ڊاڪٽر احسان دانش
اسان جو هر عمل پرين کليل ڪوئي ڪتاب آ
ناميارو اديب، تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ
پروفيسر مختيار سمون
هندوستان جي مشهور بادشاهه چندر گپت موريا
جي مشير چانڪيا وٽ هڪ ڀيري هڪ ماڻهو آيو ۽ هن کيس چيو ته ”مان هاڻي هاڻي توهان جي
بيحد پياري دوست جي باري ۾ هڪ ڳالهه ٻڌي آهي، جيڪا مان توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو.“
چانڪيا چيس ته ”مان تنهنجي ڳالهه ٻڌڻ کان پهريان توکان ٽي سوال ڪرڻ گھران ٿو.
جيڪڏهن انهن جو جواب ”ها“ ۾ هوندو ته مان تنهنجي ڳالهه ضرور ٻڌندس.“ ان ماڻهوءَ
چيو ”ضرور پڇو.“ چانڪيا چيس ته ”تون مونکي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻ چاهين ٿو، ڇا توکي
يقين آهي ته اها سچ آهي؟“

ان ماڻهوءَ چيس ”نه مونکي يقين ناهي ڇوته مون اها ڳالهه
ڪنهن ٻي شخص کان ٻڌي آهي“. چانڪيا ٻيو سوال ڪيس ته ”ڇا تون مونکي منهنجي دوست جي
باري ۾ ڪا سٺي ڳالهه ٻڌائڻ چاهين ٿو؟“ ان همراهه چيو ”نه اها سٺي ڳالهه ناهي.“ چانڪيا
چيس ته ”منهنجو ٽيون سوال اهو آهي ته تون مونکي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻ چاهين ٿو، ڇا مونکي
ان جو ڪو فائدو ٿيندو؟“ همراهه انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيس ”توهان کي ڪوئي فائدو نه
ٿيندو.“ چانڪيا پنهنجي چپن تي مرڪ وکيريندي کيس چيو ته ”تون مونکي جيڪا ڳالهه
ٻڌائڻ چاهين ٿو سا سچائيءَ تي مبني ناهي، اها ڪا سٺي ڳالهه به ناهي ۽ نه ئي وري
فائدي واري. تنهن ڪري اها ڳالهه ڪرڻ ۽ ٻڌڻ جو نه ته توکي ڪو فائدو آهي ئي نه ئي
وري مونکي.“ مان مختيار سمون کي پنهنجن اهڙن دوستن ۾ شمار ڪريان ٿو، جنهن جي باري
۾ به جيڪڏهن مونکي ڪوئي ڪجھ ٻڌائڻ چاهيندو ته ان کان اڳ مان به چانڪيا وانگر کانئس
اهي ٽي سوال ضرور ڪندس.
دنيا ۾ عزت انهن ماڻهن کي ملندي آهي، جيڪي،
سچا، کرا، محنتي، ايماندار ۽ وجنري هوندا آهن ۽ انهن ماڻهن کي به عزت ملندي آهي
جيڪي انسانن جي بهبود ۽ ڀلائيءَ لاءِ جاکوڙيندا آهن ۽ قوم جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾
پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن. سماج ۾ هاڪاري ڪردار هجڻ ڪري انهن کي سوسائٽيءَ جو
ڪارگر فرد ڪري ليکيو ويندو آهي. اسان جي سماج ۾ اڃا ڪارگر ماڻهن جي ڪمي نه آهي.
اياز چواڻي:
اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي،
متان ائين سمجھين مئا مور سارا.
اسان جو معاشرو بيشڪ تيزيءَ سان پنهنجي
اعلى قدرن جي ڀيل ڪندي زوال ڏانهن وڃي رهيو آهي، پر اسان جي ئي اردگرد ڪجھ انسان
اهڙا به آهن جيڪي سوسائٽيءَ لاءِ اتساهه جو باعث بڻجن ٿا. هو اڪيلي سر هڪ اداري وارو
ڪم ڪن ٿا ۽ ڪڏهن سندن مکُ مان ٿڪاوٽ جو احساس نه ٿيندو آهي. مختيار سمون به معاشري
جو هڪ اهڙو ئي ڪارگر فرد ۽ اتساهيندڙ ڪردار آهي، جنهن پنهنجي حياتيءَ جي هر پل کي
قيمتي ڄاڻيدي ان مان فائدو ورتو آهي. تنهن ڪري سماجي ابتري واري هن دور ۾ مختيار
سمون هڪ مثالي شخصيت آهي. هو هڪ گھڻ رخو ۽ گھڻ ڳڻيو انسان آهي. هن سان منهنجو محبت
۽ پنهنجائپ وارو تعلق لڳ ڀڳ ٽن ڏهاڪن کان آهي. هو پنهنجي سيني ۾ هڪ اهڙي دل رکي ٿو،
جيڪا سماج ۾ ٿيندڙ هر ڏاڍائيءَ تي ڏکي پوي ٿي. هن جي شاعريءَ جو وڏو حصو انهيءَ ڏک
جو منظوم اظهار آهي.
مختيار سمون هڪ اديب، تعليمدان ۽ سماج
سڌارڪ جي روپ ۾ سماج لاءِ هڪ آئيڊيل ڪردار آهي. سچ ته اهو آهي ته هو هڪ نسل لاءِ
اتساهه جو باعث آهي. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙا بنهه ٿورا ماڻهو ڏٺا آهن، جيڪي ڪم
کي ئي زندگي سمجھندا آهن. هنن جي شخصيت جو وڏي ۾ وڏو حوالو ئي تعميري مصروفيت
هوندو آهي. مختيار هڪ اهڙو ئي ماڻهو آهي. هو بنيادي طور لوئر مڊل ڪلاس سان تعلق
رکندڙ هڪ اهڙو انسان آهي جنهن محنت ۽ جدوجهد کي ئي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻايو پر
هن حياتيءَ ۾ جيڪو ڪجھ ڀوڳيو آهي ۽ زندگيءَ جي سفر ۾ جيترو جھاڳيو آهي ان جي نتيجي
۾ کيس کوڙ سڦلتا به ملي آهي. ناصر علي سرهندي جو فارسي شعر آهي ته:
اہلِ ہمّت را نبا شد تکیہ بر بازوئے کس
خیمۂ افلاک بے
چوب و طناب استادہ است
(همت وارا ماڻهو ڪنهن ٻئي جي ٻانهن جي ٻل
تي نه ڀاڙيندا آهن. (ڏسو ته) آسمانن جا خيما ڪنهن به ڪاٺيءَ ۽ رسيءَ کان سواءِ ئي
ڪيئن بيٺا آهن.)