Wednesday, 12 May 2021

ناميارو اديب، تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ پروفيسر مختيار سمون ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ehsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

اسان جو هر عمل پرين کليل ڪوئي ڪتاب آ

ناميارو اديب، تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ

پروفيسر مختيار سمون

هندوستان جي مشهور بادشاهه چندر گپت موريا جي مشير چانڪيا وٽ هڪ ڀيري هڪ ماڻهو آيو ۽ هن کيس چيو ته ”مان هاڻي هاڻي توهان جي بيحد پياري دوست جي باري ۾ هڪ ڳالهه ٻڌي آهي، جيڪا مان توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو.“ چانڪيا چيس ته ”مان تنهنجي ڳالهه ٻڌڻ کان پهريان توکان ٽي سوال ڪرڻ گھران ٿو. جيڪڏهن انهن جو جواب ”ها“ ۾ هوندو ته مان تنهنجي ڳالهه ضرور ٻڌندس.“ ان ماڻهوءَ چيو ”ضرور پڇو.“ چانڪيا چيس ته ”تون مونکي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻ چاهين ٿو، ڇا توکي يقين آهي ته اها سچ آهي؟“


ان ماڻهوءَ چيس ”نه مونکي يقين ناهي ڇوته مون اها ڳالهه ڪنهن ٻي شخص کان ٻڌي آهي“. چانڪيا ٻيو سوال ڪيس ته ”ڇا تون مونکي منهنجي دوست جي باري ۾ ڪا سٺي ڳالهه ٻڌائڻ چاهين ٿو؟“ ان همراهه چيو ”نه اها سٺي ڳالهه ناهي.“ چانڪيا چيس ته ”منهنجو ٽيون سوال اهو آهي ته تون مونکي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻ چاهين ٿو، ڇا مونکي ان جو ڪو فائدو ٿيندو؟“ همراهه انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيس ”توهان کي ڪوئي فائدو نه ٿيندو.“ چانڪيا پنهنجي چپن تي مرڪ وکيريندي کيس چيو ته ”تون مونکي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻ چاهين ٿو سا سچائيءَ تي مبني ناهي، اها ڪا سٺي ڳالهه به ناهي ۽ نه ئي وري فائدي واري. تنهن ڪري اها ڳالهه ڪرڻ ۽ ٻڌڻ جو نه ته توکي ڪو فائدو آهي ئي نه ئي وري مونکي.“ مان مختيار سمون کي پنهنجن اهڙن دوستن ۾ شمار ڪريان ٿو، جنهن جي باري ۾ به جيڪڏهن مونکي ڪوئي ڪجھ ٻڌائڻ چاهيندو ته ان کان اڳ مان به چانڪيا وانگر کانئس اهي ٽي سوال ضرور ڪندس.

دنيا ۾ عزت انهن ماڻهن کي ملندي آهي، جيڪي، سچا، کرا، محنتي، ايماندار ۽ وجنري هوندا آهن ۽ انهن ماڻهن کي به عزت ملندي آهي جيڪي انسانن جي بهبود ۽ ڀلائيءَ لاءِ جاکوڙيندا آهن ۽ قوم جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن. سماج ۾ هاڪاري ڪردار هجڻ ڪري انهن کي سوسائٽيءَ جو ڪارگر فرد ڪري ليکيو ويندو آهي. اسان جي سماج ۾ اڃا ڪارگر ماڻهن جي ڪمي نه آهي. اياز چواڻي:

اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي،

متان ائين سمجھين مئا مور سارا.

اسان جو معاشرو بيشڪ تيزيءَ سان پنهنجي اعلى قدرن جي ڀيل ڪندي زوال ڏانهن وڃي رهيو آهي، پر اسان جي ئي اردگرد ڪجھ انسان اهڙا به آهن جيڪي سوسائٽيءَ لاءِ اتساهه جو باعث بڻجن ٿا. هو اڪيلي سر هڪ اداري وارو ڪم ڪن ٿا ۽ ڪڏهن سندن مکُ مان ٿڪاوٽ جو احساس نه ٿيندو آهي. مختيار سمون به معاشري جو هڪ اهڙو ئي ڪارگر فرد ۽ اتساهيندڙ ڪردار آهي، جنهن پنهنجي حياتيءَ جي هر پل کي قيمتي ڄاڻيدي ان مان فائدو ورتو آهي. تنهن ڪري سماجي ابتري واري هن دور ۾ مختيار سمون هڪ مثالي شخصيت آهي. هو هڪ گھڻ رخو ۽ گھڻ ڳڻيو انسان آهي. هن سان منهنجو محبت ۽ پنهنجائپ وارو تعلق لڳ ڀڳ ٽن ڏهاڪن کان آهي. هو پنهنجي سيني ۾ هڪ اهڙي دل رکي ٿو، جيڪا سماج ۾ ٿيندڙ هر ڏاڍائيءَ تي ڏکي پوي ٿي. هن جي شاعريءَ جو وڏو حصو انهيءَ ڏک جو منظوم اظهار آهي.

مختيار سمون هڪ اديب، تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ جي روپ ۾ سماج لاءِ هڪ آئيڊيل ڪردار آهي. سچ ته اهو آهي ته هو هڪ نسل لاءِ اتساهه جو باعث آهي. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙا بنهه ٿورا ماڻهو ڏٺا آهن، جيڪي ڪم کي ئي زندگي سمجھندا آهن. هنن جي شخصيت جو وڏي ۾ وڏو حوالو ئي تعميري مصروفيت هوندو آهي. مختيار هڪ اهڙو ئي ماڻهو آهي. هو بنيادي طور لوئر مڊل ڪلاس سان تعلق رکندڙ هڪ اهڙو انسان آهي جنهن محنت ۽ جدوجهد کي ئي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻايو پر هن حياتيءَ ۾ جيڪو ڪجھ ڀوڳيو آهي ۽ زندگيءَ جي سفر ۾ جيترو جھاڳيو آهي ان جي نتيجي ۾ کيس کوڙ سڦلتا به ملي آهي. ناصر علي سرهندي جو فارسي شعر آهي ته:

اہلِ ہمّت را  نبا شد تکیہ بر بازوئے کس

خیمۂ افلاک بے چوب و طناب استادہ است

(همت وارا ماڻهو ڪنهن ٻئي جي ٻانهن جي ٻل تي نه ڀاڙيندا آهن. (ڏسو ته) آسمانن جا خيما ڪنهن به ڪاٺيءَ ۽ رسيءَ کان سواءِ ئي ڪيئن بيٺا آهن.)

مختيار سمون به در اصل اهڙو ئي همت وارو انسان آهي، جنهن سدائين پاڻ تي ڀاڙيو آهي ۽ محنت کي ئي زندگيءَ جو مقصد بڻايو آهي. 18 آگسٽ 1960ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڏوڪري شهر ۾ جنم وٺندڙ مختيار لاڙڪاڻي جي مختلف تعليمي ادارن مان بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان ماسٽرس جون ڊگريون حاصل ڪيون. 1987ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ليڪچرر جي حيثيت سان مقرر ٿيو ۽ ائين 1991ع کان زرعي يونيورسٽيءَ جي شهيد زيڊ اي ڀٽو ائگريڪلچر ڪاليج ڏوڪريءَ ۾مقرري ٿيس جتي اڄڪلهه انگلش ڊپارٽمنٽ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر هجڻ سان گڏ سوشل سائنسز سيڪشن جو انچارج پڻ آهي.

1992ع ۾ جڏهن هن لاڙڪاڻي شهر ۾ ”ناليج سينٽر“ کولي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انگريزي جي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي تڏهن ئي مختيار جو شهر واسين سان هڪ تعليمدان وارو تعارف ٿيو هو. ڏسندي ئي ڏسندي اهو ادارو نه رڳو تعليمي پر ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جو به مرڪز بڻجي ويو. مونکي ياد آهي ته وڏي عرصي تائين سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جا تنقيدي ڪلاس به ناليج سينٽر ۾ ٿيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ مختيار سمون ادبي سنگت جو سيڪٽري پڻ هيو. مونکي ناليج سينٽر ۾ ٿيل انيڪ ادبي گڏجاڻيون ياد آهن پر اها گڏجاڻي اڄ ڏينهن تائين نه وسرندي آهي جيڪا نامياري شاعر واجد کي مڃتا ڏيڻ لاءِ ڪئي وئي هئي ۽ ان موقعي تي سندس نڪور شعري مجموعي ”آءٌ اوهان جو آهيان“ جو مهوت به ڪرايو ويو هو. مطلب انهن ڏينهن ۾ ناليج سينٽر ادبي گڏجاڻين جو به مرڪز بڻجي چڪو هو.

ناليج سينٽر جي قيام کان ڇهه سال پوءِ مختيار سمون ”انڊس اسڪول“ جو آغاز ڪيو ۽ اهڙي طرح معياري تعليم ڏيڻ جي سلسلي کي اڳتي وڌايو. هن وقت هڪ پورو نسل انهن ٻنهي ادارن مان تعليم حاصل ڪري زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ڪاميابيءَ جون منزلون ماڻي چڪو آهي. مختيار سمون هن وقت به عملي طور تعليمي خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي ۽ هڪ تعليمي آرگنائيزيشن ”سنڌ ايڊيوڪيشن ڊولپمينٽ سوسائٽي“ جي صدر جي حيثيت سان پڻ ڪم ڪري رهيو آهي. مختيار سمون عملي تعليمي خدمتن کان علاوه پنهنجي تحرير وسيلي پڻ تعليم ۽ تعليمي ادارن جي حوالي سان سالن کان مختلف اخبارن ۾ لکندو رهيو آهي. ان سلسلي ۾ خاص طور هن اپريل 2013ع کان آڪٽوبر 2015ع تائين ”دنيا جا درسگاهه“ جي سري هيٺ مختلف ملڪن جي هڪ سئو ٽيهه معياري يونيورسٽين تي معلوماتي ڪالم لکيا، جيڪي هر هفتي سنڌ جي مشهور اخبار ”ڪاوش“ جي مڊ ويڪ مئگزين ۾ ڇپجندا رهيا. ان سان گڏ و گڏ انگريزي گرامر جي حوالي سان هن جا ٽي ڪتاب ”اين ايزي ائپروچ ٽوورڊس انگلش گرامر“، ”ورب ـــ ڪائينڊس ائنڊ فارمس“، ”فنڊامنٽلس آف سمپل، ڪمپائونڊ ائنڊ ڪامپليڪس سينٽينسز“ پڻ ڇپجي چڪا آهن.

مختيار سمون هڪ سوشل ريفارمر جي حيثيت ۾ سماج جي بهبود ۽ ڀلائي لاءِ عملي طور به جاکوڙيندو رهيو آهي. هو لاڙڪاڻي جي سول سوسائٽي جو هڪ اهم نمائندو آهي. خاص طور چائيلڊ رائٽس ڪامٽي لاڙڪاڻي جي فائونڊر ڪواڊينيٽر، سنڌ ايگريڪلچر سوسائٽي جي سينڊيڪيٽ جي ممبر ۽ سرڪاري ۽ غير سرڪاري سطح تي قائم ڪيترين ئي سماجي ڪاميٽين جي ميمبر ۽ سرگرم ڪارڪن طور مختيار اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. انهيءَ حوالي سان هو صوبائي ۽ ملڪي سطح تي ٿيندڙ ڪيترين ئي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيڻ کان سواءِ سريلنڪا ۾ وومين رائيٽس اسيمبلي ۽ آمريڪا ۾ سانا طرفان منعقد ڪيل سالياني ڪانفرنس ۾ پڻ شريڪ ٿي چڪو آهي. ان کان علاوه هن عورتن جي حقن جي حوالي سان هڪ ڪتاب ”عورت ــ حق حيثيت ۽ تشدد“ پڻ ترتيب ڏنو آهي.

مختيار سمون هڪ جهان گشت ماڻهو آهي. سير سفر سان هن جو وڏو چاهه آهي، ان ڪري سريلنڪا ۽ آمريڪا کان سواءِ هو انگلنڊ، گڏيل عرب عمارات، ترڪي، سعودي عرب ۽ ايران جا سفر پڻ ڪري چڪو آهي. هو انهن سفرن کي قلم بند ڪري سفرناما پڻ لکندو رهيو آهي. خاص طور هن جو ايران جو سفرنامو هڪ مئگزين ۾ ڇپجي ڪافي مڃتا ماڻي چڪو آهي.

مختيار جيئن ته هڪ متحرڪ انسان آهي، تنهن ڪري هن جو نه رڳو سماجي پر ڪيترين ئي علمي، ادبي، تاريخي ۽ ثقافتي تنظيمن سان پڻ تعلق رهيو آهي. ان سلسلي ۾ هو آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جو ٻه ڀيرا نگران وائيس چيئرمين، سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري ۽ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي جو جوائنٽ سيڪريٽري رهي چڪو آهي. هو اڄڪلهه لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جي سيڪريٽري جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.

مختيار سمون جي سڃاڻپ جو اهم ترين حوالو هڪ اديب ۽ ليکڪ وارو آهي. خاص طور ادب ۾ هن جو پهريون ۽ ڀرپور تعارف هڪ خوبصورت شاعر وارو آهي. هن لکڻ جي شروعات ٻاراڻي شاعريءَ سان ڪئي ادب جي ميدان ۾ سڀ کان پهريان ٻارن لاءِ ڪيل شاعريءَ تي مشتمل سندس ٻه شعري مجموعا ”دنيا آهي گول“ ۽ ”ڌرتي روشن ٿيندي“ پڌرا ٿيا اهڙي طرح 1997 ۾ سندس شعري مجموعو ”وفائون منتظر آهن“ شايع ٿيو. ان ڪري تخليق جي دنيا ۾ شاعري ئي هن جو پهريون پيار آهي.

حقيقت ۾ شاعري ڌرتتيءَ ۾ اها ڪڪري آهي، جنهن مان پيار جون بوندون ڪِري بنجر دلين کي سيراب ڪنديون آهن. يا اها راڳڻي آهي شاعري جنهن ۾ دک جون انيڪ ڌنون سمايل آهن. مونکي ته شاعريءَ پرهه جي ٿڌڙي هير جيان به لڳندي آهي، جيڪا حرفن جي آهٽ سان دلين جي دوار تي دستڪ به ڏيندي آهي. نه ڄاڻ شاعريءَ جا ڪيڏا رنگ ۽ روپ آهن، ان ۾ ڪيڏو حسن ۽ حيرانگي آهي، فڪر ۽ احساس جا ڪيڏا جهان آباد آهن شاعريءَ ۾. شاعريءَ ۾ هڪ پاسي لفظ آهن، لفظ جيڪي ويران دلين ۾ اميدن جا ڦول ڦلاريندا آهن، ٻئي پاسي شاعريءَ ۾ شعور ۽ آگهي جا خزانا آهن. ان کي شعر ئي نه چئبو جنهن ۾ ڪنهن احساس جي جوت نه جلندي هجي. اهي احساس شاعر جي داخلي ڪائنات سان به جڙيل ٿي سگھن ٿا ته خارجي حالتن جي پيداوار پڻ. مختيار سمون جي شاعري جي مطالعي مان به معلوم ٿئي ٿو ته هن پنهنجي ڪوتائن ۾ زندگي جي حسناڪين ۽ ڪربناڪين کي پورٽريٽ ڪيو آهي.

حسرتن جي نذر ڪجھ غمن جي نذر

زندگي ٿي وئي حالتن جي نذر

مون گھڻو ئي لکيو تو نه پڙهيو پرين

حال دل جو ويو ٿي پنن جي نذر

مختيار پنهنجي دل جو حال پنن تي لکي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري ٿو. هو پنهنجي جذبن احساسن ۽ اڌمن جو اظهار ڪندي پاڻ کي کليل ڪتاب وانگر دنيا اڳيان رکي ٿو ۽ جيڪي ماڻهو پوءِ به وضاحتون چاهن ٿا انهن تي کيس حيرت ٿي وٺي.

اسان جو هر عمل پرين کليل ڪوئي ڪتاب آ

اوهان کي ڇو اڃا به آ وضاحتن جو انتظار

مختيار سمون جي نظر ۾ زندگيءَ جو ٻيو نالو شاعري آهي. هن کي شاعريءَ کان سواءِ زندگي جو تصور ئي ڌنڌلو ٿو لڳي، تڏهن ئي ته چيائين ته:

اسان ڀي وڃون ها ڪڏهوڪو مري

جيئاري ٿي ليڪن مٺا شاعري

اها شاعري جيڪا کيس موت کان ڪوهين ڏور وٺي وڃي ٿي ۽ زندگيءَ جي گونج محسوس ٿئي ٿي، ان شاعريءَ ۾ هڪ سڳنڌ جو احساس به آهي. اها سڳنڌ سندس پرينءَ جي لفظن جي آهي، جيڪا جڏهن سندس ساهن ۾ سمائجي وڃي ٿي ته هو پنهنجو پاڻ کي به وساري ويهي ٿو.

چپن تان لفظ خوشبو ٿي ھلي ’مختيار‘ جو آيا،
وياسين پاڻ کان وسري پرين جي بات ۾ گم ٿي.

مختيار جي شاعري گھڻ موضوعاتي آهي. ان ۾ اسان کي رومانس جي فضا به ملندي ته انوکن احساسن جي ڪائنات به، مزاحمتي ۽ انقلابي سوچ جا اولڙا به نظر ايندا ته سماجي نا انصافي جا عڪس پڻ. هو سچ کي وڏي طاقت سمجھي ٿو ۽ حق جو نعرو بلند ڪندڙ هر انسان هن کي بي غرض ۽ بي باڪ ٿو ڀاسي:

سچ سان شايد رکي ٿئين دوستي

بي غرض بي باڪ ٿو ٿيندو وڃي

هڪ بي باڪ قلمڪار سماج جو اهڙو تبديلي پسند شخص ٿئي ٿو جيڪو سدا پنهنجي هٿ ۾ حق جو علم کڻي پنهنجي اندر زماني کي للڪارڻ جو حوصلو رکي ٿو، هو سماج کي تبديل ڪرڻ وارو وچن وفا ڪرڻ لاءِ سوليءَ تي چڙهڻ کان به ٿو گھٻرائي. مختيار سمون به هڪ اهڙو ئي شاعر آهي، جيڪو ڪوڙ جي ڪاروبار ۽ دوکي جي ديوار کي قبول نه ٿو ڪري ۽ سماج ۾ بيچيني نه ٿو ڏسي سگھي هو پنهنجي عهد سان ڪميٽيڊ آهي انهيءَ ڪري ته چئي ٿو ڏئي ته.

زمانا تون اسان جي راهه ۾ حائل نه ٿي سگھندين

ڀلي سوليءَ تي چاڙهي ڇڏ وفائون منتظر آهن

هو جڏهن سماج ۾ ماڻپي جو ڪال ڏسي ٿو ته سندس من تڙپي پوي ٿو ۽ کيس شهر جھنگ جو ڏيک ڏين ٿا ۽ ماڻهو حيوان ٿا لڳن.

ڪڏهين ڪڏهين شهر به مونکي جھنگ جيان لڳندو آ

ماڻهو ڀي حيوانن وانگر لڳندا آهن ڪي ڪي

جتي شهر جھنگ ۽ ماڻهو حيوان بڻجي ويندا آهن ته اتي انساني تهذيب ۽ ماڻپي جي اعلى قدرن جو نالو نشان باقي نه رهندو آهي اهڙي وحشي سماج ۽ زهر آلود هوائن ۾ ساهه کڻڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. مختيار سمون شهرن ۾ امن جي فضا چاهي ٿو ۽ انسان جي دلين ۾ مذهبي منافرت جي ٿوهرن کي پٽي محبت جا ڪومل گل پوکڻ چاهي ٿو. هو ڄڻ ته بلهي شاهه جو پيروڪار لڳي ٿو جنهن چيو هو ته:

نہ کر بندیا میری میری
نہ   تیری    نہ    میری
چار    دناں    دا    میلہ دنیا

فیر مٹی دی ڈھیری
مندر ڈھا دے مسجد ڈھا دے
ڈھا   دے   جو   کجھ ڈھیندا
اک  بندے  دا  دل نہ ڈھاویں
رب   دلاں   وچ   رہندا

مختيار جي شاعريءَ ۾ به اسان کي بلهي شاهه واري اها ساڳي فلاسافي نظر اچي ٿي. هو خدا کي مسجد، مندر ۽ ڪليسا ۾ نه پر دلين ۾ پيو تلاش ڪري.

ڪنهن کي مسجد مندر ۽ ڪليسا ۾ پر

مون کي منهنجو خدا ويو دلين ۾ ملي

مير تقي مير جو شعر آهي ته:

هم خدا کے کبھي قائل هي نه تھے

ان کو ديکھا تو خدا ياد آيا

مختيار به انسانن ۾ خدا ڳولڻ جو آرزومند آهي. هن وٽ ماڻهوءَ جو مان مٿاهون آهي. هو هر ان ماڻهوءَ سان پيار ڪري ٿو، جيڪو جدوجهد ۽ سفر کي ئي زندگيءَ جو مقصد ڄاڻي ٿو. هو ماڳ کان وڌيڪ سفر کي ترجيح ڏئي ٿو. ڇوته ماڳ تي رسڻ کان اڳ مارڳ ۾ جيڪو خمار ۽ نشو آهي ان جو سرور ئي پنهنجو آهي:

ماڳ تي ڄڻ ته پهچڻ سان آ ويو ٽُٽي

ڇا ته پيارو هيو هن سفر جو نشو

مختيار سمون جي شاعري جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هن وٽ غمِ جانان کان وڌيڪ غمِ دوران آهي، ڇوته هو سماج جي درد کي به پنهنجي دل جو دک ڀانئين ٿو. هن جي ڪوتائن ۾ هڪ حساس دل انسان جا اڻ جھل اڌما آهن.

مختيار سمون جي گھڻ رخي شخصيت بابت هونءَ ته اڃا به ڪيئي ويچار ونڊي سگھجن ٿا ۽ هن جي علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتن تي تفصيل سان گفتگو ڪري سگھجي ٿي پر مان هي مضمون لطيف جي ان بيت سان ختم ڪرڻ چاهيندس ته:

سانڀارا سَڏَ ڪيو، اُڀا چَوَنِمِ: "آءُ"؛
هِڪ تِکو ئِي تارِ وَهي، ٻِيو لُڙُ، لَهريُون ۽ واءُ؛
ساڻِي جن اَللهُ، ٻُجھان سي نه ٻُڏندِيُون.


No comments:

Post a Comment