مهاڳ
پيار جيون لاءِ اتساھ
(وفا اسلم جي ڪهاڻي ڪتاب ”جيون تنهنجي نانءِ“ تي لکيل مهاڳ)
ادب جي مختف شعبن مان ڪهاڻي هڪ منفرد صنف سخن آهي. جنهن ۾ هڪ ليکڪ سماجي حقيقتن کان وٺي پنهنجي اندر جي دنيا جا انيڪ رنگ ۽ روپ نروار ڪندو آهي. هڪ ڪامياب ڪهاڻيڪار حقيقت ۾ اهو نبض شناس هوندو آهي جيڪو سماج جي بگڙجندڙ روپن توڙي حالتن کي نه صرف سمجهندو آهي پر هن وٽ انهن جو حل به هوندو آهي. پنهنجي دوربين نگاھ سان اهو ڪجھ به ڏسي وٺندو آهي جنهن کي عام طور نظر انداز ڪيو ويندو آهي. هڪ ڪهاڻيڪار روين جي جنگ کان وٺي رشتن جي ڪچي تند ۾ ٻڌل نازڪ احساسن تائين زنگيءَ جي سموري چرپر کي دل جي دفتر ۾ محفوظ ڪندو آهي.
جديد سنڌي ڪهاڻي جمال ابڙي کان وٺي موجودھ دور تائين جيڪو سفر طئي ڪيو آهي. ان دوران ڪهاڻيءَ جي ان قافلي ۾ ڪيئي پانڌيئرا شامل ٿيا آهن انهن مان ڪن ته سفر جي سختي ڏسي ستت ئي پير پٺتي ڪيا ۽ ڪي وري وڏيون وڏيون وکون کڻي قافلي جي سرواڻن جي صف ۾ اچي بيٺا. سنڌي ڪهاڻي جو اهو قافلو روان دوان آهي
. ان قافلي ۾ اڄ به ڪي مسافر ٿڪل آهن ته ڪي وري چستيءَ سان قدم وڌائي دنيا جي ساهتي ڪاروان سان ملي پنهنجي هستيءَ جو احساس ڏيارڻ لاءِ آتا آهن. سنڌي ڪهاڻيءَ جي ان ڊگهي قافلي ۾ نوجوان ڪهاڻيڪار وفا اسلم به ابتدائي وکون کڻي شامل ٿيو آهي. اڃان هن سفر جو آغاز ڪيو آهي. هن جي منزل اڃان ڪو ڌنڌلو خواب آهي جنهن جي ساڀيان تڏهن ٿيندي جڏهن هو مستقل مزاج فنڪار وانگر پنهنجي مشق جاري رکندو.ڇھ سال کن اڳ جڏهن وفا اسلم پهريون ڀيرو سچل ادبي مرڪز تي ملڻ آيو هو ۽ ساڻس تعارف ٿيو ته منهنجي ڪن تي جونءَ ئي نه چري هئي ڇو ته ان کان اڳ مون سندس نالو نه ٻڌو هو پر جڏهن هن ٻڌايو ته سندس ڪجھ ڪهاڻيون سنڌي ڊائجسٽن ۾ شايع ٿيون آهن ته اهو اشتياق وڌيو ته کائنس ڪائي ڪهاڻي ٻڌجي. اهي سياري جا ڏينهن هيا. ستت ئي مرڪز جي آفيس ۾ دستوري گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ وفا پنهنجي ڪهاڻي ”پيار جو ڀرم“ پيش ڪئي. ڪهاڻي ڪافي طويل هئي ۽ داستان واري انداز ۾ لکيل هئي. مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي اها هڪ رومانوي ڪهاڻي هئي. ان کان پوءِ وفا هڪ ٻي پٺيان مسلسل ڪهاڻيون ٻڌائيندو رهيو تان جو گرمين جي هڪ ڏينهن ناوليٽ کڻي اچي پهتو.
هي وفا اسلم جو پهريون ڪهاڻين جو ڳٽڪو آهي. مون کي پتو ناهي ته وفا هن وقت تائين ڪل ڪيتريون ڪهاڻيون لکيون آهن پر هن مجموعي ۾ 5 ڪهاڻيون ۽ هڪ ناوليٽ ”چاهت جي مسافت“ شامل آهن. ڪنهن به ليکڪ لاءِ پهريون ڪتاب پهرين پيار وانگر هوندو آهي. وفا جي هن ڪتاب جي خوبي اها آهي ته هن ۾ موجود سمورين ڪهاڻين توڙي ناوليٽ جو موضوع ”پيار“ آهي ان ڪري پيار ڪرڻ وارا سندس هن پهرين ڪتاب کي پيار جي تحفي طور ضرور قبول ڪندا.
مون وفا اسلم جون هن وقت تائين جيڪي به ڪهاڻيون ٻڌيون يا
پڙهيون آهن انهن مان اڪثر ”محبت“ واري موضوع تي لکيل آهن. هونءَ به سڄي دنيا ۾ سڀ
کان وڌيڪ جنهن موضوع تي لکيو ويو آهي اهو ”محبت“ آهي. هونءَ به محبت هڪ اهڙو آفاقي
احساس آهي جنهن کي ڪو حساس دل ئي سمجهي سگهي ٿو. وفا جي ڪهاڻين ۾ اهو رومانوي رنگ
شايد ان ڪري به آهي جو هو خود پنهنجي سيني ۾ هڪ محبت ڪرڻ واري دل رکي ٿو ۽ چاهي ٿو
ته هر طرف پيار جو چوٻول هجي. وفا اميد ۽ نا اميد جي ٻه واٽي تي بيٺل ڪيترن ئي
ڪردارن کي پنهنجي اردگرد ڏسي ٿو ۽ انهن سمورن احساسن کي پنهنجي دل جي قريب محسوس
ڪري ٿو جيڪي محبت جي معراج تي پهچڻ توڙي ناڪامي ۽ دل جي ٽٽڻ کان پوءِ جنم وٺندا
آهن.
وفا جو هن مجموعي ۾ شامل ناوليٽ سندس پهرين ڪوشش آهي. ورهاڱي کان اڳ سنڌي ناول جنهن اوچي پد تي نظر اچي ٿو، ورهاڱي کا پوءِ سنڌي ادب جي تاريخ ان جي عظمتن جي گواهي ڏيڻ کان قاصر آهي. ڇو ته بعد ۾ نه صرف ڳاڻاٽي جي لحاظ کان ناولن جو انگ گهٽ نظر اچي ٿو پر معيار جي لحاظ کان به ڪي ٻه چار ناول ئي ليکي ۾ آڻي سگهجن ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول نگاريءَ جي گهٽجڻ جي سببن تي هتي ڪجھ لکڻ مناسب ناهي البته معياري ناول نگاري جي گهٽتائي سنڌي ادب ۾ هڪ خال جو باعث ضرور بڻجي ٿي. ناوليٽ جيئن ته ناول جي ڪجھ ننڍي صورت آهي تنهنڪري ان جو به ساڳيو حال نظر اچي ٿو. ائين به ڪونهي ته ڪو اسان وٽ ڪي سٺا ناوليٽ لکيا ئي نه ويا آهن. ماڻڪ، آغا سليم، امر جليل ۽ ڪجھ ٻين ليکڪن تمام بهترين ناول ۽ ناوليٽ لکيا آهن پر افسوس اهو آهي ته اهو تسلسل برقرار رهي نه سگهيو آهي. وفا اسلم جيئن ته ناوليٽ لکڻ جي حوالي سان هيءَ پهرين وک کنئين آهي تنهن ڪري سندس تخليق کي علمي معيارن ناوليٽ جي ڪلي گهرجن مطابق نه ڏسبو. هن ناوليٽ کي فقط موضوعاتي حوالي سان ڏسڻ گهرجي. ناوليٽ جي ٻولي، منظر نگاري ۽ ٻيا لوازمات ڪهڙيءَ طرح پورا ڪيا ويا آهن. ناوليٽ جي پلاٽ سان نڀاءُ ۽ ڪردارن جي ٽريٽمينٽ جي حوالي سان ليکڪ ڪيتري حد تائين سوڀارو ٿيو آهي تنهن لاءِ ناوليٽ جو مطالعو ضروري آهي. هڪ ذهين پڙهندڙ سٺو نقاد به هوندو آهي ۽ وفا جون هي سموريون ڪهاڻيون ۽ ناوليٽ اوهان پڙهندڙن لاءِ ئي آهن. مون کي پڪ آهي ته اوهان پيار جي نانءُ ڪيل هن ڪتاب جو سندس سمورين خوبين ۽ خامين سميت دل کولي آڌر ڀاءُ ڪندا.
ڊاڪٽر احسان دانش
13 ڊسمبر 2005ع
No comments:
Post a Comment