شاعريءَ جي آڪاس ڏانهن پهرين اڏام
(ڊاڪٽر امداد شيخ جي شعري مجموعي گم ٿيل ٽهڪ جو مھاڳ)
سنڌي شاعريءَ جي جهان ۾ نثري نظم جي قبوليت جو سوال اڄ ايڏو بحث هيٺ نه آهي جيڏو ڪالهه هيو. هاڻي اهو بحث گهڻو مڌم ٿي چڪو آهي ته نثري نظم کي شاعريءَ جي صنف مڃڻ کپي يا نه. ان کان اڳتي نثري نظم جي هئيت ۽ فارميٽ جي معاملن تي به هڪ عرصي کان گفتگو ٿيندي رهي آهي. هونءَ ته نثر ۽ نظم ادب جون ٻه جدا جدا ڌارائون آهن ۽ نظم کي گهڻو ڪري وزن، لئي، ۽ موسيقيت سان جوڙي ان جي صوتي آهنگ تي زور ڏنو ويندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن نثر جا ڪي شهپارا اهڙا به هوندا آهن، جن تي شعري آهنگ جو گمان ٿيندو آهي، جيتوڻيڪ انهن ۾ نه ته ڪو قافيي جي پابندي هوندي آهي ۽ نه ئي وري رديف جو ورجاءُ. ان مان اها ڳالهه سمجهڻ بنهه آسان آهي ته شاعريءَ جو تعلق رڳو وزن، بحر ۽ اهڙن ٻين لوازمات سان نه آهي. جيتوڻيڪ نظم ۽ نثري نظم جي وچ واري ڪڙي يعني آزاد نظم ۾ به وزن جي پابندي لازم آهي پر نثري نظم شاعريءَ جي واحد اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ لفظي ترتيب ۽ زورائتي اُچار مان مخصوص آهنگ پيدا ڪيو ويندو آهي. قاسم يعقوب مطابق ”نثري نظم، آزاد نظم جي اها شڪل آهي جنهن ۾ آهنگ جي جاءِ تي نثري نحوي ترتيب کي غالب ڪيو ويو.“ غزل ۽ ٻين شعري صنفن جي ڀيٽ ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ نثري نظم اڄ به هڪ نئين ۽ جديد صنف آهي، جيڪا پنهنجي ارتقائي مرحلن مان گذري رهي آهي. انگريزيءَ ۾ نثري نظم جي ابتدائي شڪل
prose poem آهي. جنهن جي مختصر وصف هن طرح ملي ٿي.A prose poem is characterized by its blending of the qualities of poetry and prose. It often has a lyrical and imaginative quality like poetry, but lacks traditional line breaks and stanzas and is written in paragraphs like prose.



















