ڊاڪٽر احسان دانش
شاهه لطيف ۽ سندس دور جون سماجي حالتون
شاهه لطيف جي ڪلام جو سماجي ڪارج تيسيتائين سمجھ ۾ نه ايندو، جيسيتائين سندس دور جي سماجي حالتن کي جاچي نه ڏسبو. هن کان اڳ اسين سنڌ جو تاريخي پس منظر بيان ڪندي مغل دور تائين سنڌ جي سياسي، سماجي، مذهبي، اخلاقي ۽ علمي حالتن تي مختصر نموني روشني وجھي آيا آهيون. ان سموري پس منظر کي ڌيان ۾ رکندي اسين جڏهن ڀٽائي جي دور تي نظر وجھندا سين ته سماجي ڀڃ ڊاهه ۽ انتشار، سياسي آپي شاهي، جاگيردارانه دٻدٻي ۽ حمله آورن جي يلغارن سميت مجموعي طور هي دور به اسان کي سنڌ مٿان تاريخي ظلم، تشدد ۽ بي انصافي جو تسلسل نظر ايندو. شاهه سائين سنڌ جي صدين کان بيچين روح جي صدا آهي. هن جي ڪلام ۾ اسان کي سندس دور ۽ سماجي حالتن جا چٽا عڪس نظر اچن ٿا. شاهه لطيف هڪ جهان ديد ۽ ذي شعور شاعر هيو، هن جي نه رڳو پنهنجي دور جي سياسي، سماجي، مذهبي ۽ اقتصادي حالتن تي نظر هئي پر سنڌ جي تاريخي پس منظر کان به واقف هيو. هو سنڌ تي صدين کان هلندڙ ڌارين جي حڪمراني ۽ سماج ۾ برپا ٿيل ظلم ۽ بربريت جي داستانن جو ادراڪ رکي پيو. تنهن ڪري سندس شاعري جي فڪري لاڙن، شاعراڻين ڪيفيتن ۽ سندس دور جي سماجي حالتن کي سندس هم عصر دور جي واقعن ۽ تاريخي پس منظر کان الڳ ڪري ڏسڻ هر گز مناسب نه ٿيندو.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکيو آهي ته ”سنڌ سيد لطيف جي زماني ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح مغل سلطنت جي تسلط هيٺ هُئي. تنهن وقت جا بادشاهه پاڻ کي عوام جو خادم نه پر خدا جو خليفو تصور ڪندا هئا. تنهن زماني جا ’خدائي خليفا‘ به عجيب هئا. اورنگزيب پيءُ جهڙي مقدس رشتي کي لتاڙي تخت تائين پهتو. اورنگزيب کان پوءِ اهڙيون شخصيتون مغل سلطنت جي مقدر ۾ لڳيون، جن جون غلطڪاريون ۽ سفاڪيون اڄ به برصغير جي تاريخ ۾ چُٽن جي صورت ۾ محفوظ آهن...... سنڌ جا خليفا هُئا اهڙن خدائي خليفن جا معتقد ۽ وفادار! هن مان ثابت ٿئي ٿو ته ڀٽائي گھوٽ جي زماني ۾ عوام ۽ حاڪم جي وچ ۾ زمين آسمان جو فرق هيو.“ (1) عوام جو گھڻو ڪري ڏتڙيل غريب ۽ پورهيت طبقي سان واسطو هيو ۽ وڏيرا ۽ جاگيردار حڪمران طبقي سان ٻِٽُ هيا. شاهه لطيف کي اها طبقاتي ورهاست پسند نه هُئي ڇوته هن رنگ، نسل، مذهب، ذات پات ۽ طبقن تي انسانيت کي فوقيت پئي ڏني. هن جو نظريو هيو ته ڌن دولت، طاقت ۽ اقدار عارضي شيون آهن ۽ ماڻهپو ئي دائمي قدر آهي، جنهن وسيلي سماج مان بيچيني ۽ افراتفري ختم ڪري سگھجي ٿي. ”شاهه لطيف جي باري ۾ پهريون ڳالهيون جيڪي پڙهڻ، سمجھڻ ۽ ذهن نشين ڪرڻ جون آهن اهي هي آهن: هن سڄي حياتي مال و زر کي حقارت جي نگاهه سان ڏٺو، ٻي ڳالهه اها آهي ته هن شان و شوڪت ۽ رعب دٻدٻي کان نفرت ڪئي، ٽيون اهو ته شاهه، گليمر ۽ رومينٽسزم کان هميشه پرهيز ڪئي، نمبر چار: شاهه سائين پنهنجي زندگي ۽ شاعريءَ جو رشتو پنهنجي سرزمين، ان سرزمين تي ڳالهائي ويندڙ زبان ۽ اها زبان ڳالهائيندڙ عام ماڻهن سان هميشه ڳنڍي رکيو.“ (2) ”پنجين ڳالهه اها آهي ته هو شخصي آزادين جي حق ۾ هو (محبت جي آزادي فيوڊل سماج ۾ سڀ کان وڏي آزادي هوندي آهي). ڇهون: شاهه لطيف اهڙي ڪنهن به نظامِ حڪومت جي خلاف هيو جيڪا غربت کي جنم ڏيندي هجي، جتي مايوسي ۽ نااميدي جي پيدائش ٿيندي هجي، جتي بک جي بادشاهي هجي، جتي تن ڍڪڻ دشوار ٿي پوي، ۽ جتي عوام کي خانه بدوشي واري زندگي گھارڻي پوي.“ (3) ”شاهه لطيف نفرت، ظلم، تشدد، منافقت ۽ استحصال کان سخت نفرت ڪندو هو. هو حسن، سچ ۽ محبت کي پسند ڪندڙ هيو. هو غير يقيني ۽ نااميديءَ جي فضا ۾ به ’عشق‘ جي ديوانگيءَ جو مطالبو ڪري ٿو. عشق جيڪو انقلابين جو راشن هوندو آهي.“ (4)
پاڻُ مَ کڻج پاڻ سين، ريءَ وسيلي وڌُ،
لالــن تَنين لـڌ، عشق جنين جي اڳ ۾. (سُر سهڻي، د 1)
شاهه لطيف جي ان نظريهءِ فڪر کي ڌيان ۾ رکندي جڏهن اسين سنڌي سماج جو تاريخي حوالي سان جائزو وٺون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته ”سنڌ جو سماج عربن کان وٺي ٽالپرن تائين جاگيردارانه رهيو، جنهن جي پيداوار جا ذريعا چند طبقن وٽ رهيا، ان ڪري جيڪي به تبديليون آيون اهي سماج جي سٽا کي بدلائي نه سگھيون. حاڪم خاندان بدلجندا رهيا، گھرو لڙايون ٿينديون رهيون، ٻاهريان حمله آور ڪامياب ٿيندا رهيا پر اهي سڀ واقعا سماج ۾ ڪو انقلاب آڻي ڪونه سگھيا ڇو جو هر ڀيري اقتدار ۾ اچڻ وارا انهيءَ ساڳي جاگيرداري نظام ۾ پنهنجي بقا ۽ تحفظ سمجھندا هئا. ان ڪري حڪومت جي سڀني استحصالي ادارن کي قائم رکڻ سندن مفاد ۾ هو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو جاگيردارانه ادارا، قدر ۽ روايتون پٿر جهڙيون سخت ٿي ويون ۽ انهن تبديليءَ جا سڀئي رستا بند ڪري، تاريخ جي رفتار کي هڪ دائري ۾ قيد ڪري ڇڏيو ۽ ان سان گڏ و گڏ ذهن ۽ شعور جي پختگي به اڻ پوري رهي.“ (5)
ان سموري پس منظر ۾ ڏسندا سين ته ڪلهوڙا دور به سياسي ابتري ۽ سماجي ڀڃ ڊاهه جو دور محسوس ٿيندو. هن دور ۾ اسان کي سماجي ۽ اخلاقي قدر پامال ٿيندي نظر اچن ٿا. اهو هڪ طبقاتي سماج هيو، جتي صدين کان رائج جاگيرداري نظام پنهنجي جڙن کي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو هو. ”جاگيرداري، زمينداري ۽ پيري مريدي ان دور جا سماجي عوامل هئا. جاگيرداريءَ جا حقدار اهي ماڻهو هوندا هئا، جن جو تعلق يا ته ويڙهاڪ قبيلن سان هوندو هو يا وري اهي فرد جيڪي فوجي ڪارنامن ڪري اجتماعي زندگيءَ تي حاوي ٿي ويا هئا. گھڻا مثال انهن سنگتين جا آهن جن کي درٻارداريءَ جي طفيل قيمتي جاگيرون عطا ٿيون هيون..... جاگيرون هر قسم جي ڍل يا ٽيڪس کان آجيون هونديون هيون. ٻين لفظن ۾ هر جاگيردار پنهنجي علائقي جو خودمختيار حاڪم هوندو هو.“ (6) ٻئي طرف عام ماڻهوءَ لاءِ هر شيءِ تي وڪري (Sales) ۽ خريد (Purchase) جو ٽيڪس مقرر هيو. آبادگارن کي پيداوار جو ٽيون حصو ڍل ڏيڻي هوندي هئي. ”عوام مٿان سترنهن قسمن جون ڍلون، محصول ۽ ٽئڪس مڙهيل هوندا هئا..... آسمان جي ڇت هيٺان هيڻو هاري، زميندار جي فولادي گرفت ۾ ڦتڪندو رهندو هو. هُن جي ڍنگرن جي لوڙهي ۾ ايتري مضبوطي به ڪانه هوندي هئي جو ڪاهي ايندڙ مصيبتن کي روڪي بيهي. انهيءَ دور ۾ ماڻهن کي ڳاٽي ڀڳي مهانگائيءَ سان مقابلو ڪرڻو پوندو هو....... قوتِ خريد جو اهو حال جو جيڪڏهن ڪو مزور ڳنئون وٺڻ چاهي ته هن کي اٽي، لٽي ۽ اجھي جي ضرورتن کان منهن موڙي هڪ سال لاءِ انتظار ڪرڻو پوندو هو! اهڙين حالتن سنڌ ۾ ڪيترا ئي دفعا ڏُڪر کي به دعوت ڏني.“ (7) شاهه لطيف انهيءَ اقتصادي ابتري، بي انصافي ۽ هڪ هٽيءَ واري سماج ۾ اک کولي ”ان زماني ۾ وڏن وڏن جاگيردارن ۽ زميندارن کان علاوه سيدن، پيرن، نام نهاد صوفين ۽ قلندرن جو سنڌ جي سماجي زندگيءَ تي تمام گھڻو اثر هيو ۽ ان تعلق ۽ اثر جي نوعيت هڪ لحاظ کان مذهبي برتريءَ جي حيثيت رکندي هئي. ان دور جا اڪثر پير اها ئي خواهش رکندا هئا ته سندن مريدن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي ۽ اهي پنهنجي مريدن کان نه رڳو ڏن جي شڪل ۾ وڏا فائدا وٺن بلڪه پنهنجي مرضيءَ مطابق کين استعمال به ڪن.“ (8) ڪلهوڙا حڪمرانن جي حڪومت جو بنياد ئي پيري مريديءَ تي هيو. مغلن جي دور ۾ ئي ڪلهوڙن سياسي طور اڀرڻ شروع ڪيو هو ۽ انهن ڏينهن ۾ سندن ’ميان وال تحريڪ‘ جو اثر سنڌ تي ڇانئجي رهيو هو. ”ڪلهوڙا طبيعت جا سخت هئا ۽ مريدن جي مال ۾ اکيون هونديون هئن. ميان يار محمد ڪلهوڙي ڏنڊي جي ’ڪرامت‘ سان راڄ ڪيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين سندس مقبري ۾ نشانيءَ طور رکيل آهي. سندن پيري مريدي اسلام جي روح ۽ تصوف جي اصولن موجب نه پر هڪ حڪومت هٿ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي وڌيڪ هئي. ڪلهوڙن پاڻ کي مغلن آڏو سرخرو ڪرائڻ لاءِ سنڌ ۾ حقيقي صوفين جي تحريڪ کي چيڀاٽي ڇڏيو هو ۽ هو ڪنهن به ريت مقبول حاڪم ڪونه هئا.“ (9) ”پهرين ڪلهوڙا ننڍا جاگيردار ۽ پنهنجي قبيلي جا سردار هئا ۽ بعد ۾ ايڏا طاقتور بڻجي ويا جو ٻنهي سرڪارين جي نوابي به کين ملي وئي ۽ آخر ۾ اتر ۽ ڏکڻ سنڌ کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻڻ ۾ ڪامياب ويا، جن جا صدر مقام بکر ۽ ٺٽو هئا.“ (10) ”1707ع ۾ جڏهن شاهه صاحب 18 سالن جو هو ته اورنگزيب وفات ڪئي، جنهن کان پوءِ مغل حڪومت ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي وئي. مغل حڪمرانن کي سنڌ سان صرف ايتري دلچسپي هئي ته هنن کي ضرورت وقت سنڌ مان مالي مدد ملندي رهي، جيئن ته سنڌ دهليءَ کان ڪافي پري هئي ان ڪري Local حڪومت ڪلهوڙن جي حوالي ڪئي وئي هئي. حڪمرانن جي نااهليءَ ڪري ۽ مرڪز کان پري هئڻ سبب انهن حالتن مان پاڙيسري فائدو وٺندا رهيا.“ (11) ۽ ائين سنڌ کي ڌارين جي يلغارن جو منهن ڏسڻو پيو. ”لطيف سائين جي زماني جي سنڌ، نسورو جنگين جو محاذ هئي. تنهن دور ۾ هتي بغاوتون ٿيون ۽ لڙايون لڳيون، جهيڙا ٿيا، دنگل ۽ فساد ٿيا، حملا ٿيا ۽ ڪاهون ٿيون، مقابلا ٿيا ۽ طاقت جا مظاهرا ٿيا. جيڪڏهن سموري برصغري جي تنهن دور ۾ لڳل جنگين ۽ لڙاين کي ويهي ڳڻبو ته انگ وڃي 56 کي پهچي ٿو، جن مان 33 لڙاين ۽ مقابلن جو ڪُڻو سنڌ جي حصي ۾ اچي ٿو.“ (12) اهي جنگيون اقتدار، استحصال ۽ نظامِ حيات لاءِ وڙهيون ويون.
”شاهه لطيف پنهنجي دور ۾ سماج کي ٻن واضح طبقن ۾ ورهايل ڏٺو. هڪ پاسي فيوڊل هئا جن کي وڏيرو، ارباب ۽ ڄام وغيره چيو ويندو هو ۽ ٻئي پاسي محنت ڪندڙ هاري هيا. فيوڊل، هارين جي ڪمائيءَ تي شراب، شباب ۽ ڪباب جي محفلن جا مالڪ هوندا هئا. ٻٽير بازي، چڪور بازي، ڪڪڙن جي ميل ۽ رڇ ڪتن جي ويڙهه ۾ غرق هيا. ملان ۽ پير سندن دسترخوان جا شريڪ هيا. فيوڊل، عوام کي ويڙهائيندو هو ته ملان سندن صلح ڪرائيندو هو. پر ملان، فرقي جي بنياد تي جڏهن عوام کي ويڙهائيندو هو ته اها وقتي ۽ معمولي لڙائي نه هوندي هئي. شيعه، سني، مالڪي، شافعي جي نالي تي نفرتون گھريون ٿينديون رهيون. سڄو سڄو سال قبرن جي حيثيت جي تعين تي بحث هلندا هئا. مصيبتون، ڪاري ڏاند جي قربانيءَ سان دور ڪرايون وينديون هيون. هڪ کان وڌيڪ شادين جا جواز گھڙيا ويندا هئا.“ (13) شاهه سائين حڪمرانن، جاگيردارن ۽ انهن مذهبي ٺيڪيدارن جي ڪردار مان چڱيءَ ريت واقف هيو. ”زميندار ۽ هاري وچ ۾ وڇوٽي وڌڻ ڪري سماجي ڍانچو معاشي تبديليءَ واري عمل مان گذري رهيو هو. اهڙي تبديليءَ واري عمل کي رياستي ادارا ۽ ورسيل ڌريون قبولڻ بدران روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون. طبقاتي طور تي ساهميءَ جا ٻه اڻ برابر پاسا سماجي سطح تي نمودار ٿي رهيا هئا. هڪ غريب هاري محنت ڪش هو ۽ ٻيو طاقتور، جاگيردار ۽ معاشي ذريعن تي قابض طبقو هو. اهڙي ئي طبقي کي لطيف سائين ڌڪاريو ۽ موذي ڪوٺي ٿو. جيڪي سستو مال ميڙي گڏ ڪن ٿا ۽ پوءِ مارڪيٽ ۾ مهانگي اگھ تي نيڪال ڪن ٿا.
جن مهانگو لهي ميڙيو، سي ٿا هٿ
هڻن،
پنجن منجھان پنڌرهن ٿيا، ائين ٿا ورق ورن،
ڏڪاريا ڏيهه مان، شل موذي سڀ مرن. (سُر سارنگ، د 4) (14)
سماجي ابتريءَ ۽ طبقاتي نظام واري اهڙي ماحول ۾ شاهه لطيف هيڻن جو هڏ ڏوکي ٿي اڀريو. هن سنڌ جي منتشر سماج کي جوڙڻ لاءِ انسانيت کي اوليت ڏيندي غريب ۽ امير، آقا ۽ غلام، جاگيردار ۽ هاري جي سَنڌي کي ختم ڪرڻ ۽ طبقاتي نظام کي ٽوڙڻ جا جتن ڪيا ۽ ذات پات جي بنياد تي قائم ويڇن کي ميٽڻ جي ڪوشش ڪئي. ڀٽائي ’ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي‘ جو تصور ڏئي هڪ نئون سماج اڏڻ پئي چاهيو. شاهه سائين محنت ڪش مزدور، هاري ۽ پورهيت جو شاعر آهي. پورهيي کي هن پنهنجي شاعريءَ ۾ وڏي اهميت ڏني آهي. هو محنت ۽ پورهيي جي عظمت ۾ ويساهه رکي ٿو.
ڇنل ڇڄ هٿن ۾، ڪلهن ڪوڏارا،
پورهئي خاطر پنهنجي، اٿن سوارا،
اوڏ به ويـچارا، لاکـــا وڃـــــن لڏيو. (سُر ڏهر، د 4)
”لطيف پنهنجي انهيءَ دور جي سڀني حالتن جن ۾ سماجي نا انصافي، اقتصادي بدحالي، ظلم، بربريت، ڏاڍائي مطلب ته هر انهيءَ عمل کي جيڪو انسان جي تباهيءَ جو ڪارڻ ۽ ان جي تڪليف جو سبب ٿي بنيو انهن کي ڏٺو. اهي مڙيئي اثرات جيڪي اڳين دور جي پيداوار هئا، جن ۾ سندس وقت جي حاڪمن جي نا اهلي پڻ وڌيڪ اضافو ڪيو. اهڙي حالت ۾ لطيف جهڙي انسان دوست ۽ عظيم شاعر جو بيچين ٿي پوڻ يقيني امر هو.“ (15) صوفي شاهه عنايت ۽ سندس ساٿين جي شهادت وارو واقعو لطيف جي دور جو هڪ وڏو سانحو آهي. ان سانحي نه رڳو ڀٽائي جي دل جي بيچيني وڌائي پر ان سان مجموعي طور سنڌي سماج تي ڏاڍا گھرا اثر پيا. اهو شاهه لطيف جي نوجوانيءَ واري دور جو واقعو آهي ۽ ان وقت ڀٽائي جي عمر 28 سال هئي. شاهه عنايت سنڌي سماج جو هڪ وڏو انقلابي ڪردار هيو، جنهن جي نظريي ۽ تحريڪ ان وقت جي سينواريل تلاو جهڙي سماج ۾ هڪ تحرڪ پيدا ڪيو. سنڌ جي ماڻهن صدين کان قائم جاگيرداراڻي سماج ۽ غلاميءَ جي پنجوڙن کان آزاد ٿيڻ پئي چاهيو اهڙي وقت ۾ شاهه عنايت جي ان نعري ته ”زمين خدا جي آهي، جو کيڙي سو کائي“ پيڙيل ماڻهن کي وڏو ڏڍ ڏنو. اهو نعرو حقيقت ۾ سماجي تبديليءَ (Social Change) جو Symbol هيو. ”مقامي جاگيردارن، حاڪمن ۽ گاديءَ تي قابض پيرن کي ماڻهن جي اهڙي تبديليءَ واري روش ڏڪائي ڇڏيو. هنن کي پنهنجي حاڪميت لوڏا کائيندي نظر اچڻ لڳي. تڏهن هتان جي جاگيردارن، پليجن، سيدن ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي مغل گورنر اعظم خان جي مدد سان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي هڪ وڏي خير خواهه سماج سڌارڪ شاهه عنايت صوفي ۽ سندن ساٿين کي دوکي سان شهيد ڪري ڇڏيو.“ (16) ان قومي سانحي ڪلهوڙن کي سياسي طور ڏاڍو پوئتي ڌڪي ڇڏيو. جنهن سبب هڪ طرف هو عوام جو اعتماد وڃائي ويٺا ته ٻئي پاسي سالن تائين سنڌ ۾ خوشحالي ۽ استحڪام قائم رکڻ ۾ ناڪام رهيا ۽ هڪ متحد قومي رياست ٺاهي نه سگھيا. ”هن واقعي سڄي سنڌ بلڪه پنجاب جي صوفين ۽ عوام تي اثر وڌو. سنڌ ۾ صوفي تحريڪ ’لڪا ڀڻن لوڪ ۾‘ واري پاليسي اختيار ڪئي، ڇوته ڪلهوڙا سرڪار مغل حڪومت وٽان اختيار ملڻ کان پوءِ ويتر سخت گيريءَ تي لهي آئي هئي.“ (17) شاهه عنايت جي نعري نه رڳو مقامي حڪمرانن جي حڪومت ۾ ڏار وجھي ڇڏيا هئا پر مغل حڪومت به ان نعري سان پنهنجي تخت کي لڏندي محسوس ڪيو هو. جن شاهه عنايت ۽ سندس ساٿين کي شهيد ڪرڻ واري سازش ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مدد جي نتيجي ۾ کيس ’خدا يار خان‘ جو لقب ڏنو. اهو ئي خدا يار خان پنهنجي اقتدار جو سمورو عرصو نه رڳو سنڌ جي دشمنن ۽ خون پياڪن جو ساٿاري رهيو پر اڳتي هلي شاهه عنايت واري تحريڪ ۾ شهيد ٿيندڙن جون زمينون به انهيءَ ساٿ ۽ سنگت جي نذر ڪري ڇڏيون.
سنڌي صوفين جي خوناريزيءَ ڪري، عام ماڻهوءَ ۾ سياسي قيادت جو فقدان، معاشي اڻ برابري ۽ ٽين درجي جي شهري هجڻ جو احساس وڌڻ لڳو. اهڙين حالتن کان شاهه لطيف بي خبر نه هو. سنڌ جي بي باڪ ليڊر جي شهادت تي کيس خراجِ تحسين پيش ڪندي، مايوس ماڻهن ۾ زنده هجڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو احساس اجاگر ڪندي چيائين:
سڄڻ سانوڻ مينهن جيئن، جھڻڪن پاسي
جھوڪ،
ڏيـنــدا پــاهه پـٽن کــي،
منجھان مينهن مــــوڪ،
لس پـيــارن لــوڪ، آگم ڪيو اکين سين. (سُر سارنگ، د 4) (18)
”شاهه سائين نجاتِ آدم جو جھنڊو ان وقت بلند ڪيو جڏهن بادشاهن، جاگيردارن، ملن ۽ پيرن جي خلاف شاهه عنايت جي مضبوط ۽ مقبول عوامي تحريڪ ويجھڙ ۾ ئي چيڀاٽي وئي هئي. هڪ هٿ مان اڃا جھنڊو ڪريو به نه هو جو ٻئي هٿ اهو جھنڊو جھلي ورتو. شاهه سائين عوام جي غمن کي شاعريءَ جي زبان ڏئي، دنيا ڀر ۾ شاهه عنايت جي جدوجهد کي جواز بخشيو. شاهه سائين پيڙيل مظلوم هارين لاءِ آواز بلند ڪيو. ڳوٺن جي فراموش ڪيل آباديءَ جو نوحو ڳايو. تنگ دست هارين ۽ بيگار ۾ پيڙجندڙ محنت ڪشن جون جھوپڙيون ڏيکاريون، خانه بدوش ڌنارن، اوٺارن، درياهن ۾ ڄار اڇليندڙ مهاڻن ۽ ٻيڙياتن (جي دکن) کي بيان ڪيو. ملاحن جا گيت لکيا..... گھورارن، ڪنڀارن، نيرولين، راڳين، ويراڳن ۽ ٻين مٽيءَ سان رشتو جوڙيندڙن کي پيارو ڪيو. اهڙي ريت شاهه سائين مراعات يافته سادات، صوفين، قلندرن ۽ جاگيردارن تي ٻڌل طبقي کان پاڻ کي جدا ڪري ڇڏيو، ڇوته اهي شاهه عنايت کي شهيد ڪرڻ جا ذميدار هئا.“ (19)
”1719ع ۾ جڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙو سنڌ جو حاڪم مقرر ٿيو تڏهن سنڌي ماڻهوءَ جي سماجي ۽ معاشي حالت نهايت ابتر ٿي چڪي هئي. زمينون معاش ۽ واپار سڀ جاگيردارن وڏيرن ۽ سندن حمايتي ٽولي حوالي ٿيل هئا.“ (20) ”ميان نور محمد ڪجھ چڱا ڪم به ڪيا پر سماج ۾ جاگيرداري نظام جي موجودگي انهن جو عام ماڻهوءَ تي ڪو اثر ٿيڻ ڪونه ڏنو. هن ماڻهن کي سامونڊي ۽ زميني ڌاڙيلن کان نجات ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ماڻهن کي کيتي ٻاريءَ ڏانهن راغب ڪيو پر سنڌ جا ماڻهو منجھائن ڪو فائدو حاصل ڪري ڪونه سگھيا. جاگيردارن ۽ مغل نوابن جي اڳ جوڙيل جنسار ۾ معاشي طرح سندن چيلهه ڀڳي پئي هئي ۽ هو بک، بيروزگاري، ذهني ۽ جسماني غلاميءَ جو شڪار هئا ۽ سندن حالت ڏاڍي هيڻي ۽ ڏکويل هئي. ڌارين جو مٿيون طبقو عيش ۾ هو باقي سنڌي غريب پورهيت جو حال خراب هو.“ (21) شاهه سائين انهيءَ خراب حال پورهيت طبقي سان پنهنجو ناتو جوڙيو ۽ پنهنجي شاعريءَ ۾ سندن ڪردارن کي اڀاريو. هونءَ ته شاهه جو سارو رسالو اهڙن ڪردارن سان ڀريو پيو آهي پر خاص طور سُر مارئي، سُر کاهوڙي ۽ سُر سارنگ ۾ هُن، ان غريب، بي پهچ، ڪمزور ۽ پوئتي پيل طبقي جي زندگيءَ جي عڪاسي نهايت ڀرپور نموني ڪئي آهي. حقيقت اها آهي ته ڀٽائي انهن غريب حال ماڻهن کي پنهنجي محبت جو محور بڻايو، جن جون کُڙيون کهه سان ڀريل هيون ۽ محنت ۽ پورهئي سبب کين مٿي کان پيرن تائين پگھر هيو، پر شاهه سائين پري کان ئي سندن لوڏ سڃاڻي ٿي ورتي.
مٿــن ٽُٻـڪ ٽُٻڪڙا، چڪندڙا اچن،
کُڙيون کهه ڀڪليون، پگھر سر پيرن،
ايءُ وڙ ويڙهيچن، مون لوڏان ئي لکيا. (سُر مارئي، د 7)
”ورلي ئي انهيءَ دور ۾ ڪو اهڙو شاعر ٿيو هوندو، جنهن جاگيردار طبقي کان ايتري نفرت ڏايکاري هوندي، جنهن پنهنجي شاعريءَ کي مسڪين ماروئڙن جي ڏک سک ۾ ايتري حد تائين ڀاڱي ڀائيوار ڪيو هوندو. ڀٽائي جي سٽ سٽ ۾ انهن جي پگھر جو واس آهي، انهن جي گرم ڳوڙهن جو سيڪ آهي، انهن جي بکايل آنڊن جا وٽ آهن، انهن جي اڃايل اکين جي پياس آهي. ورلي ڪنهن شاعر جي شاعري اجتماعي زندگيءَ سان ائين ملي هڪ ٿي وئي هوندي، پنهنجي اکٽ انفراديت محفوظ رکندي به هڪڙيءَ سگھڙ ٻيڙيءَ وانگر ساگر جي ڇولين ۾ ملي وئي هوندي.“ (22) ڀٽائي جون انيڪ سٽون انهن غريب ۽ مسڪين ماروئڙن سان محبت جي گواهي ڏين ٿيون.
ور سي وطن ڄائيون، صحرا ستر جن،
گولاڙا ۽ گگريون، اوڇڻ اباڻن،
ويڙهيا گھمن ولين، جھانگي منجھ جھنگن،
مـــونـکــي مـاروئــڙن، سڃ ڳڻـائي سيج ۾. (سُر مارئي، د 3)
شاهه لطيف جا مارو غريب، مسڪين ۽ بي پهچ هيا ۽ صدين جي غلامي ۽ طبقاتي ننڍ وڏائي واري سماج ۾ پيڙجي رهيا هيا. منتشر ۽ ضعيف سماج ۽ پيڙيل عوام کي همت ۽ حوصلو ڏيڻ لاءِ ڀٽائيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ مارئيءَ جو ڪردار آندو. هن ڪردار وسيلي شاهه وطن دوستي ۽ قومي شعور کي اڀاريو. ان دور جي سماج ۾ جيئندڙ ماڻهن جي بظاهر حالت ان ڪمزور ۽ بي پهچ مارئي جهڙي هئي جنهن ۾ وڙهڻ ۽ جھڙڻ جي سگھ نظر نه پئي آئي پر عمر جي ڪوٽ ۾ قيد ٿيڻ بعد هوءَ نهايت سگھاري ۽ ثابت قدم نظر اچي ٿي. اصل ۾ ڀٽائي به پنهنجي دور جي ماڻهن کي اهڙو ئي سگھارو ۽ باهمت ڏسڻ پئي چاهيو. هن مارئي کي محبِ وطن ڪردار، عمر کي جابر حاڪم ۽ استحصالي ٽولي، ملير کي وطن ۽ مارن کي ديس جي غريب عوام ۽ عمر ڪوٽ کي قيد جي اهڃاڻن ۾ پيش ڪري پنهنجي دور جي هيٺين ۽ پيڙيل طبقي کي سماجي تبديلي (Social Change) لاءِ اتساهه بخشيو. ڀٽائي مارئيءَ جي ڪردار جا جيڪي ڳڻ ڳڻايا آهن اهي شاهه جي دور جي سماج ۾ ناپيد هئا. ”شاهه انهيءَ قصي ۾ ڪردارن جي معرفت اهي ڳڻ پيدا ڪرڻ چاهيا، ان ڪري هو آزادي، انصاف، عزتِ نفس، همت، غيرت، جدوجهد جي جذبي، مستقل مزاجيءَ، ثابت قدميءَ، جيءُ مٺو نه ڪرڻ، خطرن کان نه ڊڄڻ، لالچ ۾ نه اچڻ، مقصد ماڻڻ جي عزم ڪرڻ ۾، سڀ کان وڌيڪ ’اميد‘ کي هٿان نه ڇڏڻ، جهڙا ڳڻ پنهنجي هن سُر ۾ آندا.“ (23) ”مارئي هڪ اهڙو اهڃاڻ آهي، جو پنهنجو پاڻ کي جاگيرداري نظام جي رحم و ڪرم تي نه ٿو ڇڏي، بلڪه هو چاهي ٿو ته سماجي بي آرامي (Social unrest) ختم ٿئي. هو انهيءَ سماجي تبديليءَ وارو عمل پنهنجي ماڻهن ۾ رهي (غريب عوام ۾) بهتر طريقي سان ڪري سگھي ٿو. انهيءَ ڪري هو انهيءَ جاگيرداري ڪوٽ کي ڪيرائڻ جو خواهشمند آهي.“ (24)
جيها سي تيها، مون مارو مڃيا،
مون جيڏيون مليـر ۾، چونڊن مـوڪ ميها،
منهنجي آهه اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي. (سُر مارئي، ابيات متفرقه)
”هن بيت ۾ ”جيها سي تيها“ جي معنى ۾ هر قسم جا هم وطن اچي وڃن ٿا. ڪاهل، سست، نڪما، ڪمزور، هيڻا، نٻل، جاهل، ڇسا، سادا ڪهڙا به آهن، پنهنجا آهن. انهن جي روشن مستقبل لاءِ ئي تاريخ جو رخ موڙڻو آهي.“ (25) شاهه لطيف هن بيت ۾ مارئيءَ جِي پنهنجي وطن، وطن واسين ۽ پنهنجي جڙن سان محبت کي ظاهر ڪيو آهي ۽ اها محبت غير مشروط آهي. شاهه سائين مارئيءَ جي ڪردار وسيلي پنهنجي دور ۽ سماج جي تشريح ڪئي آهي ۽ اهو سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ”ان دور جا ماڻهو ڏکيا بکيا هوندي به خوددار بڻجي ٿي سگھيا، جيئن مارئي ۽ مارن عمر جي هر آڇ کي ٿڏي ڇڏيو هو، تيئن شاهه چاهيو ٿي ته سندس عوام به مٿين طبقي جا ساٿي ۽ سهيوڳي ٿيڻ جو خيال ڇڏي ڏين ته ڪوبه زور ۽ زبردستي کين ان طبقي جا دست نگر ٿيڻ لاءِ مجبور نٿي ڪري سگھيو. هو معاشي طرح سان غلام هئا، غريب هئا ۽ هيڻا هئا، جي وٽن ڪجھ هو ته اها هئي سندن عزتِ نفس، انا ۽ پاڪيزگي جيڪي هنن کي هر قيمت تي قائم رکڻي هئي.“ (26)
ايءَ نه
مارن ريت، جو سيڻ مٽائين سونَ تي،
اچي عمر ڪوٽ ۾،
ڪنديس ڪانه ڪُــريت،
پکــن جـي پــريت، مــاڙين سين نه مٽيـان. (سُر مارئي، د 3)
شاهه لطيف سنڌي سماج جي رڳن ۾ پيهي ويل شاعر هيو، جنهن جي گھري نظر سماج جي زخمن تي ٽڪيل هئي ۽ هو غريب عوام جي دلين ۾ ڌڙڪي رهيو هيو. نور محمد ڪلهوڙي سندس وڌندڙ مقبوليت کي پنهنجي حاڪميت لاءِ خطرو پئي ڀانئيو ۽ عوام جي شاهه سان محبت ۽ عقيدت هن جي دل ۾ ڪنڊي وانگر ٿي چڀي. نتيجي ۾ سندس اندر ۾ ويٺل اقتدار جي بکئي بگھڙ ڀٽائي تي قاتلاڻو حملو به ڪرايو، پر اڳتي هلي کيس شاهه جي عمل ۽ ڪردار اڳيان پشيماني جا هٿ ملڻا پيا. پر ان پشيماني پٺيان به هن پنهنجو سياسي مفاد ڳولي لڌو. ”ميان نور محمد ڪلهوڙي جڏهن محسوس ڪيو ته شاهه لطيف جو هجڻ سندس فائدي ۾ آهي تڏهن لطيف سائين جي آدرشن آڏو سسي جھڪايائين. ڪلهوڙي حاڪم کي حڪومت بچائڻ لاءِ سماجي، اخلاقي ۽ روحاني سهاري جي ضرورت هئي. هيڏانهن لطيف سائين جيڪو غربت جي غوراب ۾ ڦاٿل ماڻهن جو ترجمان ۽ عيوضي هو، تنهن تي وري اهڙن ماڻهن جي حالت سڌارڻ ۽ سنوارڻ جي ذميداري هئي. حالتن جي تقاضا ٻنهي کي اتحادي بڻايو.“ (27) شاهه سائين وٽ ان اتحاد جو سبب به اهو ڏتڙيل عوام ئي هيو، جنهن جي زخمن تي هن پها رکڻ پئي چاهيا. ”هن ميان نور محمد ڪلهوڙي جي سياسي سوچ ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ کيس عوامي نمائندو بڻجي ڪم ڪرڻ جي ترغيب ڏني. کيس اهو تاثر ذهن ۾ اوتڻ جي ڪوشش ڪئي ته تنهنجي عزت ۽ مرتبو به هن ڌرتيءَ تي وسندڙ، غريب ۽ بي پهچ ماڻهن سان ئي آهي. انهن کي موجوده معاشي بدحالي ۽ خوف جي ڌٻڻ کان ٻاهر آڻڻ لاءِ تنهنجي سهاري ۽ حمايت جي ضرورت آهي. تنهنجي قربت سان ئي سماج ۾ خوشگوار تبديلي اچي سگھي ٿي.
تون سپڙ آئون سيڪڙو، تون ڏاتار، آئون ڏوهه،
تون پارس، آئون لوهه، جي سڃيين ته سون ٿيان. (سُر پرڀاتي، د 1) (28)
شاهه لطيف جي رسالي ۾ انيڪ اهڙا سُر ملندا جيڪي علامتن جي اوٽ پنهنجي دور جي سماجي شعور کي سمجھڻ ۾ مدد ڏين ٿا. ”جڏهن شاهه سائين سُر ڪاموڏ ۾ گندرن جي غربت جي ڳالهه ڪري ٿو، تڏهن به هن جي سامهون پنهنجي دور جا مسئلا آهن. ڪينجھر ته هڪ علامت آهي جنهن ذريعي لطيف سائين ڄام تماچيءَ جي حاڪميت جي ڳالهه ڪري، ڪلهوڙي حاڪم ميان نور محمد کي ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪهڙي ريت ڄام تماچي پنهنجي دور ۾ غريب گندرن سان ڀال ڀلايا جو اڄ ڪينجھر ۽ ان جي ڀر پاسي ۾ رهندڙ مهاڻا، معاشي طور خود ڪفيل بڻجي ساڃاهه وارا ۽ سيبتا انسان بڻجي پيا آهن. تنهن ڪري ميان نور محمد ڪلهوڙي کي کليل طور چيائين ته جيڪڏهن هاڻي به سنڌين سان ويساهه گھاتي ڪيئه ته پوءِ سنڌي ماڻهو تنهنجي حمايت لاءِ وڌايل هٿ واپس ڪري وٺندا ۽ توکي اهڙي پُر خلوص ۽ سچي رعيت ڳولي به ڪونه ملندي. (29)
نور محمد ڪلهوڙي جي حڪومت جو دور سنڌ مٿان ڌارين جي حملن ۽ لتاڙ جو دور هيو. هو هڪ بي حس ۽ ڪمزور حڪمران هيو. 1739ع ۾ جڏهن نادر شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته هن ڀڄي وڃي عمر ڪوٽ ۾ پناهه ورتي. نادر شاهه سنڌ ۾ وڏي ڦر لٽ ۽ تباهي مچائي، نيٺ ميان نور محمد سندس اڳيان اچي پيش پيو. ”نادر شاهه هڪ ڪروڙ ڍل وٺي ۽ ميان جا پٽ (عطر خان) مرادياب خان ۽ غلام شاهه ساڻ کڻي پٺتي موٽيو ۽ پهرين لاڙڪاڻي ۾ آيو ۽ ميان تي ساليانه 20 لک رپيا وڌيڪ ڍل رکي ايران روانو ٿيو. نادر شاهه سنڌوءَ جو ساڄو ڪنارو يعني سکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻو ۽ بلوچستان وارا علائقا ميان نور محمد جي قبضي مان ڪڍي قنڌار سان ملائي ڇڏيا. پوءِ نادر شاهه طرفان بکر تي صوبيدار مقرر ٿيڻ لڳا؛ ۽ ٺٽي تي ميان نور محمد جي طرفان نائب مقرر ٿيڻ لڳا.“ (30) ”اهڙي طرح متحد سنڌ جا ڀاڱا ٿيڻ شروع ٿيا. ”نادر جي حملي وقت شاهه جي عمر 50 ورهيه هئي....... نادر جي قتل ٿيڻ کان پوءِ، سنڌ جي ٽن ’قيدي‘ شهزادن مان غلام شاهه ۽ عطر خان ايران مان ’آزاد‘ ٿي، 1749ع ۾ .. پنهنجي وطن موٽيا.... ٻن سالن کان پوءِ سنڌ جو ولي عهد شهزادو محمد مرادياب به واپس پنهنجي وطن پهتو. شاهه لطيف کي ان کان پوءِ هن خاڪي جسم ۾ فقط هڪ سال باقي رهڻو هو.“ (31) ”نادر شاهه جي قتل ٿيڻ کان پوءِ احمد شاهه ابدالي ايران تي قابض ٿيو. 1754ع ۾ احمد شاهه ابدالي سنڌ تي ڪاهه ڪئي ان جو سبب سنڌ طرفان ملندڙ 20 لک رپيا سالانه ڏن جو بند ٿيڻ هو. شاهه لطيف جِي سنڌ جي انهن بدلجندڙ سياسي ۽ سماجي حالتن تي گھري نظر هئي. ”هن جي عمر جا 63 سال ئي سنڌ جي اتحاد ۽ آزاديءَ جي جدوجهد جا سال هئا.“ (32) نادر شاهه ۽ احمد شاهه ابداليءَ جي حملن سبب سنڌ جو معاشي ۽ اقتصادي ڍانچو برباد ٿي چڪو هو. حمله آورن جي گھوڙن جون ٽاپون سنڌ واسين لاءِ نه رڳو خوف جي علامت بڻجي چڪيون هيون پر انهن گھوڙن جي سنبن هيٺان اچي سندن فصل به تباهه ٿي ويا هئا. خوشحالي جا خواب ڏسندڙ مارو ماڻهو زرعي زوال ڏانهن ڌڪجي رهيا هئا. اهو سمورو درد ڀريو منظر شاهه سائين جي اکين اڳيان هيو. هن سنڌ جي ان معاشي ۽ اقتصادي بربادي جو منظر سُر ڪاپائتيءَ جي هن بيت ۾ سمايو آهي:
نه سي ووئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
پسيو بـازارون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي. (د 1)
ڌارين جي يلغارن ۽ ڦر لٽ سبب سنڌ جو عوام بيحد خوف ۽ پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو هو. ڀٽائي انهيءَ خوف ۽ اذيت مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجي شاعريءَ وسيلي کين هڪ آٿت پئي ڏني. شاهه جو خطاب غريب ۽ مسڪين ماڻهن سان ئي رهيو آهي ۽ سندس سورما ۽ سورميون به اهي ئي آهن. شاهه سائين انتشار جي انهيءَ دور ۾ سسئي ۽ مارئي جهڙا علامتي ڪردار پنهنجي شاعريءَ ۾ آندا، جن وسيلي هن ظلم اڳيان نه جھڪڻ ۽ منزل جي حصول لاءِ مسلسل جدوجهد جو سبق ڏنو. اهڙي ريت ”سُر گھاتو ظلم ۽ جبر جي خلاف اجتماعي جدوجهد جي علامت آهي. ماحول جي مونجھ ۾ ويڙهيل انسانَ سوچي سمجھي به نه ٿا سگھن ته ڇا ڪيو وڃي. اها ڪيفيت ڀٽائي انهيءَ سُر جي هڪ بيت ۾ هيئن ظاهر ڪئي آهي:
گھنگھريا گھڻ ڄاڻ، موڙهي مت
مهائين،
وئــا گــــڏجــي ويـــر ۾، پئـا
مهه مـهـراڻ،
اڳيان پويان ٽاڻ، وئا ويچارن وسري.“ (33) (د 1)
شيخ اياز لکيو آهي ته ”سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن جو پوئتي پيل عوام سماجي طور طرح طرح جي مجبورين جو شڪار هيو، پر پوءِ به مذهبي قدرن جو کين ايترو لحاظ هيو جو روايتي طور انهن سڀني رسمن رواجن جي پابندي ڪندا هئا، جيڪي سندن وڏن کان کين ورثي ۾ مليا هئا، يا وري سندن مرشد کين سيکاريا هئا. جئين شرعي فرضن کان علاوه مزارن تي گلن ۽ موتين جون چادرون چاڙهڻ، پير جي هر حڪم کي دل جي گھراين سان مڃڻ، دعا تعويذ ۽ نذر و نياز جي برڪتن تي يقين رکڻ، مطلب هر قسم جون صعوبتون رڳو ان ڪري برداشت ڪري وڃڻ، جو انهن جي خلاف ڪوئي آواز اٿارڻ پير و مرشد کي ناراض ڪرڻ برابر آهي. اهي وڏي خوشيءَ سان هڪ طرف ته زميندارن ۽ جاگيردارن جي عيش و عشرت جي لاءِ سخت کان سخت محنت برداشت ڪري وٺندا هئا ته ٻئي پاسي پنهنجي ٿوري ڪمائيءَ مان به گھڻو ڪجھ پنهنجي پير جي نذر به ڪندا هئا.“ (34) شاهه سائين ماڻهن جي اهڙي غلامانه سوچ ۽ ڪمزور اعتقاد کي چڱيءَ پَرِ پرکي ورتو هو. هن محسوس ڪيو ته مذهب ۽ عقيدت جي آڙ ۾ سنڌ جو عوام، سفاڪ حاڪمن ۽ اقتداري ڌر سان ٻٽُ ويٺل انهن بي عمل پيرن، جاگيردارن ۽ ملن جي پوئلڳيءَ سبب رضامنديءَ سان لٽبو ۽ ڦربو رهي ٿو. لطيف سائين مذهبي پيشوائن جي روپ ۾ ٺوڳي ملن کي هميشه حقارت جي نگاهه سان ڏٺو:
اورائين اوڄون ڪري، منجھايا ملن،
سي پرينئون پاسي ٿئا، ٿا ڳهه ڳهه ڳالهيون ڪن،
ســـاهـــان اوڏا سـپــريــن، لــوچيـو تـان نه
لهن،
دم نه سـڃــاڻــن، دانـهــون ڪــن مـٺــن جيئـن. (سُر يمن ڪلياڻ، د 5)
”هندن جي مذهبي پيشوائن وٽ به ساڳي رياڪاري ۽ لالچ هئي، جيڪا مسلمانن جي ملن وٽ هئي. انهن لاءِ به شاهه لطيف وٽ ڪا چڱي راءِ ڪانه هئي. انهن لاءِ چوي ٿو:
گولا جي گراهه جا، جوٺا سي جوڳي،
ڦٽل او ڦوڳي، جنين شڪـم سانڍيــا.“ (سُر رامڪلي، د 4) (35)
اهڙي صورتحال ۾ شاهه سائين پنهنجي ڪلام وسيلي تصوف جي اهڙي لاٽ ٻاري جنهن سماج ۾ ٺَلهن عقيدن جي ٻاٽ کي شعور ۽ ساڃاهه جي اجالي ۾ تبديل ڪيو. برصغير جي صوفي شاعرن مان ڀٽائي جو تصوف نهايت منفرد آهي. ان صوفي فڪر جون جڙون سماج ۾ گھريون کتل محسوس ٿين ٿيون. ”ڀٽائي جو تصوف سان لڳاءُ نه فقط ظلم لاءِ نفرت، دولت ۽ اقتدار لاءِ نفرت، ۽ تعصب لاءِ نفرت جي ناڪاري وٿي پيدا ڪئي، پر ان نفرت جا هاڪاري پاسا به هئا ۽ اهي هئا رنگ، نسل، قوميت ۽ مذهب جي اختلاف جي باوجود، انسانيت تي ايمان ۽ انسان ذات سان محبت. پنهنجي ديس جي عوام سان الست بربڪم واري وقت کان وٺي انس ۽ ايفا جو واعدو. ان جي دک درد، اهنج ايذاءَ سان همدردي ۽ انهن جي ڏکي سکي زندگيءَ ۾ بي انتها دلچسپي. اهي هاڪاري پاسا هئا انهيءَ نفرت جا جيڪا هن ۾ وحدت الوجود جي فلسفي، ظلم، دولت، اقتدار ۽ تعصب لاءِ پيدا ڪئي هئي.“ (36) ان ڪري ڀٽائي جو تصوف زندگيءَ کان فرار جو رستو نه ٿو ڏسي، بلڪه اهو فرد کي ڪِرڀ ايندڙ سماج ۾ رهندي به همت ۽ حوصلي سان جيئڻ جو ساهس ڏئي ٿو. تصوف جو اهو رند جيڪو ڀٽائي ڏَسي ٿو، سو دراصل پاهڻي پنڌ وانگر آهي. جنهن ۾ سر جون سٽون به آهن. لطيف سائين جي نظر ۾ صوفي اهو آهي جيڪو سماج جي سارين قدورتن ۽ قباحتن جي مخالفت ڪندي پنهنجي سر جو دان ڏيڻ کان به نه ڪيٻائي.
سڌائتي سڀ ڪا بک نه باسي ڪا،
جيهي تيهي ذات جي،
جنبش ڪانهي جا،
مون سين هلي سا، جا جــيءُ مٺــو نه ڪـري. (سُر سسئي آبري، د 4)
مٿي پيش ڪيل مختصر جائزي مان شاهه سائين جي دور جي مجموعي سماجي حالتن جو نقشو ذهن ۾ ڪجھ هن طرح ٺهي اچي ٿو. اهو سخت انتشار جو دور هيو، جنهن ۾ هڪ طرف شاهه عنايت جي سماجي تحريڪ کي چيڀاٽي، حق جو نعرو بلند ڪندڙ انيڪ امن پسند ماڻهن جو خون وهايو ويو، ته ٻئي پاسي ڌارين لٽيرن سنڌ ۾ دهشت ۽ وحشت جو راڄ آڻي ڦر مار ۽ قتل وغارت وسيلي حڪمرانن سميت عوام جي دلين کي دهلائي ڇڏيو هو. جنهن ڪري هر طرف خوف ۽ هراس واري صورتحال رهي. صدين جي غلاميءَ ماڻهن جي ذهنن ۾ پوکيل عجز، عقيدت ۽ انڌي تقليد جي سلي کي وڌائي وڻ ڪري ڇڏيو هو. پيري مريدي سماج جي رڳن ۾ گھر ڪري وئي هئي. جاگيرداري ڪلچر رئيس ۽ هاريءَ ۾ پيدا ٿيل وٿي کي وڌائي ڇڏيو هو. سماج ۾ طبقاتي نظام جون پاڙون مضبوط ٿي رهيون هيون. مذهبي ٺيڪيدار فرقيواريت جي بنياد تي نفاق ۽ نفرت کي هوا ڏئي رهيا هئا. حڪمرانن جيڪي زرعي سڌارا آندا ۽ واهه کوٽايا، انهن مان جزوي طور فائدو ٿيو ۽ معيشت ۾ بهتري آئي پر جلد ئي ڌارين جي حملن ۽ ظلمن سنڌ جي ماڻهوءَ جي زندگي زهر ڪري ڇڏي. سنڌ جا ڪيئي حصا انهن قبضا خورن جي حوالي ٿي ويا. فصل تباهه ٿي ويا، واپار جا سلسلا رڪجي ويا. حڪمران، لٽيرن کي لکين رپيا ساليانو خراج ڏئي خزانا خالي ڪرڻ لڳا. ماڻهو بدحالي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا...... اهو سارو منظر شاهه سائين جي اکين اڳيان هو. هن حڪمرانن جي نااهلي، سماج ۾ وڌندڙ ظلم، ڏاڍ ۽ نفرت کي چڱيءَ پر محسوس پئي ڪيو. ان سموري سماجي وايو منڊل کي ڌيان ۾ رکندي لطيف مسڪينن جو هڏ ڏوکي ٿي اڀريو. هن پنهنجي دور جي انهن حالتن مطابق پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙا ڪردار آندا، جيڪي يا ته انهيءَ دور جي نمائندگي ڪري رهيا هئا يا وري انهن ڪردارن کي علامت بڻائي ڀٽائي سنڌ جي ماڻهوءَ جو وڃايل اعتماد بحال ڪرڻ پئي چاهيو. شاهه سائين ان وقت ننڍي کنڊ ۾ هلندڙ تصوف جي لهر کي به پنهنجي سماج جي درد سان ڳنڍي هڪ نئون رخ ڏنو.
حوالا
1. شمشير الحيدري / هالائي انور (مرتب) ”جر ٿر تک تنوار“ مقالو: ”شاهه جي زماني جون لڙايون“ ــ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن، سنڌ 1979ع ص 78
2. شاهد حق ڊاڪٽر، سُر مومل رانو“ (پيش لفظ) ، پاک عرب ريفائنري لميٽيڊ 2003 ص 5
3. مري شاهه محمد ”شاهه لطيف ني اپني سماج کا تجزيه کيا“ (مقاله) ــ ماهتاک ”سنگت“ ڪوئٽه (ايڊيٽر شاهه محمد مري) آڪٽوبر 2012 ص 6
4. صديقي محمد علي ، ”ادراک“ 2007 ارتقا مطبوعات کراچي ص 119
5. مبارڪ علي ڊاڪٽر ، ”سنده کي پهچان“ نگارشات لاهور، 1989 ، ص 19، 20 ص 179
6. شيخ اياز (مترجم) ”رساله شاهه عبداللطيف“ سنڌيڪا اڪيڊمي اشاعت سوم ڊسمبر 1991 ص 14
7. شمشير الحيدري / هالائي انور (مرتب) حوالو ساڳيو ص 80 ــ 81
8. شيخ اياز (مترجم) حوالو ساڳيو ص 15
9. ابڙو بدر، ”سنڌ جو شاهه“ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ــ ڪراچي يونيورسٽي، جون 2000 ، ص 66
10. ايڇ ــ ٽي سورلي ”ڀٽ جو شاهه“ (ترجمو: عطا محمد ڀنڀرو) سنڌيڪا اڪيڊمي 1992 ص 41
11. خواجه نور افروز ڊاڪٽر (مرتب) ”اگھيا سُٽَ سندا“ مقالو: ”شاهه لطيف هڪ سماجي مفڪر“ ــ ڊاڪٽر در شهوار، شاهه لطيف ريسرچ سيل سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 2007 ص 127
12. شمشير الحيدري / هالائي انور (مرتب) حوالو ساڳيو ص 72
13. مري شاهه محمد ”شاهه عبدللطيف بهڻائي“ (مقاله) ــ ماهتاک ”سنگت“ ڪوئٽه (ايڊيٽر شاهه محمد مري) آگسٽ 2012 ص 24
14. عباسي خورشيد ڊاڪٽر، مرتب: ”قومي ادبي ڪانفرنس ــ ڪلهوڙا (عباسي) دور“ مقالو: ”ڪلهوڙا دور ۾ سنڌ جون سماجي، معاشي حالتون ۽ شاهه لطيف“ ــ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو سنڌي شعبو ڪراچي يونيورسٽي نومبر 2009 ص 58
15. ڪاشف محمد حسين ”ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن“ مقصود پبليڪيشنس حيدرآباد مارچ 1990ع ص 43
16. عباسي خورشيد ڊاڪٽر، حوالو ساڳيو ص 55
17. ابڙو بدر ، حوالو ساڳيو ص 31
18. عباسي خورشيد ڊاڪٽر، حوالو ساڳيو ص 56
19. مري شاهه محمد ”شاهه عبدللطيف بهڻائي“ (مقاله) ــ ماهتاک ”سنگت“ ڪوئٽه (ايڊيٽر شاهه محمد مري) آگسٽ 2012 ص 25
20. عباسي خورشيد ڊاڪٽر، حوالو ساڳيو ص 56
21. فهميده حسين ڊاڪٽر ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1993 ص 181
22. شيخ اياز ”روسي سفارتخاني جي فرينڊشپ هائوس ۾ ڀٽائي جي ورسيءَ تي ڪيل تقرير“ ، پرک“ (ايڊيٽر: عبد القادر جوڻيجو) سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي 77 ـــ 1976 ص 82
23. فهميده حسين ڊاڪٽر ”اديون آءٌ اڄاڻ“ ثقافت کاتو حڪومتِ سنڌ 2012، ص 177
24. سڌايو غلام نبي ڊاڪٽر ”شاهه لطيف جو علامتي شعور“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2007، ص 130
25. عباسي تنوير ”شاهه لطيف جي شاعري“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2000ع، ص 96
26. فهميده حسين ڊاڪٽر حوالو ساڳيو ص 177
27. عباسي خورشيد ڊاڪٽر، حوالو ساڳيو ص 57
28. ساڳيو ص 57
29. ساڳيو ص 61
30. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر ”لطيف جو پيغام“ مهراڻ اڪيڊمي 1989 ص 34
31. جويو محمد ابراهيم، ”شاهه، سچل، سامي“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1990 ص 71
32. ساڳيو ص 71
33. شيخ اياز ”روسي سفارتخاني جي فرينڊشپ هائوس ۾ ڀٽائي جي ورسيءَ تي ڪيل تقرير“ ، پرک“ (ايڊيٽر: عبد القادر جوڻيجو) سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي 77 ـــ 1976 ص 80
34. شيخ اياز (مترجم) ”رساله شاهه عبداللطيف“ سنڌيڪا اڪيڊمي اشاعت سوم ڊسمبر 1991 ص 16
35. عباسي تنوير ”شاهه لطيف جي شاعري“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2000ع ص 75
شيخ اياز ”روسي سفارتخاني جي فرينڊشپ هائوس ۾ ڀٽائي جي ورسيءَ تي ڪيل تقرير“ ، پرک“ (ايڊيٽر: عبد القادر جوڻيجو) سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي 77 ـــ 1976 ص 79
No comments:
Post a Comment