ڊاڪٽر احسان دانش
دوا کي زهر، زهر کي دوا چئي نه وجھان.
استاد پيرل قنبر جي شاعريءَ جي ڪَٿَ
مون جڏهن شاعريءَ سان ناتو جوڙيو هو، تڏهن لاڙڪاڻي تي مشاعرن جي موسم لٿل هئي. تقريباً هر هفتي ڪنهن نه ڪنهن ادبي تنظيم طرفان مشاعرو ٿيندو هيو. انهن مشاعرن ۾ طرحي مشاعرا پڻ هوندا هيا. مونکي طرح تي لکڻ ڏاڍو ڏُکيو لڳندو هيو. مونکي هميشه شاعريءَ ۾ پابندي جو خيال ته رهيو پر شاعري ڪرڻ لاءِ پابندي مونکي ڏاڍي اوکي لڳندي هئي. پر اهو دور اهڙو هيو جو ’طرح‘ تي نه لکڻ، شاعري نه ڪري سگھڻ جهڙي الزام وانگر هوندو هيو. ’قادرالڪلام‘، ’ڪهنه مشق‘، ’همه تن گوش‘، ’مردم خيز‘ ۽ ’ملڪو‘ جهڙا لفظ مون پهريون ڀيرو انهن ئي مشاعرن ۾ ٻُڌا هئا. اها 1988ع جي ڳالهه آهي. مان اڃا شاعريءَ جا ابتدائي سبق سِکي رهيو هيس. اهي سبق سِکندي سِکندي اهڙا سبقَ به مليا جو هڪ لڱا شاعري ڪرڻ تان ئي ارواح کَڄي ويو هيو. هڪڙا جھونڙا استاد شاعر ته وزن بحر واري تور تڪ جا ايڏا وڏا ڪاريگر هيا جو ڪوئي شاعر مشاعري ۾ شعر پڙهندو هيو ته اُهي اشهد آڱر کي هڪ خاص لئي ۾ کاٻي ساڄي پيا ڦيرائيندا هيا. ٻيا همراهه وري ڪنهن نئين ۽ سيکڙاٽ شاعر جي عمده خيال کي ان خيال سان ڏسندا هيا ته اهو خيال ان سيکڙاٽ شاعر جو ٿي ئي نه ٿو سگھي. وري جيڪڏهن اهڙي ڪنهن نئين شاعر جو ڪو رشتيدار به شاعر هوندو هو ته کين پَڪ ٿي ويندي هُئي ته اهو شعر سندس انهيءَ رشتيدار جو لکيل آهي. ابتدائي ڏينهن ۾ جواد جعفري ۽ مون اهي عذاب سَٺا. ڳچ سالن بعد رضا بخاري ۽ رضوان گل به اهڙن مظلوم نوجوان شاعرن طور ان سٿ ۾ اچي شامل ٿيا. ڪجھ شاعر دوست ته هٿ ڌوئي اسان جي ڪڍ پيا پر اسان چارئي نٺر نڪري پيا سي ۽ پوءِ به شاعريءَ تان هٿ نه کنئيون.
انهن ئي ڏينهن ۾ مان پنهنجي ارد گرد ڪجھ اهڙن سينئر شاعرن کي به ڏٺو، جن منهنجي ڪچن ڦڪن شعرن مان به حسن پئي تلاش ڪيو. حقيقت ۾ سندن اتساهه مون ۾ ادب جي رند تي پنڌ ڪرڻ لاءِ ساهس پيدا ڪيو. ڪڏهن ڪڏهن انهن مشاعرن ۾ مقامي شاعرن کان علاوه ٻين شهرن جا شاعر به اچي شامل ٿيندا هيا. انهن شاعرن ۾ استاد بخاري، اميد خيرپوري، نشتر ناٿن شاهي، اسحاق راهي، محسن ڪڪڙائي، ناظم منگي، نثار بزمي، گل حسن گوپانگ، احمد خان مدهوش، علي نواز رڪڻائي، محسن ڪڪڙائي، قطب الدين تاب، نظير جروار وغيره اهم هيا. انهن ئي محفلن ۾ مان اڪثر استاد پيرل قنبر جو گھڻو ذڪر ٻڌندو هيس. ڪو چوي ته ”استاد پيرل جي ڇا ڳالهه ڪجي....!“ ڪو آکي ”سائين، استاد پيرل، اصل چئي چُپ ڪر.!!“ چڱا ڀلا استاد شاعر به چون ته ”استاد پيرل کي غزل تي ڪمال جو ملڪو حاصل آهي.“ مان چُپ چاپ ويٺو ٻڌندو هيس. انهن ئي مشاعرن ۾ لاڙڪاڻي جا جھونڙا خادم حسين مرکنڊ (مرحوم) ۽ محمد ابراهيم جمالي (مرحوم) اڪثر استاد پيرل قنبر جا غزل پنهنجي سريلي آواز ۾ پيا ٻُڌائيندا هيا.
مونکي انهن مان هڪ غزل اڃا به ياد آهي جيڪو محمد ابراهيم جمالي پنهنجي منفرد انداز ۽ گونجندڙ آواز ۾ ٻڌائيندو رهندو هيو، جنهن جو مطلع هن طرح هيو:
يا ته تيرِ نظر ڏي نظر ۾ ڍڪي يا ته پردي ڍڪڻ جو تون انجام ڪر.
ڪيئي محفل ۾ عاشق مري ٿا مرن، بند بحرِ خدا تون قتل عام ڪر.













