Wednesday, 12 May 2021

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب ”فطرت، سائنس ۽ سماج“ تي هڪ نظر ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ihsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب ”فطرت، سائنس ۽ سماج“ تي هڪ نظر

 


ڊاڪٽر محبت هڪ گھڻ رخو ليکڪ هيو. هن جي دلچسپيءَ جا خاص موضوع هئا: سياست، سماجيات، فلسفو، لسانيات، سائنس، علم الانسان ۽ ادب. هن جي تحرير جو انداز سمجھاڻيءَ وارو آهي، جنهن ۾ منطق ۽ دليل جي به گھڻائي آهي، جنهن ڪري اهي لکڻيون پڙهندي جلدي سمجھ ۾ اچي وڃن ٿيون ۽  منجھن قاري جي دلچسپي به رهي ٿي. هن ڪيترن ئي خشڪ ۽ ڳوڙهن موضوعن تي به قلم کنيون آهي پر سندس تحرير جي سلوڻائي سبب اهي ڳورا موضوع به پڙهڻ ۾ آسان محسوس ٿين ٿا.

جيڪي ماڻهو ڊاڪٽر محبت سان نه ملي سگھيا اُهي ڊاڪٽر جي ذهانت جو اندازو ٻن طريقن سان لڳائي سگھن ٿا. پهريون: ڊاڪٽر جي ذهين شاگردن ۽ دوستن کي ڏسندي ۽ ٻيو: ڊاڪٽر جي ڪيل پورهيي کي ڏسندي. ڊاڪٽر محبت جا ذهين شاگرد ۽ دوست جامي چانڊيو، ڊاڪٽرايوب شيخ، ڊاڪٽر بخت جمال، ڊاڪٽر ذولفقار راهوجو، ستار هڪڙو، ڀائو در محمد ٻرڙو، ڊاڪٽر نظير شيخ، صحبت ٻرڙو، رياضت ٻرڙو وغيره به اسان جي سامهون آهن ته سندس تخليقي، تحقيقي ۽ ترجمي وارو پورهيو پڻ اسان جي اڳيان آهي. ان قلمي پورهيي کي پڌرو ڪرڻ جو ڪريڊٽ وري محبت اڪيڊمي قمبر جي ساٿين ڏانهن وڃي ٿو.

ڊاڪٽر  محبت جي تحريرن مان سندس مطالعي ۽ مشاهدي جو اندازو ٿئي ٿو. هن فلسفي ۽ لسانيات جهڙن ڏکين موضوعن جي سمجھاڻي به سولي ۽ سهنجي انداز ۾ پيش ڪئي آهي. هن جي لکڻين ۾ هڪ ترتيب  ۽ توازن آهي. اهڙو ئي توازن ۽ سلاست سندس گفتگو ۾ به هُئي جيڪا سندس آڊيو ليڪچرن منجھان پڌري آهي. ڊاڪٽر محبت اڻ ٿڪ محنت ۾ ايمان رکڻ وارو انسان هيو. هو ڪنهن به موٽ جي پرواهه ڪرڻ بنان رڳو لکندو ئي رهيو. لکندي لکندي هن سوين عنوانن کي پنهنجي قلم جي نوڪ تي آندو.

مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي کان علاوه لکڻ لاءِ ٻه ٻيون شيون به گھرجن 1. مضبوط ارادو ۽ 2. نيڪ جذبو. ڊاڪٽر محبت جي تحريرن ۾ اهي پنج ئي عنصر موجود آهن ۽ انهن پنجن عنصرن جي ٻَل تي هن جون تحريرون فڪر انگيز ۽ لاڀائتيون محسوس ٿين ٿيون.

مان ڏٺو آهي ته جن ماڻهن کي حياتي گھٽ وقت ڏيندي آهي اُهي گھڻو ڪم ڪري ويندا آهن. ڊاڪٽر محبت پنهنجي عمر جي رڳو پڇاڙڪن سَتن سالن ۾ جيترو ڪم ڪيو، ايترو اڪثر ماڻهو ستر سالن ۾ به نه ڪري سگھندا آهن. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هڪ اهڙو هيرو هيو جنهن جي چمڪ اڃا دنيا جي نظر تائين پهتي ئي مَس هئي جو کيس ڪنهن بدنظر جي نظر لڳي وئي ۽ هُو هميشه هميشه لاءِ اسان جي نظرن کان اوجھل ٿي ويو. افسوس ان ڳالهه جو آهي، ته هُو ان وقت اسان سڀني کان جدا ٿي ويو جڏهن اسان سڀني کي هن جي ضرورت هئي.

 

جڏهن هڪُ موت عالِمَ جو، سڄي عالَم جي لئه آهي،

تڏهن آ درد، هر همدرد جي دل ۾ جڳهه جوڙي.

مرڻ جن کي کپي، سي موت کان لڪندا رهيا آهن،

جيئڻ وارا الائي ڇو، وڃن ٿا موت ڏي ڊوڙِي!

(اميد خيرپوري)

وفا اسلم جي ڪهاڻي ڪتاب ”جيون تنهنجي نانءِ“ تي لکيل مهاڳ ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ehsan Danish)

 

مهاڳ  

پيار جيون لاءِ اتساھ

(وفا اسلم جي ڪهاڻي ڪتاب ”جيون تنهنجي نانءِ“ تي لکيل مهاڳ)

ادب جي مختف شعبن مان ڪهاڻي هڪ منفرد صنف سخن آهي. جنهن ۾ هڪ ليکڪ سماجي حقيقتن کان وٺي پنهنجي اندر جي دنيا جا انيڪ رنگ ۽ روپ نروار ڪندو آهي. هڪ ڪامياب ڪهاڻيڪار حقيقت ۾ اهو نبض شناس هوندو آهي جيڪو سماج جي بگڙجندڙ روپن توڙي حالتن کي نه صرف سمجهندو آهي پر هن وٽ انهن جو حل به هوندو آهي. پنهنجي دوربين نگاھ سان اهو ڪجھ به ڏسي وٺندو آهي جنهن کي عام طور نظر انداز ڪيو ويندو آهي. هڪ ڪهاڻيڪار روين جي جنگ کان وٺي رشتن جي ڪچي تند ۾ ٻڌل نازڪ احساسن تائين زنگيءَ جي سموري چرپر کي دل جي دفتر ۾ محفوظ ڪندو آهي.

جديد سنڌي ڪهاڻي جمال ابڙي کان وٺي موجودھ دور تائين جيڪو سفر طئي ڪيو آهي. ان دوران ڪهاڻيءَ جي ان قافلي ۾ ڪيئي پانڌيئرا شامل ٿيا آهن انهن مان ڪن ته سفر جي سختي ڏسي ستت ئي پير پٺتي ڪيا ۽ ڪي وري وڏيون وڏيون وکون کڻي قافلي جي سرواڻن جي صف ۾ اچي بيٺا. سنڌي ڪهاڻي جو اهو قافلو روان دوان آهي

. ان قافلي ۾ اڄ به ڪي مسافر ٿڪل آهن ته ڪي وري چستيءَ سان قدم وڌائي دنيا جي ساهتي ڪاروان سان ملي پنهنجي هستيءَ جو احساس ڏيارڻ لاءِ آتا آهن. سنڌي ڪهاڻيءَ جي ان ڊگهي قافلي ۾ نوجوان ڪهاڻيڪار وفا اسلم به ابتدائي وکون کڻي شامل ٿيو آهي. اڃان هن سفر جو آغاز ڪيو آهي. هن جي منزل اڃان ڪو ڌنڌلو خواب آهي جنهن جي ساڀيان تڏهن ٿيندي جڏهن هو مستقل مزاج فنڪار وانگر پنهنجي مشق جاري رکندو.

ڇھ سال کن اڳ جڏهن وفا اسلم پهريون ڀيرو سچل ادبي مرڪز تي ملڻ آيو هو ۽ ساڻس تعارف ٿيو ته منهنجي ڪن تي جونءَ ئي نه چري هئي ڇو ته ان کان اڳ مون سندس نالو نه ٻڌو هو پر جڏهن هن ٻڌايو ته سندس ڪجھ ڪهاڻيون سنڌي ڊائجسٽن ۾ شايع ٿيون آهن ته اهو اشتياق وڌيو ته کائنس ڪائي ڪهاڻي ٻڌجي. اهي سياري جا ڏينهن هيا. ستت ئي مرڪز جي آفيس ۾ دستوري گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ وفا پنهنجي ڪهاڻي ”پيار جو ڀرم“ پيش ڪئي. ڪهاڻي ڪافي طويل هئي ۽ داستان واري انداز ۾ لکيل هئي. مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي اها هڪ رومانوي ڪهاڻي هئي. ان کان پوءِ وفا هڪ ٻي پٺيان مسلسل ڪهاڻيون ٻڌائيندو رهيو تان جو گرمين جي هڪ ڏينهن ناوليٽ کڻي اچي پهتو.

هي وفا اسلم جو پهريون ڪهاڻين جو ڳٽڪو آهي. مون کي پتو ناهي ته وفا هن وقت تائين ڪل ڪيتريون ڪهاڻيون لکيون آهن پر هن مجموعي ۾ 5 ڪهاڻيون ۽ هڪ ناوليٽ چاهت جي مسافت“ شامل آهن. ڪنهن به ليکڪ لاءِ پهريون ڪتاب پهرين پيار وانگر هوندو آهي. وفا جي هن ڪتاب جي خوبي اها آهي ته هن ۾ موجود سمورين ڪهاڻين توڙي ناوليٽ جو موضوع ”پيار“ آهي ان ڪري پيار ڪرڻ وارا سندس هن پهرين ڪتاب کي پيار جي تحفي طور ضرور قبول ڪندا.

مون وفا اسلم جون هن وقت تائين جيڪي به ڪهاڻيون ٻڌيون يا پڙهيون آهن انهن مان اڪثر ”محبت“ واري موضوع تي لکيل آهن. هونءَ به سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ جنهن موضوع تي لکيو ويو آهي اهو ”محبت“ آهي. هونءَ به محبت هڪ اهڙو آفاقي احساس آهي جنهن کي ڪو حساس دل ئي سمجهي سگهي ٿو. وفا جي ڪهاڻين ۾ اهو رومانوي رنگ شايد ان ڪري به آهي جو هو خود پنهنجي سيني ۾ هڪ محبت ڪرڻ واري دل رکي ٿو ۽ چاهي ٿو ته هر طرف پيار جو چوٻول هجي. وفا اميد ۽ نا اميد جي ٻه واٽي تي بيٺل ڪيترن ئي ڪردارن کي پنهنجي اردگرد ڏسي ٿو ۽ انهن سمورن احساسن کي پنهنجي دل جي قريب محسوس ڪري ٿو جيڪي محبت جي معراج تي پهچڻ توڙي ناڪامي ۽ دل جي ٽٽڻ کان پوءِ جنم وٺندا آهن.

ممتاز لوهار ـــ لفظن جو مصور ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ehsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


ممتاز لوهار ــــــــ لفظن جو مصور

 


اندر جون موسمون به عجيب ٿين ٿيون، ڪڏهن من جي دنيا بهار جي مستين جهڙي ٿي وڃي ٿي ته ڪڏهن سرءُ جيان اداس...... ۽ جڏهن اداسي ۽ نراسائي اندر ۾ ٽِڪي پوندي آهي ته ماڻهوءَ جومن ملول ٿي ويندو آهي، اکين جون آرسيون ڏار ڏئي وينديون آهن، زندگي فضول ڀاسندي آهي ۽ ماڻهو تڙپي پوندو آهي. اندر جي اهڙي ڪيفيت زندگيءَ جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيندي آهي. اردو جي ڪنهن شاعر خوب چيو هو ته:

تم فقط سن کے چيخ اٹھتے هو

هم نے يوں زندگي گذاري هے

ممتاز لوهار جي من تي به جڏهن اهڙي ڪيفيت ڇانئجي ٿي ته هو شاعري ڪري ٿو، هو پنهنجي هڪ نثري نظم ۾ چوي ٿو:

چيائين: شاعري ڇوٿو ڪرين؟

چيومانس: زندگيءَ جي ڦاٽل وڳي کي

لفظن جون چتيون ٿو هڻان.

ممتاز لوهار رڳو هڪ شاعر ئي نه پر هڪ مصور به آهي، وليم فاڪنر چيو هو ته ”مصور لڪيرن ۾ شاعري ڪندا آهن ۽ شاعر لفظن ۾ مصوري.“ سو ممتاز وٽ اهو فن آهي، تنهن ڪري اسان هن کي هڪ مصور شاعر به چئي سگھون ٿا، ڇوته هن جي شاعريءَ ۾ به مصوري آهي، جذبن ۽ احساسن جي مصوري جنهن کي هن لفظن جي برشن سان پينٽ ڪيو. جيڪڏهن ڪو فنڪار انهن ٻنهي فنن يعني مصوري ۽ شاعري تي قدرت رکندو هجي ته آخر ڪهڙي ڪيفيت ۾ شاعري ڪندو ۽ ڪهڙي حالت ۾ مصوري؟ ان جو هڪ بهتري جواب نيپال جي هڪ شاعر بال ڪرشنا ساما پنهنجي هڪ نظم ۾ هن طرح ڏنو آهي:

جڏهن مان جسماني خاڪي جو خواب چاهيندو آهيان

ته مان شاعري ڪندو آهيان

جڏهن مان خوابن جهڙي جسم جي خواهش ڪندو آهيان

ته مان مصوري ڪندو آهيان

جڏهن مان توکي ٻڌڻ چاهيندو آهيان

ته مان شاعري ڪندو آهيان

جڏهن مان توکي مرڪندو ڏسڻ چاهيندو آهيان

ته مان مصوري ڪندو آهيان

ادب اور اہل قلم کا پُر امن معاشرے کے قیام میں کردار ــ ڈاکٹر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

1 مئ 2015

کراچی کانفرنس

ڈاکٹر احسان دانش



 

ادب اور اہل قلم کا  پُر امن معاشرے کے قیام میں کردار


 

ایک ادیب کا اپنے معاشرے سے ربط اور تعلق ایک فطری عمل ہے۔ ادیب یا شاعر زندگی کی حرکات اور نشیب و فراز کو گہرائی سے محسوس کرتا ہے۔ اس طرح ادب اور زندگی کا تعلق مضبوط ہوتا ہے۔ معاشرے میں جو کچھ ہے اور جو واقعات و حادثات وقوع  پذیر ہورہے ہیں ادیب ان کے براہ راست اثرات قبول کرتا ہے۔ اگر ایک اہلِ قلم کے اردگرد امن کی فضا ہوگی تو وہ سکھ اور اطمنان کے نغمے گنگنائے گا لیکن اگر اس کے آس پاس بدامنی اور وحشت کا ماحول ہوگا تو اس کے من پر یقینی طور پر دکھ اور کرب کی پرچھائیاں چھا جائیں گی، ايسے حالات میں ظلم، بربریت اور جنگ اس کا موضوعِ سخن ہوگا۔ ویسے بھی امن کا متضاد لفظ جنگ یا بدامنی ہے۔ اس وقت پوری دنیا میں جنگ کے نقارے سنائی دے رہے ہیں۔ دھرتی پر ہر طرف بارود کی بو پھیلی ہوئی ہے۔ خاص طور پر تیسری دنیا کے ممالک میں بدامنی ایک بہت بڑا مسئلہ ہے۔ گذشتہ کئی دہائیوں سے یہی مسئلہ ہمارے ملک کی جڑوں سے بھی پیوست ہوگیا ہے۔ اس ساری صورتحال کے پیشِ نظر اہلِ قلم کا کردار نہایت اہمیت کا حامل ہے۔

سليم اختر لکھتے ہيں که ”ادب میں جنگ سے نفرت  کے واضح اثرات ملتے ہيں اور اس بات  کا  انکار نہیں کیا جاسکتا کہ ایک اچھی تحریر بے شمار لوگوں کو متاثر کرسکتی ہے لیکن قیامِ امن کے لیے ایک پائیدار تصورِ حیات سامنے رکھ کے بات کرنا بالکل جداگانہ امر ہے۔ تحریر سے جنگ (بدامنی) کے خلاف نفرت پیدا کرنا بلاواسطہ ہے۔ ادیب جنگ سے نفرت دلاتا ہے۔ یعنی ایک منفی چیز (جنگ) کے خلاف منفی جذبہ (نفرت) کو ابھار کرمثبت (امن) کو جنم دینے کی کوشش کرتا ہے۔ اس لیے یہ مثبت دائمی نہیں ہوسکتا۔ لیکن اگر وہ مثبت کے پرچار کے لیے مثبت قدر (نظریہ حیات) کا سهارا لیتا هے تو اثر دیر پا ہوگا۔ اس صورت میں فرد صرف جنگ سے متنفر ہی نہ ہوگا بلکہ امن کو شعار زيست سمجھتے ہوئے اس کے حصول کے لیے کوشاں بھی ہوگا۔

ادب اور اہل قلم کا پُر امن معاشرے کے قیام میں کون سا کردار ہے یا ہوسکتا ہے۔ اس پر تفصیل سے بات کرنے سے پہلے ہمیں ادب، ادیب اور معاشرے کے تعلق کو سمجھنا اور ادیب کے سماجی کردار کو واضح کرنا ہوگا۔

                جس طرح زبان، سماج اور کلچر کی ایک دوسرے سے گہری وابستگی ہے اُسی طرح ادب کا بھی اپنے معاشرے سے اٹوٹ رشتہ ہے۔ جس طرح زبان کسی قوم یا معاشرے کی علامت ہے ٹھیک اُسی طرح ادب بھی ہر معاشرے کی ضرورت ہے، کیونکہ زبان اور ادب کا خود ایک دوسرے سے گہرا رشتہ ہے۔ اس لیے جس طرح زبان کے بغیر ادب کا تصور ممکن نہیں اُسی طرح زبان کی زندگی اور دائمیت کے لیے ادب کو بہت بڑی اہمیت حاصل ہے، بلکہ اگر کہا جائے کہ ادب زبان کی روح ہے تو غلط نہ ہوگا۔

                ادب نہ فقط زندگی کا ترجمان اور ناقد ہے بلکہ کہنا چاہیے کہ وہ ہمار ہے رہن سہن کا مظہر بھی ہے۔ اس لیے اس وقت ہم کسی ايسے ترقی یا فتہ معاشرے کا تصور بھی نہیں کرسکتے کہ جہاں ادب اور ادیب نہ ہوں۔ علم و ادب کی شکلیں مختلف ہوسکتی ہیں کسی سماج میں ادب ارتقا  پذیر ہوسکتا ہےليکن یہ بات ممکن نہیں کہ ادب اپنے سماج سے ہی لاتعلق ہو۔  ادیب معاشرے کا ایک فرد ہی نہیں، معاشرے کی زبان بھی ہوتا ہے کہ اُس کا ذہن حالات کا جائزہ لیتا ہے۔ داخلیت اور خارجیت کا امتزاج تنقیدِ حیات کا روپ دھار لیتا ہے اور یوں اس کا قلم جو شہ پارے تخلیق کرتا ہے، چاہے وه شعر کی شکل ميں هوں يا کهانی کی صورت ميں ان ميں وه اپنے عصر کی عکاسی کرتا ہے اور یہ عکاسی حقیقی تاریخ یا تاريخی حقیقت ہوتی ہے۔

                ادیب کے سماجی کردار کے حوالے سے روسی ادیب لیونڈ سوبو لوف لکھتے ہيں کہ ادیب  کے لیے یہ صلاحیت لازمی ہے کہ وہ اپنے عہد کی روح اور اس کے ان مخصوص خصائل کو پہچان سکے جو اس کو ماضی سے جدا کر کے جدید شکل دیتے ہیں۔ خود ادیب عوامی زندگی سے جس قدر قریب ہو اُسی اعتبار سے اس کی روشناسی ان امور سے بڑہ جاتی ہے کہ لوگ کیا کرتے ہیں، کس طرح سوچتے ہیں اور کیسے خواب دیکھتے ہیں؟ تعمیراتی معاملات کو سمجھنے کا ذریعہ یہ ہی ہے کہ انسان خود تعمیرات کے مراحل میں شریک ہو، تا کہ وہ تعمیر مکمل ہوجانے پر اُس کا دُور سے نظارہ نہ کرتا رہے۔ اس کا مطلب یہ ہے کہ ادیب کو اس کل کا جُز بننا ہے جسے ہم معاشرہ کہتے ہیں۔ ایک ادیب نہ صرف معاشرے کی تعمیر و ترقی میں حصہ لیتا ہے مگر اپنے دؤر کے شعور کو بڑھانے میں بھی کردار ادا کرتا ہے۔ وہ ایک تخلیقکار ہونے کی وجہ سے تخریب سے نفرت کرتا ہے اور تخلیق و تعمیر کو اہمیت دیتا ہے۔ ظلم سے نفرت کرتا ہے اور قیامِ امن کے لیے کوشاں رہتا ہے۔

ملهار سنڌي جي ڪتاب ”ڪافي جو فني فڪري ۽ تحقيي جائزو“ تي لکيل مهاڳ ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 مهاڳ

 

سنڌي ڪافيءَ جي ڪٿا ۽ تحقيق جو سفر

(ملهار سنڌي جي ڪتاب ”ڪافي جو فني فڪري ۽ تحقيقي جائزو“ تي لکيل مهاڳ)


تحقيق هڪ ڏکيو فن آهي، جنهن جون پنهنجون مخصوص گھرجون آهن. جيتوڻيڪ تحقيق جو بنياد تخليق ئي آهي، جنهن جي اهميت کان ڪوبه انڪار نه ٿو ڪري سگھي پر تخليقڪار هڪ آزاد پنڇي آهي، هو پنهنجي سوچ جا پَر کولي ڪئين آڪاشن تي پرواز ڪري سگھي ٿو. تحقيقَ، سچائيءَ جي پرک سيکاري ٿي، جنهن ڪري استدلال جو دامن پڪڙڻو پوي ٿو ۽ دليل جي گفتگو يقيناً ڏُکي هوندي آهي. دليل حوالو گھرندو آهي، حوالي جي تلاش لاءِ مطالعي جي ضرورت هوندي آهي ۽ گھڻي مطالعي سان وري تقابلي جائزي جو شعور پيدا ٿيندو آهي، جيڪو هڪ محقق لاءِ بيحد ضروري آهي.

هڪ ليکڪ جو ڪم لکڻ آهي پر هر تحرير جي هڪ خاص ٻولي هوندي آهي. فڪشن، ڪالم، شاعري، سفرنامو، آتم ڪٿا، تنقيد ۽ تحقيق الڳ الڳ ٻوليءَ جون گھرجائو صنفون آهن. تحقيق ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ جي تمام وڏي اهميت ۽ وقعت هوندي آهي. تحقيق جي زبان ۾ شائستگي ضروري آهي. حتاڪه ٻين عالمن ۽ محققن سان اختلاف رکڻ وقت به ٻوليءَ کي نرم رکڻو پوندو آهي. اصل ۾ اها تحقيق جي تقاضا آهي. جيڪڏهن ڪنهن محقق کي ڪنهن ٻئي محقق جي راءِ بي وزن به لڳندي هجي ۽ ان ۾ جھولُ نظر ايندو هجي ته به ان راءِ کي رد ڪندي کيس احترام جو دامن هٿان ڇڏڻ نه گھربو آهي، ٿي سگھي ٿو ته اڳتي هلي، سندس ئي راءِ کي ايندڙ دور جو محقق دليل سان رد ڪري ۽ انهيءَ راءِ کي قبول ڪري جيڪا هن لاءِ قابلِ قبول نه هئي. ٻين لفظن ۾ اسان چئي سگھون ٿا ته تحقيق ۾ ڪنهن جي به تحقير جي گنجائش موجود نه هوندي آهي. اصل ۾ اهو ئي تحقيق جو حسن به آهي، ڇوته تحقيق ڪڏهن به مڪمل نه ٿي ٿئي. اهو سچ جي وري وري ڳولا جو عمل آهي، جنهن جو ڪوبه انت ناهي. تحقيق ۾ حيرانگيءَ جي امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگھجي، ڇوته اها آهي ئي نئين کوجنا جو عمل، تنهن ڪري ان عمل دوران حيرت جو سامان موجود هوندو آهي پر جيڪڏهن ان حيرانگي پٺيان طنز شامل هجي ته ان کي سٺو سنوڻ نه سمجھيو ويندو. 

تحقيق جو اصل روح ڪنهن اڻ ڏٺل دنيا جي تسخير ڪرڻ آهي. ڪنهن گُمان کي ثابت ڪرڻ لاءِ جاکوڙڻ هڪ محقق جو حقيقي ڪم آهي، تنهن ڪري ڪنهن به تحقيقي ڪم لاءِ پهريان هڪ مفروضو ٺاهيو ويندو آهي، جيڪو تحقيق بعد درست يا غلط ثابت ٿي سگھي ٿو. اسان وٽ خود علم تحقيق بابت به غلط تشريحون موجود آهن. ڪي دوست ڪَٽ پيسٽ کي تحقيق سمجھي ويٺا آهن. رڳو حوالن جي قطار ٺاهي، مقالو لکڻ تحقيقي ڪم ناهي. بيشڪ حوالا ڪنهن به تحقيقي ڪم لاءِ اشد ضروري آهن، پر جيڪڏهن ڪو محقق لکيل مقالي ۾ موضوع متعلق پنهنجي راءِ، تجزيو، تبصرو ۽ تنقيد شامل نه ٿو ڪري ته اهڙو تحقيقي ڪم اڻ پورو ۽ تشنگيءَ سان ڀرپور هوندو. ادب ۽ آرٽ جي شعبن ۾ تحقيق جو طريقو سائنسي ريسرچ کان مختلف آهي. سائنس ۾ ليب ورڪ به ٿيندو آهي پر ادبي تحقيق جو بنياد گھڻو ڪري ڪتابَ هوندا آهن، ۽ ان سان لاڳاپيل مواد جهڙوڪه دستاويز، قلمي نسخا، خط وغيره پڻ اهم هوندا آهن. جڏهن ته ڪجھ موضوع محقق کي پاهڻي پنڌ ۽ صحرائن جو سفر به ڪرائيندا آهن، يعني اهڙن موضوعن لاءِ عملي جدوجهد جي گھرج هوندي آهي.

پروفيسر ستار سومري جي ڪتاب ”سمنڊ سيويو جن“ تي لکيل مهاڳ ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

مهاڳ

جن کي عشقَ جي اُساٽَ

(پروفيسر ستار سومري جي ڪتاب ”سمنڊ سيويو جن“ تي لکيل مهاڳ)


شاهه لطيف سنڌ جو اڪيلو عظيم انسان آهي، جنهن تي اسان جيترو به فخر ڪريون اوترو گھٽ آهي. اهو ڪو جذباتي بيان ناهي پر هڪ اهڙو سچ آهي جنهن کي ريٽي ۽ ميٽي نه ٿو سگھجي. شاهه لطيف سنڌي ٻوليءَ جو ڀرجھلو آهي. هن پنهنجي فڪر جي سمنڊ کي پنهنجي مٺڙي ٻوليءَ ۾ پرٽي نه صرف لوڪَ جي سينن کي سيراب ڪيو پر دنيا ۾ اسان جو ڪنڌ فخر کان اوچو ڪرڻ جو جواز به پيدا ڪيو. شاهه سائين جي تصور، تخيل ۽ تفڪر جي دنيا وسيع آهي، ان ڪري ان لاءِ ڪنهن حد ۽ سرحد جي پابندي ناهي. لطيف سائين جو فڪر خوشبوءَ وانگر آهي، جنهن کي ڪنهن به سرحد يا خاردار تارن ۾ جڪڙي نه ٿو سگھجي. هن جي فڪر ۾ زمان ۽ مڪان کي اورانگھڻ جي سگھ آهي. هن جي شاعريءَ جي زمين ته سنڌ آهي پر هن جي فڪر جو آسمان سڄي دنيا لاءِ آهي. هن جو تخيل نه رڳو اوچو پر دائمي به آهي، شاهه سائين اڄ جي انفرميشن ۽ ٽيڪنالاجي جي صديءَ ۾ به ان لاءِ دنيا کي قابلِ قبول آهي جو هن جو وکر پئي پراڻو ٿيڻ جهڙو ناهي.

وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.......

شاهه لطيف جو رسالو علم، عقل ۽ شعور جي موتين جي کاڻ آهي. ان جي هر سُر ۾ هڪ الڳ سُرور آهي ۽ جي درد به آهي ته وڻندڙ. ڇوته ڀٽائي سدائين دُکَ مان به رستو ٿو ڪڍي. هن وٽ درد رهزن نه پر رهنما آهي.

ڏيکاريس ڏکن، گوندر گسُ پرين جو

سونهان ئي سورن، ڪي هيڪاندي هوت سين.

لطيف سائين پريت جي پنڌ جي مسافرن جي رهبري ڪندي چوي ٿو ته اهو ڪو آسان ڪم ناهي، تنهن ڪري ان پنڌ تي پيرَ ڌَرِڻَ کان اڳ هر قسم جي قرباني لاءِ تيار رهڻ کپي. ڇوته عشق آهي ئي ايثار جو نالو. جيستائين ڪو عاشق پنهنجي اندر ۾ درد جي گونج کي نه ڪنائيندو ۽ اذيت جي هر احساس کي ويجھو کان محسوس نه ڪندو، تيسيتائين نينهن جو نالو وٺي نه سگھندو.

پهرين ڪاتي پاءِ، پُڇج پوءِ پريتڻو؛
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جئن وَڄاءِ؛
سِيخن ماهُ پَچاءِ، جي نالو ڳِيڙُءِ نِينهنَ جو.

اهو سچ آهي ته حياتي وههُ جي وَٽي وانگر ئي آهي، جنهن کي چاهيندي يا نه چاهيندي هر ڪنهن کي ڍُڪُ ڍڪُ ڪري پيئڻو ئي پوي ٿو. ٽوههَ جهڙن لمحن کي سَري جيئن سُرڪ سُرڪ ڪري اندر ۾ اوتڻو آهي، حياتيءَ جي سرور ۽ مستي کي زندگيءَ جي تلخين جي ٽوهه ۾ ملائي ڏوگھڻو آهي، پوءِ ان ڪڙي قاتل کي لبن تي لائڻ سان ڀل جان رڳن مان روح نڪري وڃي.

مَ ڪَرِ سَڌَ سَري جي، جي تون ٽارِئين ٽُوههُ؛
پِتي جنهن پاسي ٿئي، منجھان رَڳُن رُوح؛
ڪاٽي چَکُ ڪڪُو
ههُ، لاهي سِرُ، لَطِيفُ چئي.

اِهو آهي اسان جو ڀٽائي جنهن وٽ عشق جا اصول به انوکا آهن ته زندگي جيئڻ جا نيم به پنهنجا. شاهه سائين هڪ ويڄ شاعر آهي. هو حقيقي معنى ۾ سنڌي ماڻهن جي دکن ۽ دردن جو مسيحا آهي پر اسان اڃا سندس وجود کان بيخبر آهيون، اسان وٽ اُهي اکيون ناهن جن سان ان معالج تائين پهچي سگھون. ڀٽائي جو رسالو اسان جو ’ويڄ‘ آهي، پر ڪو هجي جو اسان جي اکين مان موريسر ڪڍي.

پاڙي ويڄَ هُئام، تان مون مُور نه پُڇيا؛
تيلاهين پيام، مورَيسرَ اَکين ۾.

ڪيئي سال اڳ سنڌ جي هڪ وڏي عالم چيو هو ته ’هاڻي اسان کي ڀٽائيءَ کان هٿ ٻڌي موڪلائڻ کپي.‘ اڄ اهو عالم اسان کان موڪلائي چڪو آهي پر ڀٽائي اسان وٽ زنده آهي. هو اسان جي دلين ۾ ڌڙڪي رهيو آهي، هو اسان جي روح ۾ موجود آهي. حقيقت اها آهي ته ڀٽائي سنڌ جو روح آهي، جيسيتائين سنڌ جو نالو قائم آهي تيسيتائين لطيف سائين به قائم هوندو. ٽئگور سچ چيو هو ته ’سنڌ لطيف آ ۽ لطيف سنڌ‘ يعني ’هئا اڳهين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿئا.‘

Tuesday, 11 May 2021

سنڌ ۾ آيل مها ٻوڏ ۽ سنڌي اديب جو سماجي ڪردار ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 ڊاڪٽر احسان دانش


 

درد جي آس پاس هوندو ڪو.....

سنڌ ۾ آيل مها ٻوڏ ۽ سنڌي اديب جو سماجي ڪردار

 

ان سچ کان ڪو انڪار نه ڪري سگھندو ته قومن تي مصيبتن جو وقت ايندو رهندو آهي، پر اهي ئي قومون تاريخ ۾ زنده رهنديون آهن، جيڪي هر تڪليف کي همت حوصلي ۽ بهادريءَ سان منهن ڏينديون آهن. طوفان زلزلا ۽ ٻوڏون بيشڪ قدرتي آفتون آهن، جن کان بچڻ لاءِ انسان تدبيرون ته ڪري سگھي ٿو پر انهن کي روڪڻ گھڻي قدر انسان جي وس ۾ نه ٿو هجي. خاص طور طوفان ۽ زلزلن کي موڙڻ ته ماڻهوءَ جي سگھ کان ٻاهر آهي، ها البته ٻوڏ کان بچاءَ جون تدبيرون ممڪن آهن. اسين هتي قدرتي آفتن جي ڳالھ ڪئي سين پر ڪڏهن ڪڏهن اهي قدرتي آفتون چند ماڻهن جي عملن جي شامتن / ڪرتوتن سبب به اينديون آهن. سنڌ ۾ تازو آيل ٻوڏ، جنهن کي سنڌ جي تاريخ جي بد ترين ٻوڏ ڪوٺيو وڃي ٿو، پڻ ڪجھ ماڻهن جي ڪرتوتن جو ئي نتيجو آهي.


سنڌ جا مارو ماڻهو اڃا ان ٻوڏ جي درد کي ڀوڳي رهيا آهن. ڪيئي انسان ٻوڏ جي وهڪري ۾ پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا، ڪي پنهنجيون جانيون بچائي راتو واھ پنهنجا ڪک ڇڏي بي ڇپر ٿي چڪا...... جن وستين ۽ واهڻن ۾ ڪالھ زندگي مرڪندي هئي اتي اڄ درد جو راڪاس واڪا ڪري رهيو آهي. اهي بي گھر ٿيل ماڻهو جيڪي ڪالھ تائين پنهنجي مال متاع  ۽ ملڪيتن وارا هئا تن جي درد جو ڪاٿو ڪرڻ ممڪن نه آهي...... پر هر درد مند دل رکندڙ ماڻهو سندن ڀوڳنا کي محسوس ڪري ٿو.

هڪ قلمڪار عام ماڻهوءَ کان وڌيڪ حساس ٿئي ٿو. هن جو من ميڻ وانگر هجي ٿو، جنهن کي دک جي ٿورڙي تپش به ڳاري وجھي ٿي..... پر هي سيلاب جو سور ان آڙاھ وانگر آهي، جيڪو ڪنهن حساس دل کي رک ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي....

ادب ۾ جيسيتائين پنهنجي دور جي ڪرب شامل نه آهي تيسيتائين اسين ان کي زنده ادب نه ٿا چئي سگھون. ادب زندگي جو تفسير به آهي ته زندگيءَ جي تصوير به. ادب ۾ رڳو اديب جي ذات جو اولڙو هجڻ واري هڪ اڻپوري تشريح، جيتوڻيڪ عام طور قابلِ قبول نه آهي ڇو ته ٽي ايس ايليٽ لکيو هو ته ”اديب ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي زماني جي باري ۾ لکندي پنهنجي ذات جي باري ۾ به لکي وٺندو آهي.“ پر ان جي ڀيٽ ۾ ايمي دي گارمان ان کان هڪ قدم اڳتي وڌي ڏاڍي خوبصورت ڳالھ ڪئي آهي ته ”تخليقڪار پنهنجي ذات جي باري ۾ لکندي پنهنجي دور جي باري ۾ لکندو آهي.“ اها ڳالھ ظاهر ڪري ٿي ته هڪ ليکڪ جو انفرادي درد به رڳو انفرادي نه هوندو آهي، ڇو ته هن جي ذات ان سماج جو حصو آهي، جنهن سماج ۾ هن جي اوسر ٿئي ٿي، نتيجي ۾ هن جون خوشيون ۽ هن جا درد انفرادي نه پر اجتماعي سمجھڻ کپن.... ڇو ته انهن جو سرچشمو خود سندس سماج آهي. ٻي پاسي ايليٽ جي ڳالھ به وڏو وزن رکي ٿي. هو اديب جي سماجي ڪردار تي وڌيڪ زور ڏئي ٿو ۽ انفراديت تي اجتماعيت کي ترجيح ڏئي ٿو.

روشنيءَ جو آبشار ـــ (مهاڳ) ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

روشنيءَ جو آبشار

)پروفيسر مختيار سمي جي ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ ڀاڱو 2 تي لکيل مهاڳ)

 

ننڍي لاءِ استادن کان انيڪ ڀيرا ٻڌو ته ’علم روشني آهي....‘ ٿوري سمجھ وڌي ته خبر پئي ته روشني وقت جي پيمائش جو ذريعو به آهي، خاص طور خلا ۾ ترندڙ سيارن جي وچ واري فاصلي کي نوري سالن سان ماپيو ويندو آهي. اڳتي هلي ذهن جي کڙڪي اڃا به کُلي ته پتو پيو ته زندگيءَ ۾ ان روشني ۽ نور جي ڪيڏي اهميت آهي ــ سج جي روشني، چنڊ جي وجود کي روشن ڪري ٿي ۽ اک جو نور زندگيءَ کي. حاصل مطلب ته بي نور زندگيءَ سان نه وقت جي پيمائش ڪري سگھجي ٿي ۽ نه جهانِ رنگ و بو کي پَسي سگھجي ٿو..... ۽ هتي نور مان مراد علم ئي آهي، جنهن بابت ننڍي لاءِ استادن کان انيڪ ڀيرا ٻڌو هيو ته ’علم روشني آهي......‘

’علم جي ڪا حد ۽ سرحد ناهي.‘ علم جي حصول لاءِ هيءَ سڄي دنيا به ننڍڙي آهي. علم جي ڪائنات، ڪائنات جيان ئي وشال آهي. جيڪي ماڻهو ڌرتيءَ کان آڪاس ڏانهن اسهن ٿا، جيڪي انسان اک جي ماڻڪيءَ کان سفر شروع ڪندي مريخ ۽ مشتري جا مسافر بڻجن ٿا، جيڪي شخص پولارن ۽ پاتالن ۾ پيهي، ڪهڪشائن ۽ خلائن مان اڀرن ٿا ۽ جيڪي بندا بند ڪمرن ۾ ڪائنات جي ڳُجهه جي ڳنڍ کولين ٿا، سي حقيقت ۾ ماڻهپي جي حقيقي مقام جا حقدار آهن. نيوٽن ۽ آئن اسٽائن کان وٺي اسٽيفن هاڪنگ تائين دنيا جا غير معمولي انسان علم جي ان تارن ڀري راهه جا راهي رهيا جنهن تي هلندي هو ڌرتيءَ تي رهي اُڀ جا احوال ٻڌائيندا هيا.

مان سمجھان ٿو ته اعلى، عمده ۽ حقيقي معنى ۾ معياري تعليم ڪنهن به ماڻهوءَ تي ٻه راز کولي ٿي. پهريون اها ماڻهوءَ کي پنهنجي حقيقت (ماڻهپي) کان آشنا ڪري ٿي ۽ ٻيو ڪائنات کي سمجھڻ ۽ ساڃاهڻ جو شعور عطا ڪري ٿي ۽ جڏهن ڪو ماڻهو اهي ٻئي ڳالهيون سمجھي وڃي ٿو ته منهنجي خيال ۾ کيس پنهنجي تخليق جو مقصد به سمجھ ۾ اچي وڃي ٿو.

هڪڙا ماڻهو زنده رهندا آهن، ان ڪري جو هو هن دنيا ۾ پيدا ٿيا هوندا آهن پر ٻيا ماڻهو زنده رهڻ جو حق ادا ادا ڪندا آهن، ٻين لفظن ۾ اُهي زنده رهندا آهن زنده رهڻ جو هنر سکڻ لاءِ. اهو سچ آهي ته زنده رهڻ خود هڪ وڏو فن آهي ۽ اهو فن ٽن طريقن سان سکي سگھجي ٿو. پهريون مشاهدي وسيلي، ٻيو تجربي ذريعي ۽ ٽيون مطالعي معرفت. مطالعو زندگيءَ گھارڻ جي ان فن کي سمجھڻ جو معراج آهي ۽ مطالعو تعليم کان سواءِ ممڪن ناهي، پر ڏاهن چيو آهي ته اهڙو مطالعو به ڪارگر ناهي، جيڪو زندگيءَ کي تبديل نه ڪري سگھي. علم جو اثر انسان جي ذات تي ظاهر ٿيڻ کپي ورنه ڀٽائيءَ جي هيءَ سٽ وري وري ورجائڻي پوندي ته:

پڙهيو پيا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾

سعيد ميمڻ جي طويل غزل ”ازل جو آڏاڻو“ جو تنقيدي اڀياس ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 ڊاڪٽر احسان دانش



 

سعيد ميمڻ جي طويل غزل
”ازل جو آڏاڻو“ جو تنقيدي اڀياس

فنون لطيفه جون جيتريون به شاخون آهن انهن مان شاعريءَ کي معتبر مقام حاصل آهي. شاعريءَ جي اظهار جو وسيلو لفظَ آهن. لفظَ جيڪي غير مادي شي هجڻ باوجود پنهنجي اندر معنائن، شڪلين، منظرن ۽ احساسن جا جهان آباد ڪيو ويٺا آهن. ”لفظ پنهنجي اندر لازوال قوت جو خزانو رکن ٿا. لفظن وسيلي ئي هڪ اديب يا شاعر جمالياتي احساس کي فڪري احساس ۾ تبديل ڪري سگھندو آهي. لفظن جي ذريعي ئي هڪ اديب کي اهو موقعو ملي ٿو ته اهو ان رد عمل کي، جنهن کي آرٽ جي مواد ان جي اندر پيدا ڪيو آهي، هڪ لطيف ۽ نازڪ سانچي ۾ وجھي. لفظ ئي آهن جن وسيلي غير پخته ۽ جمالياتي احساسن جي وچ ۾ فرق ظاهر ڪري سگھجي ٿو. اهي ماڻهو جيڪي لفظن کي ڪا بي جان شي سمجھن ٿا انهن کي شايد لفظن جي سگھ جو احساس نه آهي ۽ کين پتو نه آهي ته لفظ نه رڳو جذبات جي زبان آهن بلڪه اهي جذبن ۾ همواري، زرخيري، تحرڪ ۽ گھرائي به پيدا ڪندا آهن ۽ اهي رڳو معنائن کي خارجي لبادو نه پارائيندا آهن بلڪه انهن جي وسعتن ۾ اضافو ڪندا آهن ۽ انهن ۾ وزن ۽ وقار به پيدا ڪندا آهن.“ (1)



شعر ۾ هونءَ ته انيڪ ڪائناتون آهن، پر بنيادي طور ان جو تعلق فرد جي احساس ۽ ادراڪ سان آهي. ٻين لفظن ۾ کڻي ائين چئجي ته شعر ڪنهن شاعر جي ذاتي تجربن ۽ مشاهدن جو مظهر هجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ”شعر کي عام طور داخلي جذبات ۽ محسوسات جو اظهار چيو ويندو آهي، پر ادبي تنقيد ۾ اهو شعر جو نهايت محدود تصور آهي. جيڪڏهن شعر رڳو داخلي ۽ تخليقي تجربي يعني جذبات ۽ محسوسات جو اظهار آهي ته پوءِ اها ئي تعريف ناول، افساني ۽ ٻين صنفن تي به پوري لهي ٿي. شعر جي ماهيت تي ويچار ڪرڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته شعر لفظن ۽ معنائن جي بهترين تنظيم جو نالو آهي، جيڪا پيچيده عمل مان گذرڻ بعد وجود ۾ اچي ٿي. اها تنظيم مختلف عنصرن جو مربوط نتيجو آهي. انهن ئي عنصرن جي ڪري شعر ۾ وڌيڪ گھرائي، گھڻو مبالغو، گھڻي وسعت ۽ زرخيزي پيدا ٿئي ٿي ۽ ان جو ظاهري سوڙهو رستو به معنوي اعتبار کان وسيع ٿي وڃي ٿو.“ (2)

جڏهن اسين شاعري جي ڳالهه ڪندا سين ته شاعري رڳو لفظن سان نه پر تخيل، احساس ۽ جذبي سان تخليق ٿئي ٿي. پر افلاطون وري انهن ٽنهي شين تي عقل ۽ منطق کي ترجيح ڏئي ٿو. هن پنهنجي مثالي رياست مان شاعرن کي ان ڪري ٻاهر ڪڍيو هو جو اهي جذبن جا غلام هوندا آهن. هن شاعريءَ تي فلسفي کي انهيءَ ڪري ترجيهه ڏني جو هن شاعريءَ کي فلسفي کان ڪمتر پئي سمجھيو. انهيءَ ڪري هن اهو اصول بيان ڪيو ته شاعري ۽ فلسفي وچ ۾ ازلي دشمني آهي. فلسفي جو بنياد عقل تي آهي، جيڪا انساني ذهن جي اعلى ترين صفت آهي، جڏهن ته شاعري جذبات جي تصوير آهي. افلاطون جو چوڻ آهي ته ”جذبو ماڻهوءَ کي صالح بڻائڻ بدران سندس ذهن کي ڀڙڪائي ٿو ان ڪري اهو عقل جي لاءِ خطرناڪ آهي. شاعري جذبن جي پرورش ڪري ٿي جيتوڻيڪ ان جو ڪم انهن تي ضابطو آڻڻ ۽ روڪڻ هيو.“ هن جو چوڻ آهي ته ”جذبي کي حڪمران هجڻ بدران محڪوم هجڻ گھرجي شاعري احساس کي تقويت ڏئي ٿي ۽ ادراڪ کي معطل ڪري ٿي. وڏي عقل وارو ماڻهو غور و فڪر ڪندو آهي جذبات جي سمنڊ ۾ وهي نه ويندو آهي. الهامي ڪيفيت يا وجدان تي شاعر جو قبضو نه هوندو آهي. انهيءَ ڪري ان جي رهبري قبول ڪرڻ حماقت آهي. شاعر ڪڏهن پيغمبر بڻجي ويندو آهي ته ڪڏهن پاڳل ۽ سندس شخصيت ان جي وچ ۾ ٽنگيل هوندي آهي.“ (3)