Friday, 14 May 2021

قمبر جي محبت ۽ محبت جو قمبر ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

قمبر جي محبت ۽ محبت جو قمبر

 


مونکي قمبر جا پنڌ ڪندي ويهن ورهين کان وڌيڪ جو عرصو نه ٿيو آهي، پر انهن ويهن سالن ۾ قمبر جي محبت وڻ ويڙهيءَ وانگر منهنجي روح کي جڪڙي ڇڏيو آهي. قمبر سان منهنجي محبتَ، محبتَ جي ڪري وڌي، ڇوته هي محبتَ جو قمبر آهي. اهو رياضت جو احسان آهي، جنهن مونکي محبتَ سان متعارف ڪرايو. محبتَ جي ڪري مان پهريون ڀيرو قمبر آيس سندس ٻي ورسيءَ تي. محبتَ جي ورسي........!! ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي. ڇا محبت ڪو مئل احساس آهي، جنهن جي ورسي ملهائجي؟ سچ اهو آهي ته محبت جو احساس اڄ به اسان سڀني جي دلين ۾ زنده آهي ۽ جيڪڏهن اسان جي وچ ۾ ناهي ته هڪ وجود.

محبت نام کا اک شخص يوں دل ميں بَسايا هے

که جيسے اک سمندر ميں نے کوزے ميں سمايا هے

هي اهو ئي قمبر آهي جنهن جي تاريخ، ثقافت ۽ جاگرافي ساڃاهوندن جو هميشه ڌيان ڇڪائيندي رهي آهي. هتان جون ٽڪريون، لڪَ، پوٺا ۽ بَنَ ــ هتان جون ڍنڍون، ڍورا، تلاءَ ۽ نئيون. هتان جا ڪنب، ڪوٽ، قبا ۽ دڙا ـــ تاريخدانن ۽ آرڪيالاجي جي اڪابر جي توجه جو مرڪز رهيا آهن. قمبر جي قرب و جوار ۾ عاشق جي ٽڪري هجي يا دارا جو لَڪُ ـــ لَليءَ جو بَنُ ۽ ڪُتي جي قبر هجي يا لاکانيءَ جا پوٺا ــــ سيتا، دڙٻ، تيراني، الڪه، ڍڍر، دلان، مزاراڻي، سگھرو، کَنجي، چُشانگي ۽ ٽوڀو نَئيون هجن يا حيار، بيلو، تاجو مري، لاکو فقير ۽ پير جا ڪُنبَ ــــ تيرٿ جو تلاءُ هجي يا ساروهه، بڊام، لهور، ڊگھ، لنگھ، چڱڙو ۽ هاسو جون ڍنڍون ـــ لهور، بڊام، ماڇڪي، گھوگھاري، ميان شاهل محمد ڪلهوڙي، خيرپور جوسي ۽ رتي وارا ڪوٽ هجن يا ڪاروهر، نوزمان، ڏانديهڙ، راٻاري، نونرن، دانوءَ، ياروءَ ۽ ليلا چنيسر جا دڙا ـــ چانڊين جون رانئڪون هجن يا دائوءَ جا قُبا ۽ دڙٻ، ڍَڍَر ۽ ماڙيءَ جا مُقامَ. هي خطو هر طرح سان تاريخ جي هڪ اڻ مٽ نقش وانگر آهي.

ها! هي اُهو ئي قمبر آهي، جنهن جون گھٽيون ڪجھ ورهه اڳ رَتُ سان رڱيون ويون هيون، هي سڏڪندڙ روحن ۽ تڙپندڙ جسمن جو شهر به آهي.......... هتي جوڌن، جوانن ۽ جانسارن جي ڪمي ناهي. هن شهرَ متحرڪ، نظرياتي، ڪميٽيڊ، ڪامريڊ، ارڏا، اڙٻنگ ۽ جھونجھارَ جنميا آهن. هتان نئين روشنيءَ جون لاٽون اُڀريون آهن، علم، ادب ۽ شعور جي اوسر ٿي آهي. هي روشن خيال ۽ ترقي پسند ماڻهن جو ماڳ آهي. هتان ڪيئي سياسي ۽ نظرياتي تحريڪون اُڀري ڪڪر ڪارونڀار بڻجي سڄيءَ سنڌ تي ڇانئيون آهن.

هيءُ قمبر، پيرل قمبر جو به آهي. هي نور، مجروح، سَروَر سوز، ستار ۽ گلَ جو گلستان آهي، هيءَ جوش، جمعي ۽ جامي جي جوءِ آهي، هيءُ سرمد، اٽل، اشفاق ۽ آتش جو آستانو آهي، هيءَ طارق، صحبت ۽ زبيده جي زمين آهي. هي عزيز، عباس، آڪاش، خادم ۽ مسيح جو ملڪ آهي. هي ضمير، مجاهد، معصوم ۽ دين جي ڌرتي آهي. هي هنس، قمر، ڪوڙل، بشير ۽ ڀائوءَ جي ڀونءِ آهي. هيءُ اهو ئي قمبر آهي جن جي راهن تي راهي ۽ رياضت جا پنڌ رهيا آهن. قمبر کي پنهنجي زمين ۽ پنهنجو آڪاس آهي. هن جي زمين تي ساهت جا سوين گل آهن ۽ هن جي آڪاس تي آرٽ جا جرڪندڙ تارا. هڪ طرف اياز ابڙو، مقبول قادري ۽ دارا عالم کان وٺي اياز عالم، منصور عالم، بنده علي، ڪرم ٻرڙو، اصغر مغيري ۽ نياز رند جون آڱريون ڪينواس تي رنگ وکيرينديون رهيون آهن ته ٻي پاسي استاد احمد علي ٻرڙي، ولي محمد شيخ، عبدالهادي هڪڙي کان وٺي استاد محرم علي، اشرف علي، رستم علي، برڪت علي، الطاف گوپانگ ۽ ماسٽر منظورَ سُر ساز ۽ سنگيت سان سنگت نڀائي آهي.

        قمبر هڪ اهڙو ڀاڳوند ماڳُ آهي، جنهن جا ڪيترن ئي ڪَوِيُن گيت ڳاتا آهن. انهن گيتن جي گونجار اڄ به اسان جي ڪَنن ۾ گونجي ٿي. ڇا قمبر بابت باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جا هي ٻول اڄ به اسان جي ڪَنن ۾ نه ٿا ٻُرن ته:

شاهه و گدا ڪري ٿو تنهنجو سلام قنبر

رحمت وسي ٿي توتي هر صبح و شام قنبر

 

هر طرف کان تلائن لاتي آهي بهاري،

آبِ حيات پيئن، ٿا خاص عام قنبر

 

اعلى دماغ ماڻهن لئه خوب هيءَ جڳهه آ،

آهي ٻَڌل دڙي تي عالي مقام قنبر

 

حيدرَ جو ٿي سپاهي قنبرُ ٿيو شهنشاهه،

اي دل حياتي ساري ٿي رهه غلام قنبر!

مون ڳالهه شروع ڪئي هئي قمبر جي محبت سان....... سچ اهو آهي ته قمبر جي محبتَ منهنجي دل ۾ وَسي ٿي، ڇوته هي محبت جو قمبر آهي ۽ محبتُ ئي ته آهي جيڪو قمبر جو ٻيو نالو آهي. مون قمبر جي ذري ذري ۾ محبت کي محسوس ڪيو آهي، هي محبت جو مرڪز آهي، هي محبت جي شناخت آهي. ڏسڻ واري کي هن ماڳ جي هر موڙ تي محبت جو اشارو ملندو..... اهو ڪو بي ديد ئي هوندو جيڪو محبت جي اشاري کي نه سمجھندو هوندو. ڀٽائي به چيو هو ته ”محبت جون ميڇون، ڪُورُ پروڙي ڪين ڪي.“ منهنجي وجود جي چوگرد محبت جو حصار آهي، مان محبت جي پناهه ۾ آهيان ڄڻ قمبر جي ڪڇ ۾ آهيان ڇوته محبت ۽ قمبر ’حرف مڙيوئي هيڪ‘ آهن.

No comments:

Post a Comment