ڊاڪٽر احسان دانش
سنڌ ۾ صحافتي ادب جي صورتحال
۽ اثر امام جو ڪتاب ”ووءِ ووءِ ڪندي وت“
(هڪ سرسري جائزو)
جيستائين قلم جا وارث زنده هوندا تيستائين قلم جو سِرُ ڪڏهن به قلم نه ٿيندو ۽ ائين ئي ساهت جو سنسار تيستائين سَنڍِ نه ٿيندو، جيسيتائين هن دنيا ۾ هڪ به ماڻهو سوچيندو پنهنجي ذات، حيات ۽ ڪائنات بابت. جيسيتائين ماڻهوءَ جي ذهن ۾ سوالَ زنده رهندا ۽ جيسيتائين شين ۽ لقائن ۾ تضادَ موجود هوندا تيسيتائين ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ لکندو رهندو. انسان ته ان دور ۾ به لکندو هيو جنهن دور ۾ ڪاغذ جو ڪو وجود ئي نه هو. هڪَ سوچيندڙَ ۽ تڙپندڙَ ماڻهوءَ لاءِ لکڻ به ڪنهن جبلت وانگر ئي آهي، جي ائين نه هجي ها ته انسان پٿر جي سرن، چمڙي، لوهه، پِتل ۽ ٽامي جي ڦرهين، پتن ۽ اهڙين ٻين چيزن تي لکڻ شروع نه ڪري ها.
قلم ۽ ڪاغذ تنهائيءَ ۾ به تڪلم ڪندا آهن، ۽ ڪتابن جا لفظ سٺن پڙهندڙن لاءِ ڪڏهن به اوپرا نه هوندا آهن. ڪتابَ کي جيڪو به پيار سان پنهنجي آغوش ۾ پناهه ڏيندو آهي، ان سان ان جا اکر ڳالهائڻ لڳندا آهن. اکرن مان شڪليون اڀرنديون آهن. احساسَ ڪَرَ موڙي اُٿندا آهن. فڪر جا نوان زاويا پيدا ٿيندا آهن. انهن اکرن مان ڪڏهن انقلابن جا نعرا اڀرندا آهن ته ڪڏهن مزاحمت جي آڳ ڀڙڪندي ڀاسندي آهي.... ڪتابن ۾ موجود لفظ ڪڏهن جيءَ کي جنجھوڙي ڇڏيندا آهن ته ڪڏهن اداس ڪري وجھندا آهن. ڪڏهن انقلابي ۽ باغي بڻائي ڇڏيندا آهن ته ڪڏهن وري صوفي ۽ سنياسي. اهو سمورو لقاءُ ڪتابن مان ئي پَسي سگھبو آهي. ڪتابَ جيڪي مذهب، سائنس، فلسفي، قانون، ادب، سياست ۽ سماج جهڙن ڪيترن ئي موضوعن تي سڄي دنيا ۾ لکن جي تعداد ۾ شايع ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا، انهن مان علم، فڪر ۽ ڏاهپ جو لاٽون اڀرن ٿيون، جيڪي ذهنن کي روشن ڪن ٿيون، اهي ڪتاب معلومات فراهم ڪن ٿا ۽ نئين سوچ جا دروازا کولين ٿا.
سنڌي ٻوليءَ ۾ به روز ڪو نه ڪو ڪتابُ ڇپجي ٿو. بلڪه منهنجي خيال ۾ هر روز هڪ کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن، پر سوال آهي ته ڇا اهي اهڙا ڪتابَ آهن جيڪي علم جو خزانو ميسر ڪن؟ جن ۾ اڻ ڇهين احساسن جو سمنڊ موجزن هجي؟ جن کي پڙهي روح کي راحت اچي؟ جيڪي ذهن ۽ دل ۾ ڪو تحرڪ پيدا ڪن؟ جن ۾ جيءَ کي جنجھوڙڻ واري شڪتي هجي؟ جيڪي تخليقي ادب جو شاهڪار چئجن؟ جيڪڏهن انهن مان هڪُ به هاڪاري جواب ملي ته اهڙا ڪتاب ڪارگر چئبا...... پر اوهان کي انهن روز ڇپجندڙ ڪتابن مان کوڙ سارا اهڙا ڪتاب به نظر ايندا جيڪي بي ساهن اکرن سان چٽيل پَنن کان سواءِ ڪجھ به نه آهن. اهي رڳو ذهنن تي بارَ وانگر ئي نه هوندا آهن پر لائبريرين تي به اجايو بارُ ڀاسندا آهن. ان سموري صورتحال ۾ اسان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪي اهڙا ڪتاب به نظر ايندا جن کي پڙهڻ تي دل چوندي آهي. نوجوان ليکڪ اثر امام جو شايع ٿيل ڪتاب ”ووءِ ووءِ ڪندي وت“ به اهڙن ڪتابن مان آهي جنهن کي ڏسندي ئي هڪ سُچيت قاري ان کي پڙهڻ چاهيندو. مطلب ان جا عنوان ئي اهڙا آهن جيڪي هڪ سٺي پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪن ٿا.
”ووءِ ووءِ ڪندو وت“ اثر امام جي انهن ڪالمن جو مجموعو آهي، جيڪي وقتاً فوقتاً مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. اخبار جون پنهنجون مخصوص گھرجون ٿين ٿيون ۽ هڪ ڪالم نگار کي انهن ڳالهين جو خيال رکڻو پوندو آهي. خاص طور اخباري ڪالم جو ڪئنواس ننڍو ٿئي ٿو، ان ڪري ان ۾ ڪالم نگار ڪابه ڳالهه تفصيل سان بيان نه ٿو ڪري سگھي. هونءَ به ڪالم جي بنيادي وصف به اها آهي ته اهڙو مواد جيڪو هڪ مخصوص قالب اندر سمائجي وڃي. اهڙي مواد لاءِ به ڪي شرط آهن. مثلاً اهڙو مواد حالاتِ حاضره متعلق هجي، ان ۾ سياسي، سماجي ۽ اقتصادي تجزيو وغيره هجي. پر هن وقت اخبارن ۾ ڇپجندڙ ڪالم پنهنجي موضوعي جهان ۾ وسيع ٿي چڪو آهي ۽ دنيا جهان جي هر موضوع تي ڪالم لکيو وڃي ٿو. هاڻي ته اسپورٽس، شوبز، ايگريڪلچر، ايريگيشن ۽ اهڙن ٻين موضوعن تي روزانو اخبارن ۾ ڪالم نظر اچن ٿا. بهرحال هڪ ڪالم نگار جنهن به موضوع تي لکي پر اختصار ڪنهن به ڪالم جو حسن ٿئي ٿو........ پر مونکي ڪي اهڙا ڪالم نگار به سُجھن جن جا ڪالم اخبارن ۾ قسطوار ڇپبا هيا. انهن مان منهنجو هڪ مرحوم دوست انجنيئر برڪت مرکنڊ به هڪ هيو، پر اثر امام جا اڪثر ڪالم پنهنجي سائيز جي لحاظ کان مناسب ۽ متوازن آهن.





















