ڊاڪٽر احسان دانش
ڪهاڻي ــ زندگيءَ جي سڏ جو پڙاڏو
(ڪهاڻيءَ بابت مختصر ويچارَ)
’ڪهاڻيءَ ۾ زندگي آهي يا زندگيءَ
۾ ڪهاڻي.‘ اها ڳالهه منهنجي ذهن ۾ هميشه هڪ اهڙي دائري وانگر ڦرندي آهي جنهن جو
ڇيهه ۽ ڇيڙو ڪڏهن به هٿ نه آيو اٿم. جيڪڏهن ڪهاڻي ائين ئي آهي جيئن زندگي ته پوءِ
ٻنهي کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪيئن ٿو ڪري سگھجي؟ ڪري به ڪيئن ٿو سگھجي جو ڪهاڻي زندگيءَ
جي ڪُک مان جنم وٺي ٿي. جنهن سماج ۾ زندگي نرم، گداز ۽ بخملي بدن جهڙي هوندي ان
سماج ۾ ڪهاڻي به پيار جا نغما گنگنائيندي ۽ جتي اها چچريل لاش جهڙي هوندي اتي
يقيناً ڪهاڻيڪارَ به نوحه گر ٿي پوندا، ڇوته ڪهاڻي زندگيءَ جي سڏ جو پڙاڏو آهي.
زندگي ٽهڪ ڏيندي ته ڪهاڻي به مسڪرائيندي،
زندگي سڏڪندي ته ڪهاڻي به لڙڪ لاڙيندي. شيخ اياز لکيو هو ته ”هي زندگي ئي هڪ ڪهاڻي
آهي. هڪ عجيب غريب وچتر ڪهاڻي، جنهن جو صفحو صفحو روئاري ۽ کلائي، رسائي ۽ مڃائي،
منجھائي ۽ سُجھائي ٿو. ان جي سٽ سٽ ۾ يا ته ڪتڪتائي آهي يا چُهنڊڙي يا ٿف يا ٺوڪر.
ائين کڻي چئجي ته هي زندگي گھڻيون ئي ڪهاڻيون آهي. ٻئي پاسي هڪ ڪهاڻيءَ ۾ زندگيءَ
جي جھلڪ آهي. ان جي غم يا خوشي، پستي يا بلندي، سختي يا نرميءَ جي ترجماني آهي. جي
اسان کي زندگي عزيز آهي ته ڪهاڻي ڪيئن نه پياري لڳندي؟ پر جي اسان تي زندگي بار
آهي ته ڪهاڻي پڙهي ان جو ٻوجھ هلڪو ٿيندو. آخر زندگي خود به ته هڪ ڪهاڻي آهي. تو
چئي مون ٻڌي ۽ پوءِ ڄڻ ته هئي ئي نه.“
هڪ سٺي ڪهاڻيءَ لاءِ جن ٽن خاصيتن جي اهميت آهي انهن کي اردو ٻوليءَ جي شاعر اصغر گونڊوي جي هن شعر مان سمجھي سگھجي ٿو:
سنتا ہوں بڑے شوق سے افسانهءِ ہستی،
کچھ اصل ہے، کچھ خواب ہے، کچھ طرزِ ادا ہے.
سو ڪهاڻي حقيقت، خواب ۽
طرزِ ادا جو ميلاپ آهي. ڊاڪٽر اقبال آفاقي لکيو آهي ته ”افسانو مڪمل طور تي هڪ
استخاري صنفِ سخن آهي. ان جا پير زمين سان جڙيل هوندا آهن. هن ارضي زندگيءَ سان
چڱيءَ ريت واڳيل. زندگي جيڪا غير مستقل ۽ تبديل ٿيندڙ آهي. ڀاڱن ۾ ورهايل ۽ ڏاڍي
منجھيل. جنهن جو لينڊ اسڪيپ هر گھڙي ٽٽندو ۽ ڀرندو رهي ٿو. جنهن جا رستا آڏا ٽيڏا
آهن ۽ نانگ وانگر ور وڪڙ کائيندي حال جي دائري مان نڪرندي مستقبل جي هيٺاهينءَ تي
لهي ويندا آهن. ان جي لاءِ ڪافي لاڳاپيل معاملن جي خبر رکڻ ۽ موضوع بابت تفصيلي
ڄاڻ هجڻ پهريون شرط آهي. ڪهاڻي جوهري طور تي حسي ادراڪ جي منطقي جي شي آهي. مصنف
کي پنهنجي پهچ ۽ رسائيءَ جي ننڍڙي دائري جي اندر رهندي اثر انگيزيءَ جا ڪرشما
ڏيکارڻا پوندا آهن.“
اڄ کان ٻٽيهه سال اڳ جڏهن مان ادب پڙهڻ شروع ڪيو ته جن ڪتاب پهريان پهريان مونکي موهيو ۽ متاثر ڪيو اُهي ڪهاڻين جا ڪتاب هئا. آهستي آهستي ڪهاڻي منهنجي روح ۾ سرائيت ڪندي وئي. ڪهاڻيءَ سان منهنجو عشق ٿي ويو ۽ پڙهندي پڙهندي پاڻ به ڪٿاڪار بڻجي ويس. منهنجو ڪهاڻي سان انس جو اهو عالم هيو جو مان سوچيندو هيس ته ادب ۾ منهنجو پهريون پهريون ڪتاب ڪهاڻيءَ بابت هوندو. ائين ته نه ٿي سگھيو پر منهنجو پهريون ڪتاب هڪ ڪهاڻين جو مجموعو هيو. سو ڪهاڻي منهنجي نس نس ۾ موجود آهي. مان پاڻ کي ڪهاڻيءَ کان پري نه ٿو ڪري سگھان ان ڪري اڄ تائين ان ڪتاب لکڻ ۾ مصروف آهيان جيڪو ’ڪهاڻيءَ بابت‘ هوندو.
ڪهاڻي ڇا آهي؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن جا هزارين جواب آهن يا وري ڪوبه جواب ناهي. مظهر الاسلام پنهنجي ڪتاب ”گھوڑوں کے شهر ميں اکيلا آدمي“ ۾ ان سوال جي جواب ۾ ڄڻ هڪ نظم لکي ورتو هو:
کهاني سياه دور کي چيخ هے.
کهاني گلاب موسموں کا پھول هے.
کهاني جواني کي دهليز پر کھڑي عورت کا خواب هے.
کهاني پھٹا هوا آدمي هے.
کهاني ورق ورق لڑکي هے.
کهاني عمر قيد کي سزا کاٹنے والا قيدي هے.
کهاني ڈار سے بچھڑي هوئي کونج هے.
کهاني غير مطبوعه بوسه هے.
کهاني بچے کي سليٹ پر مٹا هوا سوال هے.
ڇا اسان اهو نظم پڙهي هڪ ٿڌو ساهه ڀري چئي سگھون ٿا ته اسان ڪهاڻيءَ جي حقيقت سمجھي ورتي......؟ ڇا ڪهاڻيءَ جي ڪا حقيقت هوندي آهي؟ ڇا حقيقت هڪ ڪهاڻي ٿيندي آهي؟؟ جي ها! ڪهاڻيءَ جي حقيقت ۽ حقيقت جي ڪهاڻي کي سمجھڻ لاءِ اسان کي پنهنجي ذهن جا تاڪ کولڻا پوندا ۽ ڏسڻو پوندو ته دنيا جي ڪهڙن ڪهاڻيڪارن ڪهاڻي ۾ حقيقت جو حسن اوتي ڪهاڻي جي حقيقت سمجھائي آهي.
علي بابا هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”مونکي رڳو ايتري خبر آهي ته ڪهاڻيءَ جي معنيٰ ڪنهن پر به ’ڳجهارت ڳجهڙي جنهنکي نه ڪن نه پُڇڙي آهي، ڪهاڻي ڪو ڏيڏريءَ جو ويم نه آهي. جهڙيءَ ريت علامتي (Symbolic) ڪهاڻيءَ لاءِ چيو ويندو آهي يا جواز ڏنو ويندو آهي ته جڏهن ليکڪ آڏو سنسر بورڊ يا آمر حڪمران جي رڪاوٽ موجود هوندي آهي ته پوءِ ڪهاڻيڪار ايسپ بڻجي ويندو آهي ۽ چيف مارشل جنرل ايوب خان مهاراجا اوڌ بڻجي ويندو آهي. ڪڏهن ڪهاڻي پنهنجي سونهن لاءِ پاڻ ڪهاڻيڪار تي حاوي ٿي علامتن جي سونهري سونهن بڻجي ويندي آهي. ٻي ايبسٽريڪٽ (Abstract) ڪهاڻي آهي، جيڪا انسان جي ٻاهرين کل جي نه پر اندرين وارتائن جي ڪهاڻي هوندي آهي. انساني ذهني مونجهارن جي ڪهاڻي، جنهنکي پڙهڻ ائين هوندو آهي جئن مومل ۽ سومل جي ريشمي سُٽ جي منجهايل ڍيري، جنهنکي ڪو راڻو پڙهندڙ ئي سلجهائي سگهندو آهي........ مون لاءِ ڪهاڻيءَ جي سفر جو ڪاٿو ڪرڻ تارا ۽ شمسي نظام کڻڻ برابر آهي. ڪهاڻي ڪٿان هلندي آهي ۽ ڪهڙا ڪهڙا ڏيهه پنهنجائيندي ويندي آهي! سائبيريا کان ايندڙ پکين جو ڪاٿو ڪري سگهجي ٿو، پر ڪهاڻيءَ جو نه. ڪهاڻيءَ جو نه ڪو ڏيهه هوندو آهي، نه پرڏيهه- پر ڪهاڻيءَ جون پنهنجون گهرجون هونديون آهن. اڪثر ڪهاڻي ڪهاڻيڪار کي شطرنج جو مُهرو بڻائي، پنهنجي چال پاڻ وٺندي آهي.“
هڪ بهترين ڪهاڻي لکڻ لاءِ هونءَ ته ڪيئي ماڻ ماپا موجود آهن. ان جو موضوعي جهان هڪ پاسي آهي ته فني لوازمات ٻئي پاسي. پر مون پنهنجي مطالعي ۽ تخليقي تجربي جي آڌار تي اهو سکيو آهي ته ڪهاڻي زندگيءَ جي ڪنهن پل، واقعي، احساس ۽ ڪيفيت جي ڪٿا آهي. جنهن جي بيان جو انداز اهڙو هجڻ کپي جو ڪردار، منظر ۽ ٻولي ۾ ڪٿي به اوپرائپ جو احساس نه ٿئي ۽ ڪهاڻي وهندڙ درياهه وانگر محسوس ٿئي. درياهه، جنهن ۾ ڪٿي شور هوندو آهي ته ڪٿي ماٺار. ڪهاڻي جو انت ڊرامائي نه هجي پر زندگيءَ جي سچائين جو اولڙو محسوس ٿيڻ کپي. ڪهاڻي ۾ استعمال ٿيل لفظن کي موتين ۽ هيرن واري اهميت هوندي آهي، جن کي اجايو پٽ تي هارڻ ڪهاڻي کي ڪنگال بڻائي ڇڏڻ برابر آهي. لفظن جو اهڙو غلط ۽ بي مهل استعمال ڪهاڻي جي حسن کي هيڪاري ڇيهو رسائي ٿو. سقراط ته چيو هو ”لفظن جو غلط استعمال دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏوهه آهي.“ تنهن ڪري ڪهاڻيڪار کي لفظن جي فضول خرچي کان پاسو ڪرڻ کپي. لفظن جي صحيح استعمال جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ سڀ کان وڏو ڪهاڻيڪار جمال ابڙو آهي. جنهن پنهنجي ڪهاڻين ۾ ’لفظ‘ کان جملي جو ڪم ورتو آهي.
هن وقت سڄي دنيا ۾ لکي ويندڙ ڪهاڻي سُڪڙجندي وڏي ٿي رهي آهي. يعني طويل ۽ طويل مختصر ڪهاڻي کان micro fiction تائين ڪهاڻي سفر ڪندي پنهنجي قد بت ۾ ڪمي آڻيندي موضوعن ۽ اندازِ بيان ۾ ڪشادگي آندي آهي. جديد ڪهاڻي، اندر ۾ پوندڙ ان چونڊيءَ وانگر آهي، جنهن جو اثر دير تائين رهي ٿو. دنيا ۾ لکي ويندڙ ڪهاڻي جا جديد فارم ايترا ته گھڻا آهن جو هاڻي ڪهاڻي برنيءَ ۾ بند ٿيل بلورن وانگر لڳي ٿي ۽ هر بلور ۾ پنهنجو رنگ ۽ پنهنجي ڪائنات آهي. اڄوڪي ڪهاڻيءَ جو موضوعاتي جهان به ڏاڍو ڪشادو آهي. ڪالهه تائين جنهن ڪهاڻيءَ جو رشتو رڳو ڌرتيءَ ۽ سماج سان هيو اڄ ڪهاڻي جا نوان آڪاس ان کي خلائن ۾ به وٺي ويا آهن. جديد ڪهاڻي سنبولڪ ۽ ايلگريءَ کان اڳتي سريلزم، ڊاڊا ازم ۽ اسٽريم آف ڪانشس نيس جون حدون اورانگھيندي پوسٽ پوسٽ ماڊرن ازم جي لاڙي ڏانهن لڙي چڪي آهي. هاڻي ڪهاڻي نون ويسن ۽ ونن ۾ نظر اچي ٿي، پر پوءِ به ان جو مرڪزي نڪتو ماڻهو ۽ ماڻهوءَ جي ڪيفيتن جي عڪاسي ئي آهي. جديد سنڌي ڪهاڻي به انهيءَ ڌارا ۾ سفر ڪري رهي آهي، پر اهو به سچ آهي ته سنڌي ڪهاڻي جو ڪئنواس اڃا جديد ڪهاڻيءَ جي ڪيترن ئي رنگن ۾ رڱجي نه سگھيو آهي. ان جي باوجود جمال ابڙو، نسيم کرل، امر جليل، علي بابا، نور الهدى شاهه، شوڪت شورو، موهن ڪلپنا، لعل پشپ ۽ اهڙن ئي ڪجھ ٻين ڪهاڻيڪارن ننڍي کنڊ ۾ سنڌي ڪهاڻي جو ڳاٽ اوچو ڪرڻ لاءِ جيڪو تخليقي پورهيو ڪيو آهي ان کي سڀ ڪو قدر جي نگاهه سان ڏسي پيو. انهيءَ قافلي جي ٻين مسافرن به سنڌي ڪهاڻي ۾ موضوعاتي ۽ هئيتي تجربن وسيلي پنهنجي پنهنجي حصي جي لاٽ ٻاري آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ جي انهي لاٽ تي ٻاٽ جو گمان ڪرڻ وارن جي به ڪڏهن ڪمي نه رهي آهي پر سنڌ جا ڪهاڻيڪار ان لاٽ کي اڄ به شعلو بڻائڻ جا جتن ڪري رهيا آهن.
دنيا ۾ هزارين ڪهاڻيڪار آهن جن لکين ڪهاڻيون لکيون آهن. هر سماج جا ڪجھ انفرادي معاملا ۽ مسئلا ۽ ثقافتي لاڙا مختلف ضرور ٿين ٿا، پر انساني سماجن جا ڪي قدر سڄي جهان ۾ ساڳيا آهن. جهڙوڪه اهي سڄي دنيا جي گڏيل ميراث آهن. ڏک، خوشي، محبت وغيره اهڙا ئي قدر آهن، جن تي انيڪ ڪهاڻيون سرجيون ويون آهن. پر انهن مان هر ڪهاڻي کي انفراديت ڏئي ٿو اسلوب. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته لکڻ جو انداز ۽ ڍنگ ئي ليکڪ کي پنهنجي جدا سڃاڻپ ڏئي ٿو. جيڪڏهن ڏهه مختلف ڪهاڻيڪارن کي هڪ ئي موضوع ۽ پلاٽ تي لکڻ لاءِ چيو وڃي ته هر هڪ جو انداز پنهنجو پنهنجو هوندو. اهو اسٽائيل ئي ڪهاڻيڪار جي شناخت بڻبو آهي. ڪافڪا، گارشيامارڪيز، ٽالسٽاءِ، گورڪي، هيمنگوي وغيره اهڙن ڪهاڻيڪارن منجھان آهن، جن پنهنجي ڌار اسلوب سبب دنيا جي افسانوي ادب ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي. ائين ئي اردو ۾ منٽو، ڪرشن چندر، احمد عباس، عصمت چغتائي ۽ سنڌي ۾ جمال ابڙو، امر جليل، نسيم کرل، علي بابا، لعل پشپ، اخلاق انصاري، منور سراج، امر لغاري ۽ ٻين جو ڏانءُ نرالو آهي. اصل ۾ اهو نرالو ڏانءُ ئي ڪنهن فنڪار جي فن جو تعين ڪندو آهي.
ڪهاڻي ڪا خبر ناهي. خبر ۽ ڪهاڻي وچ ۾ هڪ ليڪر آهي ۽ اها آرٽ جي لڪير آهي. خبر ۾ معلومات ته هوندي آهي پر آرٽ نه هوندو آهي جڏهن ته ڪهاڻي ساڳي معلومات، ڳالهه يا خبر کي فن جي قالب ۾ وجھي ادبي شهڪار بڻائيندي آهي. خبر ۾ ڪنهن به واقعي سان لاڳاپيل حالتن کي جيئن جو تئين بيان ڪيو ويندو آهي پر ڪهاڻي ساڳئي واقعي کي هڪ خاص هئيت، فارم يا فريم ۾ وجھي تخليقي جوهر بخشيندي آهي. ڪهاڻي ۾ جذبات ۽ احساسات جي چڻگن کي ڀڀڙ بڻايو ويندو آهي، ها ايترو ضرور آهي ته ڪنهن ڪهاڻيڪار لاءِ خبر ڪا چڻنگ ضرور ٿي سگھي ٿي. ڪنهن ڪهاڻي کي خبر بڻائڻ سان فن جي ان حقيقت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. مثلاً نسيم کرل جي ڪهاڻي ”چوٽيهون در“ کي جيڪڏهن خبر بڻائجي ته اها هن طرح ٿيندي. ”سکر بئراج جي ٻاهٺ درن واري پل جي چوٽيهن در ۾ هڪ نامعلوم شخص جو لاش ڦاٿل. چوٽيهون در سکر جي ڪنهن به حد جي ٿاڻي ۾ نه ٿو اچي ان ڪري اهو لاش ڳري رهيو آهي.“ اصل ۾ اهڙي ئي ڪا خبر هوندي يا اهڙي واقعي بابت نسيم کرل سوچيو هوندو پر ان واقعي تي جڏهن اها ڪهاڻي تخليق ٿي ته سنڌي ادب جي شاهڪار ڪهاڻي بڻجي وئي. اسان وٽ فليش فڪشن جي نالي ۾ لکيون ويندڙ کوڙ ڪهاڻيون اصل ۾ اخباري خبرن وانگر ئي آهن. جڏهن ته دنيا ۾ لکيو ويندڙ فليش فڪشن خود هڪ وڏو آرٽ آهي. نوبل انعام يافته ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي جي هيءَ مشهور مختصر ترين ڪهاڻي ان جو وڏو مثال آهي ”ٻاراڻا جوتا وڪري لاءِ، جيڪي ڪڏهن استعمال نه ٿيا آهن.“ انگيريزي ٻوليءَ ۾ اها ڪهاڻي رڳو ڇهه لفظن تي مشتمل آهي. ۽ انهن ڇهن لفظن ۾ هيمنگوي سمورو داستان بيان ڪيو آهي...... جوتا ڪير ٿو وڪڻي؟ شايد ڪنهن ٻار جا والدين. شايد ٻار پيدا ٿيندي ئي فوت ٿي ويو هو يا مئل ئي پيدا ٿيو هو. والدين وڏي سڪ ۽ پيار مان ان لاءِ جوتا خريد ڪيا هوندا، پر هاڻي شايد هو پنهنجي مالي حالت جي هٿان ايترا مجبور ٿي چڪا آهن، جو مئل ٻار جا جوتا وڪڻڻ جي نوبت اچي وئي آهي. غربت ۽ مجبوري، معاشي ناهمواري، وسائل جي نامناسب ورهاست، قدرت جي اڳيان انسان جي بي وسي، ذاتي الميي جي باوجود زندگيءَ جي گاڏيءَ جو هلندو رهڻ.... سڀ ڪجھ هن ڪهاڻيءَ ۾ موجود آهي. اهو ئي سبب آهي جو هيمنگوي هن ڪهاڻيءَ کي پنهنجي شاهڪار ڪهاڻي سڏيو هو. جڏهن اسان سنڌي ۾ لکيل فليش فڪشن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ائين به ناهي ته سنڌي ادب ۾ ڪو سٺو فليش فڪشن موجود ناهي. ڪجھ ڪهاڻيڪار ان سلسلي ۾ ايڏيون ته شاندار ڪهاڻيون لکي رهيا آهن جو کين داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگھجي.
ڪهاڻيءَ جو سفر جاري آهي ۽ جاري رهندو. ان ۾ فن ۽ هيت جا تجربا ٿيندا رهندا. ڪهاڻي طويل ڪهاڻي، مختصر ڪهاڻي، شارٽ شارٽ اسٽوري، فليش فڪشن، مائڪرو فڪشن ۽ سڊن فڪشش کان اڳتي گھڻو اڳتي زيرو بائيٽ اسٽوري تائين پهتي آهي ۽ اڃا انيڪ فني تجربن جي بٺيءَ مان گذرڻي آهي. جيستائين هن دنيا ۾ ماڻهو هوندو تيسيتائين ڪهاڻي به هوندي ۽ شايد ان کان پوءِ به چاهي ان ڪهاڻيءَ کي ڪو لکڻ وارو نه به هجي.
(نسيم کرل ڪهاڻي ڪانفرنس خيرپور 2018 جي هڪ سيشن ۾ ڪليدي مقالي طور پڙهيل.)


No comments:
Post a Comment