Thursday, 13 May 2021

هِڪَ جدت طراز سگھڙ جو ڪلام ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 ڊاڪٽر احسان دانش


 

هِڪَ جدت طراز سگھڙ جو ڪلام

 

لوڪ ادب ڪنهن به قوم جو اهڙو املهه خزانو آهي، جيڪو جيتري دير تائين دلين، ذهنن ۽ ڪتابن ۾ محفوظ رهندو اوتري دير تائين ٻوليءَ جي اصليت ۽ نج پڻو قائم رهي سگھندو ۽ ائين عوام ۾ عام رهندڙ ۽ ٻهراڙين ۾ ٻولي ويندڙ ٻولي زنده رهي سگھندي...


حقيقت اها آهي ته لوڪ ادب ڪنهن به ٻوليءَ جي ڀاڳ جي نشاني آهي، ڇوته ان وسيلي ٻوليءَ جي وسعت ۽ اهميت کي ماپي سگھجي ٿو ۽ ٻولي جيتري ڪُهني ۽ قديم هوندي اوترو ان جي لوڪ ڏاهپ جو خزانو جھجھو ۽ جام هوندو. اسان جي سنڌي ٻولي به دنيا جي پراڻين ٻولين ۾ ڳَڻي وڃي ٿي ۽ ان جو اوائلي ادبي ذخيرو به لوڪ شاعريءَ جي صنفن ڳيچ، ڳاهه، لولي ۽ پرولي جي روپ ۾ ملي ٿو. لوڪ شاعريءَ ۾ رڳو لفظن جو هجوم نه هوندو آهي پر اکرن جو اهڙو تال ميل هوندو آهي، جيڪو سهڻو ۽ سڀاويڪ لڳندو آهي. ٻيلهي لفظ، هڪ لفظ جون گھڻيون معنائون، گھڻين معنائن لاءِ هڪ لفظ، بي نڪتا لفظ، وسريل ۽ دفن ٿيل لفظ، ٻين ٻولين مان ورتل لفظ، الڳ الڳ اسمن لاءِ استعمال ۾ ايندڙ لفظ..... لوڪ شاعريءَ ۾ لفظن جا اُهي مختلف روپ پَسي سگھبا آهن. سچ ته اِهو آهي ته لوڪ شاعرَ لفظن جا وينجھار آهن، جيڪي لفظن جي موتين کي سوڌي، سوجھي ۽ سموهي عام کي آڇين ٿا، سندن گلقند جهڙا گفتا هر عام خاص کي پسند اچن ٿا، ان ڪري سگھڙن ۽ سپورنجن کي جيڪڏهن ٻوليءَ جا محافظ سڏجي ته غلط نه ٿيندو.

سنڌ جا سگھڙ ادب، اخلاق، تهذيب، ثقافت، ۽ رسم و رواج جا پاسدار آهن. اُهي سنڌ جي واهڻن جي فطري سونهن جي عملي تصوير آهن، اهڙي سونهن جيڪا شهرن جي پوليوشن کان پاڪ آهي. هنن جو لباس ۽ لهجو بنهه پنهنجو ۽ نج آهي، جيتوڻيڪ اڄوڪي دور ۾ کوڙ سگھڙَ شهري زندگي کي اختيار ڪري چُڪا آهن پر سندن روحن کي واهڻن جون وليون ويڙهيل آهن، سندن شبدن ۾ شبنم واري تازگي ۽ سندن اکر اکر ۾ ڄانڀي، پَلي ۽ ساڳ جي سڳنڌ اڄ به تازي آهي. هو سادا ته آهن پر خلوص ۽ سچائي سندن سڀاءَ مان پئي بَکندي.


تبديلي ۽ تغير زندگيءَ جي سونهن آهي، جيئن سڄي دنيا ۾ الڳ الڳ شعبن ۾ جدت ۽ نواڻ نظر ايندي رهي ٿي تيئن سنڌي لوڪ شاعريءَ ۾ به نوان لاڙا نظر اچن ٿا، پراڻين لوڪ صنفن ۾ تجربن سان گڏ نيون صنفون به ايجاد ٿيون آهن، ان ڪري اڄوڪي دور جي لوڪ ادب کي موجوده دور جي تناظر ۾ ڏسي ۽ پرکي سگھجي ٿو. ان سڄي پس منظر ۾ موجوده دور جي لوڪ شاعري جو جائزو هڪ دلچسپ مطالعو ٿي سگھي ٿو، پر في الحال مونکي هن ڪتاب ”عجب رنگَ ايوب جا“ جي ليکڪ محمد ايوب واهوچي جي محنت تي پنهنجا ويچار پيش ڪرڻا آهن ۽ سچ ته سندس پورهيي جي پروڙ مان به اسان کي موجوده دور جي لوڪ شاعريءَ جي روايت ۽ لاڙن جو اندازو ٿي سگھي ٿو..

محمد ايوب عارض واهوچي جي ڪلام جي مجموعي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هو هڪ جدت طراز سگھڙ ۽ شاعر آهي پر هن روايت کي به هٿان نه ڇڏيو آهي. هو سگھڙائپ جي فن سان گڏ و گڏ شاعريءَ جي روايتي ۽ جديد صنفن تي به طبع آزمائي ڪري ٿو. هڪ پاسي هن ڪتاب ”عجب رنگ ايوب جا“ ۾ سينگار، هنر، ڳجھارت، پهاڪو، ڏٺ، پرولي، مام، ٽيهه اکري، هفتو، گُر چيلو، لوڪ گيت، لولي، همرچو، ٻيلڻ ۽ ڪوڏڻا جهڙيون لوڪ شاعريءَ جون نج شعري صنفون نظر اچن ٿيون ته ٻئي پاسي جديد شاعريءَ جون صنفون غزل، گيت ۽ ٽيڙو به پَسجن ٿا.

موضوعاتي لحاظ کان عارض جو ڪلام گھڻ رخو آهي. هن وٽ نصيحت جا نڪتا به آهن ته عشق ۽ محبت جون ڳالهيون به. هو زندگي ۽ دوستي جهڙن خوبصورت موضوعن کي به پنهنجي شاعريءَ ۾ جڳهه ڏئي ٿو ته هن جي ڪلام ۾ وطن دوستي ۽ قومي شعور به نظر اچي ٿو. هن جو هي ڪتاب پڙهندي معلوم ٿئي ٿو ته وٽس لفظن جو تمام سٺو ذخيرو آهي ۽ کيس لغت تي عبور حاصل آهي. واهوچي جو ڪلام سنڌ جي ثقافتي اهڃاڻن سان جھنجھ آهي. جنهن جا ڪيئي مثال پيش ڪري سگھجن ٿا، پر خاص طور ”سنڌ ۾ ڪتب ايندڙ شيون، سندن نالا ۽ ڪردار“ جي عنوان تي لکيل سندس ڪلام خاص طور قابل ذڪر آهي، جنهن ۾ هن شهرن، گھرن، نار، گھاڻي، مانڌاڻي، جنڊ، چلم، ٿانون، اوزارن، ڏاندن جي قسمن، پوکن، ڀرٿن ۽ مختلف ڪرت ڪندڙن جهڙوڪ درزي، لوهر، ڊکڻ، ڪنڀر ۽ رازي جي تذڪري سان گڏ ٻين به ڪيترن چيزن جو ذڪر آندو آهي. مثال طور رڳو ڏاندن جي قسمن بابت سندس هي بند پڙهڻ سان ئي سندس سگھڙائپ جو اندازو ٿي ويندو:

ڏاندن جا ڀي ڪيئي قسم، نالا رنگ ناميار ٻُڌو.

بگا، ڀورا، ڀولا، تجلا، تاسرا، تيلا تلهار ٻُڌو.

ٻولاها چونرا ڪي سڱرا، ساوا، ڳاڙها سوار ٻُڌو.

نِهرا، ناسي، ڀوما، ڪمرا، جھرا جلويدار ٻُڌو.

ڪارا، ڪَڪڙا، ڪٽا، ڪجلا، ڪُنڍا هن ڪنڌار ٻڌو.

جھٻير، جهما، چيٽا، راڱا، لالپرن للهڪار ٻڌو.

ڪَڇي، ٻه سَرا، ٽڪا، لاڙي، ٿري، سنڌي، ڏَٻن جو ڏهڪار ٻُڌو.

ان طرح جدا جدا اسمن جي سهيڙ ۽ سميٽ جي سلسلي ۾ سندس لکيل حمد ۾ ڪتب آندل گاهه نامي، پوک نامي، وڻ نامي، گل نامي، ميوي نامي، سبزي نامي، وکر نامي، پکي نامي، مڇي نامي، جانور نامي، جيت نامي ۽ نانگ نامي جو به جواب ناهي. محمد ايوب جو اهڙو ڪلام پڙهي هڪ پاسي سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ۽ گونگونيت جو اندازو ٿئي ٿو ته ٻئي پاسي هن سپورنج کي ازخود دل داد ڏئي ٿي، جنهن وٽ اسمن جي ايڏي کاڻ موجود آهي.

محمد ايوب جي ڪلام ۾ ڪو ڳوڙهو فلسفو ته ناهي پر سادن، سهڻن ۽ نج لفظن ۾ سڌي ۽ صاف انداز ۾ سندس ڏنل پيغام ڏاڍو ڪارگر آهي. سچ ته اهي سمجھ جا سادا گفتا به سماج کي انتشار مان ڪڍي سگھن ٿا:

هلي حيادارن وٽ، رُني دل ريجھائجي

ويهي وٽن ويجھڙو، پرتئون جي پرائجي

سا گلن جهڙي گفتگو، هنئين ساڻ هنڊائجي

محبت جو هر من ۾ وڏو مچ مچائجي

ادا ڪنهن انسان سان، اصل نه اُچائجي

مالڪ جي مخلوق کي صفا نه ستائجي

اهو انسان دوستي ۽ عدم تشدد جو پيغام جنهن جي اڄ جي دنيا کي ضرورت آهي، واهوچي جي ڪلام ۾ جابجا نظر اچي ٿو.

محمد ايوب لوڪ شاعريءَ جي هر صنف سان سٺو نڀايو آهي. هن ڪتاب ۾ هن جي سينگار شاعري به پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. سندس هڪ ٽه جُسي ٻارهي سينگار ۾ هن لفظن جي اهڙي ته مالها جوڙي آهي جنهن کي اکين پَسي دل ٻلهار ٿي پوي ٿي.

چندا، چندر، چيٺيا، کٿو نيڻ نقاب

چسيو، چنڊ، چانڊوڪي، پسيو مين پرتاب

چن، چندورو چهڪيا، ٻهڪيا شوخ شباب

چريو چاند چهري لاءِ، آندا اکئين آب

پونو، پنرو، پانيو، باندي ٿيا بيتاب..........

ائين ئي پٿرن جي نالن تي آڌاريل سندس ٽيهس جون هي ڪجھ سٽون ڏسو:

صورت سُپرين جي جھٽي جيءَ جھڙپ

اوندهه اجري پئي جڏهن چُري پيا چپَ

مُرڪَ مرجان ماٺ ۾، موتين هنئين مَپَ

ذرڪون، زمرد، زهر مورا، زمين ڪريا زپَ

کُليا جوڙَ جنجورَ جا، ٺري ويا ٺپَ

نيلم نيازمند ٿيو، اکين جي اوٿپَ......

اهو ڪمال هن ڪتاب اندر ڳوريءَ جي سينگار، چنڊ تي لکيل ڏهس، گلن تي لکيل چوويهس، پٿرن تي لکيل پنجاهس ۾ به نظر اچي ٿو. هن جي سينگار شاعري پڙهندي ڪٿي ڪٿي ته جديد غزل جي شاعريءَ جو به گمان ٿئي ٿو. هن جي هڪ سينگار جو شعر آهي ته:

جي کڻي جاني قدم تان، وقت جو چرخو چلي

جت بيهي بند ٿي وڃي، دنيا جو ڪاروبار لک

ڇا اهو شعر احمد فراز جي مشهور غزل جي هن شعر جو تسلسل ناهي؟

چلے تو گردشيں اس کا طواف کرتي هيں

رکے تو اس کو زمانے ٹھر کے ديکھتے هيں

اهڙي طرح فني سطح تي عارض تجنيسِ حرفي جي ڪمال هنر کي به پنهنجن بيتن ۾ ڪتب آندو آهي. اهو فن لوڪ شاعريءَ سان گڏ عروضي شاعريءَ ۾ پڻ موجود آهي. محمد ايوب عارض جي ڪلام مان ان ڪاريگريءَ جي جھلڪ پَسو:

سِڪي، سُڏڪي ساهه، سڏيئي! سوريءَ ساءُ

اڱڻ اچ ”ايوب“، اوريون، اورون اوري آءُ

تپيون تنتون تڙپَ تي، تيز تِکو تِن تاءُ

لُکن لَهسيو لونءَ لونءَ، ليئون لَههُ! لقاءُ........

بيتُ، اساسي ۽ لوڪ شاعريءَ جي گڏيل ميراث آهي، ان ڪري محمد ايوب به ان سان خوب ناتو نڀايو آهي. خاص طور تي مختلف ڪلاسيڪل داستانن جهڙوڪه مومل راڻو، سسئي پنهون، ليلا چنيسر، سهڻي، سورٺ وغيره جي پس منظر ۾ لکيل سندس بيت ڌيان ڇڪائيندڙ آهن. ان سلسلي ۾ سندس ست سُري به شاندار آهي.

محمد ايوب لوڪ شاعريءَ جي صنفن کان سواءِ جن صنفن تي قلم کنئيو آهي، تن ۾ ”نعت“ به شامل آهي. نعت عروضي شاعريءَ جي صنف آهي، لوڪ شاعري ۾ موضوعاتي حوالي سان نعت جي ويجھي صنف مولود آهي پر عارض باقاعدي عروض تي آڌار نعت به لکي آهي. اهڙي طرح مولا عليعه ۽ امام حسينعه جي شان ۾ منقبتون به لکيون اٿائين ۽ منقبت پڻ عروضي شاعريءَ جي هڪ صنف آهي. ائين ئي اسان کي سندس هي ڪتاب ”عجب رنگ ايوب جا“ پڙهندي کوڙ جاين تي جديد غزل يا قطعي جي خوشبوءِ به محسوس ٿئي ٿي، جيئن سندس هيٺيون قطعو آهي، جيڪو رومانيت جي احساس سان مالا مال آهي.

تنهنجون معصوم نگاهون مان چُمان

تنهنجون هي ريشمي ٻانهون مان چمان

رَکي تون پير جن تي آهين پُنو

اکئين ايوب سي راهون مان چمان

غزل ته نج پج هڪ عروضي صنف آهي، جنهن کي روايتي سنڌي شاعريءَ کان علاوه جديد شاعريءَ ۾ به هڪ اهم مقام حاصل آهي. عارض ان صنف ۾ به خوب طبع آزمائي ڪئي آهي. هن جا غزل نج روماني موضوع سان مالا مال آهن:

آ نوازش نظر منهنجي محبوب جي

مُرڪ جادو سحر منهنجي محبوب جي

انگ انگ ٿو پَسي، هوش دنگ ٿي وڃي

هر ادا پُر اثر منهنجي محبوب جي

..............

تڙپَ ۽ تنئوس جو تڙڪو ٿي ساڙي آسَ جي اُس پئي

ٿڌيري ڇانوَ ٿيندو ڪر ته منهنجو روح تازو ٿئي.

اهڙا ڪي ٿورا سگھڙ هوندا جيڪي هڪ ئي وقت لوڪ شاعريءَ جي صنفن سان گڏ عروضي شاعري خاص طور غزل، پنهنجي اصلوڪي لهجي، ٻولي ۽ فن جي معيار مطابق لکندا هجن. ايوب جي غزلن ۾ ڪي شعر ته اهڙا آهن، جن کي پڙهندي ڄڻ يقين ئي نه ٿو اچي ته هي اهو ئي سُگھڙ آهي، جيڪو اسان کي ڏٺ، پرولي ۽ ڳجھارت ٻڌائي ٿو، جنهن وٽ سينگار ۽ هنر لکڻ جو ڪمال هنر موجود آهي. هن جي هڪ غزل مان اهڙا ٻه شعر هتي ڏيان ٿو، جيڪي ڪنهن به جديد سنڌي غزل سان بر ميچي سگھن ٿا.

آ اهو ئي وقت جنهن ۾ آ ته جانان جي وٺون

ڪنهن ڏٺو آهي سُڀاڻو، ڪير جيئي ۽ مري

آس جي ارداس جي تون، راس ڪر احساس کي

پيار جون سڻ پارتون، پلَ ڀي نه ٿي مون کان پري

محمد ايوب جي غزلن ۾ روماني موضوعن سان گڏ و گڏ ناصحانه انداز به نظر اچي ٿو. اهڙي طرح هو جڏهن جاپاني شعري صنف هائيڪو جي جديد روپ ٽيڙو ۾ طبع آزمائي ڪري ٿو ته محسوس ئي نه ٿو ٿئي ته به يقين ڪرڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو ته هي اهوئي سگھڙ آهي، جيڪو اسان جي ڪنن ۾ لوڪ رس پرٽي ٿو ۽ من کي سنڌ جي ثقافتي رنگ ۽ آهنگ سان رنڱي ۽ رچي ڇڏي ٿو. هن جا ڪجھ ٽيڙو پڙهي سچ ته مان حيران ٿي ويس، ڇوته انهن منجھان پري پري تائين قدامت جي ڪا بوءِ باس نه ٿي اچي بلڪه اهي پنهنجي ڊڪشن، لهجي توڙي موضوعن ۾ بلڪل جديد آهن:

مندون سڀ ملهار

ڇوڙيا جڏهن ڇوههَ مان

وينگس پنهنجا وارَ

.........

صبا ۾ سرهاڻ

آرس ڀڳو جو پرين

کُلي خوشبوءَ کاڻ

...........

ڳاڙها ڳاڙها ڳل

راحتن جي رس سان

ڀاوِي ٻئي ڀريل

............

گھائي تنهنجي گھور

وڌو مون وجود کي

ڪري چڪنا چور

محمد ايوب عارض واهوچي جي ڪلام جو هي مجموعو ”عجب رنگ ايوب جا“ واقعي شاعريءَ جي عجيب رنگن سان رچيل آهي. هن جي هر رنگ ۾ حسن ۽ جمال آهي ۽ اوهان سندس شاعريءَ جي جمال ۽ جلووي کي پَسي يقيناً مسرور ٿيندا.

ڊاڪٽر احسان دانش

22 جون 2019

No comments:

Post a Comment