Saturday, 15 May 2021

مسرور سيال جي پهرين مراد ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

مسرور سيال جي پهرين مراد

 

جهڙي ريت ٻوليون ارتقا پذير ٿينديون آهن، تهڙي ريت ادب به تبديلي ۽ تغير جي مرحلن مان گذرندو رهندو آهي. سڄي دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ ادبي تحريڪون ۽ فڪري لاڙا ان ڳالهه جي گواهي لاءِ ڪافي آهن. ادب جي ارتقا ۾ نه رڳو پراڻين روايتن ۽ رجعت پسند روين کي رد ڪيو ويندو آهي پر نين روايتن کي قبول ڪرڻ ۽ اڳتي وڌائڻ ۾ به ادب پنهنجو ڪردار ادا ڪندو آهي. ڪو زمانو هو جڏهن "خط" کي ادب جي صنف جو درجو حاصل نه هيو پر وقت گذرڻ سان خط هڪ اهم ادبي صنف طور مڃتا ماڻي ۽ خطن جا ڪيترائي مجموعا شايع ٿيا ۽ دنيا ۾ خطن کي وڏي اهميت ملي. ڪن انهن کي تاريخي دستاويز سڏيو ته ڪن وري ادبي شاهپارا. اها الڳ ڳالهه آهي ته اڄ جي دور ۾ خط به ماضي جي ڪهاڻي بڻجي ويو آهي. اهڙي طرح جڏهن اسين اخباري ڪالم جي ڳالھ ڪندا سين ته ان لاءِ به مختلف ۽ متضاد رايا نظر ايندا. ڪي چوندا ته ڪالم ادب جي صنف نه آهي ۽ اهو صحافت جي ذمري ۾ اچي ٿو ته ڪي ان کي موضوعاتي حدبندين سبب ادب جي دائري مان خارج ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هوندا، پر سچ اهو آهي ته هن وقت ڪالم، صحافتي ادب جي اصطلاح هيٺ هڪ اهم نثري صنف طور سامهون آيو آهي ۽ ڪيترن ئي ڪالمنگارن جا ڪالم پنهنجي دور جا اهم ادبي شاهپارا ثابت ٿيا آهن. اردو ٻوليءَ ۾ وسعت اللہ خان ۽ سنڌي ۾ امرجليل ۽ اعجاز منگي ۽ اهڙن ٻين ليکڪن جا ڪالم توڙي جو سياسي اشوز ۽ ڪرنٽ افيئرز تي ئي لکيل هوندا آهن ته به انهن کي ڪنهن ادبي صنف جيتري ئي اهميت ملندي آهي. اهڙا ڪالم تخليقي ۽ صحافتي ادب جو سنگم هجن ٿا

.

اها بيحد خوشي جي ڳالهه آهي ته ويجهڙائي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪالمن جا ڪيئي ڪتاب پڌرا ٿيا آهن. ماضيءَ ۾ هزارين ڪالم اخبارن جو کاڄ بڻجي پنهنجو وجود وڃائي ويهندا هئا پر هاڻي ڪتابن ۾ پناهه ملڻ بعد انهن کي نئين حيات ملي ٿي. هن وقت اوهان جي هٿن ۾ جيڪو ڪتاب آهي، اهو به هڪ ڪالمن جو ڪتاب آهي، جيڪو اسان جي خوبصورت دوست مسرور سيال جي محنتن جو نتيجو آهي. مسرور گذريل ٻن ٽن ڏهاڪن کان مختلف اخبارن ۾ ڪالم لکندو رهيو آهي. هونءَ ته انهن ڪالمن جو انگ سون ۾ آهي پر هِن ڪتاب "ڇپن ڇنا پير" لاءِ هُن 108 ڪالمن جي چونڊ ڪئي آهي. اهي ڪالم هن مختلف دورن ۾ لکيا آهن، ۽ اهي الڳ الڳ سياسي، سماجي، اقتصادي، ثقافتي ۽ ادبي موضوعن تي لکيل آهن. مسرور سيال جا اهي ڪالم نه رڳو مقامي ۽ قومي پر بين الاقوامي مسئلن تي پڻ لکيل آهن. اهي ڪالم پڙهندي مسرور جي گهري تجزياتي نگاهه جو اندازو آساني سان ڪري سگهجي ٿو. هو جنهن به معاملي تي قلم کڻي ٿو، ان جي گهڻ رخي ڄاڻ رکي ٿو ۽ اها ڄاڻ نه رڳو پنهنجي قاري تائين رسائي ٿو پر ڀرپور تجزئي ۽ تبصري وسيلي ان معاملي جي ڇنڊ ڇاڻ به ڪري ٿو.

مسرور سيال مسلسل لکندو رهيو آهي ان ڪري سندس قلم تي اڃان تائين ڪَٽُ نه چڙهي آهي. هو جتي وڏن عالمي مسئلن جهڙوڪ "شام مٿان حملو آمريڪا جي وڏي غلطي ثابت ٿيندي"، "سعودي پاران انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ۽ خاموش دنيا" ۽ "نيوزيلينڊ ۾ قتل عام ۽ امن عالم بابت سوال" تي قلم کڻي ٿو اتي "اختيارن جي جنگ اڃان به جاري آهي", "ڪاساز سانحو حوصلي کان مايوسي تائين"، "خوشحال پاڪستان خواب يا حقيقت "، "سنڌ کي سچائيءَ واري سياست جي ضرورت آهي"، "ايم ڪيو ايم نسل پرستي کان غداري تائين" جهڙن قومي ۽ صوبائي معاملن تي به ڀرپور نموني پنهنجي قلم جا ڪونتل ڪڏائي ٿو. ايترو ئي نه پر مسرور جڏهن شاهه، سچل ۽ شهباز تي لکي ٿو ته هن جو اندازِ تحرير پڙهڻ وٽان هجي ٿو

.

مان سمجهان ٿو ته اوهان سندس ڪالمن تي مشتمل هي ڪتاب" ڇپن ڇنا پير" پڙهڻ بعد منهنجي ان راءِ سان سهمت ٿيندئو ته مسرور سيال هڪ ذهين ۽ زيرڪ ليکڪ آهي. وٽس نه رڳو لکڻ جو ڀرپور ڏانءُ آهي پر هن جي تجزياتي ۽ عقابي نگاهه پڻ ڏاڍي گهري آهي، هو پنهنجي ڪالمن ۾ مٺي مٺي طنز ته ڪري ٿو پر وٽس کوڙ سارن سياسي، سماجي ۽ اقتصادي مسئلن جا حل پڻ موجود آهن، جيڪي هن جدا جدا ڪالمن ۾ پيش به ڪيا آهن. هو پنهنجن ڪالمن ۾ باڊهه ۽ لاڙڪاڻي جي مسئلن کي ته هاءِ لائيٽ ڪري ٿو پر سندس دور رس نگاهه بدلجندڙ دنيا تي پڻ کتل آهي. مسرور سيال جا هي ڪالم هڪ دور جي سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي تاريخ جي هڪ جهلڪ آهن. مان سندس هن ڪتاب "ڇپن ڇنا پير"  کي سنڌي صحافتي ادب ۾ هڪ سٺو اضافو سمجهان ٿو ۽ کيس هن پهرين مراد تي مبارڪون پيش ڪريان ٿو.

 

ڊاڪٽر احسان دانش

12فيبروري 2020 ع

No comments:

Post a Comment