Friday, 14 May 2021

انور پيرزادي جي شاعري ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ehsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش


 

انور پيرزادي جي شاعري

        جيڪڏهن شاعري خوشيءَ جي لمحن جي ڪا ڌُن يا ڪنهن گلابي چپن جي مرڪ آهي ته شاعري اندر جو سڏڪو ۽ نيڻن مان ڪريل گرم ڳوڙهو به آهي. شاعري رڳو محبوب جي ناز ادا ۽ خماريل نيڻن جو ئي نالو نه آهي پر شاعري پنهنجي دور جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي تاريخ به آهي. ڪنهن ڏاهي چيو هو ته ”جيڪڏهن ڪنهن قوم جي تاريخ گم ٿي وڃي ته ان دور جي شاعرن کي پڙهڻ کپي اها وڃايل تاريخ ملي ويندي.“ ڪجھ اهڙي ئي ڳالهه تنوير عباسي به لکي آهي ته ”شاعري تاريخ نويسي نه آهي، پر اها جذبن جي تاريخ نويسي آهي. هر شاعر ڪنهن نه ڪنهن دور ۾ رهندو آهي ۽ سندس شعور ۽ لاشعور تي ان دور جا اولڙا پوندا رهندا آهن، ائين چئجي ته هر شاعر جو شعر سندس دور جي جذبن ۽ احساسن جي تاريخ آهي ته غلط نه ٿيندو.“ سنڌ جو شاعر صدين کان سجاڳ آهي. هن پرين جي زلفن جي ورن وڪڙن کان وڌيڪ پنهنجي ڌرتيءَ جي درد جي ڳالهه ڪئي آهي. ڀٽائي کان اياز ۽ اياز کان انور پيرزادي ۽ موجوده ٽهي تائين سڀني شاعرن پنهنجي پنهنجي دور جي گڏيل درد جي تاريخ پئي رقم ڪئي آهي.

        انور پيرزادي جي اڪيلي شعري مجموعي ”اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان“ پڙهڻ کانپوءِ محسوس ٿيو ته هن جي هيءَ شاعري سخت پيڙا ۽ اذيتن جي دور جي شاعري آهي. اهو ئي سبب آهي جو ان ۾ رومانوي رنگ بدران لفظن مان رت جا نير وهندي محسوس ٿين ٿا. هي نظم ”ڪارنهن جا چُٽا“ ئي پڙهي ڏسو.

               

لڙڪ لاڙن ڪا نئين ڳالهه نه آهي جاني

  زندگي دور اڃا دور وٺي ويندي آ

  ايستائين جو لڙي لڙڪ سڪي ويندا هن.

  سرد ۽ زرد ڳلن تي ڪڏهين

  ڪوسڙو رت ٽمي پوندو آ

  ٿورڙو ترس اڃا ترس ڪٿي ڀيڻي آ

  زندگي دور اڃا دور وٺي ويندي آ...... الخ

ڪهاڻي ــ زندگيءَ جي سڏ جو پڙاڏو ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


ڪهاڻي ــ زندگيءَ جي سڏ جو پڙاڏو

(ڪهاڻيءَ بابت مختصر ويچارَ)

 

’ڪهاڻيءَ ۾ زندگي آهي يا زندگيءَ ۾ ڪهاڻي.‘ اها ڳالهه منهنجي ذهن ۾ هميشه هڪ اهڙي دائري وانگر ڦرندي آهي جنهن جو ڇيهه ۽ ڇيڙو ڪڏهن به هٿ نه آيو اٿم. جيڪڏهن ڪهاڻي ائين ئي آهي جيئن زندگي ته پوءِ ٻنهي کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪيئن ٿو ڪري سگھجي؟ ڪري به ڪيئن ٿو سگھجي جو ڪهاڻي زندگيءَ جي ڪُک مان جنم وٺي ٿي. جنهن سماج ۾ زندگي نرم، گداز ۽ بخملي بدن جهڙي هوندي ان سماج ۾ ڪهاڻي به پيار جا نغما گنگنائيندي ۽ جتي اها چچريل لاش جهڙي هوندي اتي يقيناً ڪهاڻيڪارَ به نوحه گر ٿي پوندا، ڇوته ڪهاڻي زندگيءَ جي سڏ جو پڙاڏو آهي. زندگي ٽهڪ ڏيندي ته ڪهاڻي به مسڪرائيندي، زندگي سڏڪندي ته ڪهاڻي به لڙڪ لاڙيندي. شيخ اياز لکيو هو ته ”هي زندگي ئي هڪ ڪهاڻي آهي. هڪ عجيب غريب وچتر ڪهاڻي، جنهن جو صفحو صفحو روئاري ۽ کلائي، رسائي ۽ مڃائي، منجھائي ۽ سُجھائي ٿو. ان جي سٽ سٽ ۾ يا ته ڪتڪتائي آهي يا چُهنڊڙي يا ٿف يا ٺوڪر. ائين کڻي چئجي ته هي زندگي گھڻيون ئي ڪهاڻيون آهي. ٻئي پاسي هڪ ڪهاڻيءَ ۾ زندگيءَ جي جھلڪ آهي. ان جي غم يا خوشي، پستي يا بلندي، سختي يا نرميءَ جي ترجماني آهي. جي اسان کي زندگي عزيز آهي ته ڪهاڻي ڪيئن نه پياري لڳندي؟ پر جي اسان تي زندگي بار آهي ته ڪهاڻي پڙهي ان جو ٻوجھ هلڪو ٿيندو. آخر زندگي خود به ته هڪ ڪهاڻي آهي. تو چئي مون ٻڌي ۽ پوءِ ڄڻ ته هئي ئي نه.“
 

هڪ سٺي ڪهاڻيءَ لاءِ جن ٽن خاصيتن جي اهميت آهي انهن کي اردو ٻوليءَ جي شاعر اصغر گونڊوي جي هن شعر مان سمجھي سگھجي ٿو:

سنتا ہوں بڑے شوق سے افسانهءِ ہستی،

کچھ اصل ہے، کچھ خواب ہے، کچھ طرزِ ادا ہے.


        سو ڪهاڻي حقيقت، خواب ۽ طرزِ ادا جو ميلاپ آهي. ڊاڪٽر اقبال آفاقي لکيو آهي ته ”افسانو مڪمل طور تي هڪ استخاري صنفِ سخن آهي. ان جا پير زمين سان جڙيل هوندا آهن. هن ارضي زندگيءَ سان چڱيءَ ريت واڳيل. زندگي جيڪا غير مستقل ۽ تبديل ٿيندڙ آهي. ڀاڱن ۾ ورهايل ۽ ڏاڍي منجھيل. جنهن جو لينڊ اسڪيپ هر گھڙي ٽٽندو ۽ ڀرندو رهي ٿو. جنهن جا رستا آڏا ٽيڏا آهن ۽ نانگ وانگر ور وڪڙ کائيندي حال جي دائري مان نڪرندي مستقبل جي هيٺاهينءَ تي لهي ويندا آهن. ان جي لاءِ ڪافي لاڳاپيل معاملن جي خبر رکڻ ۽ موضوع بابت تفصيلي ڄاڻ هجڻ پهريون شرط آهي. ڪهاڻي جوهري طور تي حسي ادراڪ جي منطقي جي شي آهي. مصنف کي پنهنجي پهچ ۽ رسائيءَ جي ننڍڙي دائري جي اندر رهندي اثر انگيزيءَ جا ڪرشما ڏيکارڻا پوندا آهن.

قمبر جي محبت ۽ محبت جو قمبر ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

قمبر جي محبت ۽ محبت جو قمبر

 


مونکي قمبر جا پنڌ ڪندي ويهن ورهين کان وڌيڪ جو عرصو نه ٿيو آهي، پر انهن ويهن سالن ۾ قمبر جي محبت وڻ ويڙهيءَ وانگر منهنجي روح کي جڪڙي ڇڏيو آهي. قمبر سان منهنجي محبتَ، محبتَ جي ڪري وڌي، ڇوته هي محبتَ جو قمبر آهي. اهو رياضت جو احسان آهي، جنهن مونکي محبتَ سان متعارف ڪرايو. محبتَ جي ڪري مان پهريون ڀيرو قمبر آيس سندس ٻي ورسيءَ تي. محبتَ جي ورسي........!! ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي. ڇا محبت ڪو مئل احساس آهي، جنهن جي ورسي ملهائجي؟ سچ اهو آهي ته محبت جو احساس اڄ به اسان سڀني جي دلين ۾ زنده آهي ۽ جيڪڏهن اسان جي وچ ۾ ناهي ته هڪ وجود.

محبت نام کا اک شخص يوں دل ميں بَسايا هے

که جيسے اک سمندر ميں نے کوزے ميں سمايا هے

هي اهو ئي قمبر آهي جنهن جي تاريخ، ثقافت ۽ جاگرافي ساڃاهوندن جو هميشه ڌيان ڇڪائيندي رهي آهي. هتان جون ٽڪريون، لڪَ، پوٺا ۽ بَنَ ــ هتان جون ڍنڍون، ڍورا، تلاءَ ۽ نئيون. هتان جا ڪنب، ڪوٽ، قبا ۽ دڙا ـــ تاريخدانن ۽ آرڪيالاجي جي اڪابر جي توجه جو مرڪز رهيا آهن. قمبر جي قرب و جوار ۾ عاشق جي ٽڪري هجي يا دارا جو لَڪُ ـــ لَليءَ جو بَنُ ۽ ڪُتي جي قبر هجي يا لاکانيءَ جا پوٺا ــــ سيتا، دڙٻ، تيراني، الڪه، ڍڍر، دلان، مزاراڻي، سگھرو، کَنجي، چُشانگي ۽ ٽوڀو نَئيون هجن يا حيار، بيلو، تاجو مري، لاکو فقير ۽ پير جا ڪُنبَ ــــ تيرٿ جو تلاءُ هجي يا ساروهه، بڊام، لهور، ڊگھ، لنگھ، چڱڙو ۽ هاسو جون ڍنڍون ـــ لهور، بڊام، ماڇڪي، گھوگھاري، ميان شاهل محمد ڪلهوڙي، خيرپور جوسي ۽ رتي وارا ڪوٽ هجن يا ڪاروهر، نوزمان، ڏانديهڙ، راٻاري، نونرن، دانوءَ، ياروءَ ۽ ليلا چنيسر جا دڙا ـــ چانڊين جون رانئڪون هجن يا دائوءَ جا قُبا ۽ دڙٻ، ڍَڍَر ۽ ماڙيءَ جا مُقامَ. هي خطو هر طرح سان تاريخ جي هڪ اڻ مٽ نقش وانگر آهي.

ها! هي اُهو ئي قمبر آهي، جنهن جون گھٽيون ڪجھ ورهه اڳ رَتُ سان رڱيون ويون هيون، هي سڏڪندڙ روحن ۽ تڙپندڙ جسمن جو شهر به آهي.......... هتي جوڌن، جوانن ۽ جانسارن جي ڪمي ناهي. هن شهرَ متحرڪ، نظرياتي، ڪميٽيڊ، ڪامريڊ، ارڏا، اڙٻنگ ۽ جھونجھارَ جنميا آهن. هتان نئين روشنيءَ جون لاٽون اُڀريون آهن، علم، ادب ۽ شعور جي اوسر ٿي آهي. هي روشن خيال ۽ ترقي پسند ماڻهن جو ماڳ آهي. هتان ڪيئي سياسي ۽ نظرياتي تحريڪون اُڀري ڪڪر ڪارونڀار بڻجي سڄيءَ سنڌ تي ڇانئيون آهن.

هيءُ قمبر، پيرل قمبر جو به آهي. هي نور، مجروح، سَروَر سوز، ستار ۽ گلَ جو گلستان آهي، هيءَ جوش، جمعي ۽ جامي جي جوءِ آهي، هيءُ سرمد، اٽل، اشفاق ۽ آتش جو آستانو آهي، هيءَ طارق، صحبت ۽ زبيده جي زمين آهي. هي عزيز، عباس، آڪاش، خادم ۽ مسيح جو ملڪ آهي. هي ضمير، مجاهد، معصوم ۽ دين جي ڌرتي آهي. هي هنس، قمر، ڪوڙل، بشير ۽ ڀائوءَ جي ڀونءِ آهي. هيءُ اهو ئي قمبر آهي جن جي راهن تي راهي ۽ رياضت جا پنڌ رهيا آهن. قمبر کي پنهنجي زمين ۽ پنهنجو آڪاس آهي. هن جي زمين تي ساهت جا سوين گل آهن ۽ هن جي آڪاس تي آرٽ جا جرڪندڙ تارا. هڪ طرف اياز ابڙو، مقبول قادري ۽ دارا عالم کان وٺي اياز عالم، منصور عالم، بنده علي، ڪرم ٻرڙو، اصغر مغيري ۽ نياز رند جون آڱريون ڪينواس تي رنگ وکيرينديون رهيون آهن ته ٻي پاسي استاد احمد علي ٻرڙي، ولي محمد شيخ، عبدالهادي هڪڙي کان وٺي استاد محرم علي، اشرف علي، رستم علي، برڪت علي، الطاف گوپانگ ۽ ماسٽر منظورَ سُر ساز ۽ سنگيت سان سنگت نڀائي آهي.

Thursday, 13 May 2021

هوائون گيت ڳائن ٿيون (هڪ تاثر)ــــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ehsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

هوائون گيت ڳائن ٿيون

(هڪ تاثر)

 

هوا، جيئاپي جو جواز آهي. سائنس چوي ٿي هوا ۾ آڪسيجن آهي، جتي آڪسيجن ناهي اُتي زندگيءَ جو تصور عبث. چنڊُ آڪسيجن کان عاري آهي، مريخ، مشتري، زهرا، عطارد ۽ ٻين کوڙ سيارن تي ساهه کڻڻ محال آهي. هِڪَ اسان جي ڌرتي آهي جتي ’هوائون گيت ڳائن ٿيون.‘ گيتَ، خوشين جي علامت آهن. شاعرَ اڪثر اداس موسمن ۾ جيئندا آهن، ان ڪري هو پنهنجي من کي آٿت ڏيڻ لاءِ ڪڏهن من موهيندڙ منظرن ۽ محاڪات جو سهارو وٺندا آهن ته ڪڏهن کين هوائن ۾ به گيتن جي گونجار محسوس ٿيندي آهي. نياز ملاح به هوائن جا گيت ڪنائي شعر لکي ٿو. هو اداس هوندي به مسرور آهي. هن جا شعر پڙهي نراسائيءَ جا پاڇا وڌندي محسوس ٿين ٿا پر هو وقت بوقت پنهنجي اندر جا احساس پَنن تي پرٽي، ورق ڪارا ڪري ڪتابن جي گود ڀري سرهائي محسوس ڪري ٿو.

”هوائون گيت ڳائن ٿيون“ نياز جو ڏهون ڪتاب آهي ۽ منهنجو ساڻس تعلق ان وقت کان آهي جڏهن اڃا سندس پهريون ڪتاب ”پيار جي پاڇي ۾“ ڇپيو هو. ان دوران مون سندس هڪ ڪتاب  جو مهاڳ پڻ لکيو آهي. هن جي ڪتابن ڇپجڻ جي اسپيڊ مان لڳي ٿو ته هن جيڪا به سٽ لکي آهي ان کي ڪتاب ۾ ڇپايو آهي ۽ شايد اڳتي به ائين ئي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. اهڙو مثال لاڙڪاڻي جي هڪ جھوني شاعر غلام نبي گل جو به آهي، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪا به سٽ لکي تنهن کي ڪتاب ۾ ڇپايو. نياز تمام تيزيءَ سان لکي ٿو ۽ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو وڃي ٿو. اڪثر تکا ۽ تڪڙا قدم کڻڻ سان ٿاٻڙجڻ جو خطرو رهندو آهي پر نياز ان جي پرواهه ڪرڻ بنان پنهنجو سفر جاري رکيو آهي. هن جي شاعريءَ مان نقاد ڪيئي جھول ڳولي سگھن ٿا پر مان هن جي پورهيي ۾ جيڪو پيار ڏسان ٿو ان جو قدر ڪريان ٿو. هن جو تخليقي پورهيو ڀٽائي جي ان بيت وانگر آهي ته:

محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن،

تن جو صرافن اڻ توريو اگھايو.


 

سڄي ڳالهه آهي محبت جي. محبت، جيڪا زندگيءَ کي معنى ڏئي ٿي. محبت جيڪا ماڻپي جي علامت آهي، محبت جنهن سان دلين کي فتح ڪري سگھجي ٿو..... اها ئي محبت نياز جي شاعريءَ جو محور آهي. هونءَ به شاعري ۽ خاص طور غزل جي شاعريءَ جو بنيادي موضوع به رومانيت ئي آهي. رومانس کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو آهي به ڇا؟ لفظ ’انسان‘ جنهن جو مادو ئي ’اُنس‘ يعني محبت آهي ان وٽ محبت جي پچار نه هوندي ته ٻيو ڇا هوندو. اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪي انسان پنهنجي شرف ۽ شان کي وساري حيوان به بڻجي وڃن ٿا.... پر هڪ شاعر اهڙو انسان آهي جيڪو اُنس ۽ محبت جي مٺاڻ سان ڀريل هوندو آهي. هڪ شاعر ۾ محبت سان گڏ نمرتا ۽ ’نياز‘ به هجي ته ان جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. نياز رڳو نالي جو نياز ناهي پر هن جي مزاج ۾ به نئڙت ۽ نياز جي خوبي موجود آهي.

هِڪَ جدت طراز سگھڙ جو ڪلام ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 ڊاڪٽر احسان دانش


 

هِڪَ جدت طراز سگھڙ جو ڪلام

 

لوڪ ادب ڪنهن به قوم جو اهڙو املهه خزانو آهي، جيڪو جيتري دير تائين دلين، ذهنن ۽ ڪتابن ۾ محفوظ رهندو اوتري دير تائين ٻوليءَ جي اصليت ۽ نج پڻو قائم رهي سگھندو ۽ ائين عوام ۾ عام رهندڙ ۽ ٻهراڙين ۾ ٻولي ويندڙ ٻولي زنده رهي سگھندي...


حقيقت اها آهي ته لوڪ ادب ڪنهن به ٻوليءَ جي ڀاڳ جي نشاني آهي، ڇوته ان وسيلي ٻوليءَ جي وسعت ۽ اهميت کي ماپي سگھجي ٿو ۽ ٻولي جيتري ڪُهني ۽ قديم هوندي اوترو ان جي لوڪ ڏاهپ جو خزانو جھجھو ۽ جام هوندو. اسان جي سنڌي ٻولي به دنيا جي پراڻين ٻولين ۾ ڳَڻي وڃي ٿي ۽ ان جو اوائلي ادبي ذخيرو به لوڪ شاعريءَ جي صنفن ڳيچ، ڳاهه، لولي ۽ پرولي جي روپ ۾ ملي ٿو. لوڪ شاعريءَ ۾ رڳو لفظن جو هجوم نه هوندو آهي پر اکرن جو اهڙو تال ميل هوندو آهي، جيڪو سهڻو ۽ سڀاويڪ لڳندو آهي. ٻيلهي لفظ، هڪ لفظ جون گھڻيون معنائون، گھڻين معنائن لاءِ هڪ لفظ، بي نڪتا لفظ، وسريل ۽ دفن ٿيل لفظ، ٻين ٻولين مان ورتل لفظ، الڳ الڳ اسمن لاءِ استعمال ۾ ايندڙ لفظ..... لوڪ شاعريءَ ۾ لفظن جا اُهي مختلف روپ پَسي سگھبا آهن. سچ ته اِهو آهي ته لوڪ شاعرَ لفظن جا وينجھار آهن، جيڪي لفظن جي موتين کي سوڌي، سوجھي ۽ سموهي عام کي آڇين ٿا، سندن گلقند جهڙا گفتا هر عام خاص کي پسند اچن ٿا، ان ڪري سگھڙن ۽ سپورنجن کي جيڪڏهن ٻوليءَ جا محافظ سڏجي ته غلط نه ٿيندو.

سنڌ جا سگھڙ ادب، اخلاق، تهذيب، ثقافت، ۽ رسم و رواج جا پاسدار آهن. اُهي سنڌ جي واهڻن جي فطري سونهن جي عملي تصوير آهن، اهڙي سونهن جيڪا شهرن جي پوليوشن کان پاڪ آهي. هنن جو لباس ۽ لهجو بنهه پنهنجو ۽ نج آهي، جيتوڻيڪ اڄوڪي دور ۾ کوڙ سگھڙَ شهري زندگي کي اختيار ڪري چُڪا آهن پر سندن روحن کي واهڻن جون وليون ويڙهيل آهن، سندن شبدن ۾ شبنم واري تازگي ۽ سندن اکر اکر ۾ ڄانڀي، پَلي ۽ ساڳ جي سڳنڌ اڄ به تازي آهي. هو سادا ته آهن پر خلوص ۽ سچائي سندن سڀاءَ مان پئي بَکندي.


تبديلي ۽ تغير زندگيءَ جي سونهن آهي، جيئن سڄي دنيا ۾ الڳ الڳ شعبن ۾ جدت ۽ نواڻ نظر ايندي رهي ٿي تيئن سنڌي لوڪ شاعريءَ ۾ به نوان لاڙا نظر اچن ٿا، پراڻين لوڪ صنفن ۾ تجربن سان گڏ نيون صنفون به ايجاد ٿيون آهن، ان ڪري اڄوڪي دور جي لوڪ ادب کي موجوده دور جي تناظر ۾ ڏسي ۽ پرکي سگھجي ٿو. ان سڄي پس منظر ۾ موجوده دور جي لوڪ شاعري جو جائزو هڪ دلچسپ مطالعو ٿي سگھي ٿو، پر في الحال مونکي هن ڪتاب ”عجب رنگَ ايوب جا“ جي ليکڪ محمد ايوب واهوچي جي محنت تي پنهنجا ويچار پيش ڪرڻا آهن ۽ سچ ته سندس پورهيي جي پروڙ مان به اسان کي موجوده دور جي لوڪ شاعريءَ جي روايت ۽ لاڙن جو اندازو ٿي سگھي ٿو..

وقت بيهي نه ٿو..... ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

وقت جو نغمو وقت جو سُڏڪو

وقت بيهي نه ٿو.....

 

سنڌي ٻوليءَ ۾ نظم ۽ خاص طور پابند نظم جي شاعري غزل جي ڀيٽ ۾ گھٽ ٿي نظر اچي. ڪيترائي شاعر آزاد نظم جي نالي ۾ الائي ڇا پيا لکن سچ ته اهو آهي ته اهي نظم جي حقيقي روح کي ڇيهو پيا رسائين. ان صوتحال ۾ هڪ موضوع ۾ گھڻا موضوع کڻي هلندڙ پابند نظم لکڻ ڪو آسان ڪم نه آهي. محمد علي پٺاڻ جو طويل نظم ”وقت بيهي نه ٿو“ ان سلسلي ۾ هڪ سٺي ڪوشش آهي، جنهن کي ساراهڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگھجي.

جيئن آئون چئي آيس ته هي هڪ اهڙو نظم آهي، جنهن جو بنياد آهي وقت. پر ان وقت جي طوفان ۾ هي نظم پاڻ سان ڪيترائي موضوع کڻي هڪ واچوڙي وانگر ڦرندي نظر اچي ٿو. اهو نظم رڳو وقت جو آواز ناهي پر ان ۾ زندگي ۽ زندگي جي تلخين ۽ خوشين جا کوڙ معاملا موجود آهن. هن نظم ۾ شاعر جون محروميون، محبتون، ندامتون، خواهشون ۽ خواب سمايل آهن. هي نظم وقت جو گھڻ تارو ساز آهي، جنهن کي محمد علي پٺاڻ پنهنجي ڪتابَ ۾ سمايو آهي.

مان پنهنجي ادبي زندگيءَ ۾ وقت جي موضوع تي پهريون نظم پنهنجي بابا (ڊاڪٽر بشير احمد شاد) جو لکيل سندس زباني ٻڌو هو. اها 1983ع جي ڳالهه آهي. بابا هڪ مشاعري ۾ اهو نظم پنهنجي مخصوص انداز ۾ پڙهيو هو، اهو نظم اڄ تائين بابا جي سڃاڻپ بڻيل آهي:

وقت پيو ٻهروپي وانگر رنگ و روپ مَٽائي سائين

وقت وئي کي آهه ڀلا ڪنهن آندو ماڳ ورائي سائين......

ويل وقت کي واقعي ڪو به ورائي نه ٿو سگھي، پر ها! گذريل وقت کي ياد ڪري سگھجي ٿو....... گذريل وقت جون اذيتون، عذاب، ڌوڪا، خوشيون، خوبصورتيون، تجربا سڀ ڪجھ ياد ڪري سگھجي ٿو ۽ هڪ شاعر جڏهن گذيل گھڙين کي ياد ڪري ٿو ته سندس نظم رڳو يادگيرن جو ڪتاب يا روزنامچو نه ٿو لڳي پر ان ۾ شاعراڻو آرٽ به هجي ٿو. محمد علي پٺاڻ بيشڪ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ پختو شاعر آهي، جنهن تي ڏات جي ديوي هميشه مهربان رهي آهي. هن وٽ شاعراڻو آرٽ ۽ ادراڪ موجود آهي، هُن عمر جا چار ڏهاڪا تخليقي سفر ۾ گذاريا آهن. اهو يقيناً زندگيءَ جي سڦلتا جو سفر آهي.

محمد علي پٺاڻ سنڌي ادب جو هڪ اهڙو ڪردار آهي، جنهن جو قلم ڪڏهن ٿڪو ناهي. هن مسلسل لکيو آهي. هونءَ به جنهن شاعر وٽ احساس جي دوات اکٽ هوندي آهي، اهو ڪڏهن قلم جي نبُ کي ننڊ ڪرڻ نه ڏيندو آهي. انگريزيءَ ۾ ڪن ماڻهن لاءِ چوندا آهن Jack of all master of none محمد علي کي مان بلڪل ائين ئي ڏٺو آهي. هن جي اندر ۾ هڪ تلاش آهي، تڙپ، جستجو ۽ بيچيني آهي. هو سڄي عمر پاڻ کي اظهارڻ جا الڳ الڳ ٽول (جن کي اسان ادبي صنفون چئي سگھون ٿا.) استعمال ڪندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ هن جي پهرين ۽ پُختي سڃاڻپ هڪ شاعر واري ئي آهي پر ان کان علاوه هن ڪالم، ڪهاڻيون، مضمون، ترجما، سفرناما، ڊراما، ناول ۽ ٻيو به گھڻو ڪجھ پئي لکيو آهي. لکڻ جي اهڙي مشق ٿورا ليکڪ ڪندا آهن....... خير، اسان اچون ٿا محمد علي پٺاڻ جي طويل نظم تي مشتمل ڪتاب ”وقت بيهي نه ٿو“ تي.

ڪتاب جو عنوان پڙهڻ سان منهنجي ذهن ۾ ڪيئي نڪتا، ڪيئي سوال ۽ ڳالهيون ڦيراٽيون ڏيڻ لڳيون. اهو سچ آهي ته وقت بيهي نه ٿو...... اهو هلندو ئي رهي ٿو...... ڇا اهو عنوان ڏئي شاعر وقتَ جي بيهي رهڻ جي تمنا ڪري ٿو؟ يا وري تخليقڪار ان عنوان وسيلي اهو ٻڌائڻ چاهي ٿو ته وقت ڪڏهن به نه بيهندو ان ڪري جيڪو ڪرڻو اٿوَ سو ڪري وٺو...... نظم پڙهڻ سان پڪ پوي ٿي ته ان عنوان مان شاعر جي مراد ڇا آهي.

 

وقت بيهي نه ٿو ـــ وقت بيهي نه ٿو

وسَ ڪيڏا به ڪيان، ڪجهه نٿو ٿي سگهي،
پيرَ پٺتي مُڙِي، شهر موهين اندر،
ٿـــي نـــه داخـــل سگهــن، ڇـــــوته وڌندي اڳيان.

وقت بيهي نه ٿو ـــ وقت بيهي نه ٿو (ص 85)

 

Wednesday, 12 May 2021

خيرپور جو هڪ آدرشي ڪردار قربان منگي -- ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

خيرپور جو هڪ آدرشي ڪردار

قربان منگي

 

هونءَ ته سنڌ جا سارا شهر سون آهن ۽ هر شهر جي پنهنجي پنهنجي سڳنڌ ۽ سڃاڻپ آهي پر علمي ادبي ۽ سماجي ڪار وهنوار جي حوالي سان خيرپور سنڌ جو هڪ اهم شهر آهي. منهنجو هن شهر سان گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان تعلق رهيو آهي. هن شهر ۾ علم ۽ ادب جي اڃ اجھائڻ لاءِ ڪيئي آستان آهن. مادر علمي هن شهر ۾، ريڊيو هن شهر، سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ علمي ادبي تنظيمون هن شهر ۾. مير علي نواز ناز جهڙي عاشق ۽ شاعر جو هي شهر، آهي ئي رومينٽڪ ماڻهن ڪوين ۽ ڪٿاڪارن جو شهر. هي تنوير عباسي، اميد خيرپوري ۽ منير سولنگي جو شهر آهي، جتي منهنجا ڪيئي ذاتي دوست به آهن، جن جو تعلق به ساهت جي سنسار سان آهي. ضمير لاشاري، امر اقبال، قربان منگي، مظهر ابڙو، سعيد منگي ۽ مختيار ملڪ منهنجن اهڙن ئي پيارن دوستن ۾ شامل آهن. 1995 ڌاري خيرپور جي سچل آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيل سچل ڪانفرنس، خيرپور ۾ اهڙو پهريون ادبي پروگرام هيو، جنهن ۾ مان شريڪ ٿيو هيس. انهن ڏينهن ۾ سچل يادگار ڪاميٽي جو روح روان ڊاڪٽر تنوير عباسي هيو ۽ ساڻس ٻانهن ٻيلي هوندا هيا ادل سومرو، اياز گل، محمد علي حداد، استاد خادم عباسي، مختيار ملڪ، لعل بخش منگي، مولا بخش لاڙڪ ۽ قربان منگي. سچل جي نانءَ تي ٿيندڙ ان ادبي ميڙ ۾ جڏهن هر سال شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو ته مان انهن سڀني شخصيتن مان قربان منگي کي هميشه عملي جدوجهد ڪندي ڏسندو هيس. پياري قربان جي شخصيت ۽ ڪارڪردگي خاص طور ٻارڻي ادب ۽ تنظيم سازي واري ڪم کان مان اڳ ئي واقف هيس پر جلد ئي ساڻس ويجھڙائي ٿيڻ سبب پوپٽ جهڙو ڪومل من رکندڙ هن پياري انسان جا ٻيا به ڪيئي گڻ منهنجي مٿان ظاهر ٿيندا رهيا ۽ ملاقاتون محبتن ۾ تبديل ٿينديون رهيون. 1999 ڌاري مونکي پهريون ڀيرو سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ ستت ئي پوپٽ پبلشنگ هائوس..

قربان منگي جي شخصيت ۽ سڃاڻپ جا چار پاسا آهن. سوشل ورڪر، منتظم، ليکڪ ۽ پبلشر. سڃاڻپ جي انهن چئني حوالن سان هن واهه جو نڀايو آهي. قربان منگي انهن ڏينهن ۾ اين. جي. او ڪلچر جو حصو ٿيو جن ڏينهن ۾ خدمت کي عبادت سمجھيو ويندو هيو ۽ پئسي ۽ مفادن جي جنگ اڃا شروع نه ٿي هئي. قربان جيئن ته هڪ سوشل ورڪر آهي تنهن ڪري ڪم ئي هن جي سڃاڻپ آهي. هو سدا متحرڪ رهيو آهي. رڳو سندس پروفائيل ۾ ئي جھاتي پائي ڏسبو ته سندس خدمتن جي عيوض کيس جيترا به ايوارڊ مليا آهن انهن مان گھڻائي سندس سماجي خدمتن جي مڃتا طور مليل ايوارڊن جي آهي. اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا اتي بد قسمتي سان هڪ سچو ورڪر ختم ٿي رهيو آهي ۽ هر ڪو پاڻ کي ليڊر ٿو سمجھي. ليڊر جون ترجيحات پنهنجيون هونديون آهن جڏهن ته ورڪر هر وقت ڪم لاءِ تيار هوندو آهي. ڪم ئي سٺا نتيجا ڏئي ٿو ۽ ڪم ئي منزل تي رسائي ٿو. قربان منگي ان جو ظاهر ظهور مثال آهي. مان هن کي ڪڏهن به ٿڪل ٽٽل ۽ مايوس نه ڏٺو آهي. هو سدائين ووڙيندو رهي ٿو ڏوريندو رهي ٿو. هو ڄڻ ڀٽائي جو ڪو کاهوڙي ڪردار آهي.

کرڪڻا لاهي سک نه ستا ڪڏهين

اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو

استاد پيرل قنبر جي شاعريءَ جي ڪَٿَ ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش


 

دوا کي زهر، زهر کي دوا چئي نه وجھان.

استاد پيرل قنبر جي شاعريءَ جي ڪَٿَ

 


مون جڏهن شاعريءَ سان ناتو جوڙيو هو، تڏهن لاڙڪاڻي تي مشاعرن جي موسم لٿل هئي. تقريباً هر هفتي ڪنهن نه ڪنهن ادبي تنظيم طرفان مشاعرو ٿيندو هيو. انهن مشاعرن ۾ طرحي مشاعرا پڻ هوندا هيا. مونکي طرح تي لکڻ ڏاڍو ڏُکيو لڳندو هيو. مونکي هميشه شاعريءَ ۾ پابندي جو خيال ته رهيو پر شاعري ڪرڻ لاءِ پابندي مونکي ڏاڍي اوکي لڳندي هئي. پر اهو دور اهڙو هيو جو ’طرح‘ تي نه لکڻ، شاعري نه ڪري سگھڻ جهڙي الزام وانگر هوندو هيو. ’قادرالڪلام‘، ’ڪهنه مشق‘، ’همه تن گوش‘، ’مردم خيز‘ ۽ ’ملڪو‘ جهڙا لفظ مون پهريون ڀيرو انهن ئي مشاعرن ۾ ٻُڌا هئا. اها 1988ع جي ڳالهه آهي. مان اڃا شاعريءَ جا ابتدائي سبق سِکي رهيو هيس. اهي سبق سِکندي سِکندي اهڙا سبقَ به مليا جو هڪ لڱا شاعري ڪرڻ تان ئي ارواح کَڄي ويو هيو. هڪڙا جھونڙا استاد شاعر ته وزن بحر واري تور تڪ جا ايڏا وڏا ڪاريگر هيا جو ڪوئي شاعر مشاعري ۾ شعر پڙهندو هيو ته اُهي اشهد آڱر کي هڪ خاص لئي ۾ کاٻي ساڄي پيا ڦيرائيندا هيا. ٻيا همراهه وري ڪنهن نئين ۽ سيکڙاٽ شاعر جي عمده خيال کي ان خيال سان ڏسندا هيا ته اهو خيال ان سيکڙاٽ شاعر جو ٿي ئي نه ٿو سگھي. وري جيڪڏهن اهڙي ڪنهن نئين شاعر جو ڪو رشتيدار به شاعر هوندو هو ته کين پَڪ ٿي ويندي هُئي ته اهو شعر سندس انهيءَ رشتيدار جو لکيل آهي. ابتدائي ڏينهن ۾ جواد جعفري ۽ مون اهي عذاب سَٺا. ڳچ سالن بعد رضا بخاري ۽ رضوان گل به اهڙن مظلوم نوجوان شاعرن طور ان سٿ ۾ اچي شامل ٿيا. ڪجھ شاعر دوست ته هٿ ڌوئي اسان جي ڪڍ پيا پر اسان چارئي نٺر نڪري پيا سي ۽ پوءِ به شاعريءَ تان هٿ نه کنئيون.

انهن ئي ڏينهن ۾ مان پنهنجي ارد گرد ڪجھ اهڙن سينئر شاعرن کي به ڏٺو، جن منهنجي ڪچن ڦڪن شعرن مان به حسن پئي تلاش ڪيو. حقيقت ۾ سندن اتساهه مون ۾ ادب جي رند تي پنڌ ڪرڻ لاءِ ساهس پيدا ڪيو. ڪڏهن ڪڏهن انهن مشاعرن ۾ مقامي شاعرن کان علاوه ٻين شهرن جا شاعر به اچي شامل ٿيندا هيا. انهن شاعرن ۾ استاد بخاري، اميد خيرپوري، نشتر ناٿن شاهي، اسحاق راهي، محسن ڪڪڙائي، ناظم منگي، نثار بزمي، گل حسن گوپانگ، احمد خان مدهوش، علي نواز رڪڻائي، محسن ڪڪڙائي، قطب الدين تاب، نظير جروار وغيره اهم هيا. انهن ئي محفلن ۾ مان اڪثر استاد پيرل قنبر جو گھڻو ذڪر ٻڌندو هيس. ڪو چوي ته ”استاد پيرل جي ڇا ڳالهه ڪجي....!“ ڪو آکي ”سائين، استاد پيرل، اصل چئي چُپ ڪر.!!“ چڱا ڀلا استاد شاعر به چون ته ”استاد پيرل کي غزل تي ڪمال جو ملڪو حاصل آهي.“ مان چُپ چاپ ويٺو ٻڌندو هيس. انهن ئي مشاعرن ۾ لاڙڪاڻي جا جھونڙا خادم حسين مرکنڊ (مرحوم) ۽ محمد ابراهيم جمالي (مرحوم) اڪثر استاد پيرل قنبر جا غزل پنهنجي سريلي آواز ۾ پيا ٻُڌائيندا هيا.

مونکي انهن مان هڪ غزل اڃا به ياد آهي جيڪو محمد ابراهيم جمالي پنهنجي منفرد انداز ۽ گونجندڙ آواز ۾ ٻڌائيندو رهندو هيو، جنهن جو مطلع هن طرح هيو:

يا ته تيرِ نظر ڏي نظر ۾ ڍڪي يا ته پردي ڍڪڻ جو تون انجام ڪر.

ڪيئي محفل ۾ عاشق مري ٿا مرن، بند بحرِ خدا تون قتل عام ڪر.

ناميارو اديب، تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ پروفيسر مختيار سمون ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ehsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

اسان جو هر عمل پرين کليل ڪوئي ڪتاب آ

ناميارو اديب، تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ

پروفيسر مختيار سمون

هندوستان جي مشهور بادشاهه چندر گپت موريا جي مشير چانڪيا وٽ هڪ ڀيري هڪ ماڻهو آيو ۽ هن کيس چيو ته ”مان هاڻي هاڻي توهان جي بيحد پياري دوست جي باري ۾ هڪ ڳالهه ٻڌي آهي، جيڪا مان توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو.“ چانڪيا چيس ته ”مان تنهنجي ڳالهه ٻڌڻ کان پهريان توکان ٽي سوال ڪرڻ گھران ٿو. جيڪڏهن انهن جو جواب ”ها“ ۾ هوندو ته مان تنهنجي ڳالهه ضرور ٻڌندس.“ ان ماڻهوءَ چيو ”ضرور پڇو.“ چانڪيا چيس ته ”تون مونکي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻ چاهين ٿو، ڇا توکي يقين آهي ته اها سچ آهي؟“


ان ماڻهوءَ چيس ”نه مونکي يقين ناهي ڇوته مون اها ڳالهه ڪنهن ٻي شخص کان ٻڌي آهي“. چانڪيا ٻيو سوال ڪيس ته ”ڇا تون مونکي منهنجي دوست جي باري ۾ ڪا سٺي ڳالهه ٻڌائڻ چاهين ٿو؟“ ان همراهه چيو ”نه اها سٺي ڳالهه ناهي.“ چانڪيا چيس ته ”منهنجو ٽيون سوال اهو آهي ته تون مونکي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻ چاهين ٿو، ڇا مونکي ان جو ڪو فائدو ٿيندو؟“ همراهه انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيس ”توهان کي ڪوئي فائدو نه ٿيندو.“ چانڪيا پنهنجي چپن تي مرڪ وکيريندي کيس چيو ته ”تون مونکي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻ چاهين ٿو سا سچائيءَ تي مبني ناهي، اها ڪا سٺي ڳالهه به ناهي ۽ نه ئي وري فائدي واري. تنهن ڪري اها ڳالهه ڪرڻ ۽ ٻڌڻ جو نه ته توکي ڪو فائدو آهي ئي نه ئي وري مونکي.“ مان مختيار سمون کي پنهنجن اهڙن دوستن ۾ شمار ڪريان ٿو، جنهن جي باري ۾ به جيڪڏهن مونکي ڪوئي ڪجھ ٻڌائڻ چاهيندو ته ان کان اڳ مان به چانڪيا وانگر کانئس اهي ٽي سوال ضرور ڪندس.

دنيا ۾ عزت انهن ماڻهن کي ملندي آهي، جيڪي، سچا، کرا، محنتي، ايماندار ۽ وجنري هوندا آهن ۽ انهن ماڻهن کي به عزت ملندي آهي جيڪي انسانن جي بهبود ۽ ڀلائيءَ لاءِ جاکوڙيندا آهن ۽ قوم جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن. سماج ۾ هاڪاري ڪردار هجڻ ڪري انهن کي سوسائٽيءَ جو ڪارگر فرد ڪري ليکيو ويندو آهي. اسان جي سماج ۾ اڃا ڪارگر ماڻهن جي ڪمي نه آهي. اياز چواڻي:

اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي،

متان ائين سمجھين مئا مور سارا.

اسان جو معاشرو بيشڪ تيزيءَ سان پنهنجي اعلى قدرن جي ڀيل ڪندي زوال ڏانهن وڃي رهيو آهي، پر اسان جي ئي اردگرد ڪجھ انسان اهڙا به آهن جيڪي سوسائٽيءَ لاءِ اتساهه جو باعث بڻجن ٿا. هو اڪيلي سر هڪ اداري وارو ڪم ڪن ٿا ۽ ڪڏهن سندن مکُ مان ٿڪاوٽ جو احساس نه ٿيندو آهي. مختيار سمون به معاشري جو هڪ اهڙو ئي ڪارگر فرد ۽ اتساهيندڙ ڪردار آهي، جنهن پنهنجي حياتيءَ جي هر پل کي قيمتي ڄاڻيدي ان مان فائدو ورتو آهي. تنهن ڪري سماجي ابتري واري هن دور ۾ مختيار سمون هڪ مثالي شخصيت آهي. هو هڪ گھڻ رخو ۽ گھڻ ڳڻيو انسان آهي. هن سان منهنجو محبت ۽ پنهنجائپ وارو تعلق لڳ ڀڳ ٽن ڏهاڪن کان آهي. هو پنهنجي سيني ۾ هڪ اهڙي دل رکي ٿو، جيڪا سماج ۾ ٿيندڙ هر ڏاڍائيءَ تي ڏکي پوي ٿي. هن جي شاعريءَ جو وڏو حصو انهيءَ ڏک جو منظوم اظهار آهي.

مختيار سمون هڪ اديب، تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ جي روپ ۾ سماج لاءِ هڪ آئيڊيل ڪردار آهي. سچ ته اهو آهي ته هو هڪ نسل لاءِ اتساهه جو باعث آهي. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙا بنهه ٿورا ماڻهو ڏٺا آهن، جيڪي ڪم کي ئي زندگي سمجھندا آهن. هنن جي شخصيت جو وڏي ۾ وڏو حوالو ئي تعميري مصروفيت هوندو آهي. مختيار هڪ اهڙو ئي ماڻهو آهي. هو بنيادي طور لوئر مڊل ڪلاس سان تعلق رکندڙ هڪ اهڙو انسان آهي جنهن محنت ۽ جدوجهد کي ئي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻايو پر هن حياتيءَ ۾ جيڪو ڪجھ ڀوڳيو آهي ۽ زندگيءَ جي سفر ۾ جيترو جھاڳيو آهي ان جي نتيجي ۾ کيس کوڙ سڦلتا به ملي آهي. ناصر علي سرهندي جو فارسي شعر آهي ته:

اہلِ ہمّت را  نبا شد تکیہ بر بازوئے کس

خیمۂ افلاک بے چوب و طناب استادہ است

(همت وارا ماڻهو ڪنهن ٻئي جي ٻانهن جي ٻل تي نه ڀاڙيندا آهن. (ڏسو ته) آسمانن جا خيما ڪنهن به ڪاٺيءَ ۽ رسيءَ کان سواءِ ئي ڪيئن بيٺا آهن.)

منظور ٿهيم جي ناول ”گذري وئي برسات“ جي ڇنڊ ڇاڻ ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ihsan Danish)

 (تنقيدي اڀياس)

 

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

منظور ٿهيم جي ناول ”گذري وئي برسات“ جي ڇنڊ ڇاڻ

 

ناول زندگيءَ جو عڪس ۽ اولڙو آهي. هڪ اعلى درجي جو تخليقڪار پنهنجي تخليقي جوهر سان ناول کي هڪ اهڙي گھري ۽ گھڻ جهتي تخليق بڻائي ٿو جنهن وسيلي زندگيءَ جي ننڍي کان ننڍي چُر پُر کي آسانيءَ سان محسوس ڪري سگھجي ٿو. هڪ پختو ناول نگار زندگيءَ جي هر لمحي جي حسن ۽ ڪرب کي حسين نموني لفظن ۾ پينٽ ڪندو آهي. ناول جا ڪردار زندگيءَ جي سچاين کي کوليندا آهن. ناول هڪ ڪٿا آهي، جنهن کي بيان ڪرڻ لاءِ هڪ خاص هنر گھرجي ٿو.

سنڌي ناول ۾ هن وقت تائين ايڏا فني، هئيتي ۽ موضوعي تجربا نه ٿيا آهن، جيترا يورپ ۾. يورپ ناول جي جنم ڀومي آهي ۽ اُتي هزارين ناول لکجي ڇپجي ۽ پڙهجي چُڪا آهن، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ هن وقت تائين لکيل ناولن جو انگ ڪو ايڏو گھڻو ناهي، پر خوشي آهي جو گذريل ڪجھ سالن کان خاص طور 2012 کان پوءِ ان کوٽ جو خاتمو ايندي نظر اچي ٿو. هن وقت تائين جيڪي ناول لکيا ويا آهن انهن ۾ وري رومانوي ناولن جي سرسي آهي..... ان مان به ڪيترن ئي ناولن ۾ موضوعن جو ورجاءُ محسوس ٿيندو. ڪجھ تاريخي ۽ انقلابي ناول به سنڌي ٻوليءَ جي جھوليءَ ۾ موجود آهن، پر مجموعي طور دنيا ۾ ڇپجندڙ ناول ۾ جيڪا موضوعن جي ويرائٽي آهي اها سنڌي ناول ۾ بنهه گھٽ پئي نظر اچي. اهڙي صورتحال ۾ ڪامريڊ منظور ٿهيم جو هي ناول گذري وئي برسات“ سنڌي ادب لاءِ هڪ سٺو سنوڻ آهي. هي هڪ فڪري، نظرياتي ۽ فلسفي تي آڌاريل ناول آهي، جيڪو سنڌي ناول نگاري جي دنيا ۾ هڪ گھٽ لکيل موضوع آهي. هن ناول جو ڪئنواس به پنهنجو آهي ته ناول نگار ان ۾ جيڪي رنگ ڀريا آهن اهي به روايت کان هٽيل ۽ نرالا آهن. جيتوڻيڪ کاٻي ڌر جي سياست ڪنهن ناول لاءِ هڪ خشڪ موضوع آهي، خاص طور ان صورت ۾ جڏهن ان ۾ وڏا وڏا بحث ٿيل هجن..... تنهن جي باوجود منظور هن ناول کي مختلف موڙ ڏئي ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

جيڪڏهن ”گذري وئي برسات“ جو مڪمل نقشو ڪڍجي ته اهو ڪجھ هن ريت ٿيندو. هن ناول جو موضوع کاٻي ڌر جي سياست، ان لاءِ جدوجهد توڙي ڪاميابين ۽ ناڪامين تي مشتمل آهي. هن ناول ۾ ليفٽ جي سياسي ۽ نظرياتي جدوجهد جو اولڙو پسي سگھجي ٿو. هي ناول انيڪ سياسي ۽ سماجي موضوعن جو ڀنڊار آهي.... هن ۾ سنڌ جي اهم اشوز تي ڀرپور نموني ڳالهايو ويو آهي. ناول جو ڳچ حصو تاريخ، فلسفي ۽ منطق جي موضوعن کي پنهنجي پهلو ۾ جاءِ ڏئي ٿو. هن ناول جا چار هيرو آهن. 1. سنگھار 2. تيرٿ 3. فيروز 4. شهه مريد ...... ۽ اهڙي ريت ٻيا به ڪيئي ڪردار آهن، جيڪي ناول کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ مدد ڪن ٿا. انهن چئني ڪردارن جي سياسي جدوجهد، ڪامريڊ نذير جي آزاديءَ لاءِ ڪوششون وٺڻ ۽ ان سموري سفر جا نشيب و فراز ناول ۾ ڪشمڪش جي خوبي پيدا ڪن ٿا. ناول جا چارئي روشن خيال هيرو منصوري راهه جا پانڌيئڙا آهن...... سچ جي راهه جا راهي ۽ تبديليءَ جا نقيب آهن. اهي بي خوف ۽ بهادر جوڌا پنهنجن سِرن جي پرواهه ڪرڻ بنان هر ان تحريڪ جو حصو بڻجي وڃن ٿا جيڪا سماج ۾ مثبت تبديليءَ جو باعث لڳي ٿي. سنڌي سماج ۾ هڪ باشعور ۽ نظرياتي سياسي ڪارڪن ڪيئن ڀوڳي رهيو آهي... هن ناول ۾ ان جا ڪيئي عڪس نظر ايندا. فرقيواريت ۽ مذهبي انتهاپسندي سماج جي شڪل مَٽائي ڇڏي آهي. رواداري، روشن خيالي ۽ انسان دوستيءَ جهڙا قدر پامال ٿيڻ سان سماج ۾ جيڪا بيچيني پيدا ٿئي ٿي، ان جا اهڃاڻ هن ناول ۾ نظر ايندا.