ڊاڪٽر احسان دانش
انور پيرزادي جي شاعري
جيڪڏهن شاعري خوشيءَ جي لمحن جي ڪا ڌُن يا ڪنهن گلابي چپن جي مرڪ آهي ته شاعري اندر جو سڏڪو ۽ نيڻن مان ڪريل گرم ڳوڙهو به آهي. شاعري رڳو محبوب جي ناز ادا ۽ خماريل نيڻن جو ئي نالو نه آهي پر شاعري پنهنجي دور جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي تاريخ به آهي. ڪنهن ڏاهي چيو هو ته ”جيڪڏهن ڪنهن قوم جي تاريخ گم ٿي وڃي ته ان دور جي شاعرن کي پڙهڻ کپي اها وڃايل تاريخ ملي ويندي.“ ڪجھ اهڙي ئي ڳالهه تنوير عباسي به لکي آهي ته ”شاعري تاريخ نويسي نه آهي، پر اها جذبن جي تاريخ نويسي آهي. هر شاعر ڪنهن نه ڪنهن دور ۾ رهندو آهي ۽ سندس شعور ۽ لاشعور تي ان دور جا اولڙا پوندا رهندا آهن، ائين چئجي ته هر شاعر جو شعر سندس دور جي جذبن ۽ احساسن جي تاريخ آهي ته غلط نه ٿيندو.“ سنڌ جو شاعر صدين کان سجاڳ آهي. هن پرين جي زلفن جي ورن وڪڙن کان وڌيڪ پنهنجي ڌرتيءَ جي درد جي ڳالهه ڪئي آهي. ڀٽائي کان اياز ۽ اياز کان انور پيرزادي ۽ موجوده ٽهي تائين سڀني شاعرن پنهنجي پنهنجي دور جي گڏيل درد جي تاريخ پئي رقم ڪئي آهي.انور پيرزادي جي اڪيلي شعري مجموعي ”اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان“ پڙهڻ کانپوءِ محسوس ٿيو ته هن جي هيءَ شاعري سخت پيڙا ۽ اذيتن جي دور جي شاعري آهي. اهو ئي سبب آهي جو ان ۾ رومانوي رنگ بدران لفظن مان رت جا نير وهندي محسوس ٿين ٿا. هي نظم ”ڪارنهن جا چُٽا“ ئي پڙهي ڏسو.
لڙڪ لاڙن ڪا نئين ڳالهه نه آهي جاني
زندگي دور اڃا دور وٺي ويندي آ
ايستائين جو لڙي لڙڪ سڪي ويندا هن.
سرد ۽ زرد ڳلن تي ڪڏهين
ڪوسڙو رت ٽمي پوندو آ
ٿورڙو ترس اڃا ترس ڪٿي ڀيڻي آ
زندگي دور اڃا دور وٺي ويندي آ...... الخ
70 ۽ 80 وارن ڏهاڪن ۾ سنڌ جيڪو سورن جو سفر ڪيو. انور پيرزادي ان سموري درد ڪٿا کي پنهنجي شاعري ۾ بيان ڪيو آهي. هن جي اها شاعري گھڻو تڻو آزاد / نثري نظم جي فارم ۾ لکيل آهي.
ون يونٽ جو زمانو هجي يا مارشلا جو دور انور انهن سمورين حالتن کي پوري سچائي سان پنهنجي شاعريءَ ۾ اظهاريو آهي. هن جي شاعري ان دور جو ڪؤڙو سچ آهي، جڏهن ماڻهن جي چپن تي چُپِ جا تالا هئا ۽ ماٺ جي مم سڀني جا گوڏا چٽي چڪي هئي. انور پيرزادي جو نظم ”ماٺ“ ان ڊگهي خاموشي ۽ گڏيل بي حسي جي بهترين تصوير پيش ڪري ٿو.
ماٺ جي مم ڪو ڪري جادو
جڳ جا گوڏا چٽي وئي آهي
آءٌ تارن جي ڇانو ۾ ويٺو
هڪ مَنو ڪَنُ لائي زور ڏئي
رات گذرڻ جو کڙڪو تاڙيان ٿو
رات ڪاري نڀاڳي مم وانگي
پير کڙڪو ڇپائي چورن جيان
ڏينهن جي ترورن کي ڌوڪيندي
اونهي ڏر ۾ وڃي لڪائيندي
ماٺ جي مم ڪو ڪري جادو
جڳ جا گوڏا چٽي وئي آهي.
آءُ ڪيڏو به ڦتڪان لوچان ٿو
ماٺ جي ڳنڍ مون کان ڪين ڀڄي
دل چوي ٿي ته انڊپين ڀڃي
ماٺ ۾ ماٺ وارا گيت گهٽيان
من ڪو واڪو ٿئي ڪا ڪوڪ اٿي
ماٺ جي ڳنڍ ڀڄي شور ٿئي...... الخ
انور پيرزادي جي شاعري ان دور جي سينواريل ۽ بيٺل تلاءُ ۾ پٿر وانگر محسوس ٿئي ٿي، هن ان دور ۾ جيڪو ڪجهه ڏٺو ۽ محسوس ڪيو، ان کي هڪ بيباڪ تخليقڪار وانگر بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي بيان ڪيو. هو ان بي حسي واري خاموشي کي گُهٽي مارڻ جو خواهشمند هيو. هو ڪوڪون ۽ واڪا چاهي پيو، هن جو پيغام قومي سجاڳي هيو.
انور پيرزادي هڪ شاعر جي حيثيت ۾ اهو ڪجهه لکيو جيڪو هن جي دل چيو. جڏهن به هن جا احساس تڙپيا تڏهن هن جو قلم جنبش ۾ آيو. هونءَ به ڪنهن جي جسم کي ته قيد ڪري سگهجي ٿو پر جذبن کي باندي نه ٿو بڻائي سگهجي. اڻ جهلين احساسن تي ڪنهن جو وس ناهي هلندو. انور جي شاعري سندس اندر جو اهڙو ئي اڌمو آهي جيڪو پاڻ ئي اظهار جا دڳ ڳولي وٺي ٿو.
سير ڏئي هي رت ڪڍي وڃ
پيرن هيٺان ڀونءِ ڇڪي وڃ
هٿ جي هڪ هڪ آڱر لاهي
گهڙي، ڇلهي ۽ ڇانگهي، ٺاهي
ساڄي هٿ کي نَپُ هڻي وڃ،
پوءِ چوين جئين
تئين لکان.
سج کي هڪڙي جاءِ ٻڌي
پاڇن کي ڪو ونگ هڻي
ڌرتي تان هي ڌوڙ ٻهاري
ماڻهن کي هڪ جاءِ وهاري
اوٻاسيون ۽ آهه کڻي وڃ
پوءِ چوين جيئن
تيئن لکان....
زبان بنديءَ جي دور ۾ شاعرَ علامتن جو سهارو وٺندا آهن. انور پيرزادي جي گھڻي شاعري ان آمراڻي دور جو نوحو آهي، جنهن ۾ آڪسيجن گھٽجي ويندي آهي ۽ ماڻهو ساهه نه کڻي سگھندا آهن. اظهار تي پابنديون هونديون آهن. سچ جو نعرو بلند ڪندڙن جي زندان جون ديوارون آجيان ڪنديون آهن. ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ علامتن جا ميڙا آهن. انور جي اهڙن علامتي نظمن مان زندگي ۽ انجي تلخين جا مختلف روپ پسي سگهجن ٿا جيئن هن جي طويل نظم ”زندگي هڪ آپريشن ٿيٽئر“ ۾ آهي ته:
زندگي
هڪ آپريشن ٿيٽئر
يا ته آهي ڪوس گهر،
ڊاڪٽر تاريخ جا نابين روح
پيٽ خالي ماڻهپي کي
صبر جي انجيڪشن ڏئي
چپ ٿا ويٺاسين.........
زندگي جي بيل گاڏي:
مسئلن جي گپ چڪ
حالتن جي واچ مينهن ۽
خواهشن جي قتل گاهن مان رڙهي
بک جي جهولي منجهان
اڃ جي جهاڪن مٿان،
وقت جي ظلمن جي منهن ۾
چيڪندي اڳتي وڌي ۽
زندگي جي آپريشن ٿيئٽر ۾
پگجي پئي..... الخ
مٿيون نظم علامتن سان جھنجھ آهي. زندگي جو آپريشن ٿيٽر يا ڪوس گھر هجڻ، ڊاڪٽرن جو تاريخ جو نابين روح هجڻ، صبر جي انجيڪشن ڏيڻ، زندگيءَ کي بيل گاڏي سڏڻ، بک کي جھولا ۽ اڃ کي جھاڪا سڏڻ هن نظم ۾ هڪ انوکو اهڃاڻي نظام جوڙين ٿا.
حقيقت ۾ درد دنيا جو سڀ کان وڏو سچ آهي ۽ سچ شايد دنيا جو وڏي ۾ وڏو درد آهي. شاعري درد جي زبان آهي ۽ شاعر دُکَ جا نقيب هوندا آهن. انور پيرزادي جي شاعري انهيءَ ازلي پيڙا جو تسلسل آهي خاص طور 04 اپريل 1979ع جي پس منظر ۾ لکيل هن جو نظم پڙهي ان ڳالهه ۾ يقين پختو ٿئي ٿو ته شاعر سڄي سماج جي درد کي پنهنجي سيني جو سور تصور ڪندا آهن ڇو ته شايد هو درد جي مٽي مان ڳوهيل هوندا آهن. انور جي نظمن ”تعزير“، ”مئي ڊي“ ۽ ”ڪڏهن ڪڏهن آءُ سوچيندو هان“ ۾ پڻ ساڳيو تسلسل نظر اچي ٿو، جڏهن ته هن جو نظم ”ٻارن جو عالمي ڏينهن“ پنهنجي دور تي هڪ وڏي طنز آهي. ان کان علاوه انور پيرزادي جي شاعراڻي شهرت جو باعث بڻيل نظم ”اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان“ در اصل هڪ دانهن آهي جيڪا هڪ حساس دل شاعر جي من پاتال مان نڪتي آهي. هن نظم ۾ بيوسي جو اظهار به آهي ته التجا به.
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!
اڄ رات رنو آرت ڦڙو
۽ تارا سور پيئن ٿا پيا،
هوءَ سانجهي سڏڪي روئي ٿي
۽ سوريءَ گيت چڙهن ٿا پيا
توکي نه چوان ٻيو ڪنهن کي چوان
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان
انور پيرزادي جي هن شعري مجموعي ۾ ٻن ڏهاڪن جي شاعري آهي ۽ 80 کانپوءِ هو شاعري تان ئي هٿ کڻي ويو. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس هي ڪتاب ئي هن جو شعري ڪليات آهي. مون کي لڳي ٿو هن جيڪو آخري نظم لکيو هوندو سو هي هوندو.
ايترو وقت هجي
زندگي ۾ پالهو ٿي
پنهنجي ٻارن کي سمهاري ننڊ ۾
دور سنڌو جي ڪناري ويهي
هڪ نئون گيت لکان.
جنهن جي ترنم ۾ سنڌو جون ڇوليون
ڪنهن ڪنواري جي اڪيلائي جان
ڦتڪنديون لڇنديون رهن
ديس واسين کي وڃي ڌونڌاڙن
ايترو وقت هجي.
وقت جي وڙواند کان واندو ويهي
هن بکئي پيٽ کي ڍوڍو ڏيئي
ڪو ته سک جو ساهه کڻان
هڪ نئون گيت لکان.
هن نظم کان پوءِ هن پنهنجي شاعري وارو چيپٽر بند ڪري ڇڏيو. شايد هو گهڻو مصروف ٿي ويو. انور پيرزادي جنهن دور ۾ شاعري ڪئي اهو بيشڪ سنڌ جو هڪ ڏکيو دور هيو ۽ انور پنهنجي شاعريءَ ۾ ان ڏک جي تاريخ رقم ڪئي، پر هن وقت سنڌ جن حالتن مان گذري رهي آهي ۽ سنڌ جو ماڻهو جن مسئلن جو شڪار آهي تنهن لاءِ وڌيڪ سجاڳي ۽ جاگرتا جي ضرورت آهي ۽ اهو هن دور جي ڏاهن، ڏاتيارن ۽ ڪوتاڪار جو ئي ڪم آهي.
(2007ع ۾ لکيل ۽ روزاني ”عوامي آواز“ جي ادبي صفحي ۾ ڇپيل.)
No comments:
Post a Comment