ڊاڪٽر احسان دانش
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب ”فطرت، سائنس ۽ سماج“ تي هڪ نظر
ڊاڪٽر محبت هڪ گھڻ رخو ليکڪ هيو. هن جي دلچسپيءَ جا خاص موضوع هئا: سياست، سماجيات، فلسفو، لسانيات، سائنس، علم الانسان ۽ ادب. هن جي تحرير جو انداز سمجھاڻيءَ وارو آهي، جنهن ۾ منطق ۽ دليل جي به گھڻائي آهي، جنهن ڪري اهي لکڻيون پڙهندي جلدي سمجھ ۾ اچي وڃن ٿيون ۽ منجھن قاري جي دلچسپي به رهي ٿي. هن ڪيترن ئي خشڪ ۽ ڳوڙهن موضوعن تي به قلم کنيون آهي پر سندس تحرير جي سلوڻائي سبب اهي ڳورا موضوع به پڙهڻ ۾ آسان محسوس ٿين ٿا.
جيڪي ماڻهو ڊاڪٽر محبت سان نه ملي سگھيا اُهي ڊاڪٽر جي ذهانت جو اندازو ٻن طريقن سان لڳائي سگھن ٿا. پهريون: ڊاڪٽر جي ذهين شاگردن ۽ دوستن کي ڏسندي ۽ ٻيو: ڊاڪٽر جي ڪيل پورهيي کي ڏسندي. ڊاڪٽر محبت جا ذهين شاگرد ۽ دوست جامي چانڊيو، ڊاڪٽرايوب شيخ، ڊاڪٽر بخت جمال، ڊاڪٽر ذولفقار راهوجو، ستار هڪڙو، ڀائو در محمد ٻرڙو، ڊاڪٽر نظير شيخ، صحبت ٻرڙو، رياضت ٻرڙو وغيره به اسان جي سامهون آهن ته سندس تخليقي، تحقيقي ۽ ترجمي وارو پورهيو پڻ اسان جي اڳيان آهي. ان قلمي پورهيي کي پڌرو ڪرڻ جو ڪريڊٽ وري محبت اڪيڊمي قمبر جي ساٿين ڏانهن وڃي ٿو.
ڊاڪٽر محبت جي تحريرن مان سندس مطالعي ۽ مشاهدي جو اندازو ٿئي ٿو. هن فلسفي ۽ لسانيات جهڙن ڏکين موضوعن جي سمجھاڻي به سولي ۽ سهنجي انداز ۾ پيش ڪئي آهي. هن جي لکڻين ۾ هڪ ترتيب ۽ توازن آهي. اهڙو ئي توازن ۽ سلاست سندس گفتگو ۾ به هُئي جيڪا سندس آڊيو ليڪچرن منجھان پڌري آهي. ڊاڪٽر محبت اڻ ٿڪ محنت ۾ ايمان رکڻ وارو انسان هيو. هو ڪنهن به موٽ جي پرواهه ڪرڻ بنان رڳو لکندو ئي رهيو. لکندي لکندي هن سوين عنوانن کي پنهنجي قلم جي نوڪ تي آندو.
مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي کان علاوه لکڻ لاءِ ٻه ٻيون شيون به گھرجن 1. مضبوط ارادو ۽ 2. نيڪ جذبو. ڊاڪٽر محبت جي تحريرن ۾ اهي پنج ئي عنصر موجود آهن ۽ انهن پنجن عنصرن جي ٻَل تي هن جون تحريرون فڪر انگيز ۽ لاڀائتيون محسوس ٿين ٿيون.
مان ڏٺو آهي ته جن ماڻهن کي حياتي گھٽ وقت ڏيندي آهي اُهي گھڻو ڪم ڪري ويندا آهن. ڊاڪٽر محبت پنهنجي عمر جي رڳو پڇاڙڪن سَتن سالن ۾ جيترو ڪم ڪيو، ايترو اڪثر ماڻهو ستر سالن ۾ به نه ڪري سگھندا آهن. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هڪ اهڙو هيرو هيو جنهن جي چمڪ اڃا دنيا جي نظر تائين پهتي ئي مَس هئي جو کيس ڪنهن بدنظر جي نظر لڳي وئي ۽ هُو هميشه هميشه لاءِ اسان جي نظرن کان اوجھل ٿي ويو. افسوس ان ڳالهه جو آهي، ته هُو ان وقت اسان سڀني کان جدا ٿي ويو جڏهن اسان سڀني کي هن جي ضرورت هئي.
جڏهن هڪُ موت عالِمَ جو، سڄي عالَم جي لئه آهي،
تڏهن آ درد، هر همدرد جي دل ۾ جڳهه جوڙي.
مرڻ جن کي کپي، سي موت کان لڪندا رهيا آهن،
جيئڻ وارا الائي ڇو، وڃن ٿا موت ڏي ڊوڙِي!
(اميد خيرپوري)













