ڊاڪٽر احسان دانش
سُرن ۾ ساهه وجھندڙ سنگيتڪاره
عابده پروين
سموري فطرت موسيقي جي حسن، ساز ۽ سنگيت جي جادو سان ڀريل آهي. آبشارن مان ڪرندڙ پاڻي ۾ جدا موسيقي آهي، هوريان هلندڙ هيرن ۽ ڇوهين هوائن ۾ پنهنجو سُر ۽ ساءُ آهي، پهاڙن جي پڙاڏن ۾ الڳ غنا ۽ ترنم آهي، پکين جي ٻولين ۾ انوکا مڌر راڳَ آهن.... هيءَ سڄي ڪائنات موسيقي جي سحر ۾ ٻڏل آهي، رڳو اسان وٽ اهي سماعتون هجن جيڪي انهن سرن مان سرور حاصل ڪري سگھن. سوچيان ٿو هن خدائيءَ ۾ اهو ڪهڙو روح هوندو، جيڪو موسيقي جي جادو کان متاثر نه ٿيو هوندو...... ڪنهن چيو هو ته ’موسيقي فرشتن جي زبان آهي. اها معصوم دلين جو آواز آهي.
فن جي سطح تي هونءَ ته موسيقي هڪ ڏکيو فن آهي پر سوچجي ته راڳ هڪ تپسيا به آهي، جنهن جو تعلق انسان جي اندر جي ڪائنات سان آهي. راڳ جي پنهنجي الڳ زبان آهي، اهڙي سولي سنهجني جو اگر سمجھڻ چاهي ته هر زبان وارو سمجھي سگھي، ڇوته راڳ انسان جي داخليت سان تعلق رکندڙ چيز آهي، ان ڪري ان کي سمجھڻ ۽ ساڃاهڻ لاءِ ڪنهن زبان جي نه پر ان رمز جي ضرورت آهي، جيڪا بيخوديءَ جي ڪيفيت پيدا ڪري ٿي. سڄي دنيا ۾ وڄندڙ ساز جيئن اسان جي سماعتن ۾ تحليل ٿي وڃن ٿا ۽ ان لاءِ ڪنهن زبان ۽ ترجمان جي ضرورت نه ٿي پوي ائين ئي ڪنهن سُر، لئي ۽ ترنم لاءِ به ڪنهن خاص ٻوليءَ جي گھرج نه هوندي آهي. جڏهن ماڻهو موسيقي جي سُرن ۽ ٻولن ۾ لُڙهي وڃي ٿو ته مٿس ’مي رقصم‘ جو راز کُلي ٿو ۽ اها ٿَرڪ ۽ رقصَ جي ڪيفيت وجدان تي کُٽي ٿي. سنڌ جي عظيم فنڪاره عابده پروين جي راڳ ۾ اهو اثر ۽ سحر موجود آهي، جيڪو ٻڌندڙن کي رقصِ درويشان واري ڪيفيت تائين پهچائي ٿو.
موسيقي جي دنيا ۾ عابده پروين سنڌ جو هڪ اهڙو سجيلو ۽ سُريلو آواز آهي جيڪو سنڌ جي جھنگ جھر کان اُٿندو اڄُ سڄي دنيا جي ڪَنن ۾ ٻُري رهيو آهي. هي اُهو آواز آهي، جنهن جي صدا ۾ هڪ سرور آهي، جنهن جي لئي ۾ هڪ سوز آهي، جنهن جي ترنم ۾ آبشارن جهڙو آهنگ آهي، جنهن جي مرڪن ۾ مڌرتا آهي. روح جي پاتال مان اُڀرندڙ اهو آواز اڄ ڪروڙين دلين جي ڌڙڪن بڻيل آهي.
عابده اڄ به جڏهن سنڌ جي سُرن ۽ سازن سان رچيل موسيقي ۾ پنهنجي آواز جي مڌرتا اوتي ٿي ته صحرا ۾ ڀٽڪندڙ پياسي هرڻ جهڙو هردو ابرِ باران واري احساس سان ٽمٽار ٿي محوِ رقص ٿي وڃي ٿو ۽ جيءُ اياز جون اهي سٽون جھونگارڻ لاءِ اتاولو ٿي پوي ٿو ته:
اچو اچو!
نچو نچو!
تمام ڪائنات رقصِ جام ۾ رچي وئي
سرود و ساز جي صدا ڪلام ۾ رچي وئي
حياتِ مختصر خيالِ خام ۾ رچي وئي
شباب جي عظيم انتقام ۾ رچي وئي
اچو اچو!
نچو نچو!
هن جي گائڪيءَ ۾ اها سگھ آهي جيڪا من ۾ جلال ۽ مستيءَ جي ڪيفيت نمودار ڪري ٿي.... اها ڪيفيت سچل جي ”جنهن دم پيتا عشق دا جام، سا دل مست و مست مدام“ جهڙي آهي. هن جي اندازِ سرمستانه تي اياز جون اهي سِٽون به ساهه کڻندي محسوس ٿينديون آهن ته:
جنهن وقت اسان جي تند تپي ۽ سازُ ٽپي آواز جھپي
تنهن وقت ڀلي ڪو ڪنڌ ڪپي، جو آيو، ڳايو آ پيارا
راڳ جي راڻي عابده پروين جي آواز ۾ جا حسناڪي ۽ جمال آهي سو باڪمال آهي. هن جي سُرن ۾ جو ساءُ آهي سو اندر جي موسم کي گيڙو ڪري ڇڏي ٿو. عابده پروين جو سحر انگيز آواز هڪ نرالو ڪيف ۽ جلال پيدا ڪري ٿو. هن جون صدائون سُتل دلين ۾ هلچل پيدا ڪن ٿيون، هوءَ فنِ موسيقي جي اهڙي ديوي آهي، جنهن جي اڳيان سوين سُر سَر بَسجود آهن.
ننڍي لاءِ کان امان ٻڌائيندي آهي ته ’عابده پروين اسان جي پاڙي ۾ رهندي هئي ۽ ننڍي وهيءَ ۾ ئي کيس ڳائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هيو ۽ پنهنجي والده سان گڏ ڳائيندي هئي... ڪڏهن ڪڏهن مون کان ڪپڙا سبائڻ لاءِ به ايندي هئي. انهن ڏينهن ۾ هوءَ اڃا ڇوڪري هئي...... ننڍي لاءِ کان بُتَ ۾ ڀريل هئي ۽ تن ڏينهن ۾ هن کي ڏاڍو فڪر هوندو هيو ته ڪنهن طرح هوءَ به ٻين ڇوڪرين وانگر سِلم ۽ هينڊسم لڳي، ان ڪري هوءَ مامي عبد الرحمان عرف غازي مرد (جيڪو منهنجي ڏاڏيءَ جو سوٽ هيو، ۽ ٿورو گھڻو حڪمت جو ڪم به ڪندو هو ۽ اسان سان ئي رهندو هيو.) کي اڪثر چوندي هئي ته ”ماما مونکي ڪونسخو ڏي ته جيئن سنهڙي ٿيان.“ اها عابده پروين اڳتي هلي راڳ جي راڻي ۽ امِ ڪلثوم بڻجي وئي ۽ سنڌي موسيقي هن جي فن جي ڀاري وزن جي دل کولي آجيان ڪئي.
هن وقت سائنڻ عابده پروين بين الاقوامي شهرت يافته فنڪاره آهي. هن جو جنم لاڙڪاڻي جي علي گوهر آباد محلي ۾ ٿيو. هن کي راڳ ورثي ۾ مليو، سندس والده مائي ممتاز بيگم هڪ سٺي فنڪاره هئي ۽ سندس والد غلام حيدر پڻ موسيقي جو ماهر هو، جنهن کان هن راڳ جي ابتدائي سکيا حاصل ڪئي. بعد ۾ لاڙڪاڻي جي استاد ميهر علي ۽ استاد محمد جمن سندس گهڻي رهنمائي ڪئي. ريڊيو پاڪستان جو مشهور پروڊيوسر مرحوم غلام حسين شيخ سندس ور هو، جنهن جي محبت سانئڻ عابده جي محنت ۽ رياضت کيس شهرت جي بلندين تي پهچايو.
عابده پروين جي ڳائڪيءَ جو نج پنهنجو انداز آهي. هن کان اڳ ان طرز سان ڳائيندڙ ٻي ڪا به عورت ڳائڻي نظر نه ٿي اچي. هن وڏو عرصو سنڌيءَ ۾ ڳاتو ۽ خوب ڳاتو. هن جي شهرت سنڌ جون سرحدون پار ڪري ملڪي سطح تائين پهتي ته هن سنڌيءَ سان گڏ سرائڪي، اردو، پنجابي، فارسي ۽ هندي ۾ به ڳائڻ شروع ڪيو. سندس لفظن جي ادائگي چِٽي ۽ اثرائتي هئي، تنهن ڪري ٻڌندڙن ۽ ڏسندڙن کي جھومائي، مست ڪري ڇڏيندي هئي، جنهن سان اُنهن تي هڪ وجداني ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. عابده هندي زبان جي عظيم شاعر ڀڳت ڪبير جو ڪلام ڳائڻ کان علاوه جڳ مشهور صوفي شاعر مولانا روميءَ بابت لنڊن ۾ ٺهندڙ فلم لاءِ پڻ ڳاتو. هوءَ روايتي ڪافي جي گائڪيءَ کان وٺي غزل ۽ نظم کي به پنهنجي نرالي رنگ ۽ ڍنگ سان ڳائڻ لڳي. هاڻي هوءَ لطيف، سچل، بيدل، حمل ۽ ٻڍل جي ٻولن کان اڳتي بلهي، باهو، فريد، شاهه حسين، خسرو ۽ ڪبير جا نغما جھونگارڻ لڳي. هوءَ ڏيهان ڏيهه مقبول ٿي وئي ۽ سڄي دنيا جو ورثو بڻجي وئي. هن جي ڪلاسيڪل گائڪي، پلٽا ۽ سرگم، ٺمري، خيال ۽ ترانو هڪ پاسي، ته گيت، غزل، وائي ۽ نظم جون ندرتون، مينڍون ۽ مرڪون ٻئي پاسي حسناڪين جو جهان آباد ڪري چڪيون هيون. ڪڏهن هن جو آواز ريڊيو جي مائيڪرو فون مان نڪري جھر جھنگ گونجيو پئي ته ڪڏهن ٽي ويءَ جي اسڪرين تي هن پنهنجي راڳ ۽ رس سان ماڻهن تي سحر پئي طاري ڪيو، ائين ئي ڪڏهن اسٽيج تان سندس آواز جون لهرون ٿي اٿيون ته ماڻهو محوِ رقص بڻجي ٿي ويا. ان طرح فن جي قدردان سڄي دنيا جي زبان تي عابده پروين جو نالو فن جي عظمت جي گواهي بڻجي ويو.
عابده پروين جي حوالي سان مان پاڻ کي گهڻن حوالن سان خوش نصيب سمجھان ٿو. پهريون ته مان ان شهر ۽ پاڙي سان تعلق رکان ٿو، جنهن ۾ عابده ٻالپڻي ۽ جواني جا ڏينهن گذاريا. ٻيو مان هڪ وڏي عرصي کان عابده پروين کي لائيو انيڪ ڀيرا ڳائيندي ٻڌو آهي. ٽيون ته مان ان دور ۾ زنده آهيان، جيڪو گائڪيءَ جي حوالي سان عابده پروين جو دور آهي ۽ چوٿون مان گذريل چار ڏهاڪن جي عرصي ۾ عابده جي فني ارتقا جو پڻ گواهه آهيان. ان سڄي عرصي ۾ جيئن جيئن ميڊيا ترقي ڪندي وئي آهي، جيئن جيئن نشريات جا نوان ٽول ايجاد ٿيندا رهيا آهن، تئين تيئن عابده پروين جي شهرت ۾ به اضافو ٿيندو رهيو آهي.
اڳي جڏهن ريڊيو جي لهرن ۾ زندگي هوندي هئي ۽ آواز ۾ ئي جيون جا انيڪ رنگ سمايل هوندا هئا، تڏهن ريڊيو ڪن تي رکي عابده کي ٻڌڻ جو الڳ لطف هوندو هيو. هن جا ڳايل ڪيئي ٻول اڄ به ڪنن ۾ ٻُرن ٿا. ”تون ته ملندو رهندين خوابن ۾، ڪو ڪئين ٿو چوي ڪو ڪيئن ٿو چوي“،”من گھرئي مشتاق سان جيئري جُدايون ڪيمَ ڪر!“،”ايندو سڄڻ سائين الا منهنجو ايندو ڍولڻ سائين“، ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا حيران هزارين مان نه رڳو“ ائين وري ٽي وي جي اسڪرين جو پنهنجو لطف رهيو آهي. انهن ڏينهن ۾ عابده جا ڳايل کوڙ ڪلام نه رڳو سنڌي پر اردو، سرائڪي ۽ پنجابي ۾ به بيحد مقبول هيا. ”جب سے تو نے مجھے ديوانه بنا رکھا هے “، ”رنگ باتيں کريں اور باتوں سے خوشبو آئے “، ”رانجھا شاه هزارے دا“، ”ماهي يار دي گھڑولي بھردي“، ”اک نکتا يار پڑاهيا هے“،”لعل ميري پت رکھيو بھلا جھولے لالن“، ”منڌ پيئندي مون، ساجن صحيح سڃاتو“ اهي سڀ ڪلام هڪ دور جي حسين يادن وانگر آهن. ائين به نه هيو ته انهن ڏينهن ۾ عابده جي سطح جو ٻيو ڪو به راڳي ڪونه هو تنهن ڪري عابده پرين ائين تيزي سان اڀري آئي. انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ استاد محمد يوسف، استاد محمد جمن، استاد گلزار علي خان، استاد قمر سومرو، استاد خورشيد علي خان، جيجي زرينه بلوچ، علڻ فقير، مائي ڀاڳي ۽ ٻيا ڪيئي راڳي موجود هيا. هوڏانهن اردو ۽ پنجابي ۾ ڳائيندڙ مشهور استاد راڳي ۽ گويا مهدي حسن، نور جهان، غلام علي، استاد سلامت علي خان، فريده خانم، اقبال بانو، غلام عباس، نصرت فتح علي خان ۽ ٻيا ڪيئي اعلى درجي جا گائڪ ۽ گائڪائون موجود هئا. انهن سڀني جي موجودگيءَ ۾ موسيقي جي دنيا ۾ پنهنجي ڌار سڃاڻپ ڪرائڻ ۽ مڃتا ماڻڻ ڪو سولو ڪم نه هيو، پر عابده مسلسل محنت ۽ رياض سان اهو مقام ماڻيو ۽ هڪ ڏينهن آيو جڏهن هوءَ نعرهءِ مستانه بڻجي وئي. اهو مستانه ۽ رندانه انداز هن جي گائڪي جي هڪ نئين دور وانگر هيو، جنهن ۾ هن ”تيرے عشق نچايا کرکے تھيا تھيا“، ”هند سنده دا شهزادا قلندر لعل سهنا“، ”سانو عشق لگا هے پيارے دا“، ”ميں نعرهءِ مستانه، ميں شوخيءِ رندانه“، ”ارے لوگو تمهارا کيا، ميں جانو ميرا خدا جانے“،”تونے ديوانه بنايا تو ميں ديوانا بنا“ جهڙا ڪلام ڳاتا ته کيس شهرت جون اٿاهه بلنديون نصيب ٿيون. اڄ ڏينهن تائين ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ وڏن وڏن پنڊتن ۽ عظيم گوين کيس وڏو مانُ ۽ مرتبو ڏنو آهي. انيڪ استاد راڳين ڪيئي ڀيرا کيس نِوِڙي سلامَ پيش ڪيا آهن، لائيو پروگرامن ۽ ڪانسرٽس ۾ اهڙا ڪيئي منظر ڏسڻ ۾ آيا آهن.
عابده پروين اُها ڳائڻي آهي، جنهن جڏهن جتي ۽ جيڪو به ڪلام ڳايو اُهو مقبول ٿي ويو، سندس شاعريءَ جي چونڊ عُمدي ۽ ڌُنَ سُريلي هوندي آهي. هن گھڻي ڀاڱي صوفي بُزرگن کي ڳايو آهي، انهن مان شاه عبدالطيف ڀٽائيءَ کي سڀني کان وڌيڪ ڳاتو اٿس. شاهه جا ٽيهه ئي سُر نج اصوڪين راڳڻين ۾ ڳائي هن شاهه سان محبت ۽ عقيدت جو عملي مثال قائم ڪيو آهي. سانئڻ عابده پروين کي هن وقت تائين سوين ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي ۽ کيس ملڪ جو وڏي ۾ وڏو صدارتي ايوارڊ ”پرائيڊ آف پرفارمنس“ پڻ ملي چڪو آهي. ان کان علاوه کيس ڪيئي غير ملڪي اعزاز ۽ ايوارڊ مليا آهن، پر سچ اهو آهي ته هوءَ فن جي ان مائونٽ ايوريسٽ تي بيٺي آهي، جتي دنيا جا سمورا ايوارڊ هن اڳيان ننڍڙا لڳن ٿا. سچ ته هوءَ سُرن ۾ ساهه وجهندڙ سنگيتڪاره آهي ۽ اهو آرٽ دنيا جي بنهه ٿورن ماڻهن کي نصيب ٿيو آهي.
No comments:
Post a Comment