Saturday, 15 May 2021

ڊاڪٽر بدر ڌامراهو ــ هڪ محنتي ۽ اَوِرچُ ليکڪ ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ehsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش


 

ڊاڪٽر بدر ڌامراهو ــ هڪ محنتي ۽ اَوِرچُ ليکڪ

 جيڪي ماڻهو اڻ ٿڪ محنت ۽ جدوجهد ۾ يقين رکندا آهن، ڪاميابيون انهن جي حصي ۾ ضرور اينديون آهن. ائين به آهي ته سڦلتا جي سفر ۾ ڪي خوش نصيب ٿورڙي ڀوڳنا کان پوءِ منزل تي پهچي ويندا آهن پر اڪثر طويل ڪنڊائون سفر ڪرڻو هوندو آهي، سنڌي ادب جي هڪ نامياري شخصيت ڊاڪٽر بدر ڌامراهي سان به اصل ۾ ائين ئي ٿيو آهي. هو ڊگھي سفر جو هيراڪ آهي، پنڌ، جستجو ۽ راهه جا پٿرَ هن جو ڪڏهن به ڪجھ بگاڙي نه سگھيا آهن. ان جو وڏو مثال هن جي پي ايڇ. ڊي وارو سفر آهي، جنهن کي مڪمل ٿيڻ ۾ ايترو وقت لڳو جيتري وقت ۾ ڪو ٻارُ پرائمري تعليم کان يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس ڪري وڃي. ايڏو صبر ۽ تحمل ۽ پنهنجي ڪم سان ڪميٽمينٽ جا مثال گھٽ ملندا.


ڊاڪٽر بدر ڌامراهو هڪ محنتي ۽ اورچ ليکڪ ۽ محبتي انسان آهي. منهنجو ساڻس ٽن ڏهاڪن کان وٺي احترام ۽ دوستيءَ جو رشتو قائم آهي. مون ان سڄي عرصي ۾ ڏٺو آهي ته ڊاڪٽر صاحب ڪڏهن به وِرِچي نه ويٺو آهي، هن مسلسل علمي ۽ قلمي پورهيو ڪيو آهي ۽ ادب جي ڪنهن هڪڙي فيلڊ کي اختيار نه ڪيو آهي پر گھڻ رخو ۽ گھڻ موضوعي لکيو آهي. هو بنيادي طور هڪ تخليقڪار آهي. لکڻ واري شروعاتي سفر ۾ هن ڪهاڻيون به لکيون ته مضمون پڻ، پر بعد ۾ هن تحقيق جو پُر خار پيچرو اختيار ڪيو. لطيفيات هجي يا سچليات، لغت هجي يا لسانيات، لوڪ ادب هجي يا تاريخ، تخليقي ادب هجي يا ترجمو، تحقيق ۽ تنقيد هجي يا صوفي فڪر جي پچار، ڊاڪٽر بدر ڌامراهي پنهنجي قلم جا ڪؤنتل پئي ڪُڏايا آهن، حتاڪه مختلف ڪلاسن جي مختلف سبجيڪٽن جن ۾ سائنس جا سبجيڪٽ به شامل آهن، تي استادن ۽ شاگردن جي رهنمائي لاءِ گائيڊون به جام لکيون آهن. ان سلسلي ۾ ٻئي ڪم سان گڏ سندس ڪتاب ”سنڌي ادب جو مقدمو“ وڏي اهميت رکي ٿو.

مون ڏٺو آهي ته ڊاڪٽر بدر ڌامراهو علمي ادبي سرگرمين کان ڪُنڊائتو ٿي هميشه پنهنجي لکڻ واري ڪرت ۾ ئي مصروف رهيو آهي ۽ ان کي ئي گھڻي اهميت ڏني آهي. جيتوڻيڪ هن ادبي سرگرمين ۾ عملي طور شريڪ ٿيڻ ۽ انهن جو انعقاد ڪرڻ جي خواهش ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي اليڪشنن ۾ به حصو ورتو ۽ نيٺ آخر ڪاميابي به ماڻي ۽ ادب شعبي جو چيئرمين به بڻيو، پر عوام جي زبان ۾ ’ڊاڪٽر صاحب ٻن سالن ۾ ڪو ٻوٽو نه ٻاريو‘، پر مان سمجھان ٿو هن پنهنجي وَسَ آهر ڪوششون ڪيون پر آرٽس ڪائونسل جي سسٽم ۾ فٽ نه ٿي سگھيو، شايد اهو ادارو سندس مزاج وٽان نه هيو. اها سندس شخصيت جي وڏائي آهي جو هو اڄ تائين آرٽس ڪائونسل جي هر مثبت ڪم ۾ دوستن جو ساٿ ڏيندو رهي ٿو.

ڊاڪٽر بدر ڌامراهو صاحب سچ ته منهنجي لاءِ هر ان شخص وانگر انتهائي قابلِ احترام آهي، جيڪو پنهنجي وقت جو درست استعمال ڪري ٿو. مون ڏٺو آهي ته ڊاڪٽر صاحب فضول ڳالهين ۾ وقت وڃائڻ بدران سدائين ڪم ۾ يقين رکيو آهي، سندس قلمي پورهيو ان ڳالهه جي گواهي ڏئي ٿو. اسان جي ملاقاتن ۾ ڪڏهن ڪڏهن وٿي پئجي ويندي آهي پر ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اسان جي باهمي محبت ۽ احترام جي رشتي ۾ ڪڏهن به ڪا وٿي نه پئي آهي. مون عرض ڪيو ته ڊاڪٽر بدر هڪ اڻ ٿڪ ليکڪ آهي، سو ڪجهه وٿي کان پوءِ جڏهن به ساڻس ملڻ ٿيندو آهي ته پاڻ ٻڌائيندو آهي ته هن وقت هي ڪم هٿ ۾ آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ کان وڌيڪ ڪم به هٿن ۾ کڻندو آهي. تازو ڪافي عرصي کان پوءِ جڏهن ساڻس ملاقات ٿي ته هن ٻڌايو ته ڪجهه ئي ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي جي تاريخ تي هڪ ضخيم ڪتاب لکي پورو ڪيو اٿم. سچ ته ڊاڪٽر بدر صاحب جي لکڻ جي رفتار ڪمال جي آهي. اسان جهڙا سُست ماڻهو جيترو عرصو ڪنهن ڪتاب لکڻ بابت سوچيندا آهن ايتري عرصي ۾ ڊاڪٽر صاحب ٻه ٽي ڪتابَ لکي وٺندو آهي.

ڊاڪٽر بدر ڌامراهي جي لائبريريءَ ۾ هڪ وڏو علمي زخيرو موجود آهي، جنهن ۾ ڪيئي ڪارائتا ۽ اڻ لڀ قلمي نخسا به پيا آهن. هو علم جي اُڃ انهيءَ درياهه مان اجھائي ٿو. ان لائبريريءَ ۾ موجود پراڻن ڪتابن جي ڀُرندڙ ورقن ۾ املهه پيا آهن، جيڪي وقتاً فوقتاً هو لوڪ کي آڇيندو به رهي ٿو. ڊاڪٽر بدر صاحب جي شخصيت ۽ علمي ادبي ڪم تي تفصيل سان لکڻ جي ضرورت آهي، ڇوته هن جو ڪم گھڻ رخو آهي. مون پنهنجن هنن ٻه چار لفظن ۾ رڳو ان تاثر کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن کي وڌائجي ته طويل مضمون ٿي سگھي ٿو. مان جڏهن به ڊاڪٽر بدر ڌامراهي کي ڏسندو آهيان ته لطيف سائين جو هي بيت ذهن تي تري ايندو آهي ته:

جِتِ نه پکيءَ پير، تِتِ ٽمڪي باهڙي

ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کير ري.

 

No comments:

Post a Comment