ڊاڪٽر احسان دانش
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب ”فطرت، سائنس ۽ سماج“ تي هڪ نظر
ڊاڪٽر محبت هڪ گھڻ رخو ليکڪ هيو. هن جي دلچسپيءَ جا خاص موضوع هئا: سياست، سماجيات، فلسفو، لسانيات، سائنس، علم الانسان ۽ ادب. هن جي تحرير جو انداز سمجھاڻيءَ وارو آهي، جنهن ۾ منطق ۽ دليل جي به گھڻائي آهي، جنهن ڪري اهي لکڻيون پڙهندي جلدي سمجھ ۾ اچي وڃن ٿيون ۽ منجھن قاري جي دلچسپي به رهي ٿي. هن ڪيترن ئي خشڪ ۽ ڳوڙهن موضوعن تي به قلم کنيون آهي پر سندس تحرير جي سلوڻائي سبب اهي ڳورا موضوع به پڙهڻ ۾ آسان محسوس ٿين ٿا.
جيڪي ماڻهو ڊاڪٽر محبت سان نه ملي سگھيا اُهي ڊاڪٽر جي ذهانت جو اندازو ٻن طريقن سان لڳائي سگھن ٿا. پهريون: ڊاڪٽر جي ذهين شاگردن ۽ دوستن کي ڏسندي ۽ ٻيو: ڊاڪٽر جي ڪيل پورهيي کي ڏسندي. ڊاڪٽر محبت جا ذهين شاگرد ۽ دوست جامي چانڊيو، ڊاڪٽرايوب شيخ، ڊاڪٽر بخت جمال، ڊاڪٽر ذولفقار راهوجو، ستار هڪڙو، ڀائو در محمد ٻرڙو، ڊاڪٽر نظير شيخ، صحبت ٻرڙو، رياضت ٻرڙو وغيره به اسان جي سامهون آهن ته سندس تخليقي، تحقيقي ۽ ترجمي وارو پورهيو پڻ اسان جي اڳيان آهي. ان قلمي پورهيي کي پڌرو ڪرڻ جو ڪريڊٽ وري محبت اڪيڊمي قمبر جي ساٿين ڏانهن وڃي ٿو.
ڊاڪٽر محبت جي تحريرن مان سندس مطالعي ۽ مشاهدي جو اندازو ٿئي ٿو. هن فلسفي ۽ لسانيات جهڙن ڏکين موضوعن جي سمجھاڻي به سولي ۽ سهنجي انداز ۾ پيش ڪئي آهي. هن جي لکڻين ۾ هڪ ترتيب ۽ توازن آهي. اهڙو ئي توازن ۽ سلاست سندس گفتگو ۾ به هُئي جيڪا سندس آڊيو ليڪچرن منجھان پڌري آهي. ڊاڪٽر محبت اڻ ٿڪ محنت ۾ ايمان رکڻ وارو انسان هيو. هو ڪنهن به موٽ جي پرواهه ڪرڻ بنان رڳو لکندو ئي رهيو. لکندي لکندي هن سوين عنوانن کي پنهنجي قلم جي نوڪ تي آندو.
مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي کان علاوه لکڻ لاءِ ٻه ٻيون شيون به گھرجن 1. مضبوط ارادو ۽ 2. نيڪ جذبو. ڊاڪٽر محبت جي تحريرن ۾ اهي پنج ئي عنصر موجود آهن ۽ انهن پنجن عنصرن جي ٻَل تي هن جون تحريرون فڪر انگيز ۽ لاڀائتيون محسوس ٿين ٿيون.
مان ڏٺو آهي ته جن ماڻهن کي حياتي گھٽ وقت ڏيندي آهي اُهي گھڻو ڪم ڪري ويندا آهن. ڊاڪٽر محبت پنهنجي عمر جي رڳو پڇاڙڪن سَتن سالن ۾ جيترو ڪم ڪيو، ايترو اڪثر ماڻهو ستر سالن ۾ به نه ڪري سگھندا آهن. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هڪ اهڙو هيرو هيو جنهن جي چمڪ اڃا دنيا جي نظر تائين پهتي ئي مَس هئي جو کيس ڪنهن بدنظر جي نظر لڳي وئي ۽ هُو هميشه هميشه لاءِ اسان جي نظرن کان اوجھل ٿي ويو. افسوس ان ڳالهه جو آهي، ته هُو ان وقت اسان سڀني کان جدا ٿي ويو جڏهن اسان سڀني کي هن جي ضرورت هئي.
جڏهن هڪُ موت عالِمَ جو، سڄي عالَم جي لئه آهي،
تڏهن آ درد، هر همدرد جي دل ۾ جڳهه جوڙي.
مرڻ جن کي کپي، سي موت کان لڪندا رهيا آهن،
جيئڻ وارا الائي ڇو، وڃن ٿا موت ڏي ڊوڙِي!
(اميد خيرپوري)
پر مان ڊاڪٽر محبت کي هڪ خوش قسمت انسان سمجھان ٿو، جنهن کي رياضت جهڙو اورچ ڀاءُ ۽ انيڪ مخلص دوست ۽ شاگرد مليا، جن سچ پچ کيس امر ڪري ڇڏيو آهي. رياضت، ڊاڪٽر جي ڪتابن سهيڙڻ ۾ جيڪا محنت ڪري ٿو، ان جو مان اکين ڏٺو شاهد آهيان. اڄ جنهن ڪتاب جو مهورت ٿيو آهي. ان ۾ به رياضت جي اهڙي ئي محنت شامل آهي، جهڙي هن کان اڳ ڊاڪٽر جا ڪتاب سهيڙيندي ڪندو رهيو آهي. هن انهن سنهڙن اکرن ۽ رف پنن وارو مواد ڪيئن اتاريو، سوڌيو ۽ سنواريو اهو مون پاڻ اکين پسيو آهي.
هن ڪتاب ”فطرت، سائنس ۽ سماج“ تي ٻه اکر لکڻ کان اڳ مون کي اهو ٻڌائيندي به خوشي ٿئي ٿي ته هن ڪتاب جي عنوان جي چونڊ کان وٺي ٽائيٽل ڊزائين تائين، منجھس منهنجي محبت جو وکر به شامل آهي. ڪتاب پنهنجي عنوان مان ئي ظاهر آهي ته هن ۾ فطرت، سائنس ۽ سماج متعلق مضمون موجود آهن. هي ڪو سڌو سنئون ۽ هڪ ترتيب سان مڪمل لکيل ڪتاب نه آهي پر هن ۾ مختلف وقت تي لکيل مضمون گڏ ڪري رکيا ويا آهن. الڳ الڳ عنوانن وارا اهي پنڌرنهن مضمون علم، ڏاهپ ۽ سمجھ ۾ اضافو ڪندڙ آهن ۽ منجھن سوالن وسيلي پُختن دليلن واريون سمجھاڻيون ڏنل آهن. ڪتاب ۾ موجود هر عنوان پنهنجي الڳ اهميت رکي ٿو. اهي 15 عنوان هن ريت آهن:
1. حياتي ڪهڙن ڪمن ۾ گذري وڃي؟، 2. راڄ، 3. قانون ڇا آهي؟، 4. اسين فطرت مان ڇا ٿا کڻي اچون ۽ سماج ۾ ڇا ٿا جوڙيون؟، 5. سماج، طبقا ۽ پيداواري لاڳاپا، 6. ڪائنات ۽ مادي کي سمجھڻ جي ڪهاڻي، 7. ڇا علم ۽ عمل ورثي ۾ منتقل ٿين ٿا؟، 8. وهمن جي دنيا کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش، 9. ذهنن کي وهمن ۾ ڦاٿل رکڻ جي ”سائنسي“ ڪوشش، 10. وڻوٽ بادشاهت ۽ جانوٽ بادشاهت، 11. اَڻو: مادو اَڏيندڙ سِر، 12. سائنس ۽ ”سائنسي سوچ“، 13. وهمَ وسار، 14. سائنس جو موضوع، 15. سج
اهي سڀ اهڙا عنوان آهن جيڪي موجوده دور جي ضرورت آهن. اسان ۾ جيسيتائين سائنسي سوچ پيدا نه ٿيندي، جيسيتائين قانون جي ماهيت معلوم نه هوندي، جيسيتائين فطرت جي لقائن کان واقف نه هوندا سين، جيسيتائين سماج جي جوڙ جڪ ۽ طبقاتي نظام جي ڄاڻ نه هوندي، جيستائين ڪائنات جي اسرار و رموز جو سائنسي نڪتهءِ نگاهه کان جائزو نه وٺندا سين، جيسيتائين پاڻ کي وهمن جي وڻ ويڙهيءَ کان آجو نه ڪرائيندا سين تيسيتائين جديد دنيا سان هم قدم نه ٿي سگھندا سين. هن ڪتاب جي سهيڙيندڙ رياضت ٻرڙي ڪتاب جي ٻن اکرن ۾ صحيح لکيو آهي ته ”هنن لکڻين جي جيءَ جَڙت وهمَ، سَونسي، جهالت ۽ ڌُڪي بازيءَ کي پُٺتي ڌِڪي ٿي ۽ سچ، حق ۽ ڄاڻ سڄاڻ کي اڳتي آڻي ٿي.“ تنهن ڪري هي ڪتاب اسان تي علم ۽ سمجھ جون اهڙيون دريون کولي ٿو، جن مان تازي هوا ايندي محسوس ٿئي ٿي.
هي ڪتاب ”فطرت، سائنس ۽ سماج“ خاص طور موجوده دور جي شاگردن ۽ نوجوان نسل کي ضرور پڙهڻ کپي. مان اها ڳالهه ٻن سببن جي ڪري ڪريان پيو. پهريون ته هن ڪتاب ۾ اهڙن کوڙ سارن سوالن جا جواب موجود آهن جيڪي اڪثر شاگردن / نوجوانن جي ذهنن ۾ پيدا ٿيندا آهن. ٻيو ته انهن جوابن کي ڊاڪٽر محبت نهايت سولي سهنجي ۽ گفتگو واري انداز ۾ بيان ڪيو آهي ۽ انهن کي سمجھڻ ۾ ڪا ڏکيائي محسوس نه ٿي ٿئي. ڊاڪٽر محبت جي هن ڪتاب ۾ ”حياتي ڪهڙن ڪمن ۾ گذاري وڃي“ ۾ اجاين ۽ سجاين ڪمن جي وضاحت ٿيل آهي، زندگيءَ ۾ انسان کي ڪهڙا ڪم ڪرڻ کپن ۽ ڇو ڪرڻ کپن، ڪهڙن ڪمن کان پاسو ڪرڻ کپي ۽ ڇو ڪرڻ کپي، جهڙن اهم نڪتن تي ڳالهايو ويو آهي. اهڙي ريت هن ڪتاب جو مضمون ”راڄُ“ هڪ ڪهاڻي نما مضمون آهي. جنهن ۾ هڪ پيءُ پنهنجي پٽَ کي سمجھاڻيءَ واري انداز ۾ ’راڄ‘ جي حقيقت ٻڌائي ٿو. اهڙن مضمونن ۾ جيڪو سنيهو موجود آهي سو اسان جي نئين نسل لاءِ ئي آهي.
ڪتاب ۾ موجود مضمون ”قانون ڇا آهي؟“ ۾ ڊاڪٽر محبت، قانونِ فطرت بابت بهترين ڄاڻ ڏني آهي. هو لکي ٿو ته ”اهو عمل جيڪو باقاعدي، لاڳيتو، اڻٽر نموني ٿئي ۽ ٿيندو رهي، اهو قانون آهي. هن معاملي ۾ هڪ ٻي ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ جهڙي آهي. اها هيءَ ته قانونَ انساني ذهن، سمجھ، سوچ، خيالن جا پابند نه هوندا آهن...... سوچڻ سان قانون بدلجي نه ٿو سگھي. قانونُ سوچن، خيالن جو پابند، ڳيجھو ناهي. قانون سوچ کان آزاد آهي، معروضي آهي.“ هن مضمون ۾ قانونِ فطرت سان گڏ سماجي قانون بابت به ڪجھ ڄاڻ ڏيڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.
ڊاڪٽر محبت جا اڪثر مضمون سوالن کان شرع ٿين ٿا ۽ ان کان پوءِ انهن سوالن جا جواب ۽ سمجھاڻيون آهن. هن وٽ لفظن جو هڪڙو سمنڊ آهي جيڪو پنهنجين موجن سان وهندو اڳتي هلندو ٿو رهي. اهڙو هڪڙو مثال سندس مضمون ”اسين فطرت مان ڇا ٿا کڻي اچون ۽ سماج ۾ ڇا ٿا جوڙيون“ مان ملي ٿو. جنهن جي شروعات ۾ ئي سوالن جا انبار آهن.
”هڪ پاڳل پنهنجي اڪيلائپ سان ڳالهيون ڪندي ڪندي اوچتو سوچيو ته هڪ انسان جا ڪيترا روپ آهن؟ انساني ڪردار جا ڪيترا روپ آهن ۽ مون ۾ انهن مان ڪيترا روپ موجود آهن؟ ڇا هر هڪ انسان روپي ٿيندو آهي؟ ڇا هر هڪ ماڻهو پنهنجي اصلي مُنهن تي هڪ نقلي مُنهن چاڙهي گهمندو آهي؟ ڇا انسان ائين رهي نه ٿو سگهي جيئن هو حقيقت ۾ آهي؟ ڇا اسين انسان جا سڀ روپ ڏسي سگهون ٿا؟ انسان جو جيڪو ڪجهه ڪردار ڏسون ٿا يا ڄاڻون ٿا، ڇا واقعي اهوئي هن جو حقيقي روپ آهي؟ اسين جو روزانو ڪيترائي ڌوڪا کائيندا رهون ٿا ته ڇا انساني ڪردار جي پرک ۾ ڌوڪو کائي نه ٿا سگهون يا غلط انداز ۾ سوچي نه ٿا سگهون؟ ڇا منهنجا به ڪيترائي روپ آهن، منهنجا ڪهڙا روپ آهن ۽ ڇو آهن...؟“
سوالن جي ان سلسلي کان پوءِ انهن جي جوابن جي جستجو آهي ۽ اُهي جوابَ ڄاڻ جي کاڻ آهن. هن مضمون ۾ معلومات، دليل، هڪ ئي ڳالهه جي گھڻن رخن کي ظاهر ڪرڻ، مختلف خيالن کي يڪجا ڪري نتيجا ڪڍڻ، جهڙيون خوبيون موجود آهن. اڳتي هلي ”شعور، لاشعور ۽ تحت الشعور جهڙن نفسياتي اصطلاحن جي سمجھاڻي ڏنل آهي. مضمون جي آخر ۾ وري ڊاڪٽر، انسان جي روپ ٻهروپ جي حقيقت سمجھائي آهي ۽ لکيو آهي ته:
”اسان پنهنجي حياتيءَ جو وڏو حصو پنهنجي حقيقي روپ يا روپن هيٺ گذاريون ٿا، پر ڪڏهن ڪڏهن اسان مان هر هڪ کي پنهنجي اصلي مُنهن تي هڪ نقلي مُنهن چاڙهڻو پوي ٿو ـــــ ضرورتن يا ”مجبورن“ ـــــ بيشڪ آءٌ اندر ۾ رئندو هجان، نفرت ڪندو هجان يا سڙندو هجان، پر ڪن ڪن موقعن تي ضرور کلي خوش ٿي پيش آيو هوندم، ڪن ڪن موقعن تي ڪاوڙ جو اظهار نه ڪيو هوندم، ڪٿي ڪٿي پيار جو اقرار نه ڪيو هوندم، ڪٿي دوست ٿيو هوندم ۽ ڪٿي دشمن، ڪٿي بهادريءَ جي ڊاڙ هنئي هوندم، ته ڪٿان ڀاڙي ٿي ڀڳو هوندم، ڪٿي پسند کي ناپسند ظاهر ڪيو هوندو، ته ڪٿي ناپسند کي پسند، ڪٿي مسخرو، ڪٿي سنجيده، ڪٿي کلندي رنو هوندم ۽ ڪٿي رُوئندي کليو هوندم، ڪٿي ڪوڙو آٿت ڏنو هوندم ۽ ڪٿي سچ ظاهر نه ڪيو هوندو...“
”سماج، طبقا ۽ پيداواري لاڳاپا“ هن ڪتاب جو هڪ نهايت وزنائتو مضمون آهي. ان مضمون ۾ ڊاڪٽر ڪنهن تحقيقي مقالي جيان پهريان سماج، پوءِ طبقي ۽ آخر ۾ پيداواري لاڳاپن کي واضح ڪندي الڳ الڳ نڪتن وسيلي موضوع کي اڳتي وڌايو آهي. اڳتي هلي مضمون ۾ غير طبقاتي سماج جي طبقاتي سماج ۾ تبديل ٿيڻ جي سببن تي روشني وجھندي طبقاتي سماج جي دورن 1. غلامداري دور 2. جاگيرداري دور ۽ 3. سرمائيداري دور کي واضح ڪيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته ”انهن ٽنهي دورن مان هر هڪ کي پنهنجا پنهنجا پيداواري، طبقاتي، ثقافتي ۽ سماجي گڻ ۽ اوگڻ هئا، جن جي بنياد تي انهن کي هڪ ٻي کان فرق وارو، نرالو ۽ چِٽو ڪري بيهاري سگھجي ٿو.“ هن مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت، دنيا جهان جا مثال ڏئي سماجي ترقي، طبقاتي نظام ۽ پيداواري لاڳاپن جي حقيقت کي سمجھايو آهي. مضمون ۾ مختلف نڪتن وسيلي انيڪ موضوعن کي سميٽيو ويو آهي. هن مضمون ۾ سماج ۽ سماج سان لاڳاپيل اڻ ڳڻين معاملن جي ڄاڻ ملي ٿي. هن جامع مضمون کان علاوه ٻيا سمورا مضمون پڻ وڏي اهميت رکن ٿا، پر هتي ڪتاب ۾ موجود سمورن مضمونن تي ڳالهائڻ جي گنجائش نه آهي تنهن ڪري هتي رڳو اهو ئي چئي سگھجي ٿو ته مجموعي طور هي ڪتاب ”فطرت، سائنس ۽ سماج“ ڊاڪٽر محبت جو هڪ اهڙو تخليقي پورهيو آهي، جنهن کي موجوده دور لاءِ روشنيءَ جو رَندُ سمجھڻ کپي.
No comments:
Post a Comment