ڊاڪٽر احسان دانش
وقت جو نغمو وقت جو سُڏڪو
وقت بيهي نه ٿو.....
سنڌي ٻوليءَ ۾ نظم ۽ خاص طور پابند نظم جي شاعري غزل جي
ڀيٽ ۾ گھٽ ٿي نظر اچي. ڪيترائي شاعر آزاد نظم جي نالي ۾ الائي ڇا پيا لکن سچ ته
اهو آهي ته اهي نظم جي حقيقي روح کي ڇيهو پيا رسائين. ان صوتحال ۾ هڪ موضوع ۾ گھڻا
موضوع کڻي هلندڙ پابند نظم لکڻ ڪو آسان ڪم نه آهي. محمد علي پٺاڻ جو طويل نظم ”وقت
بيهي نه ٿو“ ان سلسلي ۾ هڪ سٺي ڪوشش آهي، جنهن کي ساراهڻ کان سواءِ رهي نه ٿو
سگھجي.
مان پنهنجي ادبي زندگيءَ ۾ وقت جي موضوع تي پهريون نظم پنهنجي بابا (ڊاڪٽر بشير احمد شاد) جو لکيل سندس زباني ٻڌو هو. اها 1983ع جي ڳالهه آهي. بابا هڪ مشاعري ۾ اهو نظم پنهنجي مخصوص انداز ۾ پڙهيو هو، اهو نظم اڄ تائين بابا جي سڃاڻپ بڻيل آهي:
وقت پيو ٻهروپي وانگر رنگ و روپ مَٽائي سائين
وقت وئي کي آهه ڀلا ڪنهن آندو ماڳ ورائي سائين......
ويل وقت کي واقعي ڪو به ورائي نه ٿو سگھي، پر ها! گذريل وقت کي ياد ڪري سگھجي ٿو....... گذريل وقت جون اذيتون، عذاب، ڌوڪا، خوشيون، خوبصورتيون، تجربا سڀ ڪجھ ياد ڪري سگھجي ٿو ۽ هڪ شاعر جڏهن گذيل گھڙين کي ياد ڪري ٿو ته سندس نظم رڳو يادگيرن جو ڪتاب يا روزنامچو نه ٿو لڳي پر ان ۾ شاعراڻو آرٽ به هجي ٿو. محمد علي پٺاڻ بيشڪ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ پختو شاعر آهي، جنهن تي ڏات جي ديوي هميشه مهربان رهي آهي. هن وٽ شاعراڻو آرٽ ۽ ادراڪ موجود آهي، هُن عمر جا چار ڏهاڪا تخليقي سفر ۾ گذاريا آهن. اهو يقيناً زندگيءَ جي سڦلتا جو سفر آهي.
محمد علي پٺاڻ سنڌي ادب جو هڪ اهڙو ڪردار آهي، جنهن جو قلم ڪڏهن ٿڪو ناهي. هن مسلسل لکيو آهي. هونءَ به جنهن شاعر وٽ احساس جي دوات اکٽ هوندي آهي، اهو ڪڏهن قلم جي نبُ کي ننڊ ڪرڻ نه ڏيندو آهي. انگريزيءَ ۾ ڪن ماڻهن لاءِ چوندا آهن Jack of all master of none محمد علي کي مان بلڪل ائين ئي ڏٺو آهي. هن جي اندر ۾ هڪ تلاش آهي، تڙپ، جستجو ۽ بيچيني آهي. هو سڄي عمر پاڻ کي اظهارڻ جا الڳ الڳ ٽول (جن کي اسان ادبي صنفون چئي سگھون ٿا.) استعمال ڪندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ هن جي پهرين ۽ پُختي سڃاڻپ هڪ شاعر واري ئي آهي پر ان کان علاوه هن ڪالم، ڪهاڻيون، مضمون، ترجما، سفرناما، ڊراما، ناول ۽ ٻيو به گھڻو ڪجھ پئي لکيو آهي. لکڻ جي اهڙي مشق ٿورا ليکڪ ڪندا آهن....... خير، اسان اچون ٿا محمد علي پٺاڻ جي طويل نظم تي مشتمل ڪتاب ”وقت بيهي نه ٿو“ تي.
ڪتاب جو عنوان پڙهڻ سان منهنجي ذهن ۾ ڪيئي نڪتا، ڪيئي سوال ۽ ڳالهيون ڦيراٽيون ڏيڻ لڳيون. اهو سچ آهي ته وقت بيهي نه ٿو...... اهو هلندو ئي رهي ٿو...... ڇا اهو عنوان ڏئي شاعر وقتَ جي بيهي رهڻ جي تمنا ڪري ٿو؟ يا وري تخليقڪار ان عنوان وسيلي اهو ٻڌائڻ چاهي ٿو ته وقت ڪڏهن به نه بيهندو ان ڪري جيڪو ڪرڻو اٿوَ سو ڪري وٺو...... نظم پڙهڻ سان پڪ پوي ٿي ته ان عنوان مان شاعر جي مراد ڇا آهي.
وقت بيهي نه ٿو ـــ وقت بيهي نه ٿو
وسَ ڪيڏا به
ڪيان، ڪجهه نٿو ٿي سگهي،
پيرَ پٺتي مُڙِي، شهر موهين اندر،
ٿـــي نـــه داخـــل سگهــن، ڇـــــوته وڌندي اڳيان.
وقت بيهي نه ٿو ـــ وقت بيهي نه ٿو (ص 85)
هڪ پاسي محمد علي پٺاڻ هي پورو ڪتاب لکي وري وري اهو ٻڌايو آهي ته ”وقت بيهي نه ٿو“ ته ٻي پاسي وري مقصود گلُ پنهنجي هڪ غزل ۾ چوي ٿو ”وقت گذري نه ٿو“. ڇا واقعي به وقت منجمد ٿي سگھي ٿو؟ هلندڙ گھڙيون رڪجي سگھن ٿيون؟ وقت جي ڦڙتيلي گھوڙي کي لغام وجھي سگھجي ٿو؟! انهن سوالن جو جواب سائين مقصود گل جي انهيءَ غزل ۾ آهي:
وقت گذري نه ٿو ـــ وقت گذري نه ٿو.
تو سـوا اي پــرين وقت گـــذري نه ٿو.
وقت جي پيرڙن
۾ لڦون پئجي ويون
وقت کان اڄ وٿيون يا ته وسري ويون
فاصلو ٿورڙو سو به نبري نه ٿو
وقت گذري نه ٿو، وقت گذري نه ٿو
جڏهن وقت وڇوڙا ۽ وڍَ ڏئي ٿو، جڏهن وقت جو طوفان دل گھرين دوستن کي تيلو تيلو ڪري ڇڏي ٿو، جڏهن پرين ۽ پيارا پاس نه ٿا هجن ته وقت جي پيرن ۾ لڦون پئجي وڃن ٿيون ۽ لڳي ٿو ته وقت بيهجي ويو آهي...... پر سچ اهو آهي وقت ڪڏهن به بيهي نه ٿو، اهو هلندو رهي ٿو. حادثن جي حيرتن ۾ ماڻهو بيهي ٿو رهي، پنڊ پهڻ ٿي وڃي ٿو، پر وقت بي رحم آهي اهو هلندو ئي رهي ٿو. ڪنهن جا ڳلَ اگھڻ ۽ ڪنهن کي آٿت ڏيڻ لاءِ نه ٿو ترسي.
حقيقت اها آهي ته ڪجھ لفظَ، اصطلاح ۽ احساس معنائن کان مٿاهان هوندا آهن، يعني معنائون انهن جي معنى بيان نه ڪري سگھنديون آهن. ’وقت‘ به هڪ اهڙو ئي اصطلاح آهي. هونءَ ته وقت کي ماضي، حال ۽ مستقبل جي وڇوٽين ۾ ورهائي ان جو تعين ڪري سگھجي ٿو پر ان جي وسعتن کي ڪڏهن به ماپي نه ٿو سگھجي. اهو منهنجو خيال آهي. اخلاق انصاريءَ کي جس آهي جيڪو وقت جي تشريح ۽ تعبير کي آسان سمجھي ٿو ۽ لکي ٿو ته ”وقت ڇا آهي؟ جواب سادو ئي آهي. وڇوٽي..... ٻن لقائن جي وچ تي. ڄمڻ ۽ مرڻ جي وچ وارو وقفو. ٻيو ڪجھ به نه آهي، اصل ۾ اهو ئي وقت آهي. ان پيدا ٿيل لقائن جي وچ ۾ جيڪي به حادثا رهيا ۽ ان ۾ مليل ڏک، سک، اذيتون، عذاب ۽ تجربا. جن مان حاصل ٿيندڙ نتيجا، جيڪي زندگيءَ کي معنى ڏين ٿا.“ (وقت بيهي نه ٿو ص 10) هر لفظ جي ڪا نه ڪا معنا ته هوندي آهي چِٽي يا اڻ چِٽي. جي وقت کي لمحن جي موتين ۾ پوئجي ته ههڙا احساس به اڀري ايندا:
هي سارا لمحا جيئن ڪي موتي، ٿا وقت مالها ۾ پوئجن پيا
هي ســـارا احساس دل جي اُجري نديءَ ۾ هــــر هــــر ترڻ گھرن ٿا (احسان
دانش)
اردو ٻولي جي بهترين شاعر جاويد اختر پنهنجي شاهڪار نظم ”يه وقت کيا هے؟“ ۾ به سوالن جو ڄار وڇائي وقت کي هن طرح سمجھڻ جي سعي ڪئي آهي.
يه وقت کيا هے؟
يه کيا هے آخر که جو مسلسل گذر رها هے؟
يه جب نه گذرا تھا تب کهاں تھا؟
کهيں تو هوگا۔۔۔۔
گذرگيا هے تو اب کهاں هے
کهيں تو هوگا۔۔۔۔
کهاں سے آيا کدھر گيا هے
يه کب سے کب تک کا سلسله هے.
يه وقت کيا هے؟............
پر محمد علي پٺاڻ جي ذهن ۾ وقت بابت ڪجھ ڳالهيون واضح آهن:
پير هُن کي
نه هِنِ، هٿَ هُنَ کي نه هِن،
ڪونه چهرو، ڪو نڪُ، ۽ نه ظاهر وجود،
تيز تر پر گھڻو، پيو ٿو اڳتي وڌي.
وقت بيهي نه ٿو ـــ وقت بيهي نه ٿو (ص 53)
وقت کي ڪو مجسم وجود نه آهي، ان کي هٿ پير ۽ اکيون نه آهن پر اهو ڪيئي وجودن تي حاوي آهي. وقت جا ڪيئي ويرا ۽ ڪيئي رخ آهن. هن جا ڪيئي چهرا آهن. هڪ پاسي خوبصورت ته ٻي پاسي ڀيانڪ.
شهر مونهان
ڪري، ڳوٺ دونهان ڪري،
ڪنهن کي ارپي خوشيون، ڪنهن جون جھڙپي خوشيون،
ڪن کي راهون
ڏسي،
ڪن کان راهون کسي،
وقت بيهي نه ٿو ـــ وقت بيهي نه ٿو (ص 18)
اهو آهي وقت، جيڪو غم ۽ خوشيءَ جون ڪيئي ڪهاڻيون ساڻ کڻي هلي ٿو. مِٽائڻ تي پوي ته کنڊر ڪري ڇڏي، ٺاهڻ تي پوي ته ڪنهن کي مٽائڻ جي مجال نه ٿئي. ڪنهن کي خوشيون ارپي، ڪنهن جون مرڪون جھڙپي، رهنما ٿئي يا رهزن وقت جي مرضيءَ تي منحصر آهي.
ننڍي لاءِ ڏاڏيون نانيون ڪهاڻين ۾ ٻڌائينديون هيون ته ”وقت چوي مان بادشاهه“ اها ڳالهه تڏهن سمجھ ۾ نه ايندي هئي، پر هاڻي اها ڳالهه سمجھ ۾ اچي ٿي ته هائو وقت ئي وڏو باشاهه آهي. وقت، جنهن جي بادشاهي سدا قائم آهي. وقت کي ڪڏهن موت نه ٿو اچي، ماڻهو مري وڃن ٿا ۽ وقت زنده رهي ٿو. هلندو ئي رهي ٿو بيهي نه ٿو.
وقت بيهي نه ٿو ـــ وقت بيهي نه ٿو
ڪو ڄمي جيئن ٿو، موت ان وقت کان،
ڏينهن انَ جا ڳڻي، ٿو پيو پيڇو ڪري،
هو جِتي ڀي ڪِريو، وجھ مليو وار ٿيو.
وقت بيهي نه ٿو ـــ وقت بيهي نه ٿو (ص 51)
محمد علي پٺاڻ جي هن نظم ۾ ڪيئي ڪهاڻيون آهن، ڪيئي ڪردار آهن، ڪيئي لمحا آهن، ڪيئي سوچون آهن، ڪيئي اڌما، احساس ۽ محروميون آهن، ڪيئي خواهشون ۽ خواب آهن. هي ڪتاب هڪ رنگ محل آهي، جنهن ۾ طرحين طرحين رنگ آهن، هلڪا ۽ گھرا... هي ڪتاب هڪ اهڙو ڪنواس آهي، جنهن تي وقت جي وهڪري جا ڪيئي نقش چِٽا آهن.
هي نظم ڪٿي وقت جو نغمو ٿو لڳي ته ڪٿي وقت جو سڏڪو. هِنَ ۾ محمد علي پٺاڻ زندگيءَ جي تجربن مان جيڪو ڪجھ سکيو آهي، ان کي بيان ڪيو آهي، هن نظم ۾ هُن انهن دوستن ۽ سڄڻ کي به ساريو آهي جن کان سواءِ سندس وقت ڏاڍو ڏکيو گذرندو رهيو آهي. هِنَ نظم ۾ سڏڪا ۽ سور به آهن ته زندگيءَ جي تجربن جا نتيجا به. هن نظم ۾ هُن رٺل دوستن کي پرچايو به آهي ۽ پنهنجي ذات سان لاڳاپيل هر ماڻهوءَ کي ڪنهن نه ڪنهن طرح ياد به ڪيو آهي. بهرحال هُنَ جو قلم وقت جيان وهندو ئي رهي ٿو، ڪڏهن بيهي نه ٿو. منهنجي خيال ۾ هن نظم کي محمد علي پٺاڻ جي منظوم آٽوبايوگرافي جي آئوٽ لائين به چئي سگھجي ٿو. جنهن جو حاصل مطلب اهو ئي آهي ته:
وقت بيهي نه ٿو ـــ وقت بيهي نه ٿو
غم گھڻو آ پرين، ڪمُ گھڻو آ پرين.
هٿُ هٿَ ۾ ته ڏي، ڇا خبر موت ٿئي،
هڪ دفعو پاڻ ۾، هڪُ ٿي ٿا وڃون.
وقت بيهي نه ٿو ـــ وقت بيهي نه ٿو (ص 29)
No comments:
Post a Comment