون هجن جيڪي انهن سرن مان سرور حاصل ڪري سگھن. سوچيان ٿو هن خدائيءَ ۾ اهو ڪهڙو روح هوندو، جيڪو موسيقي جي جادو کان متاثر نه ٿيو هوندو...... ڪنهن چيو هو ته ’موسيقي فرشتن جي زبان آهي. اها معصوم دلين جو آواز آهي.


ان ۾ سچ آهي، سوز آهي، سڪون آهي ان ۾.‘ ڪو موسيقي جي رمز کي سمجھي، تار ۽ ترنم کي ڇيڙي ته ڏسي، ان ۾ پنهنجي الڳ تازگي ۽ توانائي آهي. اهو راڳ ئي آهي جيڪو رقص جي ڪيفيت طاري ڪري وجھي ٿو.... اهي سُر ۽ ساز ئي آهن جيڪي روح جي ڪٽ ۽ ڪس کي ڪوري اندر اجرو ڪري ڇڏين ٿا. ڪنهن راڳيءَ جي روح مان نڪتل صدا، سچ ته ڪيئي بنجر دلين کي سيراب ڪري ڇڏيندي آهي. جيڪو ماڻهو ساز جي سوز جو سرور ماڻي وٺي ٿو ان جو اندر گلستان بڻجي وڃي ٿو..

فن جي سطح تي هونءَ ته موسيقي هڪ ڏکيو فن آهي پر سوچجي ته راڳ هڪ تپسيا به آهي، جنهن جو تعلق انسان جي اندر جي ڪائنات سان آهي. راڳ جي پنهنجي الڳ زبان آهي، اهڙي سولي سنهجني جو اگر سمجھڻ چاهي ته هر زبان وارو سمجھي سگھي، ڇوته راڳ انسان جي داخليت سان تعلق رکندڙ چيز آهي، ان ڪري ان کي سمجھڻ ۽ ساڃاهڻ لاءِ ڪنهن زبان جي نه پر ان رمز جي ضرورت آهي، جيڪا بيخوديءَ جي ڪيفيت پيدا ڪري ٿي. سڄي دنيا ۾ وڄندڙ ساز جيئن اسان جي سماعتن ۾ تحليل ٿي وڃن ٿا ۽ ان لاءِ ڪنهن زبان ۽ ترجمان جي ضرورت نه ٿي پوي ائين ئي ڪنهن سُر، لئي ۽ ترنم لاءِ به ڪنهن خاص ٻوليءَ جي گھرج نه هوندي آهي. جڏهن ماڻهو موسيقي جي سُرن ۽ ٻولن ۾ لُڙهي وڃي ٿو ته مٿس ’مي رقصم‘ جو راز کُلي ٿو ۽ اها ٿَرڪ ۽ رقصَ جي ڪيفيت وجدان تي کُٽي ٿي. سنڌ جي عظيم فنڪاره عابده پروين جي راڳ ۾ اهو اثر ۽ سحر موجود آهي، جيڪو ٻڌندڙن کي رقصِ درويشان واري ڪيفيت تائين پهچائي ٿو.


موسيقي جي دنيا ۾ عابده پروين سنڌ جو هڪ اهڙو سجيلو ۽ سُريلو آواز آهي جيڪو سنڌ جي جھنگ جھر کان اُٿندو اڄُ سڄي دنيا جي ڪَنن ۾ ٻُري رهيو آهي. هي اُهو آواز آهي، جنهن جي صدا ۾ هڪ سرور آهي، جنهن جي لئي ۾ هڪ سوز آهي، جنهن جي ترنم ۾ آبشارن جهڙو آهنگ آهي، جنهن جي مرڪن ۾ مڌرتا آهي. روح جي پاتال مان اُڀرندڙ اهو آواز اڄ ڪروڙين دلين جي ڌڙڪن بڻيل آهي.