Wednesday, 12 May 2021

منظور ٿهيم جي ناول ”گذري وئي برسات“ جي ڇنڊ ڇاڻ ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ihsan Danish)

 (تنقيدي اڀياس)

 

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

منظور ٿهيم جي ناول ”گذري وئي برسات“ جي ڇنڊ ڇاڻ

 

ناول زندگيءَ جو عڪس ۽ اولڙو آهي. هڪ اعلى درجي جو تخليقڪار پنهنجي تخليقي جوهر سان ناول کي هڪ اهڙي گھري ۽ گھڻ جهتي تخليق بڻائي ٿو جنهن وسيلي زندگيءَ جي ننڍي کان ننڍي چُر پُر کي آسانيءَ سان محسوس ڪري سگھجي ٿو. هڪ پختو ناول نگار زندگيءَ جي هر لمحي جي حسن ۽ ڪرب کي حسين نموني لفظن ۾ پينٽ ڪندو آهي. ناول جا ڪردار زندگيءَ جي سچاين کي کوليندا آهن. ناول هڪ ڪٿا آهي، جنهن کي بيان ڪرڻ لاءِ هڪ خاص هنر گھرجي ٿو.

سنڌي ناول ۾ هن وقت تائين ايڏا فني، هئيتي ۽ موضوعي تجربا نه ٿيا آهن، جيترا يورپ ۾. يورپ ناول جي جنم ڀومي آهي ۽ اُتي هزارين ناول لکجي ڇپجي ۽ پڙهجي چُڪا آهن، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ هن وقت تائين لکيل ناولن جو انگ ڪو ايڏو گھڻو ناهي، پر خوشي آهي جو گذريل ڪجھ سالن کان خاص طور 2012 کان پوءِ ان کوٽ جو خاتمو ايندي نظر اچي ٿو. هن وقت تائين جيڪي ناول لکيا ويا آهن انهن ۾ وري رومانوي ناولن جي سرسي آهي..... ان مان به ڪيترن ئي ناولن ۾ موضوعن جو ورجاءُ محسوس ٿيندو. ڪجھ تاريخي ۽ انقلابي ناول به سنڌي ٻوليءَ جي جھوليءَ ۾ موجود آهن، پر مجموعي طور دنيا ۾ ڇپجندڙ ناول ۾ جيڪا موضوعن جي ويرائٽي آهي اها سنڌي ناول ۾ بنهه گھٽ پئي نظر اچي. اهڙي صورتحال ۾ ڪامريڊ منظور ٿهيم جو هي ناول گذري وئي برسات“ سنڌي ادب لاءِ هڪ سٺو سنوڻ آهي. هي هڪ فڪري، نظرياتي ۽ فلسفي تي آڌاريل ناول آهي، جيڪو سنڌي ناول نگاري جي دنيا ۾ هڪ گھٽ لکيل موضوع آهي. هن ناول جو ڪئنواس به پنهنجو آهي ته ناول نگار ان ۾ جيڪي رنگ ڀريا آهن اهي به روايت کان هٽيل ۽ نرالا آهن. جيتوڻيڪ کاٻي ڌر جي سياست ڪنهن ناول لاءِ هڪ خشڪ موضوع آهي، خاص طور ان صورت ۾ جڏهن ان ۾ وڏا وڏا بحث ٿيل هجن..... تنهن جي باوجود منظور هن ناول کي مختلف موڙ ڏئي ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

جيڪڏهن ”گذري وئي برسات“ جو مڪمل نقشو ڪڍجي ته اهو ڪجھ هن ريت ٿيندو. هن ناول جو موضوع کاٻي ڌر جي سياست، ان لاءِ جدوجهد توڙي ڪاميابين ۽ ناڪامين تي مشتمل آهي. هن ناول ۾ ليفٽ جي سياسي ۽ نظرياتي جدوجهد جو اولڙو پسي سگھجي ٿو. هي ناول انيڪ سياسي ۽ سماجي موضوعن جو ڀنڊار آهي.... هن ۾ سنڌ جي اهم اشوز تي ڀرپور نموني ڳالهايو ويو آهي. ناول جو ڳچ حصو تاريخ، فلسفي ۽ منطق جي موضوعن کي پنهنجي پهلو ۾ جاءِ ڏئي ٿو. هن ناول جا چار هيرو آهن. 1. سنگھار 2. تيرٿ 3. فيروز 4. شهه مريد ...... ۽ اهڙي ريت ٻيا به ڪيئي ڪردار آهن، جيڪي ناول کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ مدد ڪن ٿا. انهن چئني ڪردارن جي سياسي جدوجهد، ڪامريڊ نذير جي آزاديءَ لاءِ ڪوششون وٺڻ ۽ ان سموري سفر جا نشيب و فراز ناول ۾ ڪشمڪش جي خوبي پيدا ڪن ٿا. ناول جا چارئي روشن خيال هيرو منصوري راهه جا پانڌيئڙا آهن...... سچ جي راهه جا راهي ۽ تبديليءَ جا نقيب آهن. اهي بي خوف ۽ بهادر جوڌا پنهنجن سِرن جي پرواهه ڪرڻ بنان هر ان تحريڪ جو حصو بڻجي وڃن ٿا جيڪا سماج ۾ مثبت تبديليءَ جو باعث لڳي ٿي. سنڌي سماج ۾ هڪ باشعور ۽ نظرياتي سياسي ڪارڪن ڪيئن ڀوڳي رهيو آهي... هن ناول ۾ ان جا ڪيئي عڪس نظر ايندا. فرقيواريت ۽ مذهبي انتهاپسندي سماج جي شڪل مَٽائي ڇڏي آهي. رواداري، روشن خيالي ۽ انسان دوستيءَ جهڙا قدر پامال ٿيڻ سان سماج ۾ جيڪا بيچيني پيدا ٿئي ٿي، ان جا اهڃاڻ هن ناول ۾ نظر ايندا.

انقلاب جي راهه ۾ جاکوڙيندڙ جوانن جي ڪهاڻي تي مشتمل ناول ”گذري وئي برسات“ ۾ ڪٿي ڪٿي رومانس جو تَڙڪو به محسوس ٿئي ٿو. ناول کي جيڪڏهن چند جملن ۾ سمائجي ته ائين چئي سگھجي ٿو ته ’هي ناول هڪ اميد کان شروع ٿئي ٿو، انقلابي جدوجهد ۾ پروان چڙهي ٿو ۽ مايوسي ۽ شڪست خوردگيءَ تي ختم ٿئي ٿو.‘ ته غلط نه ٿيندو. انقلاب جي رومانس جي اها برسات جڏهن گذري وڃي ٿي ته آسمان صاف ۽ شفاف نه ٿو ٿئي پر وڌيڪ گرد و غبار سان ڀرجي وڃي ٿو.

ناول تخليقي ادب جي هڪ نهايت اهم صنف آهي، جيڪو لکڻ لاءِ ڪجھ فني تقاضائن کي پورو ڪرڻ به لازمي آهي..... فن، هئيت ۽ آرٽ کان انڪار يا ان کان اک چورائڻ ڪنهن تخليقڪار جي تخليقي شاهپاري کي ناقص ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو. منظور ٿهيم جي اها خوش قسمتي آهي جو سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ هن جي ناول تي ڪيترن ئي ذهين ماڻهن ڳالهايو آهي.... ان سان نه رڳو کيس اُتساهه مليو هوندو پر کيس ناول جي ڪيترن ئي ڪمزور پهلوئن جي پڻ پروڙ پئي هوندي. ناول بيشڪ زندگيءَ جي ڪئنواس وانگر آهي، ويڪرو ۽ ڪشادو. ان تي انيڪ رنگ چٽڻ جي گُنجائش هوندي آهي. هلڪا گھرا رنگ..... پر زندگيءَ جو حسن حسين رنگن جي امتزاج سان هوندو آهي. ناول ۾ به اهڙو ئي رنگن جو امتزاج لازمي آهي. رنگن جي ان ترتيب کي اسين ناول جا ترڪيبي جزا سڏيون ٿا، ڪنهن به ناول ۾ انهن جو توازن لازمي آهي. هتي اسين منظور جي هن پهرين تخليقي وک کي سامهون رکندي سندس ناول کي انهن سمورن ترڪيبي جزن جي ماڻ ۽ ماپن تي کڻي نه به ماپايون ته به ڪن ضروري ڳالهين جي نشاندهي اڻ ٽر آهي ته جيئن ناول نگار پنهنجي ايندڙ ناول ۾ انهن ڳالهين تي ڌيان ڏئي سگھي.

1.       ڪنهن ناول ۾ اگر تمام گھڻن مسئلن کي هڪ ئي وقت کنئيون ويندو آهي ته پڙهندڙ مونجھارن جو شڪار ٿي پوندو آهي. منظور جي هن ناول ۾ ائين محسوس ٿئي ٿو. هن ۾ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي مسئلن کان وٺي عالمي سياست ۽ دنيا ۾ بدلجندڙ حالات، ٽين دنيا جي ماڻهن جي صورتحال، جمهوريت جي نالي ۾ آمريت ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪردار جهڙا انيڪ موضوع شامل ٿي ويا آهن، جنهن جي ڪري ناول ڳُتجي ويو آهي ۽ پڙهندڙ کي هڪ سفوڪيشن جو احساس ٿئي ٿو.

2.       ناول ۾ ڊائلاگ غير معمولي طويل، منجھيل ۽ تقرير نما نه هجڻ کپن، پر ناول ”گذري وئي برسات“ ۾ اسان کي پهرين چيپٽر کان آخري خري چيپٽر تائين لاتعداد جاين تي اهڙا تقرير نما ڊائلاگ پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. حتاڪه ڪجھ صفحن تي ڪنهن هڪ ڪردار جا ڊائلاگ ٽن ٽن صفحن تي به ڦهليل آهن. ڪٿي ڪٿي ڊائلاگ فڪري بحثن جو روپ ڌاري ناول جي فضا کي ڌَڪي وجھن ٿا. ڪٿي ڪٿي وري ڊائلاگ هڪ ٻئي ۾ وچڙيل آهن، خبر نه ٿي پئي ته ڪنهن جو ڪهڙو ڊائلاگ آهي!

3.       هڪ اعلى درجي جي ناول ۾ ڪردار جي ٻولي ۽ فڪر سندس ذهني سطح مطابق هوندو آهي..... يعني هڪ فلسفي ۽ هڪ هاريءَ جي ٻوليءَ ۽ خيالن ۾ فرق محسوس ٿيڻ کپي، ان سان ناول ۾ فطري حسن پيدا ٿيندو آهي. جڏهن ته ”گذري وئي برسات“ ۾ ڪيترن ئي ڪردارن کان سندن ذهني سطح کان مٿي واري ٻولي ڳالهرايل آهي. جنهن جو هڪڙو مثال اهو اوٺار هري شنڪر آهي، جيڪو سنگھار ۽ سندس دوستن کي ”اگھم ڪوٽ“ جي رستي ۾ ملي ٿو.

4.       ناول جي ٻوليءَ ۾ گرامر خاص طور زمان ۽ مڪان جو خاص خيال رکيو وڃي. منظور ٿهيم جي هن ناول ۾ ڪيترين ئي جاين تي اهو خيال نه رکيو ويو آهي. ڪردار زمان حال ۾ ڳالهائيندي ڳالهائيندي زمان ماضي ۾ هليو ٿو وڃي، جيڪا ڳالهه قاري لاءِ اڻ وڻندڙ ۽ منجھائيندڙ ٿئي ٿي.

5.       ڪنهن به ڪردار جي زباني جيڪي ڊائلاگ چورائجن ان لاءِ ڊائلاگ کان اڳيان رڳو ڪردار جو نالو لکي ڇڏڻ ڪافي نه هوندو آهي. اهو ڊرامي لکڻ جو فارميٽ آهي نه ڪي ناول جو. منظور جي هن سڄي ناول ۾ اڻ ڳڻين جاين تي اهو ئي انداز اپنايو ويو آهي. جتي اُرميل، سنگھار، تيرٿ يا ڪنهن ٻي ڪردار کي ڪجھ چوڻو آهي اُتي ناول نگار پهريان رڳو سندس نالو لکي ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڪافي جڳهن تي ”اُرميل وراڻيو.“ ”فيروز چيو“ ”سنگھار شاهه مراد کي چيو“ جهڙا ڀرجھلا ۽ ڳالهه کي روان ڪندڙ لفظ به موجود آهي.

6.        ناول ۾ ڪردار اچانڪ نه اچڻ کپن يا ناول نگار کي اهي ڪرادر اهڙي نموني پيش نه ڪرڻ کپن ڄڻ پڙهندڙ انهن کان اڳ ئي واقف هيو. منظور ٿهيم جي ناول ۾ اڪثر ڪردار ائين ئي وارد ٿين ٿا. ”وجود جو هڪ حصو“ واري چيپٽر ۾ هڪ نئون ڪردار منصور اچانڪ وارد ٿئي ٿو ۽ ويٺل همراهن جو ڊگھو تعارف ڪرائي ٿو، پر هو پاڻ ڪير آهي سا خبر ئي نه ٿي پئي. اهڙي طرح شهر بانو، روشيا، رستم ۽ اهڙا ٻيا ڪردار ائين ئي اچانڪ ظاهر ٿين ٿا.

7.       ناول ۾ غير متعلقه ڪردارن جي ڪهاڻين تي وقت وڃائڻ بدران ناول جي بنيادي نُڪتي کي اڳتي وڌائڻ کپي. منظور ٿهيم جي هن ناول ۾ ڪيترائي غير متعلقه واقعا، ڪردار ۽ ڪهاڻيون موجود آهن، جيڪي اگر نه هجن ته به ناول تي ڪو فرق نه پوندو، بلڪه وڌيڪ تز لڳندو ۽ پنهنجي صحيح رفتار سان اڳتي وڌندو. مثال طور ڪمپبل اسٽريٽ واري باب ۾ اهڙيون غير متعلقه ماڻهن جون ڪهاڻيون موجود آهن، جن جو ناول سان ڪوئي تعلق ناهي ۽ اُهي ڪهاڻيون رڳو ڀراءُ محسوس ٿين ٿيون. اهڙي طرح ”هنس وتي“ جو داستان به ناول جي بنيادي موضوع کان ڪوهين ڏور آهي ۽ اهو ناول سان ڪو ربط پيدا نه ٿو ڪري. ائين ئي سارنگ ۽ زرينه وارو معاملو آهي. انهن قصن کي بيان ڪرڻ ضروري نه هيو.

8.       هڪ سٺي ناول ۾ نج نبار ٻولي استعمال ڪئي ويندي آهي ۽ لفظن کي بگاڙي پيش نه ڪيو ويندو آهي.  جڏهن ته هن ناول ۾ ٻوليءَ ۽ گرامر جا به ڪيئي جھول آهن. اردوءَ جي اثر جي ڪري ”لوهه جا ڪيل“ ص 9، ”پاگل پن“ ص 11 دونهين جي ليئر. ص 41 وغيره جهڙا ڪيئي لفظ ناول ۾ جڳهه جڳهه تي موجود آهن.

هي ناول ڪٿي مضمون، ڪٿي ڪالم، ڪٿي سفرنامو ته ڪٿي آتم ڪٿا محسوس ٿئي ٿو. جڏهن ته اهي سڀ ادب جون مختلف صنفون آهن ۽ هر ڪنهن کي لکڻ لاءِ الڳ گھرجن جو پورائو ڪرڻو هوندو آهي. ان ۾ خاص ڪم ٻوليءَ جو هوندو آهي. يعني انهن مان هر صنف لاءِ الڳ قسم جي ٻوليءَ جي گھرج هوندي آهي. جڏهن ته ناول جي هڪ خاص ٻولي ٿئي ٿي. ڪٿي ڪٿي منظور هن ناول ”گذري وئي برسات“ ۾ ناول واري ڀرپور سچوئيشن ۽ ڪردار جي فطري ڪيفيت کي ڏاڍي سهڻي نموني پورٽريٽ ڪيو آهي. منظور جي ناول جو چيپٽر ”هڪ مين مسافر بي وطن“ ان حوالي سان سٺو آهي. ناول ۾ مجموعي طور منظر نگاري جي کوٽ آهي پر ڪٿي ڪٿي ناول نگار شاندار منظر ڪشي به ڪئي آهي. ”هڪ مين مسافر بي وطن“، ”ڪراچي ڪڏهن دل ۾ رهندي هُئي“، ”هري شنڪر جو پٽ سڌارٿ“ وارن بابن ۾ خوبصورت منظر نگار جا ڪيئي مثال ملندا.

منظور ٿهيم جو ناول ”گذري وئي برسات“ پڙهڻ سان ذهن ۾ ڪيترا ئي سوال پيدا ٿين ٿا:

پهرين چپٽر ۾ اُرميل جيڪو خواب ڏٺو آهي، تنهن ۾ هوءَ قديم دور کي ڏسي ٿي. منظر مان ائين ٿو لڳي ڄڻ موهن جي دڙي واري تهذيب ۾ پهتي هجي، پر ساڌوءَ سان جديد سنڌ جي مسئلن تي پئي ڳالهائي جيڪو غير فطري ٿو لڳي........  پهرين باب ۾ صبح جو اٿڻ سان ئي سنگھار ۽ اُرميل وچ ۾ ڊگھو بحث، خوابن جي فلاسافي تي ڳالهائڻ، وري طويل خواب ٻڌائڻ ٿورو عجيب ٿو لڳي. اهو باب 33 صفحا آهي. ساڌو تصوف بدران فلسفو ٿو ڳالهائي.... خواب تمام گھڻو طويل آهي، جنهن جا ڊگھا ڊگھا ڊائلاگ به اُرميل کي ياد آهن، جيڪي غير فطري ٿا لڳن. نظرياتي ڪامريڊ پنهنجي مقصد کي سامهون رکي جدوجهد ڪندا آهن..... جڏهن چارئي ڪامريڊ دوست نذير جي مدد لاءِ وڃن ٿا ته رستي تي وري صوفي ماهتاب جي تحريڪ جو حصو ڇو ٿا ٿي وڃن....! صوفي مهتاب جي تحريڪ وري شاهه عنايت شهيد واري تحريڪ محسوس ٿئي ٿي..... جيڪڏهن اها ان دور جي ڳالهه آهي، جنهن دور ۾ جنگ ۾ خندقون کنئيون وينديون هيون ته پوءِ شهيد نذير عباسي ته ان دور جو ڪردار نه آهي. جيڪڏهن شاهه عنايت واري تحريڪ کي علامتي نموني پيش ڪيو ويو آهي ۽ ڳالهه نذير واري دور جي آهي ته ان دور ۾ هفتي تائين سرڪار جي فورس جو خندق نه ٽپي سگھڻ ڪهڙي معنى ٿو رکي؟ اهڙي طرح جيڪڏهن هن ناول ۾ ڪامريڊ نذير عباسي وارو واقعو دهرايل آهي ته هو پنهنجن ڊائلاگس ۾ ڪيئن ٿو چوي ته ”پاڪستان کي 63 سال ٿيا آهن“........ ڪامريڊ نذير جي شهادت کان پوءِ چئن سالن جي عرصي کان پوءِ جڏهن سنگھار هڪ شادي تقريب ۾ وڃي ٿو ته اُتي ”محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت پويان ڪهڙا محرڪ ٿي سگھن ٿا!؟“ جهڙن موضوعن تي ڳالهايو ٿو وڃي. ان ڪري سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته آخر ناول ڪهڙي دور ۾ لکيل آهي!!

هن ناول ۾ ڪيترائي سهڻا ۽ دل کي ڇهندڙ ڊائلاگ پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. جيئن:

o       خواب ته گھڙيءَ جو طلسم آهن. ص 4

o       خواب به هر انسان جي اندر سُتل آهن، هي جاڳن ٿا جڏهن اسين سمهون ٿا. ص 4

o       اسان جو دماغ به ڪنهن سُتل ٻج جي داڻي وانگر آهي. ص 5

o       گھرو نيرو آسمان گاڏيءَ مان ائين پئي نظر آيو ڄڻ گاڏي ان طرف ئي سفر ڪندي هجي.

o       دوستن سان ملاقات واري باب ۾ تصوف تي سُٺي گفتگو ڪئي وئي آهي.

مجموعي طور منهنجي خيال ۾ منظور ٿهيم جو هي ناول پنهنجي موضوع جي لحاظ کان نهايت اهم آهي. جنهن ۾ ڪجھ فني تقاضائن کي پورو ڪيو ويو هجي ها ته اهو اڃا به ڀرپور تاثر ڇڏي ها، پر اسان اميد ڪريون ٿا ته هو هن کان پوءِ جيڪو ناول لکندو اهو وڌيڪ سگھارو ۽ تخليقي هوندو.

 

(27 مارچ 2015 تي انڊس لٽرري فورم لاڙڪاڻي طرفان ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي جاگرافي شعبي ۾ ڪوٺايل اڀياسي ويهڪ ۾ پڙهيل.)

No comments:

Post a Comment