Wednesday, 12 May 2021

خيرپور جو هڪ آدرشي ڪردار قربان منگي -- ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

خيرپور جو هڪ آدرشي ڪردار

قربان منگي

 

هونءَ ته سنڌ جا سارا شهر سون آهن ۽ هر شهر جي پنهنجي پنهنجي سڳنڌ ۽ سڃاڻپ آهي پر علمي ادبي ۽ سماجي ڪار وهنوار جي حوالي سان خيرپور سنڌ جو هڪ اهم شهر آهي. منهنجو هن شهر سان گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان تعلق رهيو آهي. هن شهر ۾ علم ۽ ادب جي اڃ اجھائڻ لاءِ ڪيئي آستان آهن. مادر علمي هن شهر ۾، ريڊيو هن شهر، سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ علمي ادبي تنظيمون هن شهر ۾. مير علي نواز ناز جهڙي عاشق ۽ شاعر جو هي شهر، آهي ئي رومينٽڪ ماڻهن ڪوين ۽ ڪٿاڪارن جو شهر. هي تنوير عباسي، اميد خيرپوري ۽ منير سولنگي جو شهر آهي، جتي منهنجا ڪيئي ذاتي دوست به آهن، جن جو تعلق به ساهت جي سنسار سان آهي. ضمير لاشاري، امر اقبال، قربان منگي، مظهر ابڙو، سعيد منگي ۽ مختيار ملڪ منهنجن اهڙن ئي پيارن دوستن ۾ شامل آهن. 1995 ڌاري خيرپور جي سچل آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيل سچل ڪانفرنس، خيرپور ۾ اهڙو پهريون ادبي پروگرام هيو، جنهن ۾ مان شريڪ ٿيو هيس. انهن ڏينهن ۾ سچل يادگار ڪاميٽي جو روح روان ڊاڪٽر تنوير عباسي هيو ۽ ساڻس ٻانهن ٻيلي هوندا هيا ادل سومرو، اياز گل، محمد علي حداد، استاد خادم عباسي، مختيار ملڪ، لعل بخش منگي، مولا بخش لاڙڪ ۽ قربان منگي. سچل جي نانءَ تي ٿيندڙ ان ادبي ميڙ ۾ جڏهن هر سال شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو ته مان انهن سڀني شخصيتن مان قربان منگي کي هميشه عملي جدوجهد ڪندي ڏسندو هيس. پياري قربان جي شخصيت ۽ ڪارڪردگي خاص طور ٻارڻي ادب ۽ تنظيم سازي واري ڪم کان مان اڳ ئي واقف هيس پر جلد ئي ساڻس ويجھڙائي ٿيڻ سبب پوپٽ جهڙو ڪومل من رکندڙ هن پياري انسان جا ٻيا به ڪيئي گڻ منهنجي مٿان ظاهر ٿيندا رهيا ۽ ملاقاتون محبتن ۾ تبديل ٿينديون رهيون. 1999 ڌاري مونکي پهريون ڀيرو سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ ستت ئي پوپٽ پبلشنگ هائوس..

قربان منگي جي شخصيت ۽ سڃاڻپ جا چار پاسا آهن. سوشل ورڪر، منتظم، ليکڪ ۽ پبلشر. سڃاڻپ جي انهن چئني حوالن سان هن واهه جو نڀايو آهي. قربان منگي انهن ڏينهن ۾ اين. جي. او ڪلچر جو حصو ٿيو جن ڏينهن ۾ خدمت کي عبادت سمجھيو ويندو هيو ۽ پئسي ۽ مفادن جي جنگ اڃا شروع نه ٿي هئي. قربان جيئن ته هڪ سوشل ورڪر آهي تنهن ڪري ڪم ئي هن جي سڃاڻپ آهي. هو سدا متحرڪ رهيو آهي. رڳو سندس پروفائيل ۾ ئي جھاتي پائي ڏسبو ته سندس خدمتن جي عيوض کيس جيترا به ايوارڊ مليا آهن انهن مان گھڻائي سندس سماجي خدمتن جي مڃتا طور مليل ايوارڊن جي آهي. اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا اتي بد قسمتي سان هڪ سچو ورڪر ختم ٿي رهيو آهي ۽ هر ڪو پاڻ کي ليڊر ٿو سمجھي. ليڊر جون ترجيحات پنهنجيون هونديون آهن جڏهن ته ورڪر هر وقت ڪم لاءِ تيار هوندو آهي. ڪم ئي سٺا نتيجا ڏئي ٿو ۽ ڪم ئي منزل تي رسائي ٿو. قربان منگي ان جو ظاهر ظهور مثال آهي. مان هن کي ڪڏهن به ٿڪل ٽٽل ۽ مايوس نه ڏٺو آهي. هو سدائين ووڙيندو رهي ٿو ڏوريندو رهي ٿو. هو ڄڻ ڀٽائي جو ڪو کاهوڙي ڪردار آهي.

کرڪڻا لاهي سک نه ستا ڪڏهين

اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو

سماجي ڀلائي ماڻهپي جي اعلى قدرن مان هڪ قدر آهي. جيڪو ماڻهو سماج جي ڀلائيءَ لاءِ سوچي، لوچي ۽ تڙپي ٿو اهو ڄڻ ان اصول جو پابند آهي ته ”زندگي ٻين جي خوشين کي پنهنجي خوشي ۽ ٻين جي غم کي پنهنجو غم سمجھڻ جو نالو آهي.“ اهڙو ڪم جنهن ۾ اوهان جي ڪا لالچ ۽ غرض نه آهي، اهو يقيناً اوهان کي دلي سڪون ۽ اطمينان ڏيندو آهي. جيڪو ماڻهو ٻئي جي درد کي محسوس ڪري ٿو، ٻئي جي مدد ڪرڻ چاهي ٿو، ڪنهن کي سهارو ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪلهو آڇي ٿو، ٻئي جي لڙڪن جو رومال بڻجي ٿو اهو سچ ته هن دور جو هڪ اعلى ۽ آدرشي انسان آهي. هڪ سوشل ورڪر هجڻ ناتي قربان ۾ اهي گڻ موجود آهن.

قربان منگي هڪ معصوم، ڪونئري ۽ ڪومل دل رکندڙ ماڻهو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن جو گلن، پوپٽن ۽ ٻارن سان بيحد پيار آهي.  هو جڏهن پاڻ ٻار هيو ته ”گلن جهڙا ٻارڙا سنگت“، ”ٻارن جي محفل“ ۽ ”چڻنگ سنگت“ جهڙين ٻاراڻين تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو ۽ جڏهن ڦوهه جوانيءَ جي ڄمار کي رسيو ته پاڻ کان پوئين ٽهي جي ٻارن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري اڄ کان چوٽيهه سال اڳ ”سنڌ ٻالڪ سنگت“ نالي تنظيم قائم ڪئي ۽ ٻارن جا ميلا ۽ ٻيون تقريبون ڪوٺائي کين علمي، ادبي ۽ تفريحي ماحول فراهم ڪيو. ٻارَ جيڪي آئيندي جا معمار آهن اهي اڳتي هلي جڏهن پنهنجي پيرن تي بيٺا ته قربان جو مک ٻهڪي پيو، ڄڻ ته سندس ٿڪ ئي لهي پيا. ڪالهه جا اهي ٻار جن جي قربان تربيت ڪئي اڄ اسان جي سماج جا ڪارائتا انسان ۽ قوم جا واڳ ڌڻي آهن.

قربان منگيءَ جِي ٻارن جي تربيت واري ان ڪرت سان اهڙي ته دل لڳي وئي جو اڳتي هلي هن سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي قائم ڪري باضابطه طور هڪ اسڪول جو قيام عمل ۾ آندو ۽ عملي طور تدريسي ۽ تربيتي سلسلو شرع ڪرايو. جيڪو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. ٻارن جي تنظيمن کان علاوه هڪ وڏي عرصي کان قربان ٻين به ڪيترين ئي علمي، ادبي، تاريخي ۽ سماجي تنظيمن سان لاڳاپيل رهيو آهي، ۽ اتي پنهنجي محنتي، اورچ ۽ اڻ ٿڪ ڪردار وسيلي نالو ۽ ناماچار پيدا ڪيو آهي.

هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ قربان منگيءَ ڪهاڻيون، شاعري ۽ سفرناما لکيا آهن. هن جون ڪهاڻيون ۽ ڪوتائون ته منهنجي نظرن مان نه گذريون آهن پر مان سندس سارا سفرناما پڙهي پڄايا آهن. هڪ ليکڪ طور قربان جي سڃاڻپ جو سڀ کان سگھارو حوالو به سفرنامه نگار طور آهي. هو جهان گشت ماڻهو آهي، رولاڪيون هن جي مزاج جو حصو آهن. جڏهن اڃا قربان ڪوئي سفرنامو نه لکيو هيو ۽ سندس ڪهاڻين ۽ شاعريءَ جو گڏيل مجموعو ڇپيو هو ته ان جو نالو هن ”راهن جو رولاڪ“ رکيو هو. شايد اها رولاڪي هن جي روح ۾ ويٺل هئي. جنهن ڪري اڳتي هلي هو جاپان ۽ آمريڪا جو مسافر ٿيو. جاپان ۾ کيس ”هڪ گھڙي پيار جي“ ملي ته ”آمريڪا ۾ ايڪٽيهه ڏينهن“ ترسي پيو. هو ”هوائيءَ جي هوائن مان“ اڏندو جڏهن خيرپور جي ڳلين ۾ پهتو ته سندس ذهن ۾ انيڪ سوچن ۽ سندر يادن اهڙو ته واسو ڪيو جو سندس قلم جنبش ۾ آيو ۽ هڪ ٻئي پٺيان ٽي سفرناما لکي پورا ڪيائين. سفرناما به اهڙا جن ۾ نه رڳو لطف ۽ لذت جو سامان پر ڄاڻ جي کاڻ پڻ. قربان جهڙو پاڻ سادو تهڙي ئي سادي سندس لکڻي. ۽ سادگيءَ ۾ جا سچائي ۽ حسن آهي، اهو بي مثال آهي.

پبلشنگ جو ڪم حقيقت ۾ هڪ آرٽ آهي، جنهن کان سنڌ جا بنهه ٿورا پبلشر واقف آهن. ڪتاب، بروشر، سوينئر يا مئگزين جي ٽائيٽل کان وٺي، لي آئوٽ سيٽنگ، فانٽ جي چونڊ، رنگن جي چونڊ، پيسٽنگ ۽ بائينڊنگ تائين پيشڪش جا سمورا معاملا يقيناً هڪ وڏو فن آهن. مان اها ڳالهه خوشيءَ سان چوان ٿو ته هڪ پبلشر جي حيثيت ۾ قربان منگي سنڌ جي ڳاڻ ڳڻين بهترين پبلشرن مان هڪ آهي. هن جا ڇپايل ڪتاب سچ ته سنڌ جي سرڪاري ۽ ذاتي لائبررين جي زينت آهن. پوپٽ پبليڪيشن جي روح روان جي حيثيت ۾ هن جا ادب جي مختلف موضوعن تي ڇپايل ڪتاب معيارجو نشان آهن. ان کان علاوه ٽه ماهي ادبي مخزن ”پوپٽ“جي اشاعت به سندس ادبي ذوق ۽ پبلشنگ جي اعلى هنر کي ظاهر ڪري ٿي.

قربان منگي هڪ ڳڻائتو ۽ آدرشي انسان آهي. ماڻهن کي عزت ۽ اسپيس ڏيڻ، مانُ بخشڻ ۽ رهاڻيون رچائڻ اهو سندس شخصيت جو هڪ ايڪسٽرا گڻ آهي. هر مانائتي شخصيت لاءِ هن جي دل ۾ کوڙ احترام آهي ۽ هر ڪنهن جي هو کليل ٻانهن سان آجيان ڪري ٿو. سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي جو اڱڻ ۽ آستان خيرپور ۾ ادبي ميڙن ۽ رهاڻين جو مرڪز آهي، جتي قربان سان گڏ ضمير لاشاري، امر اقبال، آصف نظاماڻي ۽ ٻيا دوست سدائين آجيان جا گل آڇيندا رهن ٿا. قربان منگي منهنجي دل جي قريب رهندڙ خوبصورت دوستن منجھان هڪ آهي. هن سان جڏهن به روح رهاڻ ٿيندي آهي ته ڀٽائي جو بيت ياد ايندو آهي.

راڻي جي رهاڻ جون، روح  انـــدر ريکان،

محبت جون ميکان، توسين لال لپيٽيون.

 

No comments:

Post a Comment