Saturday, 15 May 2021

سنڌ ۾ صحافتي ادب جي صورتحال ۽ اثر امام جو ڪتاب ”ووءِ ووءِ ڪندي وت“ -- ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

سنڌ ۾ صحافتي ادب جي صورتحال

۽ اثر امام جو ڪتاب ”ووءِ ووءِ ڪندي وت“

(هڪ سرسري جائزو)

 

جيستائين قلم جا وارث زنده هوندا تيستائين قلم جو سِرُ ڪڏهن به قلم نه ٿيندو ۽ ائين ئي ساهت جو سنسار تيستائين سَنڍِ نه ٿيندو، جيسيتائين هن دنيا ۾ هڪ به ماڻهو سوچيندو پنهنجي ذات، حيات ۽ ڪائنات بابت. جيسيتائين ماڻهوءَ جي ذهن ۾ سوالَ زنده رهندا ۽ جيسيتائين شين ۽ لقائن ۾ تضادَ موجود هوندا تيسيتائين ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ لکندو رهندو. انسان ته ان دور ۾ به لکندو هيو جنهن دور ۾ ڪاغذ جو ڪو وجود ئي نه هو. هڪَ سوچيندڙَ ۽ تڙپندڙَ ماڻهوءَ لاءِ لکڻ به ڪنهن جبلت وانگر ئي آهي، جي ائين نه هجي ها ته انسان پٿر جي سرن، چمڙي، لوهه، پِتل ۽ ٽامي جي ڦرهين، پتن ۽ اهڙين ٻين چيزن تي لکڻ شروع نه ڪري ها.

قلم ۽ ڪاغذ تنهائيءَ ۾ به تڪلم ڪندا آهن، ۽ ڪتابن جا لفظ سٺن پڙهندڙن لاءِ ڪڏهن به اوپرا نه هوندا آهن. ڪتابَ کي جيڪو به پيار سان پنهنجي آغوش ۾ پناهه ڏيندو آهي، ان سان ان جا اکر ڳالهائڻ لڳندا آهن. اکرن مان شڪليون اڀرنديون آهن. احساسَ ڪَرَ موڙي اُٿندا آهن. فڪر جا نوان زاويا پيدا ٿيندا آهن. انهن اکرن مان ڪڏهن انقلابن جا نعرا اڀرندا آهن ته ڪڏهن مزاحمت جي آڳ ڀڙڪندي ڀاسندي آهي.... ڪتابن ۾ موجود لفظ ڪڏهن جيءَ کي جنجھوڙي ڇڏيندا آهن ته ڪڏهن اداس ڪري وجھندا آهن. ڪڏهن انقلابي ۽ باغي بڻائي ڇڏيندا آهن ته ڪڏهن وري صوفي ۽ سنياسي. اهو سمورو لقاءُ ڪتابن مان ئي پَسي سگھبو آهي. ڪتابَ جيڪي مذهب، سائنس، فلسفي، قانون، ادب، سياست ۽ سماج جهڙن ڪيترن ئي موضوعن تي سڄي دنيا ۾ لکن جي تعداد ۾ شايع ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا، انهن مان علم، فڪر ۽ ڏاهپ جو لاٽون اڀرن ٿيون، جيڪي ذهنن کي روشن ڪن ٿيون، اهي ڪتاب معلومات فراهم ڪن ٿا ۽ نئين سوچ جا دروازا کولين ٿا.

سنڌي ٻوليءَ ۾ به روز ڪو نه ڪو ڪتابُ ڇپجي ٿو. بلڪه منهنجي خيال ۾ هر روز هڪ کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن، پر سوال آهي ته ڇا اهي اهڙا ڪتابَ آهن جيڪي علم جو خزانو ميسر ڪن؟ جن ۾ اڻ ڇهين احساسن جو سمنڊ موجزن هجي؟ جن کي پڙهي روح کي راحت اچي؟ جيڪي ذهن ۽ دل ۾ ڪو تحرڪ پيدا ڪن؟ جن ۾ جيءَ کي جنجھوڙڻ واري شڪتي هجي؟ جيڪي تخليقي ادب جو شاهڪار چئجن؟ جيڪڏهن انهن مان هڪُ به هاڪاري جواب ملي ته اهڙا ڪتاب ڪارگر چئبا...... پر اوهان کي انهن روز ڇپجندڙ ڪتابن مان کوڙ سارا اهڙا ڪتاب به نظر ايندا جيڪي بي ساهن اکرن سان چٽيل پَنن کان سواءِ ڪجھ به نه آهن. اهي رڳو ذهنن تي بارَ وانگر ئي نه هوندا آهن پر لائبريرين تي به اجايو بارُ ڀاسندا آهن. ان سموري صورتحال ۾ اسان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪي اهڙا ڪتاب به نظر ايندا جن کي پڙهڻ تي دل چوندي آهي. نوجوان ليکڪ اثر امام جو شايع ٿيل ڪتاب ”ووءِ ووءِ ڪندي وت“ به اهڙن ڪتابن مان آهي جنهن کي ڏسندي ئي هڪ سُچيت قاري ان کي پڙهڻ چاهيندو. مطلب ان جا عنوان ئي اهڙا آهن جيڪي هڪ سٺي پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪن ٿا.

”ووءِ ووءِ ڪندو وت“ اثر امام جي انهن ڪالمن جو مجموعو آهي، جيڪي وقتاً فوقتاً مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. اخبار جون پنهنجون مخصوص گھرجون ٿين ٿيون ۽ هڪ ڪالم نگار کي انهن ڳالهين جو خيال رکڻو پوندو آهي. خاص طور اخباري ڪالم جو ڪئنواس ننڍو ٿئي ٿو، ان ڪري ان ۾ ڪالم نگار ڪابه ڳالهه تفصيل سان بيان نه ٿو ڪري سگھي. هونءَ به ڪالم جي بنيادي وصف به اها آهي ته اهڙو مواد جيڪو هڪ مخصوص قالب اندر سمائجي وڃي. اهڙي مواد لاءِ به ڪي شرط آهن. مثلاً اهڙو مواد حالاتِ حاضره متعلق هجي، ان ۾ سياسي، سماجي ۽ اقتصادي تجزيو وغيره هجي. پر هن وقت اخبارن ۾ ڇپجندڙ ڪالم پنهنجي موضوعي جهان ۾ وسيع ٿي چڪو آهي ۽ دنيا جهان جي هر موضوع تي ڪالم لکيو وڃي ٿو. هاڻي ته اسپورٽس، شوبز، ايگريڪلچر، ايريگيشن ۽ اهڙن ٻين موضوعن تي روزانو اخبارن ۾ ڪالم نظر اچن ٿا. بهرحال هڪ ڪالم نگار جنهن به موضوع تي لکي پر اختصار ڪنهن به ڪالم جو حسن ٿئي ٿو........ پر مونکي ڪي اهڙا ڪالم نگار به سُجھن جن جا ڪالم اخبارن ۾ قسطوار ڇپبا هيا. انهن مان منهنجو هڪ مرحوم دوست انجنيئر برڪت مرکنڊ به هڪ هيو، پر اثر امام جا اڪثر ڪالم پنهنجي سائيز جي لحاظ کان مناسب ۽ متوازن آهن.

تخليقي ادب ۽ صحافتي ادب هونءَ ته ٻه الڳ الڳ ڌارائون آهن. هڪ اخباري خبر يا اسٽوري کي اسين ڪنهن ادبي شاهپاري يا شارٽ اسٽوري سان مماثلت نه ٿا ڏئي سگھون. اهڙي طرح هڪ ڪالم لکڻ لاءِ به مخصوص تقاضائون ٿين ٿيون، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪجھ ڪالم نگار اهڙا به آهن جن جي لکڻين کي تخليقي ادب ۽ صحافتي ادب جو سنگم چئي سگھجي ٿو. اهڙن ليکڪن ۾ امر جليل، قمر شهباز، زيب سنڌي، طارق عالم، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، مقصود گل، محمد علي پٺاڻ، رضوان گل، سڪندر عباسي، راقم ۽ ٻيا شامل آهن، جن اخبارن ۾ ڪالم ڪهاڻيون لکي تخليقي ادب ۽ صحافتي ادب کي هِڪُ ڪري ڇڏيو.

اسان وٽ صحافتي ادب تي بنهه ٿورو ڪم ٿيو آهي، اڪثر سياسي، سماجي، معاشي ۽ اقتصادي موضوعن تي لکيل ڪالم ڪنهن به ادبي محفل، ڪانفرنس وغيره ۾ پيش نه ڪيا ويندا آهن. سنڌ ۾ صحافتي ادارا به ڪالم نگارن لاءِ ڪِن الڳ پروگرامن جو بندوبست گھٽ ڪندا آهن. اڄ کان 15 سالن کن اڳ اسان لاڙڪاڻي ۾ سچل ادبي مرڪز طرفان هڪ ”ڪالم ڪچهري“ رکي هئي، جنهن ۾ محققن ڪالم جي فن ۽ تاريخ بابت مقالا به پڙهيا هئا ۽ الڳ قسمن ۽ موضوعن وارا ڪالم پڻ پيش ڪيا ويا هئا. شايد ئي ان کان پوءِ اهڙو ڪو ٻيو پروگرام ٿيو هجي..... سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪالمن تي مشتمل ڪتابن جي اشاعت به اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. ويجھي ماضي ۾ امر جليل، سراج، انور پيرزادي، حليم بروهي، عبدالقار جوڻيجو، فقير محمد لاشاري، الطاف شيخ، جامي چانڊيي، سردار شاهه، منظور ڪوهيار، ذوالفقار سيال، اعجاز قريشي، سلطانه وقاصي، هدايت منگي، رئوف نظاماڻي، انور ابڙي، محمود مغل، هدايت بلوچ، رُڪ سنڌي، اعجاز منگي، علي قاضي، نثار کوکر، شعبان سهتو، زيب سنڌي، نصير ميمڻ، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، لطيف جمال، استاد خالد چانڊيو، امر اقبال، رسول ميمڻ، دليپ دوشي، عيسى ميمڻ، محب ڀيل، آفتاب ميمڻ، همير چانڊيو، مير نادر ابڙو، حسين ڪپري ۽ ڪجھ ٻين ليکڪن جا اهڙا ڪتاب ڇپيا آهن، جيڪا اميد افزا ڳالهه آهي، پر ان سلسلي ۾ اڃا وڏو ميدان خالي آهي.

مونکي ذاتي طور پتو آهي ته ڪجھ ڪالم نگارن اڪيلي سر هزارين ڪالم  لکي ورتا آهن. تازو ئي محمد علي پٺاڻ مونکي ٻڌايو ته هُن هِن وقت تائين ٽي هزار ڪالم لکيا آهن. ائين ئي رسول بخش پليجو، عبدالواحد آريسر، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، نورالهدا شاهه، انعام شيخ، رکيل مورائي، نصير مرزا، مظهر لغاري، شبنم گل، منوج ڪمار، سهيل سانگي، ڊاڪٽر ايوب شيخ، اسحاق سميجو، امر سنڌو، عزيز ٽالپر، غلام نبي مغل، مدد علي سنڌي، شوڪت شورو، ماڪن شاهه رضوي، امداد سومرو، عمر قاضي، پروفيسر لياقت عزيز، ڊاڪٽر مجيد چانڊيو، قاضي آصف، ممتاز بخاري، الطاف پيرزادو، عرفانه ملاح، زاهده ابڙو، حسين مسرت، سڪندر عباسي، ذوالفقار قادري، شهاب اوستو، زرار پيرزادو، سسئي پليجو، ناز سهتو، مشتاق راڄپر، جاويد قاضي، سڪندر هليو، ادريس راڄپوت، گل محمد عمراڻي، اصغر سومرو، اشفاق آذر، نواز زنئور، سجاد مهر، منظور سولنگي، ارباب نيڪ محمد، ذوالفقار گراماڻي، سهيل ميمڻ، علي آڪاش، دودو چانڊيو، منظور ميراڻي، اشفاق لغاري، قاسم راڄپر، عديل مهر، جاويد شاهه، رشيد ميمڻ، ابراهيم ڪنڀر، اعجاز مهر، نسيم بخاري، ڪمال ڄامڙو، جاويد لانگاهه، خالد ڪنڀار، محمد علي جاگيراڻي، فيض کوسو، علي زاهد، شاڪر سولنگي، رئوف عباسي، ادا قاضي، ساجد سنڌي، دين محمد ڪلهوڙو، ياسر قاضي، ساجد چانڊيو، شوڪت ميمڻ، اختر حفيظ، شوڪت لوهار، حفيظ چانڊيو، خالد ٻانڀڻ ۽ اهڙا ٻيا به ڪالم نگار آهن جن الڳ الڳ سنڌي اخبارن ۾مسلسل ڪالم لکيا آهن. انهن جي ڪالمن جا ڪتاب منظر عام تي اچڻ گھرجن. ان سڄي صورتحال ۾ اثر امام جي ڪالمن ۽ مضمونن جي هن ڪتاب ”ووءِ ووءِ ڪندي وت“ جي اسان کي آجيان ڪرڻ کپي.

اثر امام جيڪو هڪ سيڪيولر ليکڪ آهي تنهن جو جنم هڪ نج مذهبي خاندان ۾ ٿيو ۽ پاڻ به ديني مدرسن مان فارغ التحصيل ٿي ماسٽرس به ڪيائين ته اسلامڪ ڪلچر ۾..... پر اڳتي هلي مارڪس، اينگلس ۽ لينن جو چيلو ٿي پيو..... ائين پَڪو ڪامريڊُ ٿي کاٻي ڌر جي سياست ۾ عملي ڪردار ادا ڪرڻ لڳو... سنڌ ۾ اهو ڪو پهريون واقعو ناهي جو مذهبي خاندان ۾ پيدا ٿيندڙ يا ديني مدرسن ۾ پڙهيل ڪو ماڻهو فڪري طور نوي ڊگري تي تبديل ٿي وڃي. هن کان اڳ رسول بخش پليجو، رشيد ڀٽي ۽ عبدالواحد آريسر کان وٺي سرڪش سنڌي ۽ سعيد ميمڻ تائين کوڙ سارا اديب ۽ ليکڪ نظر ايندا جيڪي مذهبي گھراڻن مان اڀري يا مدرسن مان درس وٺي ترقي پسند فڪر، قوم پرستي ۽ روشن خيالي سان سلهاڙجي ويا. اثر امام تخليقي ادب کان ڪالم نگاري، خاص طور سياسي سماجي تجزيه نگاري ڏانهن لڙيو. هن جو اهو لاڙو روسي ادب پڙهڻ ۽ خاص طور مارڪس ازم ۽ لينن ازم جي مطالعي بعد ٿيو. ڏسندي ئي ڏسندي هو هڪ ڪالم نگار ۽ مضمون نگار طور اڀري آيو ۽ سنڌ جي اهم اخبارن ۾ ڪالم لکندو رهيو.

اثر امام چواڻي سندس هي ڪتاب ”ووءِ ووءِ ڪندي وت“ 2008ع کان 2018ع تائين لکيل سندس اخباري ڪالمن جي چونڊ تي مشتمل آهي. يعني هي ڪتاب سندس ڏهن سالن جو قلمي پورهيو آهي، پر هونءَ هو گذريل 25 سالن کان لکي رهيو آهي، ۽ ڪنهن به ليکڪ جي لکڻ واري رياضت ۽ قلم کي پختو ڪرڻ لاءِ اها ڪا ٿوري عمر ناهي. هو پنهنجي قلمي اوسر بابت هن طرح لکي ٿو ”ڪامريڊ لينن جي لکڻين کي پڙهڻ کان پوءِ آئون سندس اسلوب کان گھڻو متاثر ٿيس. لينن کان متاثر ٿي مون مختصر ۽ جامع ڳالهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي مقصد جي ڳالهه ڪندي تمهيدون ٻڌڻ ۽ سياسي سماجي موضوعن تي لکندي شعر و شاعري ۽ لفظن جي جادوگري يا غير ضروري حوالا ڏئي پڙهندڙ تي پنهنجي علمي رعب ويهارڻ وارو رستو ڇڏي ڏنو. ان جي ابتڙ سادي ۽ پيترائتي ڳالهه ڪرڻ جو رستو اختيار ڪيم“

اثر امام جي انهن لفظن مان ئي سندس لکڻ جي اسلوب کي سمجھي سگھجي ٿو. اهو بلڪل سچ آهي ته سندس ڪالمَ ۽ مضمونَ ٻوليءَ جي لحاظ کان نهايت سادي ۽ سليس انداز ۾ لکيل آهن، جنهن ۾ سمجھاڻيءَ جو طريقو به سَهنجو ۽ سپاٽ آهي. اثر امام هن ڪتابَ جي ڪالمن ۽ مضمونن کي اٺن حصن ۾ ورهايو آهي. 1. فلسفو 2. سماجيات 3. تعليم 4. سياست 5. اقتصاديات 6. عالمي صورتحال 7. شخصيتون ۽ 8. متفرق. اهي حصا هن ڪتاب جي ڪئنواس جو تعين ڪن ٿا. يعني هي ڪتاب موضوعاتي طور گھڻ رخو ۽ ڳُتيل آهي. عام طور تي اخباري ڪالم نگار مخصوص موضوعن تي لکندا آهن ۽ انهن ۾ به گھڻو تڻو سياسي ۽ سماجي موضوع هوندا آهن جن ۾ هڪ ڪالم نگار معلومات ڏيڻ کان علاوه پنهنجو تجزيو به پيش ڪندو آهي ۽ کيس تجزيي جي آزادي هوندي آهي. اثر امام وٽ ڪالم نگاري ۾ موضوعي وسعت ۽ ڪشادگي سان گڏ آزاد تجزيه نگاري نظر اچي ٿي.

هڪڙا ڪالم وقتي هوندا آهن ۽ ٻيا ڪُل وقتي يا دائمي. ظاهر آهي اهو ڪالم جي موضوع تي منحصر هوندو آهي. اثر امام جي هن ڪتاب ۾ جيڪي ڪالم / مضمون شامل آهن انهن مان گھڻا اهڙا آهن جن کي ڪُل وقتي چئي سگھجي ٿو، يعني اُهي هر دور ۾ پڙهي سگھجن ٿا ۽ اُهي ڊيٽ ايڪسپائرڊ نه ٿا ٿي سگھن.

اثر امام جو هي ڪتاب پڙهي مان جنهن نتيجي تي پهتو آهيان ان کي نهايت مختصر طور رڳو ڪجهه نڪتن جي صورت ۾ پيش ڪرڻ چاهيان ٿو.

·       اثر امام جي ڪالم لکڻ جو انداز سادو ۽ سمجھائڻ وارو آهي.

·       اثر امام پنهنجي ڪنهن به ڪالم ۾ جيڪو به سياسي، سماجي يا علمي نڪتو کڻي ٿو، تنهن کي منطقي انداز ۽ دليل سان اڳتي وڌائي ٿو.

·       هو پنهنجن ڪالمن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪي سوال ڇڏي وڃي ٿو جن جي جوابن جي گھرج محسوس ٿئي ٿي.

·       اثر امام ڳالهه مان ڳالهه ڪڍي ڪڙي ڪڙيءَ سان ملائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ وَسُ ڪري هر موضوع کي هڪ سياسي نڪته نظر سان ڳنڍي ٿو.

·       اثر امام جنهن موضوع تي لکي ٿو ان بابت وسَ آهر سُٺي معلومات فراهم ڪري ٿو. مثال طور ”سنڌ اقليتن جو تحفظ بل“ جو جڏهن ذڪر ڪري ٿو ته ان جا سمورا تفصيل ٻڌائي ٿو ۽ ان بابت پنهنجو تجزيو به پيش ڪري ٿو.

·       اثر امام جا هن ڪتاب جي پهرين حصي يعني فلسفي وارا ڪالم ڪو نج فلسفي جي ذمري ۾ ته نه ٿا اچن پر انهن مان هر هڪ ۾ ڪي نڪتا اهڙا آهن، جيڪي نوان سوالَ پيدا ڪن ٿا ۽ سوالَ ئي فلسفي جو منڍ آهن.

·       اثر امام جا ڪي ڪالم پڙهي هڪ تشنگي ۽ اڻ پورائيءَ جو احساس به ٿئي ٿو. اهڙو اظهار خود ڪتاب جي پبلشر ڊاڪٽر آفتاب ابڙي به ڪيو آهي. هو اثر جي مضمون ”تهذيب ۽ ثقافت بابت“ جي حوالي سان لکي ٿو ته ”تهذيب ۽ ثقافت ۾ ڪي فرق به آهن، انهن کي اجاگر ڪرڻ گھرجي ها. سنڌو تهذيب پنهنجي همعصر تهذيبن ۾ ڪهڙي مقام تي پهتل هئي؟ اسان موجوده دور ۾ پنهنجي ثقافتي قدرن جو ڪيترو خيال رکون ٿا ۽ انهن ۾ نواڻ جي ڪيتري گنجائش آهي، ان بابت به کيس ويچار پيش ڪرڻ گھرجن ها.“ ڊاڪٽر آفتاب جا اهي نڪتا واقعي اهم آهن، ۽ اهو مضمون پڙهندي اهڙا ٻيا به ڪي سوال ذهن ۾ اڀرن ٿا، پر شايد اثر، اخباري ڪالم جي سائيز جي گھرج مطابق انهن کي ڇڏي ڏنو آهي. پر ڪالم ۾ ڪي گھٽ ضروري ڳالهيون به شامل ڪيون ويون آهن جن کي ڇڏي ڪالم جي موضوع مطابق اهم ڳالهيون به ڪري سگھجن پيون.

هن ڪتاب جي حوالي سان مان اثر امام کي ٻه ٽي ننڍڙيون تجويزون به ڏيڻ چاهيندس جيئن جڏهن هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو اچي ته اهي تجويزون کيس ڌيان ۾ هجن. پهريون هن ڪتاب ۾ شامل اڪثر ڪالمن جا پيراگراف غير معمولي طور وڏا آهن، جن کي ٽوڙي ننڍا ننڍا پيراگراف ٺاهيا وڃن. ڊگھا پيراگراف پڙهندڙ کي ٿڪائي وجھندا آهن ۽ ڪالم جي خوبصورتي کي متاثر ڪندا آهن ۽ هڪ ئي ڊگھي پيراگراف ۾ گھڻيون ڳالهيون مونجھارو پيدا ڪنديون آهن...... ٻي تجويز اها آهي ته ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ هر ڪالم جي آخر ۾ اخبار جي نالي سان گڏ اشاعت جي تاريخ ۽ سن ضرور لکيو وڃي. ائين ڪرڻ سان نه رڳو ڪالم جي عمر جو اندازو ٿيندو پر جنهن دور ۽ حالتن ۾ اهو ڪالم لکيل آهي پڙهندڙ ان کي ذهن ۾ رکي اهو ڪالم پڙهندو. ٻيو ته هن ڪتاب ۾ ڪافي ڪالم اهڙا آهن جن ۾ مهينن جو ذڪر ڪيل آهي، مثلاً: گذريل مهيني هيئن ٿيو يا ڪجھ ڏينهن اڳ هي واقعو پيش آيو، تنهن ڪري ڪالم جي آخر ۾ تاريخ ۽ سن جو هجڻ بيحد ضروري آهي. ان سان هڪ ٻيو به فاعدو ٿيندو ته ڪالمنگار جي ڪالمن کي ڪرانالاجيڪل آرڊر ۾ رکي سندس قلمي اوسر کي به سمجھي سگھبو. منهنجي ٽين تجويز اها آهي ته ڪتاب ۾ موجود متفرق ڪالمن مان کوڙ سارا اهڙا آهن جيڪي الڳ الڳ عنوانن وارن حصن ۾ شامل ٿي سگهن پيا، جيئن ”کاٻي ڌر جي هڪ نئين پارٽي“، ”سوين سياسي پارٽيون ۽ نڌڻڪو عوام“، ”متبادل سياست جي ضرورت“، ”اليڪشني سياست ڇو ۽ ڇا لاءِ؟“، ”اليڪشني سياست ۽ کاٻي ڌر“ ۽ ٻيا اڪثر مضمون ۽ ڪالم ڪتاب جي ’سياست‘ واري حصي ۾ شامل ڪرڻ جهڙا آهن، جن کي نه ڄاڻ ڇو ’متفرق‘ واري حصي ۾ رکيو ويو آهي؟

اثر امام جي رائل سائيز واري 312 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ ڪُل 64 ڪالم شامل آهن، جن مان هتي هر هڪ تي تبصرو ڪرڻ ممڪن نه آهي. پر منهنجي خيال ۾ هن ڪتاب ۾ موجود ڪالمن مان ”نسبتي سچ“، ”زندگيءَ جون حقيقتون“، ”سنڌي سماج جي ابتي سوچ“، ”تعليمي معيار بابت“، ”چاليهن واري قرارداد“، ”شاگرد سياست: مثبت ۽ منفي پاسا“، ”انقلابي سياست جا لاها چاڙها“، ”پاڻيءَ جي کوٽ جو بحران“، ”غربت: ڪارڻ ۽ حل“، ”سرمائيداريءَ جي اوسر“، ”عالمي بد امني ڇو؟“، ”Me Too تحريڪ ۽ اسان جو سماج“، ”نذير عباسيءَ جو رستو اسان جو رستو“، ”سوين سياسي پارٽيون ۽ ننڌڻڪو عوام“، ”کاٻي ڌُر جي نرگسيت“ ۽ ”سوويت يونين جي زوال جا ڪارڻ“ خاص طور پڙهڻ ۽ پرجھڻ جي لائق آهن. انهن ڪالمن کي پڙهڻ بعد اثر امام جي علمي بصيرت، ڳوڙهي تاريخي شعور ۽ تجزياتي نگاهه جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. مان ذاتي طور تي سندس هن قلمي پورهيي کي قدر جي نگاهه سان ڏسان ٿو ۽ مونکي ويجھي ماضيءَ ۾ هن نوعيت جي ڪالمن جا ڪتاب بنهه گھٽ نظر آيا آهن، تنهن ڪري مان هن ڪتاب جي ليکڪ سان گڏ پيڪاڪ پبلشرس کي به جَسُ ڏيان ٿو.

 

(سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي طرفان 16 جون 2019 تي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جي ادب شعبي جي سهڪار سان ڀٽائي هال ۾ اثر امام جي ڪتاب ”ووءِ ووءِ ڪندي وت“ جي مهورت تقريب ۾ پڙهيل.)

No comments:

Post a Comment